|

نوجوان شاعر حسرت شاهاڻيءَ جي شعري
مجموعي
”توبن
منهنجا گيت اُڃايل“
بابت ڪجهه سٽون
بخشل باغي
سنڌ ڌرتي ازل کان وٺي هر لحاظ کان
خوشحال ۽ مالا مال ڌرتي رهي آهي. اها
قدرت جي مٿس ڪرم نوازي چئجي جو سنڌ
ڌرتي هر دور ۾ لٽيرن جي ٿيل ڪاهُن
هوندي به اڄ ڏينهن تائين امن امان جو
مرڪز پئي رهي آهي. ڇاڪاڻ جو اهنسا جي
علامت بڻيل هن ڌرتيءَ هميشھ ٻاهر کان
آيلن کي دامن ۾ جايون ڏئي ڀليڪار پئي
چيو آهي، جنهن جو مثال دنيا جي تاريخ
۾ مٿاهين حيثيت رکي ٿو. ٻيو ته هن
ڌرتيءَ جي وڏي خوشنصيبي اِها آهي جو
هن ڌرتيءَ کي هڪڙو پنهنجو مڪمل ۽
ڀرپور تاريخي پس منظر پڻ آهي. اهو ئي
ڪارڻ آهي جو هتان جي سنڌي قوم پنهنجي
ڌرتيءَ تي ئي رهي صدين کان پنهنجو
جياپو پئي ڪيو آهي. نه ڪي ٻين ڀاڄوڪڙ
قومن وانگر ٻين جي ڌرتيءَ تي ڪاهون
ڪري خون ريزي ۽ ڦرلٽ ڪئي آهي، ڇو ته
هن ڌرتيءَ جو روح تصوف جي گيڙو رنگ ۾
رنڱي پيار ۽ امن جو حوالو بڻجي پيو
آهي.
سنڌ سونهاري لطيف جي ڌرتي هئڻ جي ناتي
جتي ولين ۽ اوليائن جي ڀونءِ آهي اُتي
فنونِ لطيفه جو به شاهڪار آهي. اُن
شاهڪار هجڻ جو هڪڙو سبب سنڌي ادب ۾
شاعريءَ جو ڀرپور هُجڻ به آهي. سنڌي
ڪلاسيڪل شاعريءَ جا ڪيترائي ناياب
الماس هن ڌرتيءَ جي جهول ۾ جهرمر جرڪي
رهيا آهن، جنهن جي صدين جو تسلسل
اڄوڪي جديد سنڌي شاعري وارو سلسلو وڏي
پئماني تي روان دوان آهي. ان سموري
ادبي جاکوڙي قافلي ۾ نواب شاهه جا
شاعر کاهوڙي به پنهنجي شعور جون
مشعلون روشن رکندي سنڌ جي ادبي تاريخ
۾ گڏ گڏ رهيا آهن. بلڪل ويجهڙ واري
ادبي تاريخ ۾ بلڪل به نئين ٽهيءَ ۾
شمار ٿيندڙ نواب شاهه جي مٽيءَ مان
جنم وٺندڙ منهنجو شاعر دوست ”حسرت
شاهاڻي“ به پنهنجي قلم جي مس کي سُڪڻ
ڪونه ڏنو آهي ۽ نه ئي وري هُو شاعريءَ
جي ديويءَ جي ملائم ڇانو کان محروم
رهيو آهي. اها حقيقت آهي ته شاعري پاڻ
مرادو جذبن جي اُٿل جو نانءُ آهي، پر
فني سونهن جي ذميواري فني لوازماتن جي
پوئواري ڪرڻ سان ئي نکري نروار ٿيندي
آهي. ٻيو ته اڄ جي بي تحاشا لکجندڙ
شاعريءَ واري دور ۾ شاعريءَ جو معراج
ماڻڻ به ڪنهن ڪنهن ڏات ڌڻيءَ جي ڀاڳن
۾ آهي. ها البته اُن معراج کي ماڻڻ
لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ محنتن ۾ سچائي ۽
سنجيدگي سان گڏ پنهنجي ادب جي چونڊ ۽
معياري شاعريءَ جو مطالعو هُجڻ به
ضروري نه بلڪه تمام ضروري آهي، حسرت
شاهاڻي جي شاعري پڙهڻ يا ٻڌڻ کان پوءِ
اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته هو خارجي
توڙي داخلي پيڙائن يا احساسن کي
شاعراڻي نگاهه سان ڏسي ۽ ذهن سان سوچي
ضرور ٿو. پوءِ هو ان ڪوشش ۾ ڪٿي ۽
ڪڏهن ڪامياب وڃي ٿو ته ڪٿي ناڪام.
بحرحال اها ناڪامي وڌيڪ محنت جي طلب
ڪري ٿي، جيڪا حسرت شاهاڻي پنهنجي
شاعراڻي مشق وسيلي جاري رکندو پيو
اچي. هن وٽ احساسن ۽ خيالن کي شاعريءَ
جي ريشمي، نازڪ ۽ رنگين سڳي ۾ پوئڻ جي
فني نفاست ملي ٿي ته فن جي موتين جي
جستجوءَ جي کوج به، ٻوليءَ جي
حُسناڪيءَ جي جهلڪ به ته شعر ۾ فڪر ۽
فهم کي پيش ڪرڻ جو جُنون به. بحرحال
اڄ حسرت شاهاڻي جي ڪتاب واري دلي
خواهش ڏاڍي معصوم هوڏ وانگر ڀاسجي رهي
آهي. ائين جيئن ڪو معصوم ۽ ننڍڙو ٻار
چوڏهين جي چنڊ کي پنهنجي هٿن ۾ هجڻ
لاءِ بضد هوندو آهي، ڇو ته حسرت
شاهاڻي پنهنجي عام ۽ عملي زندگيءَ ۾
به مون کي ڏاڍو معصوم ۽ سادو سٻاجهو
نظر ايندو آهي. هن ۾ برداشت جو مادو
هن جي ٻاراڻي انائي هوڏ ۽ هٺ کان وڌيڪ
آهي، پر تڏهن ته هو اڪثر ڪري شاعريءَ
واري حوالي کان مبالغا آميزيءَ جو
شڪار بڻجي وڃي ٿو. منهنجون نيڪ
تمنائون آهن ته حسرت شاهاڻي پنهنجي
فطري ۽ معصوم طبيعت جيان شاعراڻي
فطرتي طبيعت کي به سمجهي ۽ اُن لاءِ
هو سنجيدگيءَ سان شعراڻو سفر شروع ڪري
ته جيئن ڏات جا اُجالا سندس دل ۽ دماغ
کي روشن ڪري کيس منزل جو دڳ ڏيکارين.
|