”ڪراچي جي مارئي“ تي هڪ نظر


راجه خان ڊومڪي


صوفي منش ۽ مانجهي مڙس گل حسن ڪلمتي عرف گل بلوچ سنڌي توڙي بلوچ ادبي حلقن ۾ ڪو نئون نالو ڪونهي، هي کاهوڙي ۽ مُهم جو انسان ڀل پاڻ کي رولاڪ طبيعت جو مالڪ چئي جان ڇڏائڻ چاهي. پر حقيقتن ۾ هو فطرتن ئي ”مُهم جو“ قوم جو فرد آهي. حلب (شام) کان ڪرمان بمپور، سيستان، مڪران، ڪراچي تائين جو سفر ڇا ٿو ظاهر ڪري؟ سورنهين صدي عيسوي ۾ جڏهن پورچوگيزن جيوڻي پسني گوادار بندرگاهه کي لٽيو، ڦريو ۽ ساڙيو ته ان وقت مڪران تي ڪلمتي بلوچن جي حڪومت هئي.
گوادر ۾ امير البحر مير حمل جيئند مقرر هو، جيڪو ميربحرن ۽ دشتين جي بزدلي ۽ بيوفائن جو شڪار ٿيو ۽ بزدل بلوچ ساحل گوادر جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي ويو ان ئي نسل سان تعلق رکندڙ گل حسن ڪلمتي جو هي قلمي پورهيو ”ڪراچي سنڌ جي مارئي “ پنهنجي والد بزرگوار راجه محمد خان بلوچ جي نالي منسوب ڪيو آ. اهڙو ديو مالائي ڪم بقول اشتياق انصاري جي ديو مالائي شخصيت جو مالڪ، مهم جو باڪو مانجهي مڙس مهان ئي خوش اسلوبي سان سرانجام ڏيئي سگهي ٿو. ڪتاب جو مهاڳ ”ڪراچي جون ڳالهيون“ جي عنوان سان مشهور ڪهاڻيڪار امر جليل لکيو آهي. ڪتاب جي ٽائٽل تي ڪراچي جي خوبصورت منظرن جون خوبصورت تصويرون ڏنل آهن. جيڪي ڪتاب جي خوبصورتي ۽ حسن ۾ اضافو ڪن ٿيون. ليکڪ مورڙي ميربحر جي ماڳ جنهن کي هو سنڌ جي مارئي جو نالو ڏيئي ٿو. سنڌ سان سندس اڻمٽ محبت جو چٽو ثبوت هڪ رٺل شهر جي ڪهاڻي، شير دريا، برف جو دوزخ ليکڪ جا مشهور لکڻيو آهن علي حسن چانڊئي ۽ حيدر ملاح جو گڏيل ڪتاب ”بلوچ پارليامينٽ کان پهاڙن تائين“ جو مهاڳ به سندس جو لکيل آهي جيڪو کيس هڪ تاريخ جو شاگرد يا تاريخدان ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي زير نظر ڪتاب جفاڪشي، محنت ۽ تحقيق ڪراچي جي سماجي ۽ سياسي ۽ تهذيبي تاريخ روشناس ڪرائي آهي ڪراچي سنڌ جي مارئي جهڙو ڪتاب واقعي به ادارن ۽ سرندي وارن اديبن کي لکڻ گهرجي ها پر هن جاکوڙي انسان پنهنجي ضرورتن کي محدود ڪري هيڏو وڏو ڪم ڪرڻ پاڻ کي هڪ مها انسان ثابت ڪيو آ. هو بلاشبه اهڙن لفظن ۽ اعزازن جو حقدار آهي. ڪتاب ۾ ڏنل مائي ڪلاچي باءِ پاس، اسلاميه ڪاليج، گرومندر لڳ دنيا جو نقشو ملير (مول) نئين جو هڪ خوبصورت منظر، سرسبز ۽ شاداب ملير هنڌ اولڊ ٿاڻو ٿڌو ڊيم، گڏاپ وٽان وهندڙ شفاف پاڻي جو ڏيک، موهٽا پيليس ڪلفٽن جيڪو راءِ بهادر ستيوارا 1933ع ۾ جوڙايو هو. خواجو جماعت خانو، کورودر، نانگ نات مندر، مندر ڀيم پورو، ڪال لونگو مندر، رتن تلا جو خوبصورت تصويرون، ڪتاب جي خوبصورتي سان گڏوگڏ سنڌ جي ماڳن ۽ تهذيب جو آئينه دار پڻ آهي، تاريخ جي وساريل ورقن کان ڪراچي تائين صفحو 30 تي ڏنل سنڌ جو پهريون نقشو جيڪو ابن حوقل بغدادي 943ع ۾ تيار ڪيو هو سنڌ جو سياسي ۽ طبعي حدون ديبل (ڪراچي) کان قنڌار ۽ ڪرمان ۽ سرحد کان ملتان تائين ڦهليل آهن. جيڪو علائقو اصلوڪين رهواسين جي سازشن ۽ ڪجهه تاريخ جي جبر جي ڪري اسان کان کسجي ويون آهن. ڪيئن ته هن ”بندرگاهن جي شهر“ کي اسان کان اڻ اعلانيه طور ڌار ڪيو ويو آهي. عبدالستار ۽ بلقيس ايدهي جي فلاحي ڪمن جي ذڪر کان وٺي لياري گينگ وار جي داد محمد عرف دادل ۽ رحمان ڊڪيٽ عرف سردار عبدالرحمان بلوچ تائين ڪيئي انقلابي ۽ جمهوري تحريڪن جي سرواڻ علائقي لياري جنهن لعل محمد رند، يوسف مستي خان، ناصر بلوچ، نثار بلوچ، انور باهي جان ۽ زاهد بلوچ جهڙا مزاحمتي جهموري ۽ سياسي سماجي ليڊر پيدا ڪيا. هٿ وٺي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومتن جي سرپرستي ۾ درگ ۽ منشيات مافيه جي سرپرستيءَ جي حوصله افزائي ڪئي ويئي. جون 1947ع جا هانءُ ڏاريندڙ هٿ ٺوڪيا فساد ڪرائي سنڌ جي ڪريم کي جلا وطن ڪرڻ سان ملڪيت باغن ۽ پارڪ تي قبضو ڪرڻ جا داستان. ”سنڌ جي سينڌ“ ڪراچي تي داغدار نشان جيان ظاهر آهن. سڀ هن ڪتاب ۾ موجود آهي. 1972ع جي ٻولي وارا فساد رائيس امروهي جو ڪلام اردو کا جنازا جا رها هي ذرا ڌوم سي نڪلي جي ڌوم 1978ع ۾ جامعه ڪراچي جي هڪ شاگرد الطاف حسين جيڪو بعد ۾ پير صاحب ۽ الطاف باهي جي نالي سان مشهور ٿيو آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس جو بنياد رکيو جيڪو مهاجر قومي موومينٽ کان متحده قومي موومينٽ تائين جي سڄي خوني ۽ خوفناڪ ۽ چالبازين جي سفر کي جنهن نموني گل حسن سهيڙي قوم جي آڏو پيش ڪيو آهي اهو واقعي به هڪ رسڪي ڪم آهي جيڪو ڪلمتي جهڙو بي باڪ تاريخ دان ئي ڪري سگهي ٿو. اهو ئي وطن واسين سان وفائون ڪرڻ جو بهادرانه ۽ عشقيه انداز آهي. ڪراچي جي تاريخ ۽ تهذيب موهن جي دڙي کان ميهر ڳڙه (بلوچستان) تائين ساڳي آهي. صرف 62 سال اڳ هي شهر سنڌين جي ڪلچرل شهر جو ڏيک ڏيندو هو. 1947ع ۾ سنڌ ته برابر آزاد ٿي پر گل حسن ڪلمتي جي مارئي موٽي نه آئي، مارئي ته عمر سومري جي ڪوٽ ۾ قيد ئي رهجي وئي،
ساڻيهه سان سڪ ۽ ملير واسين سان محبت ۽ سون تي سڻ نه مٽائڻ ته مارئي جي مهانتا ظاهر ڪري ٿي، ۽ زوري زبردستي نه ڪرڻ سنڌ جي بادشاهه عمر سومري جي اخلاقيات ۽ سنڌ جي تهذيب ظاهر ڪري ٿو. پر هاڻي اهو ڏيهه ، لالو کيت، ملير، عزيز آباد سهراب ڳوٺ، هجرت ڪالوني ۽ سوات ڪالوني، شير پائو ڪالوني ۾ تبديل ٿيل ڏسي گل حسن جو وطن سان حب ۽ ساڻيهه سڪي جوش ۾ آيو هوندو.
ڪراچي جي مختلف نالن تي بحث ڪري ليکڪ هڪ ماهر تاريخدان وانگر نالي جي نسبت سان تبديل ٿيندڙ تاريخي حالت تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪلاچي جي ڪن تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ عربن، سويرن، سمن، ترخانن ۽ مغلن جو دور ۽ ڪراچي جهڙو موضوع لکي وڏو تاريخي ڪم ڪيو آهي. سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ جي تحريڪ ۾ ڪراچي جو ڪردار ورهاڱي کان پوءِ ڪراچي ۾ سنڌي اردو ۽ بلوچي ادب ۽ صحافت جو تجزياتي جائزو منهنجو ملڪ ملير صفحو 429 ليکڪ مطابق ملير نئين آهي. جڏهن هي ملير جي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿو ته ان جاءِ تي کديجي نئين به اچي ملير نئين ۾ ملي ٿي انهن کان ڪونڪر، ٻاڪراڻ، گهگهر ، کار، ڪنڊ، مهير، ٻولهاڙي، ميلو، ڪرڪيٽي، لٽ ڪرميتاڻي نيون ۽ ڍورا به ملير ۾ آهن. ٻيا گهڻا دورا ۽ نيون به ملير جي علائقي ۾ هيون جيڪي هاڻي گٽر نالين ۾ تبديل ٿي ويون آهن! ملير ڳاڙهي ڳئون به پوري دنيا ۾ مشهور آهي.
روح جي پرستش کان توحيد جي سفر تائين صفحو 478 ڪراچي جي مندرن، مساڻن، ڌرم شالائن ۽ گردوارن جو ذڪر آهي هڪ جاءِ تي ليکڪ لکي ٿو ته ” سيتا ۽ لڪشمڻ هنگلاج ويندي ڪراچي (ملير) جي علائقي مان گذريا هئا ۽ رامباغ موجوده آزاد باغ جو نالو به ان رام چندر جي پٺيان آهي. جنهن لنڪا جي ظالم بادشاهه راوڻ جي چنبي مان سيتا کي آزاد ڪرايو هو. بحرحال هن واقعي جي حيثيت ڪنهن ڏند ڪٿا کان مٿي نه آهي. ليکڪ جي اها ڳالهه ته ڪراچي مختلف مذهبن جو آماجگاهه رهيو آهي اها ڳالهه تسليم ڪري سگهجي ٿي. سناتن ڌرم کان ٻڌ ڌرم ۽ اسلامي تهذيبن جا آثار اڄ به نماياب نظر اچن ٿا. ان کان علاوه هن ناياب ڪتاب ۾ منگهو پير ۽ شيرين جي نرالي عقيت جو مڪمل احوال سان گڏ پرنس آف ويلس، باغي نذالسلام، گوبند مالهي، دادا ڪيرت ٻاٻاڻي، اندر ڪمار گجرال، ترقي پسند ادبي سياسي تحريڪن جو ذڪر، بايو گرافي ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه مذڪوره ڪتاب ۾ موجود آهي تاريخ جي شاگردن ۽ خاص ڪري نوجوان اديبن ۽ شاگردن کي هتي ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي ته ڪيئن اسان جي شاندار ماضي ۽ شهر اسان کا کسيا ويا آهن.


*

 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >

   
Les spreads sur Forex forex recherches sont necessaires avant l'ouverture d'un compte de trading et de depot large eventail de plates-formes de negociation