|
انسان ۽ آزادي
انسان سڀ ڀائر آهن. انسان سڀ
برابر آهن. قدرت جون نعمتون
سڀني لاءِ آهن. انسان آزاد
ڄمي ٿو - پوءِ هر طرف هٿڪڙيون
ڇو؟ هاڻ انسان، عقل ۽ علم
سان، سڀ ڏک ڏور ڪندو - ڪائنات
جي ذري ذري کي قبضي ۾ ڪندو -
بر، بحر ۽ بي انت آسمانن تي،
بادشاهي ماڻيندو - ڀائپي،
برابري ۽ آزادي.
انساني سماج ۾، صنعتي انقلاب،
سچ پچ وڏو ڦيرو آڻي ڇڏيو. گهٽ
۾ گهٽ، صدين کان ستل انسان
کان هڪ اهڙو ڇرڪ ڀرايائين،
جنهن جو پڙاڏو، اڃا تائين
سندس ڪنن ۾ ٻُري رهيوآ هي.
مادي ترقي، اندر، ٻاهر جو
آرام. هر طرف اڳتي وڌڻ جا
امنگ، هزارن خواهشن جي پورائي
جا اٺسٺا، عرش تي پهچڻ جا
آسرا، اڏام ئي اڏام
–
“جهنم آهي دنيا، تنهن کي مان،
جنت بڻائيندس.”
علم وڌيو، تعليم وڌي - ادب ۽
تهذيب رنگ ڄمايو، سائنس پڻ
پنهنجو ڪمال ڏيکاريو، انسان
هڪ دفعو وري، وڏي حوصلي، جوش
۽ جولان سان، جياپي جي جدوجهد
۾ جنبي ويو - انساني ضرورتن
جا اڻ ميا انبار، آسمان سان
ڳالهيون ڪندڙ اڏاوتون، قدرت
کي قيد ڪرڻ جون ڪوششون، عرش
تان فرش تي ڪريل آدميءَ کي
ستن آسمانن جي سير ڪرائڻ جا
سانباها!! مطلب ته “وڃايل وٿ”
کي وري هٿ ڪرڻ جا ارادا - پر
اهي سڀ اڌ ۾ رهجي ويا.
علم سان، بي عملي وڌي، ايجادن
جي اٿاهه ساگر وڌيڪ حيران ڪري
ڇڏيو. ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ
ڳوليندي، پنهنجو پاڻ به وڃائي
ويٺاسين - هوند ۾ اڻهوند،
ڏيئي جي پٺ ۾ اوندهه .
آدم زاد، اڄ وري چو واٽي تي
بيٺو آهي - حيران، پريشان،
غمن ۾ غلطان - سج اڄ به روشن
آهي، چنڊ اڄ به چمڪي ٿو.
ڪائنات جو ذرو ذرو ٻهڪي پيو -
هيءَ ڀنڀرڪي جي بهاري، هيءَ
شام جو شفق، هيءَ ستارن جي
سيج، هيءَ سهائي راتڙي - هي
ساز، هي آواز ۽ هيءَ دلنواز
ڌرتي - قدرت جون سڀ نعمتون،
هڪيون تڪيون حاضر آهن. ڌرتيءَ
ماءُ، اڄ به اهائي جيجل -جيءُ
۾ جاءِ ڏيندڙ، پاڻ ارپيندڙ،
ٻلهار ويندڙ، سدا حيات، سدا
بهار، سرسبز ۽ شاداب آهي - پر
ڪٿي آهن اهي سپوت - سچ ۽
سونهن جا ساکي، جن هزارن سالن
جا سور، لحظي ۾ لاهڻ جو فيصلو
ڪيو هو، جيڪي گڏجي گذارڻ جو
اهو دور شروع ڪرڻ وارا هئا
جنهن ۾، تنهنجو منهنجو جهيڙو
نه رهندو. منهنجو نفعو
تنهنجو نقصان نه ٿيندو. هڪڙي
جو سک، سون کي ڏک نه ڏيندو.
سڀ سکيا هوندا. سڀ سلامت
رهندا. سر سبز ۽ شاداب.
ڇا اڄوڪي ڏينهن لاءِ سقراط
زهر پيتو هو، عيسيٰ
صليب تي چڙهيو هو، مخدوم
بلاول گھاڻي ۾ پيڙيو هو....۽
هزارين لکين، بي نانءِ بهادر،
ڏاڍ، ڏمر ڏهڪاءَ خلاف وڙهندي
قربان ٿيا هئا؟
ڪهڙي خبر ته اڄ وري ڪنهن تيز
طوفان جون تياريون ٿي رهيون
هجن. پردي پٺيان، ڪنهن نئين
ناٽڪ جي مشڪ ٿي رهي هجي....
قدرت جي ڪُک مان، ڪنهن امر
انسان جي ڄمڻ جو بندوبست
ٿيندو هجي. ڪاري ڪاري ٻاٺ کي
ختم ڪري، هر طرف روشني ئي
روشني پکيڙڻ لاءِ.
|