|
جل ته جوت ٿئي
..... ۽ جڏهن روشني ٿي تڏهن
اوندهه الوپ ٿي وئي ۽ جوت مان
جوت جلي ۽ لاٽ ٻرندي رهي،
ٻرندي رهي، ٻرندي رهي.......
ڀٽائيءَ جو بيت
آهي:
نــــوري ۽ ناري ،
جـــــوڳيئڙا جهان ۾،
ٻري جن باري، آئون نه جيئندي
ان ري.
اهڙن جوڳيئڙن
مان، جن کان سواءِ اسان جيڪر
جي نه سگهون، ويٽنام جو
انقلابي اڳواڻ، ڊاڪٽر هوچي
منهه به هو جنهن جو اصل نالو
ته ڪجهه ٻيو هو پر پاڻ لڪائڻ
لاءِ ظاهر بدران باطن کان ڪم
ورتائين ۽ پنهنجو نالو
رکيائين هوچي منهه، جنهن جو
سؤلي سنڌي ۾ مطلب آهي ته جيڪو
جلي جوت ڏئي.
چون ٿا ته هوچي
منهه دراصل، جپانين جي
اڳرائين خلاف، چين واري چيانگ
ڪائي شيڪ جي مدد ۾ ويو هو.
چيانگ ڪائي شيڪ
جو نالو ٻڌي هوچي منهه تي
ناراض نه ٿجو ڇاڪاڻ ته چيانگ
جهڙا بورزوا قوم پرست ۽ نقلي
ترقي پسند هميشھ وڏيون
ڳالهيون ڪندا آهن، عوام جي
درد ۾ ”شهر جي قاضيءَ“ وانگر
مچندا رهندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح
گهڻي وقت تائين عام ماڻهن کي
بيوقوف بڻائي پنهنجا مطلب سڌا
ڪندا رهندا آهن.
هوچي منهه پوءِ
گهڻائي ڪشٽ ڪاٽيا، قيد ۽ بند
جون مصيبتون سٺيون پر جيئن ته
هن مانجهي مڙس پنهنجي زندگي
انقلاب کي ارپي ڇڏي هئي، سو
سچ سان سچو رهيو، نظرين تي
ڪڏهن به سودي بازي نه ڪيائين
۽ لڳاتار محنت ڪندو رهيو،
جدوجهد ڪندو رهيو ۽ عام ماڻهن
جي مدد سان وڏي ۾ وڏن سياسي
مسئلن سان منهن ڏيندو رهيو.
هوچي منهه جي وڏي
خوبي اها ليکي ويندي آهي ته
هن شخص اڄ جي ٻن مکيه پر
مخالف مسئلن يعني سوشلزم ۽
قومي جدوجهد کي نهايت سهڻي ۽
سمجهه ڀرئي طريقي تي نڀايو ۽
اتان جي عوام دوست ڪارڪنن کي
يڪمشت رکي، کين علمي توڙي
عملي ميدانن ۾ روز مره جي
جدوجهد ۽ تنقيد
–
خود تنقيد جي مدد سان، سڀ
منزلون لتاڙي آخر ڪاميابي سان
همڪنار ڪيو. اتفاق سان،
مائوزي تنگ وانگر هوچي منهه
به شاعر هو ۽ سندس شعرن جو
مجموعو “جيل جي ڊائري” جي
نالي سان مشهور آهي . چي:
·
جيل جا دروازا منهنجو جسم ته
بند ڪري سگهن ٿا پر منهنجي
روح کي ڪير روڪي سگهندو؟
·
مونکي توهان ڪٿي به قيد ڪريو،
منهنجي ملڪ ۽ ملڪي ماڻهن کان
ڪيترو به پري کڻي وڃو پر
منهنجو روح ۽ منهنجو انقلابي
نظريو، گلاب جي خوشبوءِ وانگر
هر جڳهه هٻڪار ڏيندو رهندو.
·
شاعر کي رڳو شعر چوڻو نه آهي
۽ نه وري فنڪار کي فقط فن سان
واسطو رکڻو آهي پر کين عملي
طرح به عوام جي مدد ڪرڻي آهي.
.... ۽ اهڙي طرح
ازل کان ابد تائين، روشني جا
ترورا اسان جي اڳواڻي ڪندا
رهن ٿا. سچ ۽ سونهن جو
سوجهرو، اسان جو ايمان تازو
ڪندو ر هي ٿو. هوچي منهه جهڙا
حر پاڻ ٻاري، ٻين کي
ٻهڪائيندا رهن ٿا. جوت مان
جوت جلندي رهي ٿي، لاٽ ٻرندي
رهي ٿي، ٻرندي رهي ٿي ۽
جيستائين هن دل ڌتاريندڙ
ڌرتيءَ تي انسان جو وجود قائم
آهي تيستائين جوت جلندي
رهندي. لاٽ ٻرندي رهندي ۽
انسان جو ايمان هر دم تازو ۽
توانو ٿيندو رهندو.
هڪ حاڪم هڪ شاعر
چون ٿا ته هڪ
دفعي تيمورلنگ جي درٻار لڳي
پئي هئي. سڀ “باادب باملاحظه
هوشيار” ٿي ويٺا هئا. مجال
آهي جو ڪو گستاخي ڪري يا ٻڙڪ
ٻاهر ڪڍي. ايتري ۾ تيمور جي
نظر هڪ شاعر تي وڃي پئي.
پڇيائين:“ منهنجو
ملهه ڪيترو؟”
جواب مليو:
“اڍائي دينار!”
چي: “اڍائي دينار
ته رڳو منهنجي منڊيءَ جي ٽڪ
لهي؟”
شاعر وراڻيو؛
“قيمت به ته انهيءَ ٽڪ جي ڪٿي
اٿم. باقي تون ته اسان جهڙو
آدمي آهين، مٽيءَ جو پتلو
آهين!!”
تيمور جا ٺپ ئي
ٺري پيا. اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت -
ڳالهه اصل ۾ هيئن آهي ته غالب
به جيستائين وظيفو نه ورتو هو
۽ پاڻ کي آزاد سمجهندو هو
تيستائين نه ڪنهنجي خوشامد
ڪيائين نه ڪنهنجا ٿورا
مڃيائين ۽ نه ئي وري اندر جي
آواز کي دٻائي ذهن ۽ ضمير جي
ابتڙ ڪا ڳالهه چيائين. غالب
ته حقيقت ۾ پنهنجي اباڻي ۽
خانداني پيشي سپاهگيري تي ناز
ڪندو هو ۽ شاعريءَ کي ڪڏهن به
عزت جو ذريعو نه سمجهندو هو.
سندس لفظن ۾،
ما نه بوديم بدين
مرتبه راضي غالب ،
شعر خود خواهش اين ڪرد ڪه
گرددفن ما.
جيڪڏهن فنڪار فن
سان سچو آهي، آدرش تي اٽل ۽
اندر جي آئيني ۾ پاڻ پسي سگهي
ٿو ته پوءِ ڪوئي سبب نه آهي
جو فن کيس عزت نه بخشي ۽ سدا
حيات نه بڻائي.
ڪالهه اڄ ۽ سڀان
ڪالهه جيڪا گذري
وئي، اڄ جيڪا گذري پئي ۽ سڀان
جيڪا گذري ويندي، هڪ ئي پل هڪ
ئي گهڙيءَ جا الڳ الڳ روپ آهن
۽ هر دفعي نوان نوان گهاؤ پيا
وجهن!
ڪالهه جيڪا گذري
وئي سا نه منهنجي هئي نه
تنهنجي، ۽ نه ئي وري اسان
جهڙن عام ماڻهن جي هئي. اسان
کي ڪهڙي خبر ته خوشي ڇا ٿيندي
آهي، آزادي ڪهڙي پکي جو نالو
آهي ۽ ترقي ڪيئن ڪجي!
سُڪَن ڪهڙي سار، ته اُٺا
مينهن ملير ۾.
ڪالهه به اُن وقت
اڄ هئي ۽ جيڪا اڄ آهي سا سڀان
ڪالهه ٿيندي ۽ اهڙي طرح سڀان
جي عاقبت به اها ئي ٿيڻي آهي.
پاڻ جنهن جاءِ تي
۽ جنهن وقت ۾ پيدا ٿيا آهيون
اهي ٻئي اونداها آهن ۽ اهڙا
اونها انگڙ ونگڙ ۽ ابتا سبتا
آهن جو ڪالهه، اڄ ۽ سڀان ۾
ڪوبه فرق يا ڦير نظر نٿو اچي
۽ اڄوڪي سائنس جو اهو مڃيل ۽
آزمايل اصول ته جيڪو ڪالهه هو
سو اڄ نه آهي ۽ جيڪو اڄ آهي
سو سڀان نه هوندو ۽ اهڙي طرح
وري سڀان به بدلجي ويندي، سو
گهٽ ۾ گهٽ اسان لاءِ صحيح نه
آهي!
گر تو نه مي پسندي، تغبير ڪن
قضارا
اسان وٽ اڄ به
موهن جي دڙي وارو هر هلي ٿو،
وچولي دور واري وهم پرستي عام
آهي، ترقي ڪيل ته خير چوايون
به نٿا پر ترقي ڪندڙ صورت ۾
به اهو حال اٿئون جو هڪ قدم
اڳتي ٿو هلي ته ٻه قدم پنهنجو
پاڻ پٺتي کڄيو وڃن. زرعي ملڪ
هوندي به خود ان اُپائيندڙ کي
ٻه ويلا ماني نصيب نه آهي ۽
هيڏانهن شهرن ۾، اجگر جيڏين
مشينن جي منهن ۾ وري مزدور
اهڙو ڦاٿو پيو آهي جو ڦٿڪي به
نٿو سگهي.
ڪالهه جيڪا گذري
وئي، اڄ جيڪا گذري پئي ۽ سڀان
جيڪا گذري ويندي، هڪ ئي پل،
هڪ ئي گهڙيءَ جا ساڳيا روپ
آهن ۽ سدائين ساڳيا گهاؤ پيا
وجهن! ڪٿي آهين اڙي او روشني
او روشني من جي! |