ايم آر ڊي ۽ وڏي سرڪار جا فرشتا

 

        ايم. آر. ڊي ۾ پ. پ ته ٻين کان اڳري ئي هئي پر ٻيون جمهوريت پسند توڙي ذوالفقار علي ڀٽو خلاف تحريڪ هلائيندڙ پارٽيون پڻ ان ۾ شامل هيون. 1983ع ڌاري جڏهن پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي جو تڏهوڪو چيئرمين فتحياب علي خان مون کي 70 ڪلفٽن تي بيگم نصرت ڀٽو سان ملائڻ لاءِ وٺي ويو هو ۽ اُتي فتحياب منهنجو تعارف ڪرائيندي چيو هو ته “هي پاڪستان مزدورڪسان پارٽي جو سينيئر وائيس چيئرمين آهي.” اُن گڏجاڻي کان پوءِ مون کي معلوم ٿيو هو ۽ فتحياب به مون کي ٻڌايو هو ته “ايم آر ڊي ۾   وڏي سرڪارجا فرشتا شامل ٿي ويا آهن، تنهن دور جا سياسي حلقا - پاڪستان مسلم ليگ خواجه خيرالدين گروپ جي سربراهه خواجه خيرالدين  ۽ تحريڪ استقلال جي نمائندي مشير پيش امام ۽ 1947ع کان کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ عابد زبيري، جنهن کي آءُ ذاتي طور تي سڃاڻيندو هوس، تي ايجنسين لاءِ ڪم ڪرڻ جو شڪ ڏيکاريندا رهيا هئا.” فتحياب مون کي ٻڌايو هو ته، “هتي ڪير عوامي ماڻهو آهي ۽ ڪير ايجنسين جو. مون کي سڀ خبر آهي ۽ تون ماٺ ڪري رڳو ڏسندو رهه ته هن سياسي ميدان ۾ ڇا پيو وهي واپري.” اُن عرصي ۾ جيڪي به گڏجاڻيون ٿيون پئي ۽ سياسي طور تي جيڪو ڪجهه وَهيو واپريو پئي، اُن بابت بيگم نصرت ڀٽو جي مکيه ماڻهو طور غلام مصطفيٰ جتوئي هيو. تڏهن اهي به افواهه هئا ته فوجي آمر جنرل ضياءَ پ پ جي اهم ليڊرن کي اهو نياپو موڪليو هو ته جيڪڏهن ڀٽو خاندان کي پ پ مان ڪڍيو وڃي ته غلام مصطفيٰ جتوئي کي اقتدار ڏيڻ لاءِ تيار آهي. تڏهن سياسي حلقن جو اهو چوڻ هو ته غلام مصطفيٰ جتوئي ان ڳالهه تي راضي به ٿي ويو هو پر بيگم نصرت ڀٽو جي دٻاءُ جي ڪري هن ائين نه ڪيو.

            اُن  عرصي ۾ سياسي طور تي ٿيندڙ تبديلين، ڳالهين ۽ عملن مان اهو واضح پئي لڳو ته غير ملڪي سفارتڪار توڙي پاڪستان جي سياست ۾ دلچسپي وٺندڙ غير ملڪي ڌريون، جن جون ملاقاتون اسان جي سياسي ليڊرن سان ٿينديون رهنديون هيون اُهي اسان جي ليڊرن کي پنهنجي سگهه جو مظاهرو ڪرڻ جو چونديون هيون. سندن چوڻ هوندو هو ته “اوهان پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري ڏيکاريو ته اسين توهان کي جنرل ضياءَ کان جمهوري حق حڪومت جو اختيار ڏيارينداسين.” پر نتيجو اهوئي ٿيو جو Show of     forceبدران   Show Downٿيو.

            ايم آر ڊي جي جدوجهد دوران اهي ڳالهيون به هر ڪنهن محسوس ڪري ورتيون هيون ته اُن ۾ ڏوهاري ماڻهو به شامل ٿي ويا آهن ۽ ڌاڙيل فيڪٽر به مدد جي نالي تي تحريڪ ۾ اچي پناهه ورتي هئي. مغربي قوتون جنرل ضياءَ جي حمايت ۾ هيون ڇو ته سوويت يونين افغانستان جي رستي اڳتي وڌڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هو ۽ ضياءَ مغربي قوتن جي مفادن جي چوڪيداري ڪندي افغانستان ۾ مداخلت ڪري رهيو هو. جنهن جي ڪري مغربي قوتن جي آشيرواد جنرل ضياءَ جي حمايت ته ڪئي پئي پر اُهي پاڪستان جي عوامي جدوجهد کان به انڪار نه پئي ڪري سگهيا ۽ ضياءَ جي حڪومت بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي مغربي قوتن جي آشيرواد سان هلندي رهي هئي.

ايم آر ڊي دوران رتوڇاڻ رڳو سنڌ ۾ ٿيڻ جو هڪ سبب اهو هو ته پنجابي حڪمرانن سنڌين جي هڪ ليڊر ذوالفقار ڀٽي کي تخته اقتدارکان تخته دار تائين رسايو هو، جنهن جي ڪري سنڌي قوم ۾ مرڪز، اسلام آباد، اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجاب جي خلاف نفرت پيدا ٿي پئي هئي ۽ ٻيو ڪارڻ اهو هو ته پنجاب شروع کان وٺي سنڌ جي حقن تي راتاها هڻندو رهيو آهي. رتوڇاڻ جا سبب معلوم ڪرڻ تي اسان کي اهو به پتو پوي ٿو ته سنڌي عوام آمرن جي ٽولي کان بيزار پڻ ٿي چڪو هو، جنهن جي ڪري ايم آر ڊي جهڙي تحريڪ سنڌ ۾ انتهائي شدت سان اُڀري آئي .  توڙي جو اسٽيبلشمينٽ محمد خان جوڻيجي کي ذوالفقار علي ڀٽو جي متبادل طور سامهون آندو هو پر سنڌي عوام اُن کي قبول نه ڪيو هو ڇو ته محمد خان جوڻيجي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي سياست ۾ ڏينهن ۽ رات جو فرق هو.

            ايم آر ڊي جي تحريڪ جڏهن شدت اختيار ڪئي ۽ ان جو، جيڪو شديد رد عمل سامهون آيو ان خود ايم آر ڊي جي ليڊرن کي وائڙو ڪري ڇڏيو. ڇو ته پرتشدد جدوجهد اُنهن جي تحريڪ جو حصو نه هئي. پر اُن تحريڪ جڏهن پرتشدد روپ ورتو ته حڪمرانن سان گڏ ايم آر ڊي جا اڳواڻ اُهو سمجهي ويا ته تحريڪ هاڻي اُنهن جي هٿن کان نڪري عوام جي هٿ وس اچي وئي آهي. جنهن کي روڪڻ لاءِ حڪومت وٽ فقط هڪ ئي طريقو هيو جيڪو اُنهيءَ استعمال ڪيو، يعني طاقت استعمال ڪرڻ وارو طريقو.

            ان بعد 1988ع ڌاري روسي فوج جڏهن افغانستان مان نڪري وئي ته مغربي قوتن ضياءَ کان افغانستان ۾ پاڪستان جي مداخلت بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ گڏوگڏ جنيوا ٺاهه تي صحيح ڪرڻ جي پڻ گهر ڪئي. پر ضياءَ مغربي قوتن کي جواب ڏئي ڇڏيو. جنهن بعد محمد خان جوڻيجي ملڪ جي سمورن سياستدانن جي هڪ گول ميز ڪانفرنس گهرائي ۽ جنيوا ٺاهه تي صحيح ڪرڻ بابت ووٽنگ ڪرائي ته اڪثريت ٺاهه تي صحيح ڪرڻ جي حمايت ڪئي. جنهن بعد پاڪستان جو هڪ وزير زين نوراني جنيوا وڃي ٺاهه تي صحيحيون به ڪري آيو هو. پر اُن جي باوجود ضياءَ افغانستان ۾ مداخلت بند نه ڪئي، جنهن تي مغربي طاقتون کانئس ناراض ٿيون.

            ان کان اڳ ايم آر ڊي تحريڪ جي شدت کي محسوس ڪندي هڪ آمريڪي صحافي سليگ هيريسن مون وٽ آيو هو ۽ ان مون کي چيو ته عوامي تحريڪ، جنهن ايم آر ڊي تحريڪ کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي هئي، جا ٻه ماڻهو وٺي اچ ته آءُ کانئن ايم آر ڊي تحريڪ جي سلسلي ۾ معلومات وٺان .سليگ هيريسن مون کان پڇيو هو ته ايم آر ڊي تحريڪ رڳو سنڌ ۾ ئي شدت ڇو ماڻي آهي؟ تڏهن به مون کيس اهوئي ٻڌايو هو ته ”جيتوڻيڪ ايم آر ڊي جي پروگرام ۾ پُرتشدد ڪارروايون شامل ناهن پر اها تحريڪ هاڻي آپي کان ٻاهر نڪري وئي آهي. جنهن جي ڪري نه رڳو حڪومت پر تحريڪ جا اڳواڻ پاڻ وائڙا ٿي ويا آهن ته آخر اُهي ڇا ڪن؟“ جيتوڻيڪ اها تحريڪ عوامي سطح تائين پهچي چڪي هئي پر اها ڳالهه تحريڪ دوران ئي سڀني کي معلوم ٿي چڪي هئي ته تحريڪ ۾ وڏي سرڪار جا فرشتا شامل ٿي چڪا هئا. ايم آر ڊي جي قيادت کي پڻ اُن ڳالهه جي خبر هئي پر اُن باوجود ڇاجي ڪري اُنهن ماڻهن کي تحريڪ جو حصو رهڻ ڏنو ويو؟ اُن سوال جو جواب ڏاڍو ڏکيو آهي. جڏهن بينظير ڀٽو لنڊن کان موٽي پاڪستان آئي ته اُن جي سربراهي ۾ گڏجاڻيون ٿينديون هيون جنهن ۾ غوث بخش بزنجو، مولانا فضل الرحمان، شير باز مزاري، معراج محمد خان، محمود اچڪزئي ۽ ٻيا شرڪت ڪندا هئا ۽ اُن وقت رائو رشيد بينظير جو خاص ماڻهو هوندو هو، بينظير ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن تي به اعتبار نه ڪندي هئي ۽ تڏهن بينظير به اڪثر اهوئي چوندي هئي ته ”اسان سان ڪجهه اهڙا ماڻهو گڏ آهن، جن کي اها خبر آهي ته حڪومت ۾ ڇا پيو وهي واپاري.“ ان عرصي ۾ پ پ پاران لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ويو ته حڪومتي مسلم ليگ به لانگ مارچ جو اعلان ڪيو پر ڪنهن امڪاني گڙٻڙ جي سبب حڪومتي ليگ پنهنجي لانگ مارچ جو اعلان واپس ورتو اُن عرصي ۾ پ پ وارن لياري ۾ هڪ وڏو جلوس پڻ ڪڍيو هو. جنهن ۾ بينظير تي حملو پڻ ٿيو هو. اُن بعد ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ ماٺار اچي وئي هئي. سوين ماڻهو گرفتار ٿيا. بينظير جلسا جلوس ڪرڻ ايستائين جو گڏجاڻي ڪرڻ جي موڊ ۾ به نه هئي . ايم آر ڊي بابت هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ آءٌ اهو چوندس ته اها هڪ سگهاري سياسي تحريڪ هئي ، جنهن جو مقصد سياسي حڪومت جي بحالي هو. پر اُن کان اڳ سياسي ڌريون پاڻ ئي فوج کان اهو مطالبو ڪنديون رهيون هيون ته توهان کي ذوالفقار علي ڀٽو تي ويساهه نه ڪرڻ گهرجي ۽ توهان ئي اچي اقتدار سنڀاليو. اُنهن ۾ نه رڳو اصغر خان پر ٻيا به اهڙا ليڊر هئا جن جو اسٽيبلشمينٽ کان اهو مطالبو هو ته اها سياسي سرشتي جو حصو بڻجي. پر تنهن باوجود ذوالفقار علي ڀٽي ۽ فوج ۾ ٺاهه ٿيو هو. جنهن جو مسودو جماعت اسلامي وارا اهو چئي کڻي ويا هئا ته اُهي اُن کي پڙهي پوءِ ان تي صحيحيون ڪندا پر اُنهن اهو مسودو عين وقت تي گم ڪري ڇڏيو ويو . ايم آر ڊي واري جدوجهد صرف سنڌ اندر ئي شديد ٿيڻ واري ڳالهه بابت اهوبه چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ هيٺئين وچولي طبقي جي اڪثريت آهي . اهڙي شدت سان اُها تحريڪ بلوچستان ۾ به ٿي سگهي پئي پر اها عالم آشڪار ڳالهه آهي ته رات و رات بلوچ اڳواڻ عطاءُ الله مينگل جي ڀاءُ مهرالله کي سڌاري جي نالي ۾ پيجارو، پئسا بنگلا ڏنا ويا. تنهن دور ۾ اسٽيبلشمينٽ انگريزن جي اُن اصول تي عمل ڪري رهي هئي ته پنجاب کي حڪمراني ۽ پٺاڻن کي پئسا ڏيو، بلوچن سان دوستي ڪريو ۽ سنڌين کي موچڙا هڻو . 1940 -1942ع ۾ هڪ انگريز انٽيليجنس عملدار ڪتاب لکيو هو جنهن ۾ هن ڄاڻايو هو ته: “اسان کي اهو حڪم ٿيل هو ته سنڌي ماڻهن کي فوج ۾ ڀرتي ناهي ڪرڻو.”

هي مواد افيئر کي ڏنل سندس انٽرويو جو متن آهي. 

 

ڪتاب آن لائن، هوم

سوانح حيات 

نورالدين سرڪي آدرشي انسان

 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >