ورهانڱي کان اڳ سنڌ ۾ سڀ سنڌي هئا :  نور الدين سرڪي

 

تاج بلوچ ۽ عاجز جمالي

نوٽ

ورهاڱي کان پوءِ هر نوعيت جي گهوٽالي کي منهن ڏيڻ ۽ سنڌ جي سماجي، سياسي، معاشي ۽ ادبي وايو منڊل کي بهتر بنياد مهيا ڪري ڏيڻ ۽ ورهاڱي کان اڳ جيڪا ٿوري گهڻي ۽ انڌي ڪاڻي جاڳرتا پيدا ٿي هئي ۽ روشن خياليءَ جي هلڪي لهر جيڪا مشڪل سان جاڳي هئي سا اجهامڻ تي هئي، اهڙي اونداهي ماحول کي روشن افق بخشڻ لاءِ سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن جون وڏيون قربانيون آهن.

مسلم ليگ جي ٻاهران لڏي آيل اڳواڻن، جناح صاحب مرحوم جي وڏڙي ڄمار ۽ علالت مان فائدو وٺندي، خاص طرح سان سنڌ ۾ پنهنجا سياسي تڪ ٺاهڻ لاءِ سمورن اخلاقي قدرن کي ميساري اهڙو ته نفسا نفسي جو ماحول قائم ڪيو ۽ مڏيون ۽ ملڪيتون  جوڙڻ واري سائڪي کي هٿي ڏئي هتان جي سادن ۽ مصعوم ماڻهن کي به منفي طريقي سان اتساهيو ،جن ماضيءَ جيان ڪنهن نوعيت جي خير جي ڪم ڪرڻ بدران، نوٽ وٺڻ جو وهنوار شروع ڪري ڏنو ۽ سنڌ اندر مخلتف تحريڪن جي اثر هيٺ خرد افروزيءَ جو جيڪو سلسلو جڙي پيو هو اهو نگهو سار ٿيڻ تي هو.

عام  طرح سان ملڪي سطح تي ۽ خاص طرح سان سنڌ ليول تي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڃان به اهڙا ڪي ماڻهو ضرور موجود هئا، جن جي دلين ۾ وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ سياسي ليڊرن جي ستايل مسڪين ۽ محڪوم مخلوق جي اقتصادي ڇوٽڪاري جو فڪر مٿڀرائيءَ جو وڏو درد موجود هو ۽ اڄ سنڌ جنهن فڪري تناظر ۾ موجود آهي انهيءَ کي اهڙي روشن خياليءَ ۽ عام ماڻهوءُ جي درد تي ڦٿڪي پوڻ واري جذبي جي پويان انهن چند ماڻهن جو هٿ آهي، جن ڏکين حالتن ۾ رهندي به عام ماڻهن جي ڏکيائين ۽ پيڙائن کي جهڪو ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ سنڌ جي سياسي جاڳرتا ۾ نوان لاڙا قائم ڪيا. انهن ۾ محترم ڪامريڊ نورالدين سرڪيءَ جو نالو سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو.

سرڪيءَ جو نالو هن وقت سنڌ جي چوٽي جي قانوني ماهرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. انهيءَ منزل تي پهچڻ لاءِ ڪامريڊ سرڪي به اهي لڪ ضرور لتاڙيا، جيڪي  ٻين ماڻهن جي راهه ۾ وڏي رنڊڪ هئا.

سٺ واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي فڪري تناظر ۾ هڪ پيڙهيءَ پٺيان، جڏهن اسان واري ٽهي، عملي ميدان ۾ لٿي ته انهيءَ لاءِ ڪو ٺهيل ٺڪيل گس يا اڳواڻ نه هو. هڪ ٻه فرد جي هئا، به ته انهن جون سياسي ترجيحات سڀني لاءِ هڪ جهڙيون ۽ هڪ جيتريون قبولڻ جوڳيون نه هيون. ٻين ماڳن ۾ سوويت يونين مارڪسز جي فڪري ۽ عملي استحڪام ۽ ان جي تضادم ۾ آيل مائو ازم ٻه اهڙيون اهم  فڪري ڌارائون هيون، جن اسان واري ٽهيءَ کي انتها پسند قوم پرستي واري جنون کان گهڻو مٿي کڻي ويئي ۽  پاڪستان ۾ سوشلزم جي فڪري ۽ عملي نفاذ لاءِ ڪم جي شروعات ٿي يا شروع ٿيل ڪم جي توسيع لاءِ هلچل شروع ٿي.

سنڌ ۽ پنجاب ۾ سوشلزم جي فڪري نفاذ لاءِ ڪيئي ڌڙا هئا، جيڪي انهن لائينز تي اڳ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، سنڌ ۾ خاص طرح سان سنڌيادبي سنگت، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڻ الحاقيل هيٺين تنظيم هئي، جنهن مظلوم طبقن جي مٿڀرائي ۽ غير طبقاتي معاشري کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ ادبي تناظر ۾ گهليل رنگ ۽ رمزيت ڪم ڪيو ۽ جڏهن ڳاڙهي رنگ جو ڪتاب هٿ ۾ کڻڻ وارن کي  معاف نه  ڪرڻ جهڙو گناهه هو ،تڏهن اسان سرڪي  صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ فڪري تبديليءَ لاءِ علم کنيو .

اسين جڏهن سنگت ۾ آياسين ته سرڪي  صاحب جو پارٽيءَ سان ڪو لاڳاپو ئي نه رهيو هو، بلڪه  سنڌي دانشورن ۽ اردو ڳالهائيندڙ دانشورن جي وچ ۾ ڪجهه غلط فهمين جي بنياد تي هڪ اڻ لکائتي وٿي پيدا ٿي چڪي هئي . جنهن کي اسان واري پيڙهي اچي نه فقط پرڪيو، پر هڪ وڻندڙ وايو منڊل کي جنم ڏنو ۽ ٻن ڌار ڌار ٻولين ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ٿي پئي . جنهن کي هاڻ وڌيڪ استحڪام حاصل ٿي رهيو  آهي.

انهي سموري  perspective ۾ ڪراچيءَ ۾ فقط نورالدين سرڪي صاحب ئي اڪيلو شخص هو، جنهن اسان واري ٽهي جي فڪري آبياري ڪئي ۽ ڪيترن ئي تضادن کي تکو ڪري تضادن جو سينٿيسس ڪيو ۽ ڏتڙيل طبقن جي لاءِ ماڻهپي جهڙي جياپي  لاءِ ادب ۽سياست جي نئين پيڙهي کي سنگرام تي وڃڻ جوڳو بڻايو.

نورالدين سرڪي صاحب پاڻ ترقي پسند قوم پرست، سياسي رهبر، وڪيل اديب، مترجم، شاعر قومي ڪارڪن ۽ مارڪسوادي نقاد آهي. سندس لاڳاپو سنڌ جي پئرس شڪارپور سان آهي، جنهن شهر سنڌ ۾ بي انت ۽ انتهائي احترام جوڳين شخصيتن کي جنم ڏنو، جن زندگي جي مختلف شعبن ۾ وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا.اهڙي محترم، سماجي شخصيت ۽ زندگي جي روشن افق سان ڪچهري پڪ اٿئون ته لاڀ  جوڳي ثابت ٿيندي ۽ ماضيءَ جي جهروڪن ۾ جهاتي پائڻ سان شايد ڪا آسيس ملي، مون سائين کان سوال ڪيو. 

 

انٽرويو

تاج- پهريون گذارش ته اها آهي ته توهان سنڌي سماج جا فڪري سڌارڪ رهيا آهيو، هر ٽهيءَ جي توهان سياسي،  ادبي ۽ اخلاقي طور تي تربيت ڪئي آهي ۽ شخصي طور وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. توهان ٻڌايو ته  ورهاڱي کان اڳ سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ ادبي طور جيڪا حالت هئي انهن جي اڄوڪين حالتن سان ڪئين ٿا ڀيٽ ڪيو ؟

سرڪي: هاڻ ورهاڱي کان اڳ واري  صورتحال  کان بلڪل مختلف آهي، سڄو منظر مختلف آهي، ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ سڀ سنڌي هئا، هندو به سنڌي هئا ته مسلمان به سنڌي هئا. ادبي لحاظ کان ڏسجي ته سنڌي ادب لاءِ سڀ گڏجي ڪوشش ڪري رهيا هئا. حقيقت هيءَ آهي ته ورهاڱي کان ڏهه پندرهن سال اڳ حالت تبديل ٿي هئي. حقيقت ۾ انهن هندستاني سنڏين 1920 کان 9124ع تائين هندو مسلمان ايڪتا لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي ۽ ڪافي حد تائين ڪاميابي به ماڻي، ايتري قدر جو خلافت جي تحريڪ ۾ ڪانگريس ۽ مهاتما گانڌي مدد ڪئي. منهنجي خيال ۾ خلافت تحريڪ ٽٽڻ کانپوءِ جيڪو دور آيو، انهي کانپوءِ هندستان ۾ هندو مسلمان ڇڪتاڻ جي شروعات ٿي.ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ان قسم جي پولرائيزيشن شروع ٿي ته هيءَ  هندو آهي هي ‎ءُ مسلمان آهي. ريلوي پليٽ فارم تي هندو پاڻي الڳ ته مسلم پاڻي الڳ رکيا ويا. ادب ۾ ڏسجي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ هن علائقي ۾ مسلمان ليکڪ سنڌي ٻوليءَ ۾  عربي ۽ فارسي لفظ ٽنبڻ لڳا ۽ ٻئي طرف  وري هندو اديب سنڌي ٻوليءَ ۾ هندي لفظ ٽنبڻ لڳا.

ورهاڱي کان اڳ اسڪولن، ڪاليجن ۽ درسگاهن ۾ گهڻو ڪري هندو استاد هوندا هئا سواءِ چند مدرسن يا نور محمد هاءِ اسڪول  حيدر آباد ، سنڌ مدرسي  يا لوڪل بورڊ جي اسڪولن جي. جيڪي مسلمان زميندارن طرفان مسلمان شاگردن لاءِ جاري ٿيل  هئا. باقي جيڪي خانگي اسڪول هئا، مثال مان شڪارپور ۾ پڙهيو آهيان شڪار پور ۾ هڪ سرڪاري اسڪول هئو ان ۾ ويهه ٻاويهه استاد هئا، جن مان مشڪل سان هڪڙو استاد مسلمان هئو، باقي جيڪي ٽي چار اسڪول هئا انهن مان هڪڙو مشڪل سان اسڪول هئو، نيو ايرا جنهن ۾ پنج درجا پڙهائيندا هئا، انهي ۾ به سڀ هندو ماستر هئا، مالڪ به هندو هوندا هئا. مسلمان شاگردن جو انگ مشڪل سان پنج سيڪڙو هوندو هو، پر مان نه ٿو ڀائيان  ته اسان کي ڪڏهن ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته هندو استادن ڪنهن مسلمان شاگرد سان ڪا به اکيائي ڏيکاري هجي. اسان سان انهن جي شفقت پيءُ ماءُ جهڙي هوندي هئي. ان زماني ۾ استادن جي  مهرباني ۽ توجهه جي ڪري تعليمي درسگاهن مان اديب پيدا ٿيندا هئا، ۽ اهي ماستريءَ کي باقائده پيشو ڪري هلائيندا هئا ته في الحال ماستري ڪنداسين ۽ بعد ۾ وڃي ٻي ڪا نوڪري يا ڪو ٻيو ڌنڌو ڪنداسين. اهي دل و جان سان پورو وقت باقائده استاد هوندو هئا. جيتوڻيڪ اهي ڪي وڏا عالم فاضل ڪو نه هوندا هئا، فقط ميٽرڪ پاس ئي هوندا هئا، ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ استاد ايم. اي ، بي. اي هوندا هئا،  نه ته گهڻو ڪري ميٽرڪ پاس هوندا هئا. سائين کيئل داس فاني اسان جو استاد هوندو هئو، جيڪو اياز جو به استاد هئو، اهو به ميٽرڪ پاس هو پر اهي ننڍي هوندي کان وٺي ادب پڙهندا ۽ پڙهائيندا هئا. مون کي ياد آهي ته چوٿين درجي انگريزي ۾ رديف، قافيو، سمجهه ۾ ايندوهو ۽ ادب ڏانهن شوق وڌندو هو ۽ اسڪول به خانگي هيا. اسان جي اسڪولي نصاب ۾ ٽالسٽاءِ جون آکاڻيون به هونديون هيون، جيڪي اسان ان وقت پڙهندا هئاسين  سارو ماحول علم ۽ ادب جو هئو، ادب سان گڏ پڙهائي ۽ ٻيا ڪم ڪاريون به ڪندا هئا سين مثال. ان زماني ۾ سنڌو رسالو جيڪو 1932ع کان نڪرندو هئو ۽ شڪارپور مان ان جي شروعات ٿي. بولچند راجپال ان جو مالڪ هئو سو اصل ميان جي ڳوٺ جو هو ۽ پنهنجي پريس هوندي هيس. انهي رسالي ۾ ڪافي عرصي تائين تقريبن ورهاڱي تائين هندو به لکندا هئا ۽ مسلمان به.انهي حد تائين جو ڪنهن زماني ۾ ٺل وارو شاعر قادر بخش بشير به انهيءَ رسالي  ۾ لکندو هئو، اصل ۾ هن جو نالو قادر بخش حقير هو پر پوءِ بشير ٿيو. ان وقت شڪارپور واري استاد لطف الله بدويءَ جو نالو به بدوي نه پر لطف الله  جوڳي هيو.هڪ اديب دوست کين چيو ته پاڻ کي حقير چوائڻ، جوڳي چوائڻ پاڻ کي گهٽ سڏائڻ درحقيقت انسان جو خود پاڻ ۾ خود اعتمادي جي کوٽ جو اظهار آهي ۽ اڳتي وڌڻ جي خواهش ۾ رڪاوٽ آهي. انهيءَ ڪري پوءِ انهن پنهنجا نالا بدلايا. هڪ حقير مان بشير ۽ ٻئي جوڳي مان بدوي نالو رکيو. انهي رسالي ۾ انهن سڀني جا شعر ۽ مضمون ڇپجندا هئا. خود مرزا قليچ بيگ مرزا صاحب جو پٽ نادر بيگ، جيڪو بئريسٽر هو، اهو جديد سنڌي آکاڻي جو باني آهي، هينئر ٻڌو اٿم ته حيدر آباد مان ان جي اکاڻين جو مجموعو به ڇپيو آهي. انهن جون اکاڻيون به سنڌو رسالي م ڇپجنديون هيون .

تاج: پرهڪڙي ڳالهه ٻڌايو ته 1936ع ۾ ننڍي کنڊ ۾ جيڪا ترقي پسند تحريڪ شروع ٿي انهيءَ جا ڪي اثر سنڌي اديبن قبول ڪيا؟ جيئن توهان چيو ته نادر بيگ نئين ڪهاڻيءَ جو باني آهي، ته ان قسم جي اديبن به ترقي پسند تحريڪجا اثر قبول ڪيا هئا.

سرڪي: ضرور قبول ڪيا هئا، ڇاڪاڻ ته ترقي پسند اديبن هندستان ۾ 1936ع  ۾ جيڪا انجمن ترقي پسند مصنفين ٺاهي هئي انهيءُ ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو هئا. ان جي شروعات جن ماڻهن ڪئي سي ته هئا ڪميونيسٽ پارٽي واراجن ۾ سجاد ظهير ۽ ٻيا شامل هئا، پر اهڙا به اديب هئا جيڪي ڪميونيسٽ نه هئا، پر ترقي پسند تحريڪ ۾ اڳيان اڳيان هئا، جيئن منشي پريم چند ۽ اهڙا ٻيا. ترقي پسند ادب کي ٻن معنائن ۾ وٺي سگهي ٿو، هڪ ته اهو ترقي پسند ادب جنهن ۾ ليفٽ ازم هجي، جنهن سان باقائدي پارٽي مينيفيسٽو (منشور) مطابق سماج کي اڳتي وڌائجي، انقلاب آڻجي. ٻيا ترقي پسند اهي آهن، جن کي مان صحيح سمجهان ٿو، جيڪي سماجي حقيقتن ڏانهن روشن ۽ سيڪيولر ذهن رکندا هجن، پوءِ ڀلي اهي سياسي طرح ڪميونيسٽ نه به هجن ۽ ڪهڙي به سياسي پارٽي سان واسطو رکندا هجن. منهنجي خيال ۾ انهيءَ ڳالهه کي ئي ذهن ۾ رکي سنڌي ادبي سنگت جو پڌرنامو لکيو ويو هيو. اهو پڌرنامو 1956ع واري  پهرين ڪنوينشن ۾ اسان ٽن ڄڻن گڏجي لکيو هئو. اڃان به ٻن ڄڻن جن ۾  اياز قادري ۽ مان هئاسون ان لاءِ اسان هن ڳالهه جو خاص طرح خيال رکيو هئو ته اسان جي سنڌي ادبي سنگت ڪميونسٽ پارٽي جي ماتحت نه رهندي.

عاجز: سائين اهو به ٻڌائيندا هلو ته سنڌي ادبي سنگت جي انهي آئيڊيا پٺيان ڪميونسٽ پارٽيءَ جو هٿ يا تصور هئو يا نه؟

سرڪي: مان هتي 1948ع ۾ ڪميونيسٽ پارٽيءُ ۾ شريڪ ٿيس، مون کي شيخ اياز ئي ڪامريڊ حسن ناصر سان واقفيت ڪرائي.هڪڙو دوست  جيڪو سندس به دوست هئو  ۽ منهنجو به دوست هئو...........

تاج: مونس؟

سرڪيِ: ها مونس ،  مونس جو پارٽيءَ سان سڌو واسطو ڪو نه هوندو هيو، هڪ ٻيو دوست ولايت جيڪو ڪامريڊ اشرف علي جو ننڍو ڀاءُ هو، ڪامريڊ اشرف علي جنهن جو ذڪر شيخ اياز بار  بار ڪيو آهي، اصل ۾ اشرف علي ورهاڱي کان پوءِ پارٽيءَ کان الڳ ٿي ويو هو، باقي سندس ڀاءُ ڪميونسٽ پارٽيءُ جو باقائده سرگرم ميمبر هو. هڪ ڀيري ولايت ،مونس ۽ شيخ اياز  ٽئي گڏجي مون وٽ مٺارام هاسٽل تي آيا. ان ڏينهن شيخ اياز مون کي چيو ته سنڌين طرفان تون اسان جو نمائيندو آهين. پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ مون ڏٺو ته ڪراچي شهر ۾ ان وقت چار پنج فرنٽ هئا، مان ڪميونيسٽ پارٽيءَ جي انهن پنجن ئي فرنٽس ۾ ڪم ڪرڻ لڳس. انهن مان هڪڙو فرنٽ  انجمن ترقي پسند مصنفين جو هو .

ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڀرسان بندر روڊ تي هڪ بوڪ اسٽال هوندو هئو ۽ انهيءَ کان ٿورو ا ڳتي مٿي فسٽ فلور تي هڪ آفيس هئي اها اصل ۾ پارٽيءَ جي آفيس هئي، جنهن کي ڪميون، سڏيندا هئا. جتي گوبند مالهي ۽ ٻيا ڪجهه دوست ڪل وقتي ڪارڪن هوندا هئا ۽ اهي اتي ئي رهندا هئا. جڏهن ورهاڱي کان پوءِ اهي هليا ويا ته اها آفيس انجمن ترقي پسند مصنفين جي حوالي ڪيائون. اتي اسان جي هفتيوار ميٽنگ ٿيندي هئي. جتي مان ويندو هئس. سنڌين ۾ هڪڙو مان ئي هوندو هئس، ان زماني ۾ ڪڏهن ڪڏهن نياز همايوني به ايندو هئو. 1947-48 19۾ سلطان آباد وٽ جيڪا حاجي ڪيمپ آهي اتي تنبوئن ۾ ريڊيو پاڪستان هوندو هئو.اتي اسين به آرٽسٽ جي حيثيت سان ويندا هئا سين. مرحوم تاج محمد ابڙو جيڪو پوءِ سيشن جج ٿيو اهو خبرون پڙهندو هئو. محمد بخش انصاري، نياز همايوني، مان ۽ اياز قادري ريڊيو تي ڊرامن ۾ پارٽ ڪندا هئا سين. انهي زماني ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين هئي جنهن ۾ ظهور نظر، جاويد قمر، رياض رئوفي ۽ ٻيا به ايندا هئا.بعد ۾ پروفيسر ممتاز حسين، ابراهيم جليس، ۽ ريڊيو پاڪستان جو آفيسر ،اردوءَ جو شاعر عزيز احمد مدني، ابن انشا، وارا به انجمن جي گڏجاڻين ۾ ايندا هئا. 1950ع ڌاري اسان 20 ڄڻن جو هڪ وفد پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪل پاڪستان انجمن ترقي پسند اديبن جي لاهور ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. اسان پندرهن ويهن دوستن هفتو ڏهه ڏينهن اڳ صدر جي سڀني دڪانن تان چندو ڪيو. اسان چيو ته بابا اسان اديب آهيون ڪانفرنس ۾ وڃڻو اٿئون، چندو ڏيو. ڪنهن ڏهه روپيا ڏنا ته ڪنهن ويهه ائين ڪري هتان اسان ريل جي ٿرڊ ڪلاس جي گاڏن ۾ لاهور وياسين. ظهير ڪاشميري، عارف عبدالمتين، نديم قاسمي، سڀ آيا. اسان کي هڪ هوٽل ۾ رهايائون. اوپن ٿيٽر ۾ ٽي چار ڏينهن ڪانفرنس هلي، شورش ڪاشميري اسان جي خلاف وڏا وڏا اشتهار هڻايا ته هي ڪافر آهن، روس جا ايجنٽ آهن، وغيره وغيره.

ڪسان ڪميٽيءَ وارن والنٽيئر ڏنا. پاڪستان جا سڀ ترقي پسند گڏ ٿيا هئا. سردار جعفري، جان نثار اختر ۽ ٻين اديبن پيغام موڪليا. انهي ڪانفرنس ۾ خاص ڳالهه اها هئي ته 8 ڄڻن جو  جيڪو پريزيڊم ٺاهيائون انهيءَ ۾ هڪڙو مان  به هيس. سويرا، نالي رسالي ۾ ان جو فوٽو ۽ ٻيو احوال آيل آهي.

اتان ٿي جڏهن موٽياسين ته مون کي خيال آيو ته ڇو نه سنڌي اديبن جي به هڪڙي انجمن ٺاهي وڃي پوءِ ڪراچي ۾ اچي اسان انجمن ترقي پسند مصنفين (سنڌي) ٺاهي.پوءِ گڏجاڻيءَ لاءِ امروز اخبار ۾ ان جو اشتهار ڏنوسين.

انهي دور ۾ هر هفتي مٺارام هاسٽل ۾ منهنجي ڪمري تي دوست گڏ ٿيندا هئا،اتي ئي ميٽنگ ڪندا هئا سين. ان ۾ خاص طور اسان جو هڪ دوست ساقي سجاولي، ڏاڍيون وڏيون مڇون هونديون هيس، شلوار پائيندو هئو مٿان ٽائي پائيندو هئو، اهو به ايندو هو .پوءِ انهيءَ هڪڙو رسالو به “اهل قلم” جي نالي سان ڪڍيو. انهيءَ ۾ خليل جبران جا سنڌيءَ ۾ ترجمان هليا.ان جي خاص البيلي طبيعت هوندي هئي.

هاسٽل هيٺيان ايراني هوٽل آهي، اتي ويهي لکندو هئو. جتان بسون لنگهيديون هيون .ان وقت ڪراچيءَ ۾  ٽرامون به هلنديون هيون. انڪري رش هوندي هئي، ۽ هيءَ همراهه چانهه جو ڪوپ چاڙهي ويهي آکاڻيون لکندو هو.

ٻيو به اسان جو هڪ پيارو دوست عبدالغفور سومرو هوندو هيو، اخبار ۾ خبر پڙهي ميٺارام هاسٽل تي اچي پهتو. هو ڪامرس پڙهڻ آيو هو. تنهن زماني ۾ اڃان ترقي پسند مصنفين جي سنڌي شاخ نه هئي، هيءُ اهودور هو جڏهن اسان پارٽي جي پاران هفتيوار اخبار”صداقت “ ڪڍندا هئا سين، جيڪا اسان ٻارنهن مهينا هلائي  .