اديبن ۽ دانشورن کي گهرجي ته انسان دوستي، روشن خيالي، سائنسي ۽ سيڪيولر سوچ کي ذهن ۾ رکي ادب سرجين : نور الدين سرڪي

 

انٽرويو : امتياز دانش

 

            س: سائين! سنڌي ادبي سنگت تازو گولڊن جوبلي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنگت جي باني ميمبر هئڻ ناتي ان سڄي سفر کي توهان ڪيئن ڏٺو؟

            ج: اهو سٺو عمل آهي پر گولڊن جوبلي 1956ع کان شمار ڪئي وڃي ٿي. 1956ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي سورهن شهرن جي ادبي شاخن جو گڏيل ڪنوينشن ڪوٺايو ويو هو، تنهن ڪري برابر هن کي گولڊن جوبلي چئجي. 50 سال پورا ٿي ويا آهن. ڪنوينشن کان ٽي سال اڳ ۾ ڪراچي ۾ سنگت جي آفيس قائم ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ پروفيسر مرحوم اياز قادري، مرحوم احسان بدوي ۽ موتي رام رامواڻي مون سان گڏ هئا. موتيرام پوءِ هندستان هليو ويو ۽ اتي گذاري ويو. هن کي سنڌي ادب سان گهرو لڳاءُ هو. 1956ع ۾ جيڪو ڪنوينشن ٿيو ۽ جيڪو پڌرنامو تيار ڪيو ويو هو، اهو اسان ٽنهي تيار ڪيو هو. شروع ۾ مان انجمن ترقي پسند مصنفين سان لاڳاپيل رهيس، جنهن بابت چيو ٿو وڃي ته اها 1936ع ۾ قائم ٿي ۽ 1986ع ۾ ان جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي. 1949ع ۾ پاڪستان ۾ پهريون دفعو ان جي لاهور ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ان ۾ شرڪت لاءِ هتان اسان 19 ليکڪ ويا هئاسين اتان موٽڻ کانپوءِ منهنجي ذهن ۾ خيال آيو ته ڪراچيءَ ۾ کوڙ سارا سنڌي ليکڪ رهن ٿا ۽ انهن جو ادب سان گهرو لڳاءُ به آهي. بهتر ٿيندو ته سنڌي ليکڪن جي اهڙي انجمن ٺاهي وڃي. پوءِ اسان سال کن لاءِ هتي انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌي جي نالي سان ٺاهي سين. ان جون گڏجاڻيون هر هفتي ميٺارام هاسٽل ۾ ٿينديون هيون، پوءِ مان ڪن مجبورين ڪري تعليم اڌ ۾ ڇڏي ٻن سالن لاءِ 1951ع ۾ شڪارپور موٽي ويس. انهيءَ عرصي دوران اتان ڪاليج مان بي. اي آنرس پاس ڪيم. مون اتي اسڪول ۾ ماستري پڻ ڪئي. 1953ع ۾ مان وري ڪراچي موٽي آيس. پوءِ دوستن سان صلاح مشورو ڪري سنڌي ادبي سنگت ٺاهي سين. اسان باقاعدي سنگت جون گڏجاڻيون ڪندا هئاسين ۽ اهي بلڪل انهيءَ نموني ڪوٺايون وينديون هيون، جنهن نموني انجمن ترقي پسند مصنفين وارا ڪوٺائيندا هئا. هڪڙي سينئر ليکڪ کي وقتي طور صدارت ڏني ويندي هئي، جيڪو به پنهنجي لکڻي پڙهندو هو انهيءَ تي تنقيد ٿيندي هئي. سهپ، برداشت ۽ سکڻ واري نموني. مون کي هڪڙو واقعو ياد ٿو اچي ته هڪ ڀيري پروفيسر احسان بدوي پنهنجي تخليق پڙهي، ان تي رشيد ڀٽي تنقيد ڪئي ته کيس اها ڳالهه نه وڻي، گڏجاڻي ختم ٿيڻ تي ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ هن مونکي چيو ته، “هي اسان سان ظلم آهي، جن کي اسين صبح جو ڪاليج ۾ ادب سيکاريون اهي شام جو اسان تي تنقيد ڪن. اها بي عزتي آهي.” ان تي مون کيس جواب ڏنو ته، “اها بي عزتي ناهي ڪو به عقل ڪل ناهي. اسان کي اهو نه سمجهڻ گهرجي ته عقل اسان تي ٿو ختم ٿئي يا وري اسان وڏا اديب آهيون. اها راءِ جي آزادي آهي، تنقيد جو مطلب  اهو آهي ته ٻيو ماڻهو تنقيد ڪري ان کان بهتر آهي ته اسان پنهنجو پاڻ تي پاڻ تنقيد ڪريون، جيڪو تنقيد ڪري ٿو اهو نه سمجهڻ گهرجي ته اهو ماڻهو ايئن رهجي ويندو. اهو ماڻهو سڀاڻي وڏو اديب به ٿي سگهي ٿو ۽ اهو اتان ئي سکندو ۽ جيڪڏهن اسان هن جي سکڻ جا دروازا بند ڪري ڇڏينداسين ته پوءِ سنگت جو مطلب ڇا ٿيو؟” اهڙي طرح اسان سنگت کي مثبت طريقي سان هلايوسين. ترقي پسند لفظ بابت ان زماني ۾ ۽ اڄ به چيو ٿو وڃي ته ترقي پسند معنيٰ کاٻي ڌر وارا، ڪميونسٽ، طبقاتي جدوجهد ڪندڙ ۽ سوشلسٽ  پر مان چوان ٿو ته ان جي رڳو اها معنيٰ نه هئڻ کپي. ترقي پسند جي معنيٰ ان تائين محدود نه ڪجي. ترقي پسند جي اها به معنيٰ آهي ته اسان جي لکڻين جا ڪردار تقدير آڏو جهڪيل نه هجن تدبير سان پنهنجي تقدير بدلائڻ لاءِ جاکوڙين . اهڙا ڪردار تخليق ڪيون جيڪي حالتن جو مقابلو ڪن. هر دور جا پنهنجا مسئلا، نظريا، فلسفا ۽ شريعتون هجن ٿيون. انهن مسئلن کي انساني ڀلائيءَ لاءِ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. وقت گذرڻ سان جڏهن ڪي نوان لاڙا يا خيال پيدا ٿين ته انهن جي حل لاءِ نوان نظريا هئڻ گهرجن. نوان طريقا اختيار ڪجن. نئين شريعت ۽ طريقت هئڻ گهرجي. ان حوالي سان آءٌ چوان ٿو ته هر اديب پنهنجي ڪردارن ذريعي پاڻ کي پروجيڪٽ ڪري ٿو. پاڻ کي ٻئي جي روپ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو. سوال اهو آهي ته هو پاڻ کان ڇا ٿو ڪرائڻ چاهي؟ آيا معاشري جي ظالم قوتن کان شڪست کائي ماٺ ڪري ڪنڊ وٺي ويهي ٿو رهي يا ڪي اهڙيون تدبيرون ٿو ڪري جيئن کين شڪست ڏئي اڳتي نڪري وڃي. منهنجي خيال ۾ اهائي ترقي پسندي آهي. سنگت سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ سنڌي اديبن ۽ ادب دوستن جو هڪڙو تمام ڪشادو ۽ گڏيل محاذ آهي. اسان تاريخ ۾ ڏٺو آهي ته قومن جي سڃاڻپ ٻوليءَ سان ٿئي ٿي. بنگلاديش ۾ بنگالي قوميت جي جيڪا تحريڪ هلي ان جي شروعات پڻ ٻولي ئي هئي، پر جيئن چوندا آهن ته “ قوم ٿي زندهه رهي پر جي زبان زندهه رهي،” ٻيون سڀ ڳالهيون، لٽو، ڪپڙو، کاڌو پيتو وغيره ڀلي تبديل ڪري ڇڏيون پر جي اسان ٻولي قائم رکون ٿا ته اها اسان جي سڃاڻپ آهي.

            س: اڌ صديءَ  تائين سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل هئڻ ڪري توهان جي خيال ۾ ان جون اوليتون ڪهڙيون هئڻ گهرجن؟

            ج: سنڌي ادبي سنگت جو سڀ کان پهريون ڪم سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري، صحتمند ۽ ترقي پسند ادب پيدا ڪرڻ هئڻ گهرجي. سنگت جي ڪارڪنن ۽ ٻين ليکڪن جي لکڻين ۾ خيالن سان گڏ ادب جون گهرجون به پوريون هئڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته ڪڏهن ڪڏهن ڪيترائي دوست خيال ته نوان ڏين ٿا پر شاعري، آکاڻي ۽ ناول جي گهرجن تي گهربل ڌيان نه ٿا ڏين. جيڪڏهن سٺو مال آهي ته اهو رومال ۾ هئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ادب جو ظاهري ڏيک به اوترو ضروري آهي جيترو ان جي ٻولي، خيال ۽ ادبيت ضروري آهي. جڏهن سنگت جو بنياد وڌو ويو هو، تڏهن انهيءَ جا ڪي اصول هئا. اهي هي هئا ته سنگت پاران جيڪو ادب سرجيو ويندو، ان ۾ تازگي، نوان خيال، انسان دوستي ۽ روشن خيالي هوندي. ان ۾ پاڻ کي ۽ سماج کي اڳتي وٺي وڃڻ جون ڳالهيون ٿيل هونديون. جيئن چيو ويندو آهي ته ادب انساني زندگي جو آئينو آهي، تيئن ان کي واقعي زندگيءَ جو آئينو هئڻ گهرجي . جنهن ماحول، معاشري ۽ ملڪ ۾ اديب رهي ٿو سڀ کان پهرين ان ماحول، معاشري ۽ ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن جي مسئلن کان متاثر ٿئي ٿو ۽ انهن کي حل ڪرڻ جو سندس ذهن ۾ خيال پيدا ٿئي ٿو، پوءِ انهن جي مسئلن کي پنهنجي تخليقن ۾ پيش ڪري ٿو. اديب جو ڪم ادب پيدا ڪرڻ آهي. اديب جو ڪم سياست يا وري ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ ناهي.

            س: توهان س .ا. س جي بانيڪارن مان آهيو ڇا ان جو هاڻوڪو ڪردار اطمينان جوڳو آهي؟

            ج: اسين ڏاڍي ڏکي دور مان گذريا آهيون ڪو وقت هو جڏهن “سنڌ” لفظ لکڻ تي بندش هئي. 1955-56 ۾ ڪراچي يونيورسٽي وارن سنڊيڪٽ ۾ هڪڙو ٺهراءُ پاس ڪيو ته آئينده بي .اي جي امتحانن ۾ جاگرافي، تاريخ، فلسفي، اقتصاديات وغيره جي مضمونن جا جواب اردو ۽ انگريزي ۾ لکيا وڃن، سنڌي ۾ نه.. شروع کان وٺي، جڏهن ڪراچي سنڌ کان الڳ ڪيائون. ان کانپوءِ ون يونٽ ٺهڻ جون تياريون شروع ٿيون ۽ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان دوران سنڌ تڪليفن مان گذرندي رهي. ماضي جي تناظر ۾ ڏسڻ سان خبر پوندي ته سنگت جو هاڻوڪو ڪردار اطمينان جوڳو آهي يا نه؟ مان ڀانيان ٿو ته اسين تڪليفن مان گذري پوءِ هتي پهتا آهيون. اڄ به اديب آهن، سنگت آهي ۽ سنڌي ۾ ادب سرجيو وڃي ٿو. سڄي پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي ۾ جيڪو ادب لکيو پيو وڃي اهو ڪافي بهتر آهي. ان ۾ پنهنجي ڌرتي جون حقيقتون بيان ٿيل آهن. ايترو اردو وارن ۾ ناهي. انهن وٽ رڳو ماضي جا داستان آهن. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جڏهن ون يونٽ خلاف تحريڪ هلائي ته کيس ڪيترن ئي دوستن چيو ته توهان هاري پارٽي جي لاءِ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. طبقاتي جدوجهد ڪرڻ ڇڏي ڏني. ان تي هن کين وراڻيو ته سنڌ زنده رهندي ته اسان طبقاتي جدوجهد ڪنداسين. اسان جو پهريون ڪم هي آهي. ان زماني ۾ اديبن ون يونٽ جي تمام گهڻي مخالفت ڪئي. شيخ اياز جي سٺي شاعري پڻ ان زماني جي آهي. ان دور ۾ سٺيون ڪهاڻيون لکيون ويون سٺا اديب پيدا ٿيا. سندن لکڻيون تمام بهترين هيون. ان دور جا اديب نج اديب هئا. سندن لکڻين ۾ ادب هيو. سندن لکڻين ۾ سياست هئي ۽ وقت جون گهرجون به هيون. هنن اديبن پاڻ کي زنده ثابت ڪيو. 1970ع ۾ ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ عام طور تي چيو وڃي ٿو ته سنڌي ادب ۽ سياست ۾ ماٺار اچي وئي ڪو مقصد ۽ واضح پروگرام نه رهيو، نه سياست ۾ ۽ نه ئي وري ادب ۾. ان کان پوءِ ڏسجي ٿو ته قومپرست به گهڻا ٿي پيا. گروپ به گهڻا ٿي پيا. پيپلز پارٽي وجود ۾ آئي. ڪيترائي کاٻي ڌر وارا ان  ۾ شامل ٿي ويا. جن چاهيو پئي ته سنگت کي ڪنهن سياسي نظرئي ڪنهن سياسي جماعت جي ماتحت هلايو وڃي، منهنجي خيال ۾ اهو سٺو سنوڻ نه هو.

            س: توهان جي خيال ۾ سنڌ جا سڀ کان اهم مسئلا ڪهڙا آهن ۽ انهن جي حل لاءِ سنڌي اديبن ۽ دانشورن جو ڪهڙو ڪردار هئڻ گهرجي؟

            ج: منهنجي خيال ۾ هن وقت سنڌ جوسڀ کان وڏو مسئلو آهي سنڌ جي حقن جي حاصلات. جن مان مک ٽي حق آهن.

 1) سياسي حق: معنيٰ سنڌ کي سياسي خود مختياري ڏيارڻ، سنڌ جي حڪومت ۾ سنڌي ماڻهن جي اڪثريت هئڻ گهرجي. اقتدار سنڌي ماڻهن جي حوالي هجي.

2) اقتصادي حق: سنڌ جي سرزمين تي جيڪي به زمين هيٺ يا مٿي وسيلا آهن، آبادي جا ذريعا آهن، يا وري محصول آهن، نوڪريون آهن اهي سڀ سنڌين جا حق آهن ۽ کين ملڻ کپن.

3) ثقافتي حق: ثقافتي حق تڏهن حاصل ٿي سگهن ٿا، جڏهن سنڌ جي خودمختياري ملندي، سنڌ جي سياست توڙي سنڌ جي وسيلن تي سنڌين جي حڪومت هوندي. تڏهن ئي سنڌي ماڻهو پنهنجا اقتصادي ۽ ثقافتي حق قائم ڪري سگهندا. انهن کي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش نه ايندي. اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو آهن. هڪڙا وفاق پرست جيڪي گهڻو ڪري اسٽيبلشمينٽ ۽ وڏي صوبي سان واسطو رکن ٿا، اهي چاهين ٿا ته پاڪستان مضبوط ٿئي ۽ مضبوط پاڪستان ۾ ئي سنڌين ۽ ٻين قومن کي حق حاصل ٿي سگهن ٿا. منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه صحيح ناهي. اهو استحصال پسند جو خيال آهي. مضبوط مرڪز جي حساب سان مضبوط پاڪستان نه ٿو ٿي سگهي. ايئن پاڪستان ڪمزور ٿيندو. پاڪستان مضبوط تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن فيڊريشن يا وفاق ۾ شامل يونٽن يا رياستن کي پنهنجا حق ملن. جيڪڏهن صوبا برابري جي حساب سان پاڻ ۾ گڏ رهڻ جو معاهدو ڪندا ۽ هڪ ٻئي جي حقن کي محفوظ رکي سياست ڪندا، حڪومت ۾ سڀني کي شريڪ ڪيو ويندو ۽ سڀني صوبن جي ماڻهن جي پنهنجن صوبن جي قدرتي وسيلن تي مالڪي تسليم ڪئي ويندي ته پاڪستان مضبوط ٿي سگهندو، جن جي هٿن ۾ اقتدار آهي ۽  انهيءَ کي ماڻهو پسند ڪن. ان ڪري مضبوط مرڪز جي خيال سان حڪومت هلائيندا ته پوءِ ان جا ڳرا نتيجا نڪرندا. اديبن کي پنهنجي عوام جو انجنيئر چيو ويندو آهي، اهي پنهنجي عوام جي جذبن جي ترجماني ۽ رهنمائي ڪن ٿا. انهي ڪري انهن مسئلن جي حل لاءِ اديبن ۽ دانشورن کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻولي ۽ انسان دوستي، روشن خيالي، سائنسي ۽ سيڪيولر سوچ کي ذهن ۾ رکي ادب سرجين.

نوٽ: هي انٽرويو سندس لاڏاڻي کان ڪجهه ڏينهن پهريون ورتو ويو،جيڪو روزانه عوامي آواز۾ ڇپيو ۽ ان جي آڊيو ڪيسٽ ليکڪ وٽ محفوظ آهي.

 

 

ڪتاب آن لائن، هوم

سوانح حيات 

نورالدين سرڪي آدرشي انسان

 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >