|
سائين نور الدين سرڪيءَ جو هڪ
يادگار انٽرويو
ستارپيرزادو، نصيرسومرو ۽
ساجد سومرو
ستار پيرزادو: دوستو! اسان
ڪجهه عرصي کان سنڌ ادبي
اڪيڊمي جي پاران سينيئر
دوستن ليکڪن کان هڪڙو انٽرويو
جو سلسلو شروع ڪيو آهي، جنهن
جي اسان شروعات جناب علي احمد
بروهي سان ڪري چڪا آهيون.
انهيءَ جي ٻي ڪڙي آهي اسان جو
سائين نورالدين سرڪي صاحب.
نورالدين سرڪي صاحب جي ڪهڙي
تعريف ڪجي ۽ ان جو تعارف
ماڻهن سان ڪهڙو ڪرائجي، جو
کين هر ڪو چڱيءَ ريت سڃاڻي
ٿو.
ستار: شروعات
اتان ڪجي ته سائين جن اسان کي
اهو ٻڌائين ته پاڻ اکيون
کوليون ته سندن خاندن ۾ ڪهڙي
قسم جو ادب پڙهيو ويندو هو ۽
سندن ڪهڙن ڪهڙن اديبن سان
لاڳاپا رهيا هئا؟
نورالدين سرڪي:
پهرين ڳالهه اها ته مون کي
دوست پوريءَ ريت ڪونه ٿا
سڃاڻن. آءٌ ڪو ايڏو مشهور
ناهيان. ڇاڪاڻ ته ڪيترا دوست
مون کي وڪيل جي حيثيت سان
سڃاڻين ٿا. ڪيترا دوست فقط ان
حوالي سان سڃاڻين ٿا ته مون
شاگرد تحريڪ ۾ ٿورو ڪم ڪيو
هو. مشڪل سان ڪن دوستن کي خبر
هوندي ته آءٌ ماستر به رهيو
آهيان. سنڌي ادب جو آءٌ استاد
رهيو آهيان. ڪافي سال ٿيا،
تقريبن ٻارنهن سال ماستر رهيو
آهيان، ڇاڪاڻ ته مون شروعات
پري انجنيئرنگ سان ڪئي، پوءِ
انجنيئرنگ کي اڌ ۾ ڇڏي، مون
سنڌيءَ ۾ بي اي آنرس ۽ ايم
اي سنڌي ۾ پاس ڪئي. ان ڪري
مان نٿو سمجهان ته سنڌ جا ڪي
دوست پوريءَ ريت مون کي
سڃاڻين ٿا. ڪو ڪيئن سڃاڻي ٿو،
ڪو ڪيئن سڃاڻي ٿو. ٻي ڳالهه
توهان سوال پڇو ٿا ته منهنجي
خيال ۾ منهنجي خاندان ۾ مشڪل
سان ڪو اديب آهي، يا ڪو پڙهيل
آهي. منهنجو والد اڪيلو، اهو
به ٿورو پڙهيل هو. سنڌيءَ ۾
اڳي فائينل پاس ڪندا هئا، ان
کان پوءِ منشي هوندو هو. چاچا
يا ماما منهنجا پڙهيل ڪونه
هوندا هئا، اهي مزدور ماڻهو
هئا، مون جڏهن اک کولي ته ڪو
ستن ورهين جو آهيان ته والد
گذاري ويو. مان جڏهن ٿورو وڏو
ٿيس ته گهر ۾ ٻه وڏا فريم ٿيل
شعر هڪڙو فارسيءَ ۾ ٻيو اردو
۾ بابا جا خريد ڪيل هئا، اهي
مون پڙهيا، هڪڙو اردو ۾ هو
ته:
آگاهه اپني موت سي ڪوئي بشر
نهين
سامان سؤ برس ڪا پل ڪي خبر
نهين
ان زماني ۾ سٺي خطاطيءَ سان
لاهور جي ڪا ڪمپني هوندي هئي،
اهي اهڙي قسم جا شعر ڇاپيندا
هئا. ماڻهو فريم ڪري گهر ۾
رکندا هئا. ٻيو شعر هو ته:
تو نگري بَه دِل است نه به
مال
بزرگي بَه عقل است نه بَه
سال.
تو نگري مال سان ناهي پر دل
سان آهي، بزرگي عقل سان آهي،
عمر سان ناهي.
جيڪڏهن دل
شاهوڪار آهي ته ماڻهو به
شاهوڪار آهي. باقي رهيو سوال
ته مجان تڪليف سان پڙهيو
آهيان . جڏهن شڪارپور ۾ چار
درجا سنڌي پاس ڪري پوءِ نور
هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيس ۽
تعليم حاصل ڪئي، تڏهن اتي
جيڪي استاد مليا (اها ڳالهه
1947ع کان پهرين جي آهي) انهن
۾ هڪڙو استاد سائين سرڳواسي
کيئلداس فاني به هو. اهو سنڌي
پڙهائيندو هو. ان زماني ۾
ٽئين درجي انگريزيءَ تائين
جيڪي نصابي ڪتاب هوندا هئا،
سي پنجون سنڌي، ڇهون سنڌي ۽
ستون سنڌي. جڏهن چار درجا
سنڌي پاس ڪري ايندا هئاسين ته
پهرين انگريزي ۾ هوندو هو
پنجون سنڌي، ٻئي درجي ۾ هوندو
هو ڇهون سنڌي، ٽئين درجي ۾
هوندو هو ستون سنڌي، چوٿين
درجي انگريزي کان پنهنجا ٻيا
هڪڙا ڪتاب سنڌي جا خانگي
هوندا هئا ۽ ان سان گڏ هڪ
اضافي ٻولي سکڻي پوندي هئي
عربي يا فارسي. اسان کي خانگي
اسڪولن ۾ فارسي پڙهائيندا
هئا.
اسان جو استاد
هيڊ ماستر، هندو هوندو هئو،
اهو فارسي پڙهائيندو هئو.
چوٿون، پنجون، ڇهون ۽ ستون ،
چار سال ساندهه فارسي
پڙهائيندا هئا. ان ڪري فارسي
پڙهڻ سان منهنجو شوق گهڻو
ٿيو، شاعري مون ڪافي پڙهي،
ادب پڙهيو. ان زماني ۾ چوٿين،
پنجين درجي جي سنڌيءَ ۾ جيڪي
ڪتاب هوندا هئا، سو هڪڙو جيڪب
آباد جو هوندو هئو شيوا رام
لاله، ان جو هڪ ڪتاب ڇپيل هو
ٽالسٽائي جون اخلاقي آکاڻيون.
اهو اسان جي ڪورس جو ڪتاب
هوندو هو. سو اسان کي سرڳواسي
کيئلداس فاني اهو ڪتاب
پڙهائيندو هو. نه صرف ڪتاب
پڙهائيندو هو پر شاعري به
سيکاريندو هو. ڪلاس روم ۾
طرح، مصرع، قافيه ۽ رديف
وغيره سيکاريندو هو. خير پوءِ
ته مان ادب (ان زماني ۾ اردو
لائبرري ڪانه هئي) پنهنجي طور
اردوءَ جا ڪتاب، رسالا،
اخبارون به پڙهندو هوس.
مئٽرڪ تائين ڪافي ديوان
پڙهيم جنهن ۾ هڪ ديوان غالب
به هو .مون انٽر سائنس پاس
ڪئي. پوءِ ڪراچي ۾ آيس هتي
انجنيئرنگ پڙهيم. فرسٽ ييئر
انجنيئرنگ پاس ڪيم، سيڪنڊ
ييئر ۾ پڙهڻ ڇڏي ڏنم.
خاندان ۾ اهڙو ڪو
اديب يا شاعر ڪونه هو. هڪڙي
ڳالهه البت آهي، اها پوءِ خبر
پئي ته منهنجو والد مرحوم
اسان جي پيدائش کان پهريون،
جڏهن اڃان هن شادي به نه ڪئي
هئي ، 1920ع ۾ سرڪاري ملازم
هيو. سول جج جي ڪورٽ ۾ ڪلارڪ
هيو، خلافت تحريڪ دوران هجرت
ڪري ڪابل ويو هو. جيڪا ملڪ جي
وڏي تحريڪ هلي هئي. سنڌ جا
ڪافي ماڻهو هجرت ڪري هليا ويا
هئا. بابا شڪارپور مان
نوڪريءَ تان استعفيٰ
ڏئي ويو هو. پوءِ موٽي آيو.
اڄ ڏينهن تائين سندن رجسٽر
مون وٽ آهي، جنهن مان معلوم
ٿئي ٿو ته هن کي هارمونيم
هئي، ڳائيندو به ڏاڍو سٺو هو.
ان جون ڪافيون (پنهنجون نه)
ٻين جون سٺي لکت ۾ لکيل
هيون، اهڙو لکڻ ته مون کي به
جيڪر نه اچي ، جهڙي خطاطيءَ ۾
هن لکيوهو . هن جي رجسٽر ۾
پشتو غزل، سرائڪي غزل، سنڌي
غزل، اردو غزل لکيل آهن، انهي
ڏينهن ۾ اهي ويٺو پڙهان جنهن
۾ سچل جون ڪافيون به لکيل
هيون مثال طور، ”جنهن دل پيتا
عشق دا جام، سو دل مستو مست
مدام ،“ اهو ڏسجي ٿو ته کين
شوق هو، پر مان ته ان زماني ۾
ستن سالن جو هوس جو هو گذاري
ويو. مون کي ورثي ۾ بابا جا
ڪجهه اردو ڪتاب مليا هئا، ٻيو
رسالا مليا، جڏهن آءٌ ٿورو
وڏو ٿيس، مئٽرڪ تائين دهلي
مان رسالا گهرائيندو هو يا
سنڌي ۾ به ان زماني ۾ هڪڙا
ماهوار رسالا نڪرندا هئا.
هڪڙو رسالو نڪرندو هو
Running college for man
جي طرفان ملان مخزن نڪرندي
هئي ، ان ۾ مضمون هوندا هئا.
ان ۾ ڏاهن جا قول به هوندا
هئا، اهو ڪتاب جلد ٻڌل
هوندوهو، ٻارنهن مهينن جو.
ٻيو هڪڙو رسالو نڪرندو هو
“ترقي” جي نالي سان گهر ۾
بابا جو اهو به سنڌي جو رسالو
هوند هو.“سندري” ناول گهر ۾
پيو هوندو هو، موري جو هڪڙو
اديب هو خليق مورائي، جنهن
اهو ناول لکيو هو،اهو ڏسي
پڙهڻ جو شوق پيدا ٿيو.
ستار: سائين
توهان جي هن سوال جي جواب مان
معلوم اهو ٿو ٿئي ته توهان جو
والد محترم پاڻ ليکڪ ته ڪونه
هو پر هن جو ادب سان واسطو
ضرور هو، هو ادب پڙهندڙ ضرور
هئو، جنهن جو مثال توهان ڏنو
ته هن وٽ ڪجهه رسالا به هوند
اهئا، ڪجهه ناول به هئا. ٿي
سگهي ٿو ٻيا به هجن جيڪي هيٺ
مٿي ٿي ويا هجن، توهان جي
ننڍي عمر جي ڪري ڪنهن سهيڙيا
نه هجن، يا ٻيا دوست کڻي ويا
هجن. بهرحال توهان جڏهن تعليم
۾ آيا ته ان وقت ڪهڙا اسان جي
سنڌ ۾ ليکڪ موجود هئا، جيڪي
لکندا هئا يا ان وقت جي رسالن
۾ ڇپجندا هئا؟
سرڪي صاحب: انوقت جو سنڌي
رسالو هو، جيڪو گهڻو ڇپجندڙ
هو ۽ مشهور هوندو هو، اهو
“سنڌو” ماهوار رسالو هو. جيڪو
بولچند راجپال،
B. Sc
پاس هو، اهو رسالو ڪڍندو هو ،
ڏاڍو اعليٰ
معيار جو سنڌي ۽ سائنسي ادب
ڇپيندا هئا. انهيءَ ۾ جيڪي
اديب لکندا هئا، شڪارپور جو
(اسان جي پاڙي جو) مسٽر لطف
الله بدوي، اصل هوندو هو لطف
الله جوڳي. جوڳي تخلص هوندو
هيس. جيئن ٺل جو ماستر قادر
بخش بشير (ساجد سومري جو
نانو) اصل ۾ ماستر قادر بخش
“حقير” هو. “حقير” جي نالي
سان لکندو هئو. مهينن جا
مهينا هنن جو پاڻ ۾ جهڳڙو
هلندو هو. شعر ٺاهيندا هئا،
ڪتي جي باري ۾ “ڪتو ڪڙم جو
ويري آ”، ڪتو وفادار آهي،
هڪڙو شعر لکي پوءِ ٻيو شعر
لکي. ان ۾ هڪ خيال هو پاڻ کي
گهٽ سمجهڻ جو ، جيئن دلگير،
حقير، جوڳي، پوءِ وري هڪڙو
دور ترقي پسنديءَ وارو آيو،
پوءِ دوستن خيال ڪيو، اهي
نالا صحيح ناهن. پوءِ لطف
االله جوڳي جي بدران ٿي پيو
لطف االله “بدوي” ۽ قادر بخش
حقير جي بدران ٿي پيو قادر
بخش بشير. پوءِ ايئن شعر
لکندا هئا. اهي ماهوار “سنڌو”
رسالي ۾ ڇپبا هئا، اسان
پڙهندا هئاسين. جڏهن مان
ڪاليج ۾ (شڪارپور ۾ ئي) 1946ع
۾ شايد 1947ع ۾ تيستائين اسان
جي شڪارپور ۾ ٻه ٽي دوست
(عمر ۾ سال ٻه مون کان
وڏا)شيخ اياز هيو، احسان
بدوي، لطف الله بدوي جو وڏو
پٽ، ٻيو هوندو هو هڪڙو صديقي؟
نالو مونکان وسري ٿو وڃي،
حنيف صديقي جيڪو مشهور آهي،
جنهن جا بورڊ وارن ڪتاب
(ترجما) به ڇاپيا آهن. سو هن
جو ننڍو ڀاءُ هوندو هو هاڻ
گذاري ويو. اهو ۽ ٻيو هوندو
هو لعل محمد لعل، جيڪو هاڻي
ڪجهه سال اڳ گذاري ويو،
شڪارپور ۾ وڪالت ڪندو هئو.
پاڪستان ٺهڻ کان
پوءِ ڪراچيءَ مان به هڪڙو
سنڌي رسالو نڪرندو هو، منهنجي
خيال ۾ “آفتاب” جي نالي سان ۽
ڪراچي ۾ جيڪي کڏي جا شاعر ۽
اديب آهن، انهن جي گهڻو ويجهو
هوندو هو. بزم طالب موليٰ
آهي يا بزم شعراءِ جا ٻيا
شاعر آهن، انهن سان لاڳاپيل
هوندو هو. مان ننڍو آهيان،
مونکي ياد ٿو اچي ته لاڙڪاڻي
۾ “سنڌ سڌار” يا “سنڌي سڌار”
سوسائٽي هئي انهن جو هڪ
سنڌيءَ ۾ رسالو به نڪرندو هو
۽ اهي هر مهيني لاڙڪاڻي شهر ۾
مشاعرو ڪرائيندا هئا. اتي
محمود خادم ۽ ٻيا جن ۾ هري
دلگير، نواز علي ناز، جو
شاگرد هوندو هو. ان ڪري ان
زماني ۾ سنڌي ماستر، اديب ۽
شاعر هوندا هئا. ڇاڪاڻ ته ان
زماني ۾ سنڌي ماستر تڏهن
ٿيندا هئا، جڏهن ست درجا سنڌي
فائينل جو امتحان پاس ڪندا
هئا. ان ۾ تمام سٺو ادب
سيکاريندا هئا، تنهن کان پوءِ
ٽريننگ ڪاليج فار مين (Training
college for man)
حيدرآباد ۾ هو ٽريننگ وٺندا
هئا. اتان ٻه سال ٽريننگ پاس
ڪري ماستر ٿيندا هئا. مان عرض
ڪريان ته ٽريننگ ڪاليج ۾،
اهڙا ڪتاب پڙهائيندا هئا مثال
طور گاڊ فرينڊس جنس جو
جاميٽري جو ڪتاب مئٽرڪ ۾
پڙهندا هئاسين. اها گاڊ فرينڊ
س جنس جي سڄي جاميٽري سنڌيءَ
۾ ڇپيل هئي. ٽريننگ ڪاليج فار
مين ۾ اهو نصابي ڪتاب هوندو
هو. جاميٽري جو نصاب تمام
ڏکيو هوندو هو. اهي سڀ ڪتاب
جن ۾ قانون جا ڪتاب به شامل
آهن سنڌي ۾ ترجمو ٿيل هئا.
PPC
پاڪستان پينل ڪوڊ، سيلف
پروسيجر ڪوڊ، ڪرمنل پروسيجر
ڪوڊ، ايويڊنس ايڪٽ، ڪيٽل ٽريس
پاس ايڪٽ، شاهدن جون سمريون ۽
شاهدن جو سمريون ۽ وارنٽ اڄ
به ننڍن شهرن ۾ وڃون ته سڀ
ڇپيل فارم سنڌيءَ ۾ آهن ان
زماني ۾ مون کي ياداچي ٿو ته
مان مئٽرڪ ۾ آهيان ته مون کي
شاعريءَ جو شوق ٿيو، مون کي
ياد آهي ته لاڙڪاڻي ۾ مان به
مشاعري ۾ شريڪ ٿيڻ ويو هوس.
ان وقت مون جيڪا شاعري ڪئي،
سا ايڏي سٺي ڪانه هئي، ان کان
پوءِ 1954ع يا 1955ع ۾ مون
ڪجهه غزل لکيا. سنڌي ادبي
سنگت جي زماني ۾ شعر لکيا
هئا، باقي اديب اسان جا اهي
هئا کيئلداس فاني اديب هئو،
شاعر هو.
ستار پيرزادو: سائين! توهان
اسان کي اهو ٻڌايو ته جڏهن
توهان ڪراچيءَ اچي انٽر پڙهڻ
لاءِ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ، ان
وقت ڪي شاگرد تنظيمون ۽ انهن
جون يونينون يا انهن جون ڪي
سياسي طور اڳڀرايون هيون؟
نورالدين سرڪي:
حقيقت ۾ ڪراچيءَ انٽر پڙهڻ
ڪونه آيو هوس، البته انٽر
سائنس پاس ڪري آيو هوس. 1947ع
۾ انٽر سائنس پاس ڪئي هيم.
حقيقت ۾ 1942ع ۾ سنڌ ۾ سياسي
تنظيمون يا سياسي سجاڳيءَ جي
چرپر گهڻي هئي. مون کي ياد
آهي ته 1942ع ۾ شڪارپور ۾
ڪانگريس طرفان هڪ ٺهراءُ (Resolution)
پاس ٿيو هو ته هندوستان ڇڏيو،
هتان هليا وڃو. انگريزن کي
الٽيميٽم ڏنو ويو هو، ان ڪري
گرفتاريون ٿيون ۽ وڏا واقعا
ٿيا هئا. ان زماني ۾ ڪانگريسي
نوجوان شاگرد ۽ ٻيا ڪانگريسي
ڪارڪن شڪارپور ۾ پرڀات ڦيري
ڪندا هئا. سوير صبح جو اٿي
سڄي شهر جو چڪر ڏيندا هئا،
شام جو وري مظاهرا ڪندا هئا.
پوليس لاٺي چارج ڪندي هئي.
اهو سڀ اسان ڏسندا هئاسين. ان
وقت اتي پڙهندا هئاسين ته اهي
تحريڪون به هيون. مونکي ياد
اچي ٿو ته جڏهن 1945ع ۾
شڪارپور ۾ مسلمان شاگردن جي
هڪ شاخ مسلم فيڊريشن ڏاڍي
سرگرم هئي. سنڌي شاگرد جيڪي
مسلم ليگ ۾ هئا، اهي به ان
فيڊريشن ۾ شامل هئا. ڇاڪاڻ ته
انهن ڏينهن ۾ سکر جي مسجد
منزل گاهه جو جيڪو واقعو ٿيو
هو ان ۾ شڪارپور جا ڪافي
ماڻهو (اپر سنڌ جا)مسلم ليگ
جا جٿا ٺاهي، باقاعدي
گرفتاريون ڏئي جيل ڀرڻ لاءِ
ويا هئا. ان زماني ۾ شاگرد به
اڳرا هئا. جيئن هندوستان ۾ آل
انڊيا مسلم فيڊريشن هئي، تيئن
ان جي سنڌ صوبي ۾ شاخ هوندي
هئي. سنڌ پراونشل مسلم
فيڊريشن، انهن جي هر شهر ۾ هڪ
شاخ هوندي هئي. شڪارپور ۾ به
شاخ هئي. جڏهن مان مئٽرڪ پاس
ڪئي ۽ سي اينڊ ايس (C
and S)
ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته مسلم
فيڊريشن ۾ شامل ٿيو هوس. مان
ان ڪاليج ۾ ٻه سال پڙهيس.
پهرين سال مان جوائنٽ
سيڪريٽري هيس، ٻئي سال مان
جنرل سيڪريٽري چونڊيس ، ته ان
جا گهٽ ۾ گهٽ چار پنج سؤ
شاگرد ميمبر هئا. تمام وڏي
تحريڪ هئي. پاڪستان لاءِ مسلم
اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان سنڌي
مسلمان شاگردن ڪافي گهڻي
سرگرمي ڏيکاري.
ستار پيرزادو:
سائين! توهان چيو ته توهان جي
دور ۾ مسجد منزل گاهه وارو
واقعو پيش آيو. اسان وٽ عام
طور چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن
مسجد منزل گاهه وارو واقعو نه
ٿئي ها ته شايد پاڪستان جيڪو
1947ع ۾ ٺهيو ان جو وقت اڳتي
وڌي وڃي ها. هاڻي توهان اسان
کي اهو ٻڌايو ته اهو مسجد
منزل گاهه وارو واقعو صحيح
معنيٰ
۾ ٿيو ڇو، ان جو سبب ڇا هيو؟
نورالدين سرڪي: هن کان اڳ ۾،
آءٌ هي عرض ڪريان ته جڏهن سڄي
دنيا ۾ 1914ع ۾ پهرين
مهاڀاري لڙائي لڳي آهي، جيڪا
1918ع ۾ ختم ٿي، انهيءَ
لڙائيءَ کان پوءِ نتيجي ۾ سنڌ
۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي، ڇاڪاڻ
ته خلافت تحريڪ جو پس منظر هي
آهي ته جيئن توهان کي ياد
هوندو ته حضرت محمد صلعم کان
پوءِ خلافت شروع ٿي. پهريون
چار خليفا هئا، جن کي خلفاءِ
راشدين چون ٿا، اها خلافت چئن
خليفن کان پوءِ بنو اموي
خلافت پيدا ٿي، جيڪا دمشق،
شام ۾ شروع ٿي. ان کان پوءِ
عباسي خلافت ڪر کنيو ، ان کان
پوءِ عثماني خلافت ٿي. جنهن
جو مرڪز ترڪيءَ ۾ هو. عباسي
خلافت جو مرڪز هو بغداد-عراق
۽ عثمانيه خلافت جو مرڪز هو
ترڪي. پهرين جنگ عظيم ۾
ترڪيءَ جڏهن هارايو، ڇاڪاڻ ته
ترڪن جي جرمنيءَ سان گهڻي
دوستي هوندي هئي، انهن کي
شڪست آئي، گهڻائي ملڪ ڪمزور
ٿي ويا. جنگ پڄاڻا جيڪو نئون
معاهدو ٿيو انهيءَ ۾ ٻه
ڳالهيون ٿيون، هڪڙي ڳالهه اها
ٿي ته اتي ترڪن سان پهريون
ظلم ٿيا، انگريزن جڏهن جنگ
کٽي، ان کي بلقان وار به چون
ٿا ان زماني ۾ ترڪن جي حمايت
۾ هندوستان جي مسلمانن تحريڪ
هلائي. ته انهن سان ظلم گهٽ
ڪيا وڃن، سختي گهٽ ڪئي وڃي،
اها خلافت بحال ڪئي وڃي. ان
وقت جي نزاڪت هئي، مصلحت هئي؟
ڪانگريس ان جو ڀرپور ساٿ
ڏنو. تنهن ڪري ڪانگريس ۽ مسلم
ليگ جي مسلمانن ۽ هندن گڏجي
ڪري انگريزن جي خلاف هڪڙي
سامراج دشمن تحريڪ شروع ڪئي.
جنهن ۾ مسلمانن ۾ خاص طرح
مولانا محمد علي ۽ مولانا
شوڪت علي اڳ اڳ هئا، اها ٻه
ٽي سال تحريڪ هلي. ان سلسلي ۾
هجرت به ڪرڻي پئي جو چوندا
آهن ته دارالامان ۽ دارالحرب
امن جي جاءِ ۽ لڙائيءَ جي
جاءِ يعني دشمنن جي جاءِ جتي
اسان پڄي نٿا سگهون. سو بهتر
آهي ته ڇڏي وڃجي. پوءِ جڏهن
ڪمال اتا ترڪ طاقت ۾ آيو ته
هن جو حڪومت جو تصور جيڪو
هيو، سو ترڪي قوميت جو هو ،
اسلامي قوميت جو خيال نه هو.
سو هن چيو ته بجاءِ دنيا جي
مسلمانن جي هڪ خلافت هجي ۽ ان
کي سنڀالي نه سگهجي. تنهن ڪري
اسان کي فقط ترڪي ملڪ کي
وڌائڻو آهي. ترڪي ٻوليءَ،
تهذيب ۽ ثقافت ذريعي پنهنجي
حڪومت ٺاهيون. انهيءَ ڪري هتي
به جيڪا خلافت جي تحريڪ هئي،
سا ختم ٿي وئي. هڪڙو سبب اهو
به هو، تنهن ڪري
افغانستان/ڪابل جيڪي هجرت ڪري
ويا هئا سي به واپس آيا. پوءِ
ان جي نتيجي ۾ هندوستان جي
ماڻهن جهڙوڪ مايوسي پيدا ٿي.
ٻيو سبب اهو هو ته سن 1915ع ۾
هندوستان جي جمعيت علماءِ هند
هوندي هئي، شيخ الهند محمود
الحسن ان جو سربراهه هئو. اتي
مولانا عبيدالله سنڌي پڙهندو
هو. توهان کي خبر هوندي ته
مولانا صاحب اصل ۾ سيالڪوٽ
جو سک هئو، جيڪو (شايد) ننڍي
هوندي ئي ڳوٺان نڪتو هئو.
پوءِ سنڌ ۾ آيو. جهنڊي واري
پير وٽ امروٽ شريف ۾ تعليم
ورتائين. هن جي سنڌ سان ڏاڍي
محبت هوندي هئي، تنهن ڪري
سنڌي جي نالي سان مشهور ٿيو.
اهو دارالعلوم ديوبند ۾
مولانا محمودالحسن جي صلاح
سان روپوشيءَ جي طريقي سان
ڪابل هليو ويو ته جيئن انگريز
سامراج جي خلاف جدوجهد ڪري
سگهجي ۽ اتي هنن وڃي آزاد هند
حڪومت ٺاهي هئي. ان ۾ هندو به
هئا ته مسلمان به هئا. ان
سلسلي ۾ مولانا عبيداالله
سنڌي ٻه ٽي سال ڪابل ۾
رهيو، تنهن کانپوءِ 1917 ۾
روسي انقلاب آيو، ته هو ماسڪو
به ويو. اتي جي ليڊرن سان
مليو. چون ٿا ته لينن سان به
ملاقات ٿي هيس. ترڪيءَ جي
ڪمال اتا ترڪ ۽ انور پاشا
وارن سان پڻ مليو هو. ڪافي
سرگرميون هيون. پر پوءِ
انگريزن کي جڏهن اها خبر پئي
ته ان وقت انگريزن هڪ قسم جي
چالاڪي ڪئي ته اهڙي سياست
هلجي، هونئن به توهان کي خبر
هئڻ گهرجي ته انگريزن جي
هندوستان ۾ پاليسي هئي ته
ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو. هي
تصور ويهين صديءَ جي شروعات
کان وٺي انهن ڏنو ته هندو الڳ
قوم آهن ۽ مسلمان الڳ. هنن
جون پاڻ ۾ الڳ الڳ جماعتون
ٺاهڻ گهرجن. جيئن 1906ع ۾
مسلم ليگ ٺهي هئي. انهيءَ جو
اصل ۾ روح روان سلطان محمد
آغا خان ٽيون هو. عليڳڙهه
يونيورسٽي ۽ اينگرو انڊين
ڪاليج کي يونيورسٽي ٺاهڻ ۾ به
وڏي ۾ وڏو دخل آغا خان جو هو.
اهو مسلم ليگ جو ليڊر هئو.
انگريز فورن ، چون ٿا ، ته
هندن کي اها ڳالهه چئي ته
موالانا عبيداالله سنڌي جيڪو
ڪابل ويٺو آهي، سو افغانين،
ايرانين يا ترڪن جي مدد سان
واپس هندوستان تي مسلم راڄ
قائم ڪندو، تنهن ڪري هندوستان
تي جو مسلمان اٽڪل هزار يا نو
سئو سال حڪومت ڪئي آهي، سا
وري مسلمانن جي حڪومت آڻڻ
چاهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو
هندن جي هڪ الڳ سياسي تحريڪ
شروع ٿي وئي. ڪنهن حد تائين
اسين ان کي شُڌيءَ جي تحريڪ
چئي سگهون ٿا. شڌ چوندا آهن
نج کي. يعني نج هندو، جيڪا اڄ
ڏينهن تائين “راشٽريه شيوڪ
سنگ” وِشوَ هندو پرشاد وارن
جو چوڻ آهي ته هندوستان ۾
جيڪي مسلمان آهن، سي گهٽ ۾
گهٽ 90 سيڪڙو هندن مان
مسلمان ٿيا آهن. تنهن ڪري اهي
وري هندو ٿين يا ٻي طرف، جيڪي
هوشيار ۽ ٻوجهه وارا آهن، اهي
چون ٿا ته هندو معنيٰ
هندوستان جو رهاڪو، هند کان
ٻاهر به کين هندي چون ٿا،
تنهن ڪري توهان پاڻ کي هندو
سڏايو، مسلمان ڇو ٿا سڏايو؟
ان مان اها تحريڪ شروع ٿي.
مذهب جي نالي ۾ قوميت جي
تحريڪ، انهن جي ضد ۾ وري
مسلمانن به تحريڪ شروع ڪئي.
پوءِ
مولانا محمد علي ۽ مولانا
شوڪت علي، جيڪي حقيقت ۾ هندو
قوم پرست ليڊر هئا، اهي به
ڪنهن طريقي مسلم ليگ ۾ داخل
ٿي ويا. انهن هڪڙي تبليغي
جماعت شروع ڪئي. اهو ويهين
صدي جو ٽيون ڏهاڪو هو. انهن ۾
ڏسجي ٿو ته انگريزن جي حڪمت
عملي، يا ٻئي لحاظ کان
هندوستان ۾ مذهبي بنيادن تي
پاڻ ۾ ڦيٽارو پيو، ان جي
نتيجي ۾ مسجد منزل گاهه جو به
هڪڙو مسئلو اڀريو. ياد نه ٿو
اچيم ڪتاب جو نالو پر ڪٿي
مرحوم حسام الدين شاهه راشدي
لکيو آهي ته منهنجي ڀاءُ يعني
علي محمد شاهه راشدي اهو
مسئلو پيدا ڪرايو. “اهي ڏينهن
اهي شينهن” ڪتاب ۾ علي محمد
شاهه راشدي پڻ لکيو آهي ته هڪ
دفعي مان دادو کان لڪي تيرٿ
وٽان لنگهان پيو ته اتي چشمي
مان هندن مون کي پاڻي پيئڻ نه
ڏنو، جيتوڻيڪ گرمين جا ڏينهن
هئا، مون پڪو پهه ڪيو ته “مان
هنن کي ضرور ڏسي رهندس.” ان
دور ۾ اها تحريڪ ايترو زور
وٺي وئي جو مسجد منزل گاهه
واري تحريڪ هلي، مون ان جو
ايترو مطالعو نه ڪيو آهي ته
اصل ڳالهه ڇا آهي، “ساڌٻيلو”
آهي يا “ساڌو ٻيلو” آهي يا
اها مسجد جيڪا مسلمانن جي
هئي، فاتح جڏهن ڪو ملڪ فتح ڪن
ٿا ته اتان جون عبادت جون
جايون به مسمار ڪري پنهنجي
مذهب جي عبادت جون جايون
ٺاهين ٿا. اهو ٿي سگهي ٿو ته
اها جاءِ
به مسلمانن جي هجي يا نه به
هجي، پر انگريزن جي حڪمت عملي
ان ڳالهه ۾ ضرور ڪم ڪيو آهي.
مذهب جي بنياد تي ويڙهائي
ورهائي حڪومت ڪجي. مان آخر ۾
ان ڳالهه سان متفق ناهيان ته
مسجد منزل گاهه جي تحريڪ کان
پوءِ جلد پاڪستان ٺهي ويو.
پاڪستان، مائونٽ
بيٽن جي اچڻ کان پوءِ جلد ٺهي
پيو، اهو ان ڪري جو ٻي
مهاڀاري جنگ ختم ٿي، ان ڪري
انگريز تمام تڪليف ۾ اچي ويا،
اوهان کي ٻڌايان ته پهرين
عظيم جنگ 1914ع واري،
هندوستان مان 14 لک ماڻهو
انگريزن جي حمايت ۾ فوج ۾
ڀرتي ٿي ويا هئا. ان حد تائين
به جو بنگال جو باني شاعر
قاضي نذرالاسلام به عراق جي
محاذ تي وڙهيو هو. پوءِ
جڏهن سيپٽمبر 1946ع تي ٻي
مهاڀاري جنگ شروع ٿي ته
انگريزن ٻيهر ڪانگريس کان
ماڻهن جي گهر ڪئي. هن ڀيري
هندن گهر ڪئي ته اسان جي
هندوستان جي آزادي جو اعلان
ڪريو ته اسان اوهان جي مدد
ڪريون، انگريزن واعدو نه ڪيو
باقي اهو چيائون ته جنگ جي
خاتمي کان پوءِ
اسان هندوستان ۾ سڌارا
آڻينداسون. ان وقت هندوستان ۾
گهڻائي هندو قوم جي هئي ۽
ڪانگريس پارٽي هئي، ڪانگريس
۾ جيڪا گرم ڌر هئي، اها هئي
سباش چندر بوس جي “ريڊيڪل
آرمي” ان ۾ مسلمان به هيا.
انهن جو خيال هو ته انگريز
اسان کي ڪنهن به قيمت تي
آزادي نه ڏيندا، جپان ۽ جرمني
جي مدد سان، انگريزن کي ٻي
مهاڀاري جنگ ۾ شڪست ڏئي،
هندوستان آزاد ڪرائجي، ان ڪري
اهي لڳ ٿي ويا، باقي بچيا
مهاتما گانڌي ۽ ٻيا، انهن
1942ع ۾ ورڪنگ ڪميٽي طرفان
ٺهراءُ پاس ڪرايو ته:
Quit and leave India،
نڪرو ۽ هند کي ڇڏيو. جنهن کي
پوءِ
Quit India
هند ڇڏيو، موومينٽ سڏيو ويو.
انهن جي جواب ۾ وري مسلم ليگ
اها تحريڪ هلائي ته
Divide and quit
“ورهايو ۽ وڃو” هاڻ جڏهن
آگسٽ ۾ اهو ٺهراءُ بحال ڪيو
ويو ته ان سڄي ورڪنگ ڪاميٽيءَ
کي انگريزن گرفتار ڪري ڇڏيو.
گرفتاري کان پوءِ،
ڪانگريس ۾ اڃان به ڪري گرم رت
وارا هئا، پر اهي سباش چندر
بوس سان نه ويا هئا. انهن ۾
گهڻو ڪري کاٻي ڌر وارا
ڪميونسٽ هئا، اهي به گهڻو ڪري
هندو. انهن زير زمين تحريڪ
هلائي، جنهن جا ليڊر ارونا
آصف علي ۽ ڪجهه ٻيا هئا، جنهن
۾ ريل جون پٽڙيون ڀڃڻ، بم
ٺاهڻ، پوليس اسٽيشن تي حملا
ڪرڻ هئا. ان کان سواءِ به ان
جو هڪڙو دلچسپ پهلو آهي ته
هٽلر جڏهن ٻي مهاڀاري جنگ
شروع ڪئي، ته هٽلر ۽ اسٽالن
جو پاڻ ۾ هڪڙو معاهدو ٿيل هو،
پاڙي ۾ آهيون، ورهائي
کڻنداسون. پوءِ نه ڄاڻ ڪهڙي
حڪمت عمليءَ سان، هٽلر جڏهن
ماسڪو تي حملو ڪيو، ته ان وقت
جي ڪميونسٽ حڪومت اهو فيصلو
ڪيو ته جنهن جنگ کي هو چوندا
هئا ته اها سامراجي جنگ آهي،
سامراج پنهنجي بيٺڪن تي وڙهي
رهيو آهي، پوءِ
جڏهن ماسڪو تي حملو ڪيو ويو
ته سويت يونين به جنگ ۾ داخل
ٿي وئي، پوءِ چيائون ته اها
عوام جي جنگ آهي. ڪميونسٽ
ورهايا ته نه ويا هئا، پر هنن
فيصلو ڪيو ته اسان انگريزن جي
حمايت ڪنداسون، نه فقط اهو،
پر هي فيصلو به ڪيائون ته
جيڪي سٺا سٺا مسلمان ڪميونسٽ،
هندوستان ۾ آهن اهي مسلم ليگ
۾ ڀرتي ٿي وڃن ۽ پاڪستان لاءِ
مدد ڪن. 1943ع ۾ جيڪو ڪميونسٽ
پارٽي جو لٽريچر ايندو هو،
بمبئي مان هفتيوار ”قومي جنگ“
جي نالي اخبار ايندي هئي،
جنهن جو سبط حسن ايڊيٽر هو،
انهي ۾ ٻن پيجن جي سرخيءَ سان
ايندو هو ته: ”آزاد هندوستان
۾ آزاد پاڪستان“ منهنجي خيال
۾ ڪميونسٽ اها پهرين وڏي غلطي
ڪئي هئي جو مذهنن جي بنياد تي
مسلمانن کي هڪڙي قوم تسليم
ڪري، ايئن چيو ته هندوستان جي
مسلمانن کي حق خود اختياري
ملڻ کپي. يعني هنن جو اهو حق
آهي ته مسلمانن جي لاءِ الڳ
ملڪ يعني پاڪستان حاصل ڪن. هو
ڪنهن چڱائيءَ طور چوندا هئا،
پر اها غلطي ٿي وئي، غلطي
ڪنهن کان به ٿي سگهي ٿي، هنن
جو خيال هو ته ان طرح انگريز
هليا ويندا، سامراج مان آزادي
ملندي، هندوستان به آزاد ٿي
ويندو روز روز جا هندو مسلم
فساد ختم ٿي ويندا. مسلمانن
جي پنهنجي ۽ هندن جي پنهنجي
حڪومت ٿيندي، جهڳڙو ختم ٿي
ويندو. پر اها سندن ڀل هئي،
منهنجي خيال ۾ اهڙن پس منظرن
۾ پاڪستان جلدي ٺهي ويو. ان
حد تائين، جو ڪميونسٽس، فيض
احمد فيض جهڙو ماڻهو به نيشنل
وار فرنٽ ۾، هڪڙو فوجي
عهديدار ڀرتي ٿي ويو. ميجر يا
ڪرنل هيو جنهن کي پنجاب ۾ لام
بندي چوندا آهن، ماڻهو جيڪي
فوج ۾ ڀرتي ڪندا آهن، تڏهن به
نيشنل وار فرنٽ طرفان ماڻهو
ڀرتي ڪندا هئا، جيئن ماڻهو
جنگ ۾ حصو وٺن. توهان عبدالله
حسين جو ناول پڙهيو آهي،
“اداس نسلين”، ان ۾ وارتا آهي
ته اسان جا ماڻهو ڪيئن آفريڪا
وغيره ويندا هئا. سندن ڪهڙا
خيال ۽ احساس هوندا هئا،
هنن ڪهڙيون تڪليفون ڏٺيون،
تمام سٺو ناول آهي.
ستار: سائين
ايترين سارين تحريڪن جو اوهان
جيڪو ذڪر ڪيو آهي انهن جو سنڌ
جي سڄاڻ طبقي تي، يعني منهنجي
نظر ۾ ان وقت سنڌ جو سڄاڻ
طبقو شاگرد ئي هو، ان تي به
ڪو اثر پيو هوندو، توهان
ٻڌائي سگهندا ته انهن ڪهڙو
اثر ورتو؟
نورالدين سرڪي:
ان وقت مذهبي ڇڪتاڻ ايتري وڌي
وئي هئي، جو ان جو ٻين ڳالهين
کان سواءِ سنڌي ٻولي تي برو
اثر پيو، سنڌي ادب ۾ هندو
ليکڪن ۽ اديبن هندي جا لفظ
استعمال ڪرڻ شروع ڪيا. وري
مسلمان اديبن عربي جا لفظ..
پهريون شڪار ٻولي بڻي. ان وقت
اسان جو هڪڙو وڏو عالم، شمس
العلماءِ
محمد بن عمردائود پوٽو جڏهن
ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن
سڄي سنڌ جي تعليم کاتي جو
بڻيو، انهيءَ نوان سنڌي ڪتاب
ڇپرايا، ان ۾ زور، ڏياريائين
زير، زبر، پيش شد تي، عربي
اعرابن تي، جنهن سان ڪي لفظ
غلط ڪي درست ڪيا ويا. ٻي
ڪوشش ڪيائين ته سرڪاري اسڪولن
۾ فارسي بدران عربي ٻولي
پڙهائي وڃي . ڇاڪاڻ ته خانگي
اسڪولن تي ته هن جو وس نه پئي
هلي سگهيو ، ان ڪري سڀني
سرڪاري اسڪولن ۾ عربي ٻولي
رائج ڪئي وئي، اهڙي ڇڪتاڻ
هئي، ان کان سواءِ ٻين به
ڪيترن سنڌي عالمن جو خيال هو
ته سنڌ ۾ مسلمان 75سيڪڙو هئا،
هندو فقط 25 سيڪڙو هئا، پر
شاهوڪار 25 سيڪڙو هئا، شهرن ۾
انهن 25 سيڪڙو مان هندو رهندا
هئا، جيتوڻيڪ هئا سڀ سنڌي پر
اقتصادي طور هندو قابض هئا.
اها به مسلمانن کي شڪايت هئي،
انهن اهو ته نه سوچيو هو ته
جڏهن سڀ مسلمان هوندا ته انهن
مان به ڪي اهڙا هوندا جيڪي
Exploit
استحصال ڪندا، ان استحصال کان
بچڻ جو اهو طريقو نه هو، تنهن
ڪري جيئن سائين جي ايم سيد جي
باري ۾ چيو ويندو آهي،مون کي
ياد آهي ته جڏهن سائين سنڌ
مسلم ليگ جو صدر هو ته هن
اعلان ڪيو ته هندو مسلمانن جا
دشمن آهن، هندو يهودين وانگر
آهن، تنهن ڪري هندن سان قطع
تعلقات ڪجي، سماجي لاتعلقي
ڪجي، سنڌ حڪومت کي چيائين ته
نوڪرين ۽ پرمٽس ۾ باقاعدي
ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي. جنهن ۾ 25
سيڪڙو هندن کي 75 سيڪڙو
مسلمانن کي ڏنيون وڃن. اوهان
کي خبر هوندي ته جڏهن جنگ
لڳي، 1939 کان 1945 تائين،
لاڳيتو ڇهه سال، ته سنڌ ۾
راشننگ ٿي، شهرن ۾ راشننگ
ڪارڊ هوندا هئا، ان راشننگ
ڪارڊ تي اٽو ملندو هو، ڊالڊا
گيهه، ڪپڙو
۽
کنڊ ملندي هئي. ان لاءِ اهو
ٿيو ته دڪانن لاءِ 25 سيڪڙو
هندن کي
۽
75 سيڪڙو مسلمانن کي مليون،
ڇاڪاڻ ته مسلمانن کي واپار جو
ڏانءُ به نه هو، پئسو به ڪونه
هو، تنهن ڪري ٿيندو اهو هو ته
ان واپار ۾ پئسو هندن جو
۽
ڪم ڪار هلائيندڙ به هندو
هوندا هئا، پر دڪان نالي
مسلمانن جي هوندا هئا، ان طرح
ڪجهه مسلمان واپار ۾ آيا.
ان وقت سنڌ ۾
زياده تر مسلمان مسلم ليگ ۾
هئا، ان خيال کان ته مسلمانن
جي اسلامي حڪومت ٺهندي، هندن
مان جان ڇٽندي، باقي جيڪي
ڪجهه هيا، تن مان به ڪانگريسي
تمام ٿورا هئا. اصل اٽي ۾ لوڻ
برابر هئا. باقي ٻيا جيڪي
پڙهيل لکيل مسلمان هئا، سي
”خاڪسار“ هئا. ڪيترا سنڌ جا
وڪيل به خاڪسار هئا. سائين
حفيظ قريشي به خاڪسار هو. ان
وقت سائين جي ايم سيد به
خاڪسار هو. جڏهن علامه مشرقي
ءَ وفات ڪئي ته پنهنجي هڪ
وصيت ڇڏي ويو هو، انهيءَ ۾
هڪڙو ٽرسٽي سائين جي ايم سيد
به هو. مير علي احمد ٽالپر به
خاڪسار هوندو هو، اسان جي
دوست اعجاز قريشي جو والد علي
احمد قريشي وڪيل، جمال ابڙو،
شمس الدين شاهه وڪيل سکر وارو
به خاڪسار هوندو هو. ڪيترائي
اسان جا سنڌي خاڪسار هئا، اهي
تحريڪون هيون، جيئن ته مسلمان
پڙهيل گهٽ هئا، تنهن ڪري گهڻا
مسلم ليگ
۽
ٿورا ڪانگريس ۾ هئا، تنهن ڪري
پاڪستان بڻجي پيو. منهنجو
پنهنجو ذاتي تجربو اهو آهي ته
پاڪستان ٿيڻ کان سال ٻه اڳ
تائين، هندن طرفان مسلمانن
سان زيادتي ڪانهي ڪئي ، ٻيائي
Discrimination
ڪانه هئي. شڪارپور ۾ هڪڙو
گورنمينٽ هاءِ اسڪول هو، ان ۾
20 کن استاد هئا، انهن مان
هڪڙو يا ٻه مس مسلمان هئا.
شاگردن ۾ به 90 سيڪڙو هندو
هئا. خانگي اسڪول، جيئن نيو
ارا هاءِ اسڪول هو، جنهن ۾
مان پڙهندو هوس، انهن ۾
مسلمان هڪ به ماستر ڪونه هو.
اتي مسلمان شاگرد به پنج
سيڪڙو هئا، ان هوندي به اسان
سان ڪڏهن به استادن اهڙي
زيادتي نه ڪئي، هنن اسان
مسلمانن کي به اوترو پيار ۽
پڙهائي لاءِ ڌيان ڏنو جو اسان
ڪڏهن به محسوس نه ڪيو، ان وقت
اها ڳالهه ضرور هئي جو ريلوي
جي اسٽيشن تي رکيل پاڻي هندن
لاءِ الڳ
۽
مسلمانن لاءِ الڳ هوندو هو.
پاڻي جا مٽ يا بالٽيون ڀري
ويٺا هوندا هئا، جڏهن گاڏي
ايندي هئي ته پڪاريندا هئا
“هندو پاڻي”، “مسلمان پاڻي”
پوءِ هندو مسلمان اهو الڳ
ٿيل پاڻي پيئندا هئا. شڪارپور
شهر ۾ به مون کي ياد ٿو اچي
ته لکي در کان گورنمينٽ هاءِ
اسڪول تائين آريه سماج يا
برهمو سماج وارن پاران پاڻي
جا مٽ رکيل هوندا هئا. انهن
وٽ ماڻهو جيڪي ويٺا هوندا
هئا، اهي ڇولا يا ڀڳڙا به
رکندا هئا، پاڻي جا مٽ ساڳيا
هوندا هئا، پر گلاس پيئڻ لاءِ
الڳ هوندا هئا ۽ کائڻ لاءِ
چڻا يا ڀڳڙا ڏيندا هئا.
ستار: سائين
منهنجو سوال ته رهجي ويو. جو
سوال هو ته انهن تحريڪن جو
ادب تي ڪهڙو اثر پيو؟
نورالدين سرڪي:
ادب تي اثر اهو پيو جو مسلمان
اديبن مسلم ادب پيدا ڪيو
گهڻو تڻو علامه اقبال جا
شيدائي هئا، ان حد تائين جو
شيخ اياز به علامه اقبال جو
شيدائي هو، شڪارپور ۾ علامه
اقبال تي ليڪچر ڏيندو هو. مون
کي ياد آهي 1945ع ۾ جڏهن هو
بي اي پاس ڪري ڪراچي هليو ويو
هو، پوءِ
جڏهن شڪارپور ايندو هو ته
محمد علي لائبريري هوندي هئي،
اتي اسين 15-20 مسلم شاگرد گڏ
ٿيندا هئاسون ته انهن کي
علامه اقبال تي ليڪچر ڏيندو
هو. شڪارپور ۾ هڪڙو عجيب
ماڻهو هوندو هو، جنهن مون کي
ڏاڍو متاثر ڪيو. اهو هڪڙو
پنجابي هو، حقيقت ۾ پنجابي
ڊکڻ هو، سندس نالو غلام محمد
هو. صدر ۾ سندن دڪان هو، صبح
جو پنهنجي والد سان ڊکاڻڪي
ڪندو هو. شام جو هو ٽريڊ
يونين ۾ ڪميونسٽ ڪارڪن طور ڪم
ڪندو هو. شڪارپور ۾ هڪڙي
ڪرشنا منڊلي نالي لائبريري
هوندي هئي، اتي وڃي ڪتاب
پڙهندو هو، ان لائبريري ۾ سڄي
هندوستان جون اخبارون سنڌي،
اردو ضرور اينديون هيون، هي
به اتي ويهندو پڙهندو هو،
شڪارپور ۾ هن جي ٽريڊ يونين
هوندي هئي، اهو به علامه
اقبال جو شيدائي هو، علامه
اقبال جا شعر:
اٺو ميري دنيا ڪي غريبون ڪو
جگادو
علامه اقبال جا اهڙا تمام
گهڻا شعر اسان کي ياد هوندا
هئا. هو اسان کي ادب
پڙهائيندو هو. علامه اقبال جا
اهڙا جيڪي ترقي پسند خيال
هئا، اهي ٻڌائي مسلمانن کي
تمام گهڻو متاثر ڪيائين. ان
زماني ۾ علامه اقبال
۽
عام طور مسلمانن جو اهو خيال
هو ته سوشلزم واڌو خدا برابر
اسلام. اها فارمولا ٺاهي وئي
هئي. هونءَ ڏٺو وڃي ته اسلام
۽ سوشلزم ۾ هڪڙي ڳالهه برابر
آهي، اها تمام خوبصورت ڳالهه
آهي ته پئسو پئسي کي نه
ڪمائي، اسلام ۾ وياج حرام
آهي، اها ڳالهه آهي پئسو پئسي
کي نه ڪمائڻ جي، مزدور جي عزت
هجي. انسان پئسو ڪمائي . دنيا
۾ ٻه قومون اهڙيون آهن جن وٽ
وياج جائز آهي، اهي آهن هڪ
يهودي ٻي هندو. ان ڪري دنيا ۾
سرمائيداري نظام وياج کان
سواءِ نه ٿو ٺهي سگهي. دولت
جو ڪٺي ٿيڻ
Formulation of wealth
جنهن کي چئجي، موڙي يا پونجي
هوندي ته ڪارخانا ٺهندا،
ڪاروبار هلندو. اڄڪلهه جيئن
پاڪستان منجهي پيو آهي نفعي
کان سواءِ ڪاروبار ڪيئن هلي.
اسان جيڪي مسلمان هئاسون،
سنڌ جا سڀ پڙهيل لکيل مسلمان
هئا، اهي گهڻوڪري وچولي طبقي
جا هئا، اسان کي ڏاڍو سٺو پئي
لڳ ته هي غريبي اميريءَ جو
فرق ختم ٿيندو. اسلام عام طور
جيڪي ڳالهيون پيش ڪيون ته
مساوات، اخوات آهي، جب آگيا
وقت نماز
ايڪ هي صف مين کڙي هوگئي
محمود و اياز
نه ڪوئي بنده رها
نه ڪوئي بنده نواز
اهڙي قسم جون ڳالهيون اسان کي
پاڻ ڏانهن ڏاڍو ڇڪينديون
هيون. اهڙين ڳالهين هوندي
اسلام ۾ سوشلزم آهي،
سرمائيداري ختم ٿيڻ کپي. پر
اسان اڄ ڏينهن تائين اها
ڳالهه نه ٿا سمجهون ته
سرمائيداريءَ کان سواءِ
سوشلزم نه ٿي اچي سگهي، ڇاڪاڻ
ته سماج جي اوسر لاءِ
جاگيرداري دور کان اسان
سرمائيداريءَ ڏانهن نه ٿا
وڃون ۽ صنعتي ترقي جيسين ملڪ
۾ نٿي ٿئي، ته نه مزدور طبقو
جڙندو، نه ئي سوشلزم جي تحريڪ
هلي سگهي ٿي، مون کي مرحوم
مير رسول بخش ٽالپر جي هڪڙي
ڳالهه ڏاڍي وڻندي هئي، هڪ
ڀيري
|