|
|
پرنٽ ڪريو
|
|
محفوظ ڪريو
|
ترڪيءَ جو عظيم شاعر: ناظم حڪمت
شير مهراڻي
ترڪي جو عظيم انقلابي، ارڏو ۽ اڻٽر شاعر
ناظم حڪمت 1902ع ۾ سلونيڪا ۾ ڄائو. هن
ڪجهه عرصو استنبول ۾ علم پرايو ۽ پوءِ
نيوي جي مدرسهءِ حرب ۾ داخلا ورتي. پر
طبيعت جي ناسازي سبب ناظم حڪمت اهو مدرسو
ڇڏيو. آزادي جي ويڙهه دوران هو اتا ترڪ جو
ساٿ ڏيڻ لاءِ اناطول ويو. ۽ ان کان پوءِ
بولو جي هڪ اسڪول ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين
1921ع کان 1928ع تائين ناظم حڪمت ماسڪو
يونيورسٽي ۾ سماجيات ۽ معاشيات پڙهيو ۽ ان
دوران ئي ترڪي جي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل
ٿيو.
ترڪيءَ جي ”باباءِ قوم“ ڪمال اتا ترڪ،
ناظم حڪمت پاران جديد ترڪي ٻوليءَ کي ترقي
وٺرائڻ ۽ ادبي اساسو بڻائڻ لاءِ ورتل
ڪوششن جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي. پر ان کان
پوءِ 1938 ۾ ترڪيءَ جي هڪ عدالت فوجي ناظم
حڪمت کي 28 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي. هن
جا انقلابي گيت ۽ نظم عوام سان گڏ فوجين ۾
به گهڻو مقبول هئا. هن تي الزام لڳايو ويو
ته هو فوج ۾ بغاوت جو ٻج ڇٽي رهيو آهي.
ناظم حڪمت جي جيل وڃڻ کان 11 سال پوءِ
پئرس ۾ سندس رهائي لاءِ عالمي تنظيم جوڙي
وئي. ناظم حڪمت رهائي تنظيم ۾ ان دؤر جا
وڏا فلسفي ۽ مفڪر، شاعر ۽ اديب شامل ٿيا.
جن ۾ جان پال سارنز، پال رابنس ۽ پئبلو
پڪاسو جهڙا برک ڄاڻو شامل هئا. هن تنظيم
پاران ورتل ڪوششن سبب هڪ سال اندر ئي ناظم
حڪمت کي آزاد ڪيو ويو پر ترڪيءَ ۾ مٿس ٻه
ڀيرا قاتلاڻا حملا ٿيا، جنهن سبب اتان
هليو ويو.
ناظم حڪمت ترڪيءَ کي هميشه لاءِ الوداع
چئي روس پهتو. جنهن تي ترڪي سرڪار مٿس ملڪ
دشمن جو ٺپو هڻي سندس تحريرن تي بندش وجهي
ڇڏي. ناظم حڪمت 4 جون 1963 تي دل جي دوري
سبب ماسڪو ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وفات جي
ٻن سالن تائين هن جي تحريرن تي ماسڪو ۾
پابندي رهي. ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن
ناظم حڪمت جيئرو هجي ها ته سندس لکڻين تي
اها پابندي اڄ به هجي ها. ڇو ته جيڪڏهن
ناظم حڪمت هجي ها ته ترڪ عوام اڄ وانگر
خاموش نه پر انساني حقن جي لتاڙ خلاف
سراپا احتجاج هجي ها.
اها ڳالهه آهي ته ترڪ سرڪار ناظم حڪمت جي
لکڻين کي ڌڪندي رهي آهي. پر دنيا ۾ هن جي
لکڻين کي تمام گهڻي مڃتا ملي. سندس لکڻيون
50 کان وڌيڪ زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن.
جيتوڻيڪ ترڪيءَ ۾ هاڻي ناظم حڪمت جي لکيڻ
تي بندش ناهي. پر سندس لکڻين کي ڪنهن به
نصاب ۾ شآمل ناهي ڪيو ويو. ۽ کاٻي ڌر جي
ڪنهن ڪارڪن وٽ ناظم حڪمت جي ڪنهن لکڻي جي
هجڻ کي عدالتن ۾ دهشتگرديءَ جي ثبوت طور
استعمال ڪيو وڃي ٿو.
ناظم حڪمت پنهنجي سموري زندگي تضادن ۾
گذاري هن ترڪي ٻوليءَ کي انقلابي موڙ ڏنو.
هن پنهنجي فن ۽ نظرئي جو برملا اظهار ڪري
عوام تائين آندو. هو نه رڳو هڪ شاعر هو پر
هو فلم ڊائريڪٽر، ڊرامه نگار ۽ مقاله نگار
پڻ هو هن جون لکڻيون اسمگل ٿي فرضي نالن
سان ٻاهرين ملڪن ۾ شايع ٿينديون رهيون.
گذريل اڌ صديءَ کان پوءِ چون ٿا ته ترڪ
سرڪار ناظم حڪمت جي اباڻي شهر ”ابيڪي شهر“
مان هڪ ٻوٽي جي چڪي ڪڍي ماسڪو ۾ سندس قبر
تي خراج عقيدت طور پوکي آهي. ترڪ سرڪار
ناظم حڪمت کي ڪيتري مڃتا ڏئي ٿي؟ اهو هڪ
اهڙو سوال آهي ته ڪوئي ملڪ پنهنجي سڃاڻ جي
مرڪز سان ڪيترو پيار ڪري ٿو. يقيناَ ناظم
حڪمت ترڪيءَ جي سڃاڻ آهي. سندس ڪجهه نظمن
جو سنڌي ترجمو هيٺ ڏجي ٿو.
(ڀاڱيوار)
اڄ آچر جو ڏينهن آهي
اڄ پهريون دفعو
اس ۾ مون کي آيا آهن وٺي
زندگيءَ ۾ مون پهريون دفعو
ڏور ايڏو ڏٺو پاڻ کان آسمان
ايڏو نيرو ۽ ايترو وسعتن سان ڀريل
هن جي دوري، هن جي وسعت ۽ هن جي نيرگيءَ
تي
اڄ پهريون دفعو آءُ دنگ رهجي ويس
ادب ساڻ مان ڀت جي ٽيڪ ڏئي ويٺس
گهر جون الجهنون، رهائي جي فڪرات سڀ ڏور
هيون
رڳو سج ۽ مٽي ۽ مان!
هئا سين هڪ هنڌ
آءُ ڪيڏو نه ڀاڳ وارو آهيان
³
گهُٽ/
ٻوسٽ
فضا شيهي کان ڳوري
گونجندڙ منهنجون صدائون
اچو ڊوڙو، اچو جلدي اچو
اچو شيهي کان ڳوري هن فضا کي پگهرايون
هو مون کي ٿو چوي
”تون پنهنجي باهه ۾ خود ئي سڙي ويندين“
گهڻو آ درد ليڪن
ڪوئي همدرد ناهي
تنهنجي دل مٿان لڳي ٿي مُهر ڪائي
فضا من کي شيهي جيئن لڳي ٿي
۽ آءُ هن کي ٿو چوان
چوين سچ تو
”مان پنهنجي باهه ۾ خود ڪئي سڙي ويندس“
نه ٿو جي مان سڙان ۽ نٿو ڪوئي سڙي
۽ تون به ٿو ڊوڙين سڙڻ کان
اسان جي سڀ نه سڙندا سين
ته ڪيئن ڪٽبي هي ڪاري رات!
روشني تائين پوءِ ڪيئن ويندا سين
هوا ڌرتيءَ جيان آ پيٽ سان
فضا شيهي جيان آ ڳوري ڳوري
مسلسل ٿو پڪاريان مان
اچي ڪوئي، اچي ڪوئي
اچي شيهو پگهاري هن فضا جو ....
³
غدارِ وطن
انقره جي هڪ اخبار آهي ڇپي
چيخندڙ ٽي ڪالمي هڪ خبر
”ناظم حڪم اڃان باز آيو نه آ
ديس پنهنجي ۽ قوم سان غداريءَ کان“
هو چوي ٿو اسان
آمريڪا جي نئين آبادي آهيون
” ناظم حِڪمت اڃا باز آيو نه آ
ديس پنهنجي ۽ قوم سان غداريءَ کان“
انقره جي هڪ اخبار ۾ آڇپيو
هڪ آمريڪي آفيسر جو تصوير ۾ ائين کلي ٿو
پيو
هن جون واڇون ڪنن ساڻ پيون ٿيون لڳن
هيءَ خبر آ ڇپي
آمريڪا ڏني آهي خيرات هڪ سو ويهه ملين
ليرن جي.
هو چوي ٿو
آمريڪا جي نئين آبادي آهيون اسان
” ناظم حڪمت اڃا باز آيو نه آهي“
ها مان غدار هان، اوهين خدائي وطن
دوست تون قوم جو آءُ دشمن سهي
ها مان غدار هان
ٿو وطن جي سڏين پنهنجي جاگير کي
بي وطن نانءُ آ تنهنجي حسابن سندو
جي وطن دڳ تي بک وگهي موت جو نانءُ آ
جي وطن سرد راتين جي پاري جو نانءُ
۽ آر هڙ جي ڪاڙهي اونهاري جو ناءُ
جي وطن نالو آهي اسان جي لهو وهائڻ جو
نانءُ
جي وطن ٿو سڏين پنهنجي جاگيردارن جي چنبن
کي تون
پنهنجي گهوڙن جي تيز سنبن کي تون
جي ڏاڍ کي تون ٿو سمجهين وطن
جي وطن ناءُ آهي آمريڪي اڏن سندو
بم جي پيڙن ۽ توپن بندوقن سندو
۽ جي وطن نالو آهي
گهپ انڌيرن ۾ پوريل قيد خانن سندو
ته پوءِ!
مان غدار هان
ها مان غدار هان
هل وڃو ڀل وڃي ٻيهر لکو
ٽن ڪالمن واري چيخندڙ هئي خبر
” ناظم حڪمت اڃا باز آيو نه آ
ديس پنهنجي ۽ قوم سان غداريءَ کان“
dc |