مان سائين جي .ايم. سيد کان سڀني کان وڌيڪ متاثر آهيان

بلوچ صحبت علي ۽ اي رحمان ملڪ

 

سوال :  پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ٻڌاي؟

جواب: 5 مارچ 1927ع ۾ شڪارپور شهر جي عطا محمد جي پاڙي ۾ منشي ڪمال الدين سرڪي جيڪو ان وقت شڪارپور ۾ هڪڙي خانگي گرين سيل ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ منشي هيو. خان صاحب گل حسن خان پٺاڻ خيرپور رياست جو رٽائرڊ نائب وزر شڪارپور ۾ پنهنجي قسم جي پهرئين Co-operative   جو بنياد رکيو. منهنجي زندگي جا شروعاتي ست سال ماءُ، پيءُ جي پرورش ۾ نهايت آرام سان گذريا. 1934ع ۾ ستن سالن جي عمر ۾ والد گذاري ويو. ان زماني ۾ مان پهرئين در جي سنڌي ۾ هوس، شڪارپور جي سويدر محلي ۾ ورنيڪيولر اسڪول (نادر واري اسڪول)۾  چار درجا سنڌي جا پاس ڪري شڪارپور جي خانگي اسڪول نيو ايرا (New Era)  ۾ داخلا ورتي. حقيقت ۾ بابا جي گذاري وڃڻ کانپوءِ اسانجي مالي حالت نهايت ڪمزورٿي وئي هئي، ڇاڪاڻ ته سواءِ هڪ پڪي گهر جي اسان جي بابا ٻي ڪا به ملڪيت نه ڇڏي هئي. وري به شاباس هجي گل حسن خان پٺاڻ کي جنهن جي سهڪار سان مان 1945ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان مئٽرڪ جو امتحان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيو. پوءِ مئٽرڪ پاس ڪري شڪارپور جي C&S چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ ٻه سال سائنس جا 1947ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري ڪراچي ۾ NED  يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. 1947ع  ۾ منهنجي تعليم انڪري جاري رهي نه سگھي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٺهڻ سان جيڪا سياسي سماجي اٿل پٿل ٿي ان ۾ سنڌي شاگردن جي تحريڪ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان سنڌي قوم ۽ سنڌ جي حقن جي جدوجهد شروع ٿي ۽ان ۾ منهنجي پاران بهرو وٺڻ جي  نتيجي ۾ تعليم اڌ ۾ رهجي وئي. 1949ع ۾ انجنئرنگ ڪاليج جي ٻئي سال ۾ مان فيل ٿيس ۽ پڙهڻ ڇڏي ڏنم . انهي وچ ۾ لڳ ڀڳ 1948ع ۾ شيخ اياز جي مون کي پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي جي حسن ناصر جي  حوالي ڪيو.  انهي سلسلي ۾ ڪراچي ۾ انجمن ترقي پسند منصفين جي هفتيوار بيٺڪن ۾ باقائدگيءَ سان شامل ٿيندو هوس. 1949ع ۾ ڪل پاڪستان انجمن ترقي پسند منصفين جي پهرئين ڪانفرنس لاهور ۾ ٿي، جنهن ۾ اردو اديبن شاعرن جهڙوڪ ابراهيم، عارفي جلالي، ظهور نذر ۽ ٻين سان گڏ مان پڻ هڪ سنڌي ترقي پسند اديب جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو هوس. اتان موٽڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ سنڌي اديبن انجمن ترقي پسند مضمنين (سنڌي اديبن) جي نالي هيٺ جماعت ٺاهي، پنهنجي هفتيوار گڏجاڻي منهنجي ڪمري 74 مٺا رام هاسٽل ۾ باقائدي ٿيندي هئي. ان گڏجاڻي ۾ احسان بدوي ، نياز همايوني، قادر بخش نظاماڻي، عبدالغفور انصاري، ساقي سجاولي، اياز قادري، جمال ابڙو ايندا هئا، جنهن ۾ تنقيدي ورڪشاپ به ٿيندي هئي. ۽ دوست نثر، نظم پيش ڪندا هئا، جنهن تي باقائدي تنقيد ٿيندي هئي. ان زماني ۾ ڪميونسٽ پارٽي طرفان هڪ هفتيوار اخبار ”صداقت“ جي نالي سان جاري ٿي جنهن جو ايڊيٽر ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي هو۽  ان جا ٻيا لکندڙ محمد ابراهيم جويو، ابن الياس سومرو، ع.. ق. شيخ، اياز قاري، جمال ابڙو، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا دوست هئا. هيءَ اخبار بنيادي طرح سياسي قسم جي هئي پر گهٽ ۾ گهٽ چار صفحا سنڌي ادب جي لاءِ به مقرر هئا. اسان جو دوست بشير مورياڻي به پنهنجي شاعري شروع ڪئي. جمال ابڙي پنهنجون ڪهاڻيون“ پيراڻي” ۽ “خميسي جو ڪوٽ” به ان ۾ چپرايون.

سوال: پنهنجي دور جي ادبي ماحول جو ۽ اڄ جي ادبي ماحول ۾ توهان کي ڪهڙي شئي منفرد لڳي ٿي؟

جواب: ان زماني ۾ ترقي پسند ادب جو زور هو. 1936ع ۾ جڏهن هندستان ۾ انجمن ترقي پسند منصفين جو بنياد پيو ته ان جو اثر سنڌي اديبن تي به پيو. ان دور ۾ سنڌ ۾ گوبند پنجابي، سوڀو گيانچنداڻي، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ شيخ اياز ترقي پسند نظرئي ۽ سوشلزم جي اثر هيٺ سنڌ ۾ نثر ۽ نظم به لکندا هئا. انهن سان گڏوگڏ، ٻيا به سنڌي اديب هيا، جهڙوڪ شيخ عبدالرزاق راز ۽ ٻيا جيڪي سوشلسٽ خيالن جا نه هوندي به پنهنجي پنهنجي نموني ۾ سماج جي زنجيرن کي ٽوڙڻ لاءِ رومانوي شاعري ۽ آکاڻيون لکندا هئا. انهيءَ زماني ۾ هڪڙا ٻيا دوست سوشلسٽ پارٽي سان به لاڳاپيل هئا، جيڪي ڪميونسٽ خيالن جا نه هئا. انهن ۾ خاص طور لڇمڻ راجپال ۽ رڪن الدين قاسمي پيش پيش هئا، ۽ هڪ ”سوشلسٽ“ هفتيوار اخبار ڪڍندا هئا. پوءِ ورهاڱي جي نتيجي ۾  وچولي طبقي وارا، پڙهيل لکيل، روشن خيال ۽ ترقي پسند، هندو دوست مجبورن ديس ڇڏي پرديسي ٿيا، ته ڪجهه وقت جي لاءِ هت سنڌ ۾ به ماٺار اچي وئي. پر پوءِ اٽڪل 1953ع ڌاري ٻين دوستن اياز قادري، پروفيسر احسان بدوي ۽ مسٽر موتي رام رامواڻي سان گڏجي جڏهن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ويو ته هڪ نئين پروگرام ۽ هڪ نئين جذبي سان ذري گهٽ غير سياسي ادب جي تخليق ٿي. سنڌي ادبي سنگت جي منشور مطابق سڀني سنڌي اديبن جو هڪ گڏيل مورچو، جنهن جو مقصد سنڌي ٻولي ۾ روشن خيالي، سائنسي سوچ ۽ انسان دوستي کي وڌائڻ لاءِ ادب پيدا ڪرڻ هو. ادبي سنگت جي ڪجهه شاخن گڏجي 1956ع ۾ ڪراچي ۾ پهرئين ڪنوينشن ڪوٺائي، جنهن ۾ پروفيسر اياز قادري کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. اصل ۾ ان زماني جا خاص قسم جا مسئلا هيا. مثال طور ٻاهرين ماڻهن جي آبادڪاري، جن جو علم، ادب، ٻولي، اسان سنڌين کان بنهه مختلف ۽ اسان جي مفادن جي بلڪل مخالف هئا انهن جي اچڻ سان 6 جنوري 1948ع تي ڪراچي ۾ سنڌي هندن جي خلاف فساد ٿيا. ان کانپوءِ بنگال ۾ ٻولي جي لاءِ تحريڪ شروع ٿي، ته ان جي حمايت، سنڌي اديبن به ڪئي، ڇاڪاڻ ته انهي ڳالهه ۾ اسان جي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو به خطرو محسوس ٿيو، ۽ ان کانپوءِ سازش ڪري ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪيائون . اڃان به اڳتي وڌي سنڌ جو وجود ختم ڪري اولهه پاڪستان جو هڪڙو ون يونٽ قائم ڪيائون. اهو سياسي ماحول 1948ع کان وٺي 1970ع تائين قائم رهيو. جنهن ۾ سنڌي شاگردن، سنڌي اديبن، هاري ڪارڪنن، سائين جي. ايم. سيد جي جماعت گڏجي هلچل هلائي. جيڪا آخر ون يونٽ جي خاتمي تي ختم ٿي. ان سڄي عرصي ۾ انهن سياسي، سماجي تهذيبي، ۽ ادبي مسئلن سنڌي اديبن ۽ شاعرن ۾ هڪ نئون تحرڪ پيدا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي ادب ۾ هڪ نئين قسم جو رجحان پيدا ٿيو ۽ انهي سڄي عرصي جي ادب ۾ سنڌيت ۽ سنڌي قوم جي سجاڳي، صاف نظر اچي ٿي.

سوال: اهي ڪهڙا ڪارڻ هيا جن اوهان کي لکڻ لاءِ قلم کڻڻ تي مجبور ڪيو؟

جواب:مون وڏي تڪليف ۽ جدوجهد سان تعليم حاصل ڪئي ۽ ان سڄي عرصي ۾ جيڪو مشاهدو ڪيو، جيڪو مطالعو ڪيو  يا استادن جيڪو ڪجهه لکرايو، پڙها يو، ان جي نتيجي ۾ پهرئين ادب پڙهڻ، پوءِ ادب لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. انگريزي اسڪول ۾ چار سال فارسي پرهائيءَ ويندي هئي. ان جي ڪري فارسي، اردو ۽ سنڌي ادب جو به اڀياس ڪيم ته ڄاڻ  ٿي ۽ لکڻ لاءِ به ڪوشش ڪئم. شروع ۾ شاعري جو شوق به هيو.شاعري به ڪجهه ڪيم.

مون به هڪ ٻه  عزل لکياجن مان هڪ ” آوازِسنڌ“  ۾55  -1954 ۾ ڇپيو هو.

ساٿيو آواز ڏيو، آهيو ڪٿي  ويجها اچو،

گڏ ٿيو ڪا ڳڻ ڪريو، ڪو پهه پچائيندا هلو.

سوال: اوهان ڪهڙين ادبي ۽ سياسي شخصيتن کان متاثر ٿيو؟

جواب ؛ لٿي پٿي مان سائين جي .ايم. سيد کان سڀني کان وڌيڪ متاثر آهيان. سائينءَ سان صحبت به گهڻي ٿي. 1948ع کان وٺي پڃاڙي تائين سائينءَ سان ڪچهري رهي. ڪڏهن ڪڏهن ٽيليفون ڪري گهرائيندو هو. حيدر بخش جي وفات تي سائين پاڻ فون ڪئي ته اچ ته گڏجي هلون. مون کي ٽن ماڻهن تمام گهڻو پيار ڪيو، شيخ اياز ، اياز قادري ۽ سيد سائين به  گهڻو ڀانيو، اڃان به  مون کي ڪنهن ننڍي يا وڏي دوست مايوس ڪونه ڪيو. هر ڪو پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي، پر ڪنهن به ڌوڪو ناهي ڏنو. ڌڪي ڌار ناهي ڪيو.

سوال: توهان جا جيڪي استاد رهيا، انهن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟

جواب: سنڌي اسڪول جي چوٿين درجي ۾ سائين خير محمد تمام هوشيار ماڻهو هو. انهي گهڻو متاثر ڪيو. نيو ارا ۾ ٽي استاد هيا. جن کان آئون گهڻو متاثر هئس. هيڊ ماستر، هاسانند پُرسواڻي، (چڪ جو ويٺل) ڀوڄ راڄ (گهوٽڪي جو) ۽ ٽيون کيئل داس فاني. ٽئي استاد نهايت ئي هوشيار، هڏ ڏوکي، پيار محبت ڪرڻ وارا هئا.هي ڪائنات هڪ نهايت حيرت واري ڳالهه آهي، جنهن کي فقط عقل ۽ سائنس جي مدد سان سڃاڻي سگهجي ٿو. باقي سڀ ڌُڪا آهن.قرآن ۾ جيترو زور فڪر ۽ عقل تي ڏنو ويو آهي، ڌرتي جي گردش کي، ڏينهن رات کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو. عقل جي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته ايڪوهين صديءَ، عقل ۽ سائنس جي صدي آهي. انسان جي آجپي جي صدي آهي، روشن خيالي ۽ انساني ڀائپي ۽ برابري جي صدي آهي. هي صدي امن ۽ انصاف جي صدي آهي. هن صديءَ ۾ ئي جهيڙا، فساد، جنگيون هميشه لاءِ ختم ٿي وينديون.

سوال: سائين جي. ايم.سيد جي سنڌوديش لاءِ ڪيل جدوجهد ۾ اوهان ڪيترو بهرو ورتو ۽ ڪيتري قدر مطمئن رهيو؟

جواب: سائين جي. ايم. سيد جو سڀ کان وڏو ڪم اهو آهي ته هُن هن ملڪ ۾ سڀ کان پهرئين ”قوميت“ جو نئون تصور ڏنو. زمين جي مناسبت سان دين ڌرم، رنگ نسل کان مٿانهون ٿي. جنهن کي اسين سيڪيولر تصور چوندا آهيون اهو ڏنو.گهڻي وقت کان هڪ علائقي ۾ رهندڙ ساڳي ٻولي، ساڳي تهذيب، ساڳي جاگرافي رکندڙ هڪ قوم آهيون. ۽ ماڻهن کي ٻين سڀني ڳالهين کي ڇڏي ڌرتي جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. بنگال سان تعلق رکندڙ بنگالي آهن، سنڌ سان تعلق سنڌين جو آهي. سائينءَ جي چوڻ مطابق مذهب جو قوميت سان ڪو به تعلق ڪونهي. ان لاءِ مون اڳ ۾ سائينءَ جي سالگرهه جي موقعي تي چيو هو ته سائين جي. ايم. سيد اسان کي ٻڌايو ته “سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ”...؟ هاڻي ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته اسان پاڻ کان پڇون ۽ ٻين کي ٻڌايون ته “سنڌو ديش ڪيئن ۽ ڪنهن لاءِ.” ان ڳالهه جي چٽائي ٿيڻ کپي. ان ڳالهه جو پروگرام ٿيڻ کپي. سنڌي قوم پرست انهيءَ ڪوشش ۾ برابر جدوجهد جاري رکيو اچن ٿا. اسان سڀني کي گهر جي ته ذاتي مفادن کان مٿانهان ٿي، جنهن به گروپ يا پارٽيءَ جو پروگرام پسند پوي ان سان شامل ٿيون ۽ ڪم کي اڳتي وڌايون. اجايون رنڊڪون وجهڻ بدران، بهتر آهي ته گڏجي سنڌ جي مفاد ۾ سنڌ جي لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪرڻ  ۽ سنڌ جي حق خود اختياريءَ يا صوبائي خود مختياريءَ جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ گهرجي . فقط ڳالهين ڪرڻ مان ڪجهه به نه ورندو ۽ خاص طرح جيستائين گذريل سالن ۾ جيڪي وهيو واپرايو آهي ان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي ۽ خاص طرح اسان سڀني کان جيتريون به غلطيون ٿيون آهن، ان جي پوري طرح جاچ ٿيڻ کپي. تنقيد ٿيڻ کپي، پر تنقيد؛ تنقيد جي لاءِ نه پر تنقيد سنڌ جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ٿيڻ کپي.

سوال: سنڌ ۾ ڪيتريون پارٽيون وجود ۾ اچي چڪيون آهن، جڏهن ته مان سمجهان ٿو ته ڪابه پارٽي عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه وئي آهي، ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟

جواب: مان ائين ڪونه چوندس ته پارٽيون ناڪام بڻجي چڪيون آهن، پر ايترو ضرور آهي ته ڪامياب ڪونه ٿيون آهن . اڃان تائين سنڌي ۾ چوندا آهن ته ”ڀڳي سان ٿي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي“ ائين چوڻ ته سنڌ جون سياسي پارٽيون خاص طرح قومپرست پارٽيون، ڪامياب به نه ٿيون آهن، ان کان بهتر آهي ته اسين پاڻ کان پڇون ته اسان انهن سان ڪيترو ساٿ ڏنو آهي.سٺي ڪم جي لاءِ هر وقت ۽ هر هنڌ ضرورت آهي. نئين سياسي جماعت، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي (سنڌ اتحاد پارٽي اڃا ڪالهه ٺاهي وئي آهي) سٺي ڳالهه آهي . گذريل چئن مهينن کان لڳاتار جدوجهد ۾ آهن، سڄي سنڌ ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا، جدا جدا شهرن ۾ ماڻهن سان ملڻ سان ۽ جنهن نموني ڪم ڪري رهيا آهن، ان مان اميد رکڻ کپي ته ڪجهه نه ڪجهه ڪري ڏيکاريندا. منهنجي خيال ۾ ته هن وقت پاڪستان ۾ ان حوالي سان سنڌ ۾ جيڪا سياسي سماجي هوا لڳي ٿي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته نه رڳو، سنڌ اتحاد پارٽي پر سڀني قومپرست جماعتن جي لاءِ هڪ وڏي چيلنج آهي کين مقابلو ڪرڻو آهي. سنڌ جي ماڻهن جا جيڪي بنيادي مسئلا آهن. سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي انهن کي ڪڏهن چٽائي سان ۽ باقائدي نه سمجهيو ويندو ۽ عام ماڻهن جي اڳيان اهي مسئلا نه رکيا ويندا ته مان ڀانيان ٿو ته ايندڙ هڪ سال ۾ فقط سنڌي سنڌي چوڻ سان، سنڌ جي خودمختياري ته ڇا، پر سنڌ جي آجپي ۽ آزاديءَ جون ڳالهيون ڪرڻ سان به مقصد حل ڪونه ٿيندو. انهن کي گهڻي ڪاميابي ڪونه حاصل ٿيندي. هي 2007ع جو سال نهايت ڏکيو ۽ آزمائش وارو سال آهي، جنهن ۾ سڀني دوستن کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مفاد لاءِ گڏجي ڪنهن متفق پروگرام تي عام ماڻهن کي گڏ ڪري عوامي جدوجهد طور اڳتي نه وڌندا ته ڪاميابي ڪونه حاصل ٿيندي.

سوال: بشير قريشي جي امن مارچ/پيغام سنڌ جي قافلي جي جدوجهد ڇا واقعي سنڌي قوم ۾ شعور پيدا ڪندي؟

جواب: پاڻي پاڻي چوڻ سان اڃ نه لهندي، نعري سان ڪو به مسئلو حل نه ٿيندو. پاڻ کي خطرو ان ڳالهه جو آهي ته سنڌي ماڻهو، بيزار ٿيندا ۽ نااميديءَ ۾ هليا ويندا. هر جدوجهد عقل جي بنياد تي هئڻ کپي، سنڌ جي عاشقن کي به عقل کان ڪم وٺڻ کپي. جذبات ڪافي ناهي، ڇاڪاڻ ته عاشقي هميشه صبر طلب آ، عشق ڪرڻ لاءِ به عقل جي ضرورت پوي ٿي ۽ ساڳي وقت دنيا جو ڪو به ڪم عقل سان ڪرڻ کپي.

ترسم   به   ڪعبي   نه   رسي  اي  اعرابي.

که راه  تو مي روي، مي رود بحراسقتان.

معنيٰ: اي اعرابي عرب تون ڪعبي نه پهچي سگهندين، ڇو ته اهو رستو ترڪمانستان ٿو وڃي

 يا عقل ري عذاب گهڻا پسندينءَ جندڙي.

سوال: جديد سنڌي ادب جي معيار مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟

جواب: افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌي ادب ۾ رڳو شاعري ئي شاعري پئي نظر اچي، حقيقت ۾ ملڪي سماجي مسئلن تي گهري نظر رکڻ وارا اديب ئي سٺو ۽ عظيم ادب پيدا ڪري سگهن ٿا. گذريل سٺ سالن ۾ سنڌي ۽ سنڌين سان جيڪا جُٺ ٿي آهي، ان بابت ڪو به ڪيڏارو يا سٺو ناول ڪونه ٿو نظر اچي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌي شاعري نه رڳو گذريل سٺ سالن کان پرگذريل 500 سالن کان قاضي قادن کان وٺي هن مهل تائين احتجاج واري ۽ مزاحمتي شاعري آهي. ڇاڪاڻ ته قاضي قادن کان وٺي انگريزن جي اچڻ تائين هر دور ۾ فارسي سرڪاري ٻولي هئي، پر اسان جي سجاڳ ۽ سڄاڻ شاعرن پنهنجي شاعري سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي. ۽ ايراني توڙي اردو شاعرن جي ابتڙ سنڌي شاعر درٻار سان واسطو نه رکيو. جنهن قوم ۾ صفا اڻپڙهيل ماڻهو 24 ڪلاڪن جي زندگي ۾ پيار ڪري ٿو، پورهيو ڪري ٿو، ناراض ٿئي ٿو، خوش ٿئي ٿو، ڪنهن تي ڏمرجي ٿو انهن جذبن جو اظهار سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ ئي ڪافي آهي. پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي ٻولي ۾ نوان خيال هجن، نون مسئلن کي سمجهڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جون ڳالهيون هجن، تڏهن سنڌي ٻولي اڳتي وڌي سگهندي.

سوال: عدليه جي لاءِ وڪيلن جي جدوجهد  ڪيتري قدر فائديمند ثابت ٿيندي؟

جواب: پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو وڪيلن، قانون ۽ قانون جي بالادستي ۽ عدالتن جي آزاديءَ جي مسئلي کي گڏجي کنيو آهي ۽ گذريل ٽن هفتن کان سڄي پاڪستان ۾ ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيا آهن، اميد آهي ته اهڙي طرح پاڪستان جون سڀئي سياسي جماعتون به ان مسئلي کي ۽ ان کان سواءِ پاڪستان جي ٻين مسئلن کي ۽ خاص طور جمهوريت جي مسئلي کي گڏجي حل ڪنديون. هي سال اليڪشن جو سال آهي ۽ اميد ته مخالفت ۾ ويٺل ٻيون ننڍيون وڏيون پارٽيون گڏجي پاڪستان ۾ جمهوريت کي هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو ڏينديون.

سوال: توهان ڪهڙي ڪتاب کان متاثر ٿيا؟

جواب: مون کي سڀ کان وڌيڪ جنهن ڪتاب متاثر ڪيو اهو مون ترجمو ڪيو آهي.“ نيٺ ڇاڪجي”، ٽالسٽاءِ جو ناول آهي.

What then must we do?

سوال: ڪهڙن شاعرن توهان کي متاثر ڪيو؟

جواب: شاعرن ۾: حافظ شيرازي، اردو ۾ غالب ۽ فيض ۽ سنڌي ۾ لطيف ۽ شيخ اياز.

سوال: توهان جيئن ته سنڌي ادبي سنگت جي بنيادي فائونڊرس مان آهيو، تنهنڪري سنڌي ادبي سنگت  کي فعال رکڻ لاءِ توهان ڪهڙا مشورا ڏيندا؟

جواب: هن صديءَ ۾ مذهب جو موت، ان سان مطمئن نه  آهيون. هي صدي مذهب جو موت ناهي . حقيقت ۾ مذهب جي ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ ته سٺي سٿري ٿيڻ لاءِ ڪنهن به مذهب جي ضرورت ناهي. مذهبي خيال، عقيدا، ٻئي کي مجبور نه ڪري سگھيا آهن .

ان پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين،

دغا تنهنجي دل ۾ شرڪ ۽ شيطان،

منهن ۾ مسلمان، اندر آزرآهئين.

ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر م ڪوٺاءِ،

هندو هڏ م آهئين. جڻيو توم جڳاءِ،

تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.

جيڪو پنهنجي عقيدي سان سچو آهي، اهو ئي مومن آهي.

سوال:  توهان جي ڪا خوبصورت پسند؟

جواب: هر سهڻي صورت پسند اچي ٿي. پر فقط صورت نه سيرت به . سيرت به ايتري ضروري آهي، جيتري صورت ڇو ته صورت فاني آ، سيرت باقي آ. شادي کان اڳ ۾ عشق ڪرڻ کان ضروري آهي ته شادي کانپوءِ عشق ڪجي. جيڪا توهان جي دوست آ، توهان سان 24 ڪلاڪ گڏ آ ڏک سک ۾ گڏآهي

 

تنهن عشق کي شاباس جنهن محبتي ميڙيا

-*-

 

ڪتاب آن لائن، هوم

سوانح حيات 

نورالدين سرڪي آدرشي انسان

 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >