جيستائين عوامي تحريڪون ناهن ته اديب وٽ فقط غم جانان آهي ۽ تحريڪن وڌڻ کانپوءِ ان وٽ غم جانان سان گڏ غم دوران يعني سڄي جهان جو غم به پيدا ٿي وڃي ٿو : نور الدين سرڪي

 

انٽرويو : عبدالرحمان پليجو

 

سوال: سرڪي صاحب پهريائين پنهنجن مٽن مائٽن ڳوٺ راڄ جي ڳالهه ڪريو؟

سرڪي: منهنجو ڏاڏو ٺل (جيڪب آباد) جي سرڪين مان هو. هو ٻهراڙيءَ جو هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو هو. ٺل جو پاسو ڇڏي اچي شڪارپور ۾ رهيو، اتي منهنجو پيءُ سنڌي فائينل پاس ڪري ڪلارڪ ٿيو ۽ منشي ڪمال الدين سڏبو هو. کيس لکڻ پڙهڻ راڳ ۽ ساز جو گهڻو شوق هو. هارمونيم سٺو وڄائيندو هو. پوءِ مولوي عبدالڪريم چشتيءَ جي صحبت ۾ خلافت تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتائين. هندستاني مسلمانن خلافت تحريڪ جي اثر هيٺ هندستان ڇڏي ڪنهن ويجهي اسلامي ملڪ ۾ هجرت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ريل گاڏيون ڀري وڃي افغانستان ۾ پهتا هئا. بابو به نوڪري ڇڏي زندگيءَ جي سموري ميڙي چونڊي، پنهنجي ٻن اڻ پڙهيل پورهيت ڀائرن جي حوالي ڪري، ڪابل هليو ويو. اتان جڏهن موٽيو ته وري انگريز سرڪار جي نوڪري نه ڪيائين.

سوال: پنهنجي ننڍپڻ، ابتدائي تعليم ۽ مطالعي وارن ڏينهن جون ڪي يادگيريون ٻڌايو؟

سرڪي: 1934ع ۾ بابو وفات ڪري ويو. ان وقت آئون پهريون درجو سنڌي پڙهندو هئس. انگريزي تعليم مون ”نيو ايرا اسڪول“ ۾ ورتي اتي کيئل داس فاني مشهور سنڌي شاعر منهنجو استاد هو. ان مان ڏاڍو متاثر ٿيس. فانيءَ مون کي انسان دوستي ۽ هڪجهڙائيءَ جا اصول سيکاريا. شاعريءَ جو علم عروض سيکاريو، ادبي مطالعي جو شوق پيدا ڪيو، مون کي اڄ به فانيءَ جا ڏنل مثال ياد آهن: ”هڪ ماڻهو ڏهن ڪمرن ۾ رهي ٿو ته ڏهه ماڻهو هڪ ڪمري ۾ رهن ٿا، هڪ ماڻهو کي اوڍڻ لاءِ سو  وڳا آهن ته سو ماڻهن کي هڪ وڳو به ناهي.“ اسان جي نصاب تي به ٽالسٽاءِ جون آکاڻيون رکيل هيون اهي پڙهي ادب پڙهڻ جو شيق وڌيو..

شڪارپور ۾ جماڻي حال ۽ ڪرشنا لائبريءَ ۾ آئون گهڻو ڪري روزانو ويندو هئس. اتي سڄي هندستان جون اخبارون ۽ رسالا ايندا هئا . بولچند راجپال جو ماهوار رسالو “سنڌو” خاص ڪري پڙهندو هئس ۽ ٻيو جيٺمل پرسرام جو “روح رهاڻ” رسالو. انهن ۾ عبدالڪريم گدائي. حيدر بخش جتوئي، برڪت علي آزاد، هري دلگير، گوبند مالهي ۽ لطف االله بدوي (جيڪو ان وقت بدويءَ بدران پاڻ کي جوڳي سڏائيندو هو) لکندا هئا. ڪرشنا لائبريريءَ ۾ نائيٽ ڪلاسن ۾ هندي پڙهائيندڙ سوشلسٽ خيالن جو هڪ مزدور ڪارڪن غلام محمد نالي هو، جنهن کي “بام” سڏيندا هئا. ان جي صحبت ۾ مون “قومي جنگ” اخبار ۽ اقباليات جي مطالعي ۾ دلچسپي ورتي.       

سوال: توهان مئٽرڪ پاس ڪئي ان وقت ۽ ان کانپوءِ توهان ڪهڙن نظرين کان متاثر هئا. منهنجو مطلب آهي ڪهڙي ذهنيت رکندا هئا؟

سرڪي: آئون ان وقت مسلم ليگي خيالن جو هئس ۽ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم ڪارڪن هئس، 1946ع ۾ ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيس. شيخ اياز سان به منهنجي پهرين ملاقات شڪارپور ۾ 1945ع ۾ ٿي هئي. ان وقت ۾ آئون مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ داخل ٿيو هوس ۽ هو “ڊي جي ڪاليج ڪراچي” ۾ پڙهندو هو ۽ شيخ مبارڪ علي اياز سڏبو هو. شڪارپور ۽ ڪراچيءَ ۾ ڊبيٽس ۾ سرگرمي سان حصو وٺندو هو. سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ روانيءَ سان علمي ادبي معيار جون تقريرون ڪندو هو. هو اقبال کان گهڻو متاثر هو. شاعري به شروع ڪئي هئائين. سندس شعر ماهوار “سنڌو” ۽ ڊي جي ڪاليج مسيلينيءَ ۾ ڇپيا هئا.

سوال: سنڌي ادب جي ترقي لاءِ ڪهڙا اُپاءَ وٺي سگهجن ٿا، ان ڏس ۾ توهان وٽ ڪي رٿون آهن؟

سرڪي: ادب جي ترقيءَ لاءِ اديب جو مالي پريشانين کان آجو هجڻ ضروري آهي. اسان وٽ جيستائين باقاعدي ۽ ڪُل وقتي (پروفيشنل) ڪم ڪندڙ ليکڪ پيدا نه ٿيندا، تيستائين نه ادب پيدا ٿيندو نه ان کي عام ڪري سگهبو. اها ٻي ڳالهه آهي ته بکن ڏکن ۽ جلاوطنين ۾ به اديبن عظيم ادب پيدا ڪيو آهي.

سوال: توهان جي انهن ڳالهين ۾ ڪافي تضاد آهي. مونجهارو آهي.؟

سرڪي: ٺيڪ آهي، پر عظيم اديب لاءِ ضروري ناهي ته هرو ڀرو هو ڏکيو بکيو رهي ۽ ڦاٽل ڪپڙا پائي رستن تي آوارا هلندي ادب تخليق ڪري.

سوال: سنڌي ادب جي واڌ ويجھه لاءِ ڪهڙا اپاءَ وٺجن؟ ان لاءِ ڪي رٿون...؟

سرڪي: ها، سنڌي ادب جي واڌ ويجھه  لاءِ ڪي سهڪاري سوسائٽيون يا ڇپائي جا ادارا قائم ڪجن، جيئن هر اديب ۽ شاعر لاءِ اهو ضروري نه هجي ته ادب جي تخليق به ڪري ۽ ان کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ ڇپائي جو بار به مٿس هجي . هر اديب ۽ شاعر کي سندس تخليق جو مناسب معاوضو ملڻ گهرجي، جيئن گهٽ ۾ گهٽ سندس بنيادي ضرورتون پوريون ٿين. آزاد ۽ سڌريل ملڪن ۾ اديبن وٽ پنهنجون لائبريريون هونديون آهن. ڪارڪن هوندا آهن، سيڪريٽري هوندا آهن. سموريون سهولتون هونديون آهن. تنهن ڪري هو پورو ڌيان ادب کي ڏيندا آهن. روسي اديب شولوخوف ته ڪافي مالدار ماڻهو هو جو کيس  پنهنجو هوائي جهاز به هو.

سوال: اهي سهڪاري ادارا ڪيئن قائم ٿين ۽ ڪير ڪري؟

سرڪي: اهو ڪم اديبن ۽ ادب دوست سرنديءَ وارن ماڻهن جي گڏيل ڪوشش سان ٿي سگهي ٿو.

سوال: سنڌي ادب ۽ سنڌي صحافت ۾ توهان ڪيترو حصو ورتو آهي؟

جواب: 1950ع ۾ ترقي پسند ساٿين جي رٿ ۽ سهڪار سان اسان ڪراچيءَ مان هفتيوار “صداقت” جاري ڪئي. آئون ان جو انچارج هئس، سنڌ جا هندو ترقي پسند ساٿي تحريڪ جي نالي ۾ مخصوص ڪيل پريس ۽ جاءِ وغيره وڪڻي ان جا پئسا فنڊ جي صورت ۾ ڇڏي ويا. جن مان اها اخبار ڪڍيسين. قادر بخش نظاماڻي ايڊيٽر ۽ رسول بخش پليجو اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ان ۾ ڪم ڪندا هئا. ان کانسواءِ ڪراچي جي اڳوڻي اخبار روزانه نئين سنڌ، هفتيوار صبح سنڌ نوابشاهه، ٽماهي مهراڻ ۽ ماهوار سوجهرو ۾ به آئون لکندو هئس.

سوال: صداقت ڪيترو وقت هلائي سگهيا؟ ان جو سنڌي ادب ۾ ڪهڙو ڪردار رهيو؟

سرڪي: صداقت اخبار، سنڌ ۾ سياسي شعور ۽ ترقي پسند ادب جي پيڙهه جو پٿر هئي، جنهن کي اڳتي هلي سنڌي ادبي سنگت وڌيڪ ترقي وٺائي . صداقت اخبار اٽڪل 10-12 مهينا کن باقاعدگيءَ سان نڪتي. صداقت ۾ ترقي پسند ادب کانسواءِ ايٽم بم ۽ جنگ جي خلاف زوردار نموني مضمون ڇپبا هئا. امن لاءِ بين الاقوامي اپيل تي صحيحن جي مهم ۾ تمام گهڻن ماڻهن حصو ورتو. جيڪا مهم هتي ان اخبار هلائي .اديبن مان محمد ابراهيم جويو، ع. ق. شيخ، رسول بخش پليجو، جمال ابڙو، ابن حيات پنهور ۽ ڪيترائي ٻيا ان ۾ لکندا هئا. جمال ابڙي جون پهريون ۽ بهترين ڪهاڻيون ”پيراڻي“ ۽ ”خميسي جو ڪوٽ“ صداقت ۾ ئي ڇپيون. شيخ اياز جي شاعريءَ تي پهريون ڀيرو ڀرپور نموني تبصرا صداقت ۾ ئي ڇپيا، جيڪي رسول بخش پليجي لکيا هئا.

سوال: ورهاڱي کان پوءِ اڄ تائين سنڌي ادب ڪهڙن دورن مان گذريو آهي؟

سرڪي: ورهاڱي جي دور کان 1955-1956 واري دور تائين سنڌي ادب جا مکيه موضوع طبقاتي ڪشمڪش ۽ ظالم سماج هئا. ون يونٽ قائم ٿيڻ کانپوءِ، هڪ ٻيو دور شروع ٿيو، جنهن ۾ سنڌي قوميت، سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر جو بچاءُ خاص موضوع بڻجي ويا. عالمي برادري ۽ غير طبقاتي جدوجهد جا نظريا ڪجهه ماٺا ٿي ويا. سنڌي ادب جو سمورو زور قوم پرستيءَ تي مبني رهيو. ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ سنڌي ادب انتشار جو شڪار ٿيو. سنڌين وٽ اجتماعي مقصديت نه رهي ۽ انفرادي ڪوششون جاري ٿيون. جنس ۽ فراريت سنڌي ادب ۾ جاءِ ورتي.

سوال: هاڻوڪي هلندڙ دور جي سنڌي ادب لاءِ ڇا ٿا چئو؟

سرڪي: تعليم سان گڏ مطالعو به وڌيو آهي. افساني ۽ شاعريءَ ۾ نوان نوان تجربا ٿيا آهن. 1981 کي ساهت سال ڪري ملهايو ويو. اها سٺي ۽ خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي. سنڌي ادبي سنگتون به سال ٻن کان وري سرگرم ٿيون آهن. اسان هڪ دفعو وري ترقي پسند مقصد واري ادب ڏانهن وڃون پيا. سيڪيولرازم، انسان دوستي ۽ انسان پرستي جا خيال وري به زور وٺي رهيا آهن. پنجن ڏهن سالن ۾ ملڪ ۾ جيڪي وهيو واپريو آهي، اسان جيڪي لاهيون چاڙهيون ڏٺيون آهن. ان کان سنڌي ادب گهڻو ڪجهه پرايو آهي. عوامي تحريڪ کان اديب متاثر ٿئي ٿو ۽ عوامي تحريڪن کي پاڻ به متاثر ڪري ٿو. جيستائين عوامي تحريڪون ناهن ته اديب وٽ فقط غم جانان آهي ۽ تحريڪن وڌڻ کانپوءِ ان وٽ غم جانان سان گڏ غم دوران يعني سڄي جهان جو غم به پيدا ٿي وڃي ٿو. انهي تي مون کي پنهنجو هڪ شعر ٿو ياد اچي .

 

پنهنجو غم پيارن جو غم يا عام جي اهنجن جو غم،

غم مڙوئي غم جو ٿيو، غم کي مٽائيندا هلو.

ساٿيو آواز ڏيو، آهيو ڪٿي، ويجها اچو،

گڏ ٿيو ڪا ڳڻ ڪيو، ڪو پهه پچائيندا هلو.

 

سوال: جديد بين الاقوامي معياري ادب جي مقابلي ۾ توهان کي هاڻوڪي دور جي سنڌي شاعري ۽ ادب ڪيئن ٿو لڳي؟

سرڪي: اسان وٽ ڇپائيءَ ۽ دنيا جي اڳيان پاڻ کي پيش ڪرڻ جا وسيلا ناهن نه ته اسان جو ادب بين اقوامي معيار جهڙو آهي. هن وقت سڄي پاڪستان ۾ اردو سميت سڀني ٻولين ۾ جيڪو ادب لکجي ٿو، ان ۾ سنڌي ادب وڌيڪ جاندار آهي.  بامقصد ۽ عوامي امنگن جو نمائندو ادب آهي ۽ ان جو مستقبل شاندار آهي.

سوال: توهان جي نظر ۾ شاهه لطيف کانپوءِ هن وقت جو سڀني کان وڏو سنڌي شاعر ڪهڙو آهي؟

سرڪي: زنده سنڌي شاعرن ۾ شيخ ايازسڀ کان وڏو شاعر آهي پر ٻيا به مون کي وڻندا آهن. تنوير، شمشير، نارائڻ شيام، فتاح ملڪ، نياز همايوني، گدائي، استاد بخاري، بردو سنڌي، امداد، تاج بلوچ ۽ محمد خان مجيدي.

سوال: انهن کانسواءِ توهان جا ٻيا ڪي پسنديده سنڌي توڙي غير سنڌي اديب ۽ شاعر؟

سرڪي: سنڌي اديبن ۾ رسول بخش پليجو، جمال ابڙو، امر جليل، نسيم کرل، حيدر بخش جتوئي، ڊاڪٽر نجم عباسي، گوبند مالهي، اردوءَ ۾ غالب ۽ فيض، فارسي ۾ عمر خيام ۽ حافظ شيرازي.

روسي اديبن ۾ ٽالسٽاءِ ۽ گورڪي، فرينچ اديبن ۾ مون کي موپسان ۽ بالزاڪ متاثر ڪيو. آمريڪي اديبن ۾ جان اسٽينبيڪ، هيمنگ وي ۽ شاعر والٽ وٽمئن وڻندا اٿم.

سوال: نظم ۽ نثر ۾ پنهنجا ڪي پسنديده ڪتاب ٻڌايو؟

سرڪي: شاهه جو رسالو، اياز جو ڀونر ڀري آڪاس، ديوان غالب، عمر خيام جون رباعيون ۽ نثر ۾ ٽالسٽاءِ جون آکاڻيون، منٽو جو سياه حاشئي، ڪرشن چندر جو “جب کيت جاگي”، انگريزي ۾ شيڪسپيئر جو جوليس سيزر، سياسي ادب ۾ ڪارل مارڪس جو “ڪميونسٽ پڌرنامو” پر مان اڄ ڏينهن تائين مارڪس جو ڪتاب “داس ڪئپيٽل” سڄو نه پڙهي سگهيو آهيان.

سوال: ڪهڙا ڪهڙا ٻاهريان شهر گهميا آهيو؟

سرڪي: ٽوڪيو، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، منيلا، سنگاپور ۽ بمبئي.

سوال: توهان انجنيئرنگ پڙهي رهيا هئا ۽ اڄ بجاءِ انجنيئر هئڻ جي وڪيل آهيو ان جا ڪارڻ؟

سرڪي: ملڪ اندر سياسي ۽ سماجي تبديلين سبب ۽ ڪجهه ترقي پسند سياسي ۽ ادبي جماعتن ۾ سرگرم ٿيڻ ڪري مون انجنيئرنگ پڙهڻ ڇڏي ڏني. اهو منهنجي زندگي جو هڪ هنگامي دور هو. 1951 ۾ آئون موٽي شڪارپور ويس ۽ اتي بي .اي ۾ داخلا ورتم. نيو ايرا هاءِ اسڪول ۾ ماستري به ڪندو هئس. شام جو روزانو لکي در تي هڪ حجام دوست جمال الدين منگي (علي احمد بروهي جي مشهور ڪردار عثمان حجم جي ڀاءُ) وٽ ويهندو هئس، جيڪو اڻ پڙهيل هوندي به ڏيهي پرڏيهي سياست ۽ ادب ۾ گهڻي دلچسپي ڏيکاريندو هو. شڪارپور ۾ ٻه سال رهيس، گهڻو ڪري اهو تنهائيءَ جو دور هو. انهيءَ عرصي دوران مون اهو محسوس ڪيو ته جاگيردار ۽ وڏيرا شاهي واري ماحول ۾ پنهنجو جياپو جنجال ٿيندو. تنهن ڪري بي . اي (سنڌي آنرز ۾) پاس ڪري ڪراچي ڀڄي آيس. هتي 193 روپيا پگهار تي ڇهه مهينا کڏي مدرسي ۾ ماستري ڪيم، پوءِ اسلاميه ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر ٿيس. اها ليڪچراري وڪالت پاس ڪري وڪيل ٿيڻ بعد 1967ع تائين جاري رهي.

سوال: بمبئي ۾ ڪهڙن سنڌي دوستن سان ملڻ ٿيو؟ اهي اتي ڇا پيا ڪن؟

سرڪي: سندريءَ ۽ اتم سان مليس، موهن ڪلپنا، هري موٽواڻي، ڪونج جو ايڊيٽر ۽ آڳاٽو ترقي پسند ڪهاڻيڪار گوبند پنجابي (جيڪو پاڻ کي هتي گووند بلوچ سڏائيندو هو.) انهن سان به ملڻ ٿيو. انهن کانسواءِ پروفيسر رام پنجواڻي، گوبند مالهي، موتيرام رامواڻي، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي، جيٺانند لالواڻي ۽ سندس زال شيلا سان به مليس. اهي  ٻئي حيدرآباد سنڌ مان “ڀارت جيون” ۽ “راج فلمستان” رسالا ڪڍندا هئا ۽ اهي هاڻي بمبئي مان ڪڍن ٿا. لال پشپ جيڪو اسان جي علي بابا وانگر انفراديت پسند آهي ۽ واسديو نرمل (اسٽيج ڊرامه جو ڊائريڪٽر) انهن سڀني سان ڏاڍيون قربائتيون ڪچهريون ٿيون. ماسٽر چندر ۽ پٽس مهيش چندر سان به مليس. مهيش سٺو ڳائڻو آهي، هندي (اردو) فلمن ۾ پلي بيڪ گانا ڳائي پيو. ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي گهر سردار جعفري ۽ خواجه احمد عباس سان به ملاقات ٿي. (اتي ڪرشن چندر گهڻو ياد پيو) نارائڻ شيام ۽ تيرٿ وسنت دهليءَ ۾ آهن. هري دلگير آديپور ڪڇ ۾ آهي ۽ منهنجو استاد کيئل داس فاني ڀوپال ۾ آهي. انهي سان نه ملي سگهيس. مون سان گڏ منهنجي گهر واري به هئي.

سوال: اتي جي سنڌي ڀائرن جي ڪهڙي حالت آهي، هتي جي مقابلي ۾ ڪهڙو نمايان ذهني يا معاشي فرق محسوس ٿيو؟

سرڪي: اتي جا سنڌي اڃا تائين ذهني طورمطمئن ناهن. بمبئي جا سنڌي اتي گجراتين ۽ مرهٽن جي وچ ۾ پئي گهليا. پوءِ گجرات صوبو الڳ ٿيو. گجراتين وڃي گجرات وسائيو ۽ بمبئي مرهٽن کي ملي. اهي به اتي جي سنڌين سان نفرت ڪن ٿا. هتي سنڌ ۾ هندو سيٺيون ڏاڍي فراخدلي سان کائيندا کپائيندا، جايون اڏائيندا ۽ جائداد ٺاهيندا هئا، پر ورهاڱي جي لڏپلاڻ کان پوءِ انهن کي اهي سموريون شيون ڪم نه آيون. جن وٽ روڪ پئسو، سون، هيرا جواهر هئا سي ڪجهه سولائيءَ سان آباد ٿي ويا. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي اتي جا سنڌي روز مرهه جي شاهه خرچين بدران پئسا پيا ميڙين.

سوال: بمبئي جي فلمي دنيا ۾ هن وقت ڪهڙا سنڌي آهن؟

سرڪي: فلمي مسخرو آسراڻي ۽ ٻيو سپي جنهن “شعلي” فلم ٺاهي آهي. اهو به  سنڌي آهي ۽ ڄيٺي سپاهي ملاڻي جي ڪٽنب مان آهي. هانگل اصلي ڪشميري آهي. پر سنڌ ۾ گهڻو وقت رهيو هو.

سوال: هتان کان لڏي ويل سنڌين جي مقابلي ۾ هتي لڏي آيل ماڻهن جي حالت يا سوچ ۾ ڪهڙو فرق ٿا سمجهو؟

سرڪي: هتان لڏي ويل سنڌي اتي پنهنجو ڪو به تحفظ محسوس نٿا ڪن. ذهني طور تي وکريل آهن. انهن جي مقابلي ۾ اتان لڏي هتي آيل ماڻهو اردو ڳالهائيندڙ ۽ ڪراچي ۾ سندن وڏي تعداد ۾ آباد ٿيڻ  سبب ۽ سرڪاري سرپرستي هئڻ  ڪري پاڻ کي وڌيڪ محفوظ ۽ ٿائينڪا سمجهن ٿا.

سوال: بمبئي جي سماجي زندگي جي باري ۾ پنهنجا ذاتي مشاهدا ٻڌايو؟

سرڪي: اتي سياسي آزادي آهي، باقي سماجي ڦرلٽ، ڪامورا شاهي جا ڪرتوت، بدمعاشي ٻنهي ملڪن ۾ سا