|
|
پرنٽ ڪريو
|
|
محفوظ ڪريو
|
سوڙهي گهٽي
قاضي اياز مهيسر
هيءَ هڪ عام گهٽي آهي، جنهن جو ڪو به
نمبر يا نالو ناهي. هڪ عام پاڙي جي هڪ عام
۽ سوڙهي گهٽي، جتان چنڊ جو سفر صرف ڪجهه
لمحن ۾ ئي طئي ٿي ويندو آهي. گهٽيءَ مان
نيرو آسمان هڪ ڊگهي ڦتيل وانگر نظر ايندو
آهي، جنهن جي هيٺان لغڙن ۽ پوليٿلين جي
ٿيلهين سان جهنجهيل تارون ڪوريئڙي جي ڄار
وانگر نظر اينديون آهن. جهنجهيل تارن
وانگر، اهي ڄار هيٺ به وڇايل هوندا آهن،
سهڻين
صورتن ۽ سنهري وارن جا ڄار، جن ۾ ڦاسڻ
وارا ڪاٽا ٿيل لغڙن وانگر اچي ڪرندا آهن.
سوڙهي گهٽيءَ مٿان وشال آڪاس مان ڪنهن ڏور
مان ڪٽجي، ڇڄي، ٽٽي، لڏندڙ لمندڙ لغڙن
وانگر
چانڊوڪين کان محروم هيءَ گهٽي، چانڊوڪين
جي ڳولها لاءِ ريشمي رستو
بڻيل آهي، اهو رستو جنهن جي پيچدار ور
وڪڙن جي ٻيڪڙيل درن ۽ درين جي وٿين مان
پنهنجي ڏورين کان ڇني ڌار ڪيل پريمين کي
پنهنجين وڇڙيل پريميڪائن جا چٽا، اڻ چٽا
عڪس نظر ايندا آهن. هيءَ شهر جي هڪ عجيب
سوڙهي گهٽي آهي، جيڪا شهر جو حصو هوندي
به،
ان جي حصي جي نه آهي. هتي صرف اهي ايندا
آهن جن کي پنهنجي حصي جو پيار نه ملي
سگهندو آهي. هيءَ گهٽي پنهنجي جاگرافيءَ
وانگر پنهنجي سماجي جوڙ جڪ مان به شهر کان
مختلف آهي. بظاهر پيچدار ور وڪڙن واري هن
گهٽيءَ ۾ ڪي به ور وڪڙ ناهن. شهر وانگر،
هتي پيار ۽ نفرت جو ڌنڌو ناهي ٿيندو، نه
ئي منافقت ۽ ڌوڪي بازيءَ جو ڍونگ رچايو
ويندو آهي. هتي صرف ڌنڌو ٿيندو آهي، جنهن
۾ ڏيڻ ۽ وٺڻ وارن کي پنهنجي پنهنجي قيمت
ادا ڪرڻي پوندي آهي
هن گهٽيءَ ۾ رهندڙ ڪا به ڇوڪري ڪنهن جي
پريميڪا ناهي
هوندي. سبحان کي سڀ خبر هئي، پر هو اها
ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار ئي نه هو. ڪاٽا ٿيڻ
کان پوءِ سندس ٽٽل دل جو لغڙ جنهن ريشمي
ڏوريءَ سان اٽڪيو هو، ان جو نالو سبيتا هو
۽ هوءَ هوبهو سندس پريميڪا جهڙي هئي، سندس
پريميڪا، جنهن سندس ڏور هڪ تکي ڏور سان
ڪٽي ڇڏي هئي. زندگيءَ ساڻس عجيب مذاق ڪيو
هو. سڳنڌ کان وانجهيل سندس ڏور جنهن گهڙي
سبيتا جي ريشمي ڏوريءَ ۾ اٽڪي هئي، ان
گهڙي هوءَ نيڻن ئي نيڻن ۾ ڪنهن سان پنهنجي
ايندڙ ڪجهه گهڙين جو سودو طئه ڪري چڪي
هئي. سبحان جي جسم مان ساهه ڇڏائجي ويو
هو،
اکين جي آڏو اوندهه اچي وئي هئس. ”سڳنڌ،
هتي؟“ مٿو چڪرائجي ويو هئس. هو سوڙهي
گھٽيءَ جي ڳاڙهي سرن جي فرش تي ڪري مري
وڃي ها، پر ڪنهن وڌي کيس بچائي ورتو هو.
هن
جون اکيون کليون ته پنهنجي ڀرسان ڪانن جي
موڙي تي ويٺل سانوري ڇوڪري ڏسي ششدر رهجي
ويو هو. ”مان ڪٿي آهيان؟“ هن کانئس پڇيو.
”تم جهان تهي وهين هو، گهبراتي ڪيون هو؟“
”هوءَ
ڪير آ، نئين نئين آئي آهي هتي؟“ سبحان کان
رهيو نه ٿيو ته پڇي ورتائين. ”ڪون
وه؟ اچها وه جس ڪو تم ديڪهه رهي تهي؟ وه
سبيتا هي، اور يهان پر ڪوئي بهي نئي نهين
هي، هم سب جنگلي ڦولون ڪي طرح هين، جن ڪي
بيج هوا اڙا ڪر لي آتي هي.“ سانوري ڇوڪري
اهو چئي ٻي ڪمري جي دروازي ڏانهن اشارو
ڪندي چيو، ”اگر سبيتا ڪي پاس جانا هي تو
جائو، وه فارغ هو گئي هو گي
وه فارغ هو گئي هوگي، سبحان جي مٿي ۾ اهو
جملو
سروٽن وانگر لڳو هو. هو جملي جو ڌڪ ته
پچائي ويو هو، پر ان مهل سبيتا کي ڏسڻ جي
کيس
همت نه ٿي سگهي هئي. هو وک وک تي ڪنهن
ڌڪيل هرڻ وانگر رت وهائيندو ان گهٽيءَ جي
چانڊوڪين مان نڪري پنهنجي اونداهين ۾ گم
ٿي ويو هو. ان رات ئي سڳنڌ جي ميندي جي
رسم
هئي ۽ ٽينءَ رات سندس وهانءُ هو. سبحان جو
هانءُ جهري ويو هو. هو ان رات پنهنجي
ٽماڙ تان ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻي ڇڏي ها،
پر سبيتا جي خيال کيس روڪي ورتو هو.
”سبيتا
ڪير آهي؟“ هو پنهنجي منهن ڀُڙڪڻ لڳو هو ”۽
هوءَ سڳنڌ جهڙي ڇو آهي؟“ ”سڳنڌ
منهنجي نه ٿي سگهي ته ڇا ٿيو، سبيتا ته ٿي
سگهي ٿي نه !“ ” پر، ائين ڪيئن ٿيندو؟
سڳنڌ ته ڪنهن هڪ شخص جي ڪري مون کي ڇڏي
وئي، سبيتا ته سڀني جي آهي، هوءَ منهنجي
ڪيئن ٿي سگهندي؟“ سوالن جي انبار مٿس اڻ
ميا بار سٿي ڇڏيا هئا ۽ هو انهن ۾ مسلسل
دٻجي رهيو هو
سڳنڌ جي سيڻپي جا وڳا ورهائجڻ کان پوءِ
سبحان ڪارو وڳو پائي
ڇڏيو هو ۽ سندس دل پنهنجي ئي شريانن ۽ رڳن
جا رستا وساري چڪي هئي. ياد رهيس ته بس
اها سوڙهي گهٽي جنهن جون ڳاڙهيون سرون
سندس رت ۾ وهنجي وڌيڪ ڳاڙهيون ٿي ويون
هيون.
ان گهٽيءَ مان گذرڻ مهل کيس پنهنجي ئي رت
مٿان گذرڻو پوندو هو ۽ سندس اکيون لغڙن ۽
پوليٿلين جي ٿيلهين سان جهنجيل تارن ۾
اٽڪي پونديون هيون، سندس اکيون، جيڪي سندس
ئي
هٿ ۾ جهليل نيزي جي نوڪ تي رکيل سندس
سريءَ مان واجهائينديون وينديون هيون. ۽
ائين
ئي سندس حياتيءَ جا مهينا ۽ سال ان سوڙهي
گهٽيءَ جي تنگ وڪڙن جي ور چڙهندا ويا. چنڊ
هجي يا اماس، سرءُ هجي يا بهار، سبحان جي
گردش جو محور ان سوڙهي گهٽيءَ جي نيري در
واري ڪوٺيءَ ۾ رهندڙ، نيري اکين واري
سبيتا جا نيڻ ئي رهندا هئا
ورهين جي
گردشن ۾ سبيتا کيس هزارين دفعا ڏٺو هو پر
هوءَ سندس اکين ۾ هڪ پل کان وڌيڪ نهاري نه
سگهندي هئي. کيس ڏسڻ شرط ئي سندس دل جي
رفتار ائين تيز ٿي ويندي هئي جيئن شڪاريءَ
کي ڏسندي ڪنهن هرڻيءَ جي دل. سندس جسم مان
مانسون جي مست بادل جهڙيون وڄون ڊوڙي
وينديون هيون ۽ هوءَ هڪ عجيب خوف مان
پنهنجي نيري در پويان لڪي ويندي هئي.
سبيتا کي
ڪڏهن به سمجهه ۾ نه آيو ته سبحان جون
اکيون سندس وجود ۾ ايڏيون وڄون ڇو کجائي
وينديون هيون. هوءَ روئڻ چاهيندي هئي پر
روئي نه سگهندي هئي ، ڇاڪاڻ جو اهڙي روئڻ
جي ريت هن سوڙهي گهٽيءَ جي رسمن
۾ وڌي ئي نه وئي هئي. اهڙي روئڻ جي ريت هن
گهٽيءَ
جي بقا لاءِ خ |