|
dc
غزل
ديوي ناگراڻي
تمــــنا
خوشـــــيءَ جـــي رکـي جت وڃان ٿي
اُتـــــان مــــــوٽ ۾ دک
پــــــــرائي اچـــــان ٿي
جـــي اُجڙي ويون منهنجي دل جون صدائون
ڪــــفن لڙڪ جو
تِن مٿان مان وجهان ٿي
ڪــــــئي چــــوٽ ڪله پــــٿرن اهڙي آ،
جو
گــلن کان به
اڄ ڪله بچڻ جي ڪريان ٿي
مڃان ٿي ته جيون ڪــــــــڙي مــــوت جي آ
آ هـــڪ حد، ٻي
سرحد اهـــــو ڀي مــڃان ٿي
بهــــانن سـان ديـــويءَ
کي ٽاري ٿو سگـــهجي،
مـــگر موت کي ڪـــيئن ٽاري سگـــهان ٿي.
dc |