جو ئي آهيان، سو ئي آهيان

 

هڪ وساريل ورق

هڪڙي شاعرجي بي وقتي موت تي سندس غمگين پوڙهي پيءُ، ان جا سڀئي قلمي مسودا ۽ شعرن جا ڪتاب کڻي باهه ۾ اڇلايا ۽ روئي چوڻ لڳو؛ “ سڙي مرو بد بخت ڪاغذؤ! توهان جي ڪري منهنجو جوان پٽ، وقت کان اڳ مري ويو.”

ڪاغذ  ته خير سڀ سڙي ڀسم ٿي ويا، پر ان شاعر جو ڪلام اڄ به تازو آهي ۽ ڳائجي پيو، هڪڙو لفظ به ماڻهن کان نه وسريو آهي. ڇاڪاڻ ته، سندس سٽ سٽ ۾ نه رڳو سونهن سمايل هئي، انهن ۾ سچ به اوترو ئي سمايل هئو.

مان جو ئي آهيان سوئي آهيان.

“جيئن ته هر ڳالهه جو سولو هجڻ ڏکيو آهي تيئن آدميءَ کي انسان ٿيڻ لاءِ به گھڻو ڪجھ گھرجي ٿو.”

“ مان هندو آهيان.”

“مان مسلمان آهيان”

“مان انقلابي آهيان.”

“ مان قوم پرست آهيان.”

“مان عوامي آهيان.”

“مان سڀ ڪجهه آهيان.”

“مان ڪجھه به نه آهيان.”

“مان جوئي آهيان سوئي آهيان.”

شايد اڃان انسان نه ٿيو آهيان.

هر ڪنهن کي پنهنجو عقيدو پيارو آهي.ننڍ پڻ کان جيئن کيس نپايو وڃي ٿو هو ائين ڪري ٿو اکيون پوري پڙهي ٿو، پٺ وٺي هلي ٿو، سڏ ۾ سڏ ڏئي ٿو ۽ بنا سوچڻ سمجھڻ جي، ڪنهن خاص  محدود دائري اندر گھاڻي جي ڏاند وانگر هلندو رهي ٿو، هلندو رهي ٿو ۽ هلندو رهي ٿو.

منڊي ماڪوڙي ئوهه ۾ پيئي ڪڇي اُڀ!

هڪ حاڪم هڪ فنڪار 

چون ٿا ڪنهن سمي هڪ ڏاهي حاڪم پنهنجي ملڪ ۾ شاعرن تي بندش وجهي ڇڏي ۽ کين شعر بازيءَ کان منع ڪيائين. وزيرن مشيرن جڏهن ان حڪم جي حڪمت معلوم ڪئي ته کين ٻڌايائين ته  اصلي شاعر دل جليا ، ديوانا ۽ سچ سونهن جا ساکي هوندا هوندا ته بنا ڊپ ڊاءَ جي لکندا رهندا ۽ قلم سان پنهنجو ناتو نڀائيندا رهندا پر ڪوڙا ڪُپتيا ڪوي مجبور ٿي ماٺ ڪري ويهي رهندا ۽ اهڙيءَ طرح نه رڳو عام ماڻهن کي پر خود کي به ٺڳڻ کان پرهيز ڪندا آهن.

پوءِ پڇيائونس ته ڀلا فلاڻي شاعر جا ڪاڳر درياءَ داخل ڇو ڪريوَ؟

جواب ڏنائين ته سچي شاعري ڪڏهن به ناس نه ٿيندي ۽ نه وري ان کي درياءٌ ئي  ڪڏهن ٻوڙي سگھندو. پر جيڪڏهن ڪاڳر ئي ڪاڳر آهن ته پوءِ سندن پڄاڻي ائين ئي ٿيڻ گھرجي. انهيءَ شاعر لاءِ بهتر آهي ته وڃي ڪو ٻيو ڌنڌو ڌاڙي ڪري ۽ اجايو وقت نه وڃائي.

 

خليل جبران جو افسوس

افسوس آهي انهن ماڻهن تي ، جيڪي عقيدن سان اٽيل، پر ايمان کان عاري آهن .

جيڪي پائڻ لاءِ ڪپڙو، کائڻ لاءِ ماني ۽ رهڻ لاءِ گھرته گھرن ٿا،

پر پاڻ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ به  تيار ن آهن،

افسوس آهي انهن ماڻهن تي،

 جيڪي بشنيءَ کي بهادر، مداريءَ کي مجاهد ۽ اڳرائي ڪندڙ کي پنهنجو اڳواڻ سمجھن ٿا،

جيڪي ننڊ ۾ انڪار ڪري سگھن ٿا،

پر جاڳندي هر وقت حاضر سائين ڪندا رهن ٿا،

جيڪي رڳو روئي ڄاڻن، ڏاڏن پڙ ڏاڏن جا ڪارناما بيان ڪندا رهن، ۽ ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ اچڻ مهل ئي ٻاڪاري سگھن،

افسوس آهي انهن ماڻهن تي،

جيڪي هر نئين حاڪم کي اکين تي رکن ٿا،

سندس دهلن دمامن سان آجيان ڪن ٿا،

۽ لهڻ مهل کيس کنگھن به نه ٿا،

افسوس آهي انهن ماڻن تي،

جيڪي هر روز رڙهندا رهن ٿا،

ٽڪرا ٽڪرا ٿيل آهن ۽ ٽڪرو پاڻ کي پهاڙ سمجھي ٿو.

افسوس آهي انهن ماڻهن تي،

جن جا سياستدان لومڙيءَ جيان چالاڪ،

دانشور مسخرا ، مداري ۽ فنڪار هجن جي فقط نقل ڪري ڄاڻن،

افسوس آهي انهن ماڻهن تي،

جن جا اڳواڻ زبان هوندي به بي زبان آهن،

۽ جن جا جوان اڃان ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن.

پيغام

 

سنڌ ديس جا سپوتو!

اوهان کي سنڌ مبارڪ هجي! عوام جي آواز هڻي هنڌ ڪيو، ۽ ملڪ ماروئڙن کي موٽي مليو، اميد ته نئين جوڙجڪ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي به سندس حق پلئه پوندو .

اوهان ڄاڻو ٿا ته علم ۽ ادب، واندڪائيءَ جي  وندر يا عياشيءَ جا وسيلا نه ، پر بهتر ۽ ڀرپور زندگي گذارڻ جا مناسب ۽ معقول طريقا آهن، جن جي مدد سان انساني سماج کي گھربل منزل ڏانهن وٺي وڃي سگھجي ٿو.

 

 

ڪتاب آن لائن، هوم

سوانح حيات 

نورالدين سرڪي آدرشي انسان

 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >