|
جڏهن ون يونٽ ٽٽو
ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌ
جي ماڻهن خاص طور وچولي طبقي
پاڪستان تحريڪ ۾ حصو ورتو،
اهو به صحيح آهي ته سائين جي
.ايم. سيد، شيخ عبدالمجيد
سنڌي، محمد ايوب کهڙي ۽ ٻين
ڪيترن سياستدانن مسلم ليگ جي
پليٽ فارم تان ۽ سنڌي شاگردن
ملسم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي
جهنڊي هيٺ پاڪستان ٺاهڻ لاءِ
جدو جهد ڪئي ۽ قربانيون به
ڏنيون . اصل ۾ سنڌ جي باشعور
سياستدانن 1940ع ۾ پاس ٿيل
لاهور ٺهراءَ ۾ چٽي طرح ٻڌايو
هو ته پاڪستان ۾ شريڪ ٿيندڙ
سڀ صوبا آزاد ۽ خودمختيار
هوندا. اپريل 1943ع ۾ سنڌ
اسميبلي ۾ جيڪو ٺهراءُ پاس
ٿيو هو ان جي اڀياس مان به
واضح طور معلوم ٿئي ٿو ته
هندستان جي مسلم گهڻائي وارن
صوبن تي ٻڌل پاڪستان جي حمايت
ٿيل هئي، پر ان وقت به مقصد
اهو ئي هو ته مسلم گهڻائي
وارا صوبا آزاد ۽ خودمختيار
رهندا .ان حد تائين جو شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ صاف طور چيو
هو ته جهڙي طرح سوويت (روس)
جي دستور ۾ هر هڪ علائقي،
رياست کي الڳ ٿيڻ جو حق مليل
آهي اهڙي طرح پاڪستان جي صوبن
کي به خودمختياري جو اهرو حق
حاصل رهندو، پر پوءِ جڏهن
1946ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ
چونڊن ۾ چونڊجي آيل صوبائي
مرڪزي ميمبرن جي دهلي ۾
گڏجاڻي ڪوٺائي ۽ لاهور ٺهراءُ
۾ ڪنهن به قسم جي ڦير ڦار ڪرڻ
کانسواءِ هڪ نئون ٺهراءُ پاس
ڪيو ته پاڪستان ۾ شامل صوبا
خودمختيار ۽ آزاد رياستون نه
پر هڪ پاڪستان هوندو، ته شڪ
شهبا پيدا ٿيا ۽ ڪجهه بنگالي
مسلم ليگين سان گڏ سنڌ جا
مسلم ليگي به خاص طور تي
سائين جي ايم سيد ۽ سندس ساٿي
ان ڳالهه تي سوچڻ لاءِ مجبور
ٿيا ته اهڙي ملڪ ۾ سنڌ جا
مفاد محفوظ نه رهي سگهندا،
ياد رکڻ گهرجي ته انهيءَ 1946
واري صوبائي اليڪشن ۾ اها
ڳالهه ظاهر ٿي چڪي هئي ته
جناح جي مسلم ليگ هر قيمت تي
پيرن جاگيردارن، سرمائيدارن ۽
سرڪاري ڪامورن جي مدد ۽ غير
جمهوري طريقن سان مسلم ليگ جي
سرڪاري اميدوارن کي کٽرائي
پاڪستان جي حق ۾ ووٽ وٺڻ ٿي
چاهيو. ان سلسلي ۾ سائي جي.
ايم سيد جي ڪوششن باوجود
سرڪاري مسلم ليگ جا اميدوار
کٽي آيا پر پوءِ به سنڌ
اسيمبلي ۾ مسلم ليگ پنهنجو
ڪارهنوار ڪاميابي سان نه پئي
هلائي سگهي، آخر انگريز گورنر
کي سنڌ اسيمبلي ٽوڙڻي پئي ۽
سنڌ جون چونڊون هڪ دفعو ٻيهر
ٿيون . هاڻي مسلم ليگ علي
ڳڙهه ۽ هندستان جي ٻين شهرن
مان پنهنجا ننڍا وڏا ليڊر خاص
ڪري علي ڳڙهه جا شاگرد مولانا
عبدالقدوس بهاري ۽ مولانا
عبدالحامد بدايوني سميت
گهرائي سنڌ ۾ هر طرح جون
ڌانڌليون ڪري گهڻائيءَ سان
چونڊون کٽيون ۽ خاص طرح جي.
ايم. سيد کي هارايو، ڇاڪاڻ ته
ان وقت جناح سائين جي.ايم
.سيد جي چونڊ کي انا جو مسئلو
بڻايو هو ۽ ڪنهن به قيمت تي
اليڪشن کٽڻ جو اعلان ڪيو هو.
پوءِ سائين جي .ايم. سيد جڏهن
اليڪشن پٽيشن ۾ قاضي محمد
اڪبر جي ڪاميابي کي چئلينج
ڪيو ته 1949ع ۾ اليڪشن
ٽربيونل جي فيصلي ۾ اهو چٽي
طرح ثابت ٿيو ته انهيءَ چونڊ
۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ٿي
هئي. جو پير الاهي بخش هڪ
قانوندان هوندي به هڪ کان
وڌيڪ جاين تي پنهنجو ووٽ داخل
ڪيو، نتيجي ۾ قاضي محمد اڪبر
۽ پير الاهي بخش 6 سالن کاءِ
نا اهل ڪيا ويا.14 آگسٽ 1947
ع ۾ جڏهن هندستان جو ورهاڱو
ٿيو ۽ محمد جناح گورنر جنرل
جو عهدو سنڀالي پاڪستان جو
اعلان ڪيو ته سنڌ جووڏو وزير
خان بهادر محمد ايوب کهڙو ۽
گورنر سر غلام حسين مقرر ٿيا.
سنڌ جي باشعور سياسي ڪارڪنن
هاڻي محسوس ڪيو ته جناح
پاڪستان لاءِ چونڊون کٽڻ جي
سلسلي ۾ غريب غربو ته ٺهيو
پر وچولي طبقي کي به نظر
انداز ڪري وڏيرن جاگيردارن ۽
شاهوڪار ماڻهن کي اميدوار
بيهاريو ۽ اعلان ڪيائين ته
مسلم ليگ جيڪڏهن بجلي جي ٿنڀي
کي به ٽڪيٽ ڏئي ته ان کي به
ڪامياب ڪيو وڃي. عام طرح چيو
وڃي ٿو ته سنڌ ۾ سياسي
سجاڳيءَ جي پهرين لهر ون يونٽ
جي مخالفت ۾ اڀري ۽ لڳ ڀڳ 10
سالن جي جاکوڙ کان پوءِ سنڌ
جي قومپرست ۽ وطن دوست
سياستدانن، شاگردن ۽ اديبن جي
مدد سان سال 1970 ۾ ون يونٽ
ختم ڪرايو پر منهنجي نظر ۾
پاڪستان ٺهڻ جي چئن مهينن
اندر سنڌي قومپرستي ۽ سنڌ جي
حقن لاءِ پهريون ڀيرو ساڳين
مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي
شاگردن باقائدي جاکوڙ شروع
ڪري ڏني. ٿيو هيئن جو ڪراچي
جي سنڌ مدرسة الا سلام جي
احاطي ۾ 1943 ع ۾ قائم ٿيل
سنڌ مسلم ڪاليج جو پرنسپال
پروفيسر ڊاڪٽر امير حسن صديقي
علي ڳڙهه مان گهرايو ۽ هاڻي
پاڪستان ٺهي وڃڻ کانپوءِ جڏهن
هندستان جي علي ڳڙهه ۽ ٻين
علائقن مان مهاجر بنا روڪ ٽوڪ
جي اچڻ لڳا، ته ٻين ڳالهين
کان سواءِ اسان جي پروفيسر
امير حسن صديقي به سنڌ ملسم
ڪاليج ۾ بي قائدي ڀرتيون شروع
ڪري ڏنيون . جنهن تي ڪن سنڌي
استادن اعتراض ڪيو ۽ نتيجي ۾
ان وقت ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي
شاگردن مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
جي اڳواڻي هيٺ باقائدي تحريڪ
هلائي سنڏ مدرسي جو گهيراءُ
ڪيو نيٺ هڪ هفتي اندر پرنسپال
مجبور ٿي استعيفيٰ
ڏني ۽ ڪاليج ڇڏي ويو. ان
کانپوءِ 6 جنوري 1948ع تي
جڏهن ڪراچي ۾ سنڌي واپارين ۽
دوڪاندارن جي باقائدي ڦر لٽ
ڪئي وئي ۽ ڪيترا سنڌي سک ۽
ٻيا شهري هندو قتل ڪيا ويا،
ته ان موقعي تي به سنڌي ماڻهن
خاص طور سياسي ۽ شاگرد تنظيمن
ڀرپور احتجاج ڪيو. ان کانپوءِ
جلد ئي جڏهن فيبروري ڌاري
جناح ڍاڪا ۽ سلهٽ ۾ تقريرن
دوران اعلان ڪيو ته پاڪستان
جي سرڪاري ٻولي اردو ۽ فقط
اردو ٿيندي ته ان بنگالي
شاگردن سخت احتجاج ڪندي
مخالفت ڪئي ته موٽ ۾ سنڌ جي
سمجهدار سياسي ڪارڪنن ۽
شاگردن بنگالي زبان جي حمايت
۾ ٺهراءُ پاس ڪيا . اهو سلسلو
اڃا جاري هو ته وڏي چراند
شروع ڪري ڏني وئي ۽ هڪ نئون
راڳ آلائڻ پڻ شروع ڪيائون، ته
ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري
مرڪزي سرڪار جي هٿ هيٺ ڪمشنر
جي حوالي ڪيو وڃي . هن ڳالهه
تي به سنڌي شاگردن ۽
سياستدانن ۽ خاص طور سائين
جي. ايم. سيد ۽ شيخ
عبدالمجيد سنڌي ان سياسي
سرگرميءَ ۾ وڏو حصو ورتو ۽
پوءِ جڏهن ون يونٽ جو رينگٽ
شروع ٿيو تڏهن به ڪراچي
کانسواءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾
به سنڌي ادبي سنگت ۽ شاگرد
تنظيمن طرفان باقائدي تحريڪ
هلائي وئي .
اهڙي دوکي دولا ب ۽ غير
جمهوري توڙي سرڪاري دٻاءُ هيٺ
جڏهن حيدر آباد ۾ سنڌ اسيمبلي
جو اجلاس ڪوٺائي ون يونٽ جو
ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ۽ سنڌ جي
وجود،سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽
سنڌي ثقافت جي خلاف سازش
ڪامياب ٿي ته سنڌ ۾هڪ ڀيرو
ٻيهر سياسي سرگرمي شروع ٿي .
جنهن کي ون يونٽ جي خلاف
تحريڪ چئجي ٿو ۽ ان تحريڪ ۾
ئي سنڌي شاگردن، اديبن ۽ سنڌ
جي سياسي ڪارڪنن سائين جي.
ايم. سيد، شيخ عبدالمجيد
سنڌي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي،
قاضي فيض محمد جي اڳواڻي ۾
پنهنجي سياسي، سماجي اقتصادي
۽ ثقافتي حقن لاءِ هڪ ڀرپور
جنگ جوٽي ۽ نيٺ ون يونٽ ٽٽو ۽
سنڌ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي نالي
سان سڏجڻ لڳي . انهن ڏهن سالن
جي سياسي تحريڪ کي سنڌ جي
سياست جي ٻي لهر چوڻ گهرجي.
هاڻي جولاءِ 1977ع کان ضياءَ
الحق جي آمريت هيٺ جڏهن
پاڪستان جي ٻين علائقن سان گڏ
اسان جي سنڌ جا سياسي ۽
جمهوري حق پائمال ڪيا ويا ته
پيپلز پارٽي سميت ٻين سڀني
جمهوري ۽ ترقي پسند جماعتن هڪ
تحريڪ جو بنياد رکيو، جنهن کي
جمهوريت جي بحالي جي نالي سان
سڏيو وڃي ٿو، هن تحريڪ
۾جيتوڻيڪ سڀني صوبن جا سياسي
اڳواڻ شامل هئا ۽ پاڪستان جي
سڀني صوبن ۾ جمهوريت کي بحال
ڪرڻ جو پروگرام هيو پر معلوم
ٿيو ته فقط سنڌ اندر ئي اها
تحريڪ باقائدي هلي ۽ گهڻي حد
تائين ڪامياب ٿي . ان سلسلي ۾
ايترو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي
ماڻهن کي پنهنجون شڪايتون
هيون ۽ ٻين ننڍن صوبن جي ڀيٽ
۾ خاص طور بلوچستان جي نسبت
سنڌ ۾ پڙهيل ڳڙهيل باشعور
سنڌي طبقو موجود هو، جنهن ان
تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، ان
ڪري ئي ان سياسي اڀار کي سنڌ
جي سياست ۾ ٽين لهر ڪوٺڻ
گهرجي.
حقيقت ۾ نه سنڌ
ستل آهي ۽ به وري سنڌي ماڻهو
پنهنجي حقن کان غافل آهن،
پرافسوس رڳو ان ڳالهه جو آهي
ته سنڌي سماج ۾ وچولي طبقي
اڃا پنهنجي جاءِ نه ٺاهي آهي.
منهنجي نظر ۾ ان جا خاص سبب
تعليم جو نه هجڻ ۽ سنڌ جي
زراعت کي نه سنڀالڻ توڙي
صوبائي حڪومتن طرفان نظر
انداز ڪرڻ سبب سنڌ جي اٽڪل 70
سيڪڙو آبادگار طبقي جو ڪمزور
ٿيڻ آهي . ٻي ڳالهه ته سائين
جي. ايم. سيد اسان کي اهو
برابر ٻڌايو ته سنڌو ديش ڇو ۽
ڇالاءِ ٺهڻ کپي؟ پر اسان جا
قومپرست اڳواڻ اڃا تائين اهو
نه معلوم ڪري سگهيا آهن ته
سنڌو ديش ڪيئن ۽ ڪنهن لاءِ
ٺاهيو وڃي. نتيجي ۾ اسان جا
قومپرست دوست اڃا سوڌو
تحريڪون ته هلائين ٿا، جلسا
جلوس ۽ ڌرڻا به لڳائين ٿا، پر
ڪو باقائدي سياسي پروگرام نه
ڏئي سگهيا آهن ۽ نه وري ڪڏهن
اهو سوچيو يا سمجهيو اٿائون
ته اڄ جي دنيا ۾ ڪامياب ٿيڻ
لاءِ جمهوري طريقي سان عام
ماڻهن جي مدد وٺي اسيمبليءَ ۾
وڃڻ ضروري آهي . اهو ئي سبب
آهي جو هر ڀيري جڏهن اسان جي
وجود تي وار ٿئي ٿو ، اسان جي
قومي وسيلن تي قبضا ڪيا وڃن
ٿا ۽ جمهوري حق کسي اسان کي
اڳتي وڌڻ کان روڪيو وڃي
ٿو.پوءِ ئي اسان سجاڳ ٿيون
ٿا، تحريڪون هلايون ٿا، رستن
تي نڪري اچون ٿا ۽ جذباتي
تقريرون ڪري عام ماڻهن کي ڪفن
سرسان ٻڌي ٻاهر نڪرڻ ۽ جدوجهد
ڪرڻ لاءِ چئون ٿا. گذريل ڪجهه
سالن کان پاڻي جي سلسلي ۾
جڏهن سنڌو درياءَ تي وڏا ڊيم
ٺاهڻ جا سانباها ڪيا ويا آهن
۽جمهوري طريقين کي ڇڏي ڏنڊي
جي زور تي اعلان ڪيا وڃن ٿا
ته پنجاب جي مرضي کانسواءِ
پاڪستان ۾ ڪا به حڪومت نه هلي
سگهندي ۽ اهو به چيو وڃي ٿو
ته
ٽن صوبائي اسيمبلين ۾ پاس ٿيل
ٺهرائن جي ڪا به حيثت ناهي ۽
سندن پنهنجي خواب خيال ۾
ايندڙ ملڪي مفادن خاطر کين
جيئن وڻندو تيئن ڪندا ۽ سنڌو
درياءَ تي سنڌ کان ٻاهر مٿين
علائقن ۾ بند ضرور ٻڌبا، ڊيم
ضرور ٺهندا ۽ جرنيلن جي زمين
جي آبادي لاءِ گريٽر ٿل ڪئنال
ضرور ٺهندو ۽ اهو سڀ سنڌ ۽
سنڌي ماڻهن جي فائدي لاءِ
آهي ۽ ائين به چيو وڃي ٿو ته
ٻي صورت ۾ سنڌ سڪي ريگستان ٿي
ويندي. چوندا آهن ته گڏيل
مفاد ۾ ۽ گڏيل دشمن جي خلاف
ماڻهو متحد ٿي ويندا آهن ۽
اسان ڏسون پيا ته اڄ پاڻي جي
سلسلي ۾ سنڌي ماڻهن جي زندگي
جي بچاءَ لاءِ سڀ سياسي
اڳواڻ، مذهبي غير مذهبي وفاق
پرست توڙي قومپرست،حڪومتي
نمائندا توڙي مخالفت ۾ ويهندڙ
اسيمبلي ميمبر نه فقط سنڌ
اندر پر سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ۽
پنجاب سان واسطو رکندڙ اڳواڻ
پڻ معاملي ۾ سنڌين جا ساٿاري
آهن ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪالا
باغ ڊيم جنهن کي سبزباغ طور
پيش ڪيو وڃي ٿو سو شايد ڪجهه
سالن لاءِ نه ٺهي پر سنڌي
سياست جي هي چوٿين لهر ماٺي
نه ٿيڻ گهرجي ۽ هاڻي اهو
ضروري ٿي پيو آهي ته سنڌي
ساڃاهه وندن کي گهرجي ته سنڌ
جا سياسي حق ۽ سنڌ جي
خودمختياري ۽ ٻيا جمهوري حق
حاصل ڪرڻ لاءِ باقائدي
پروگرام ٺاهين. جيئن اهو
معاملو اتي ختم نه ٿئي پر
باقائدي جاري رهي ۽ سنڌ جي
خوشحالي لاءِ سنڌ ۾ رهندڙ
سڀني ماڻهن جيڪي سنڌ ڌرتي کي
پنهنجي جيئڻ مرڻ جي جاءِ
سمجهن ٿا سنڌ جي حفاظت ۽ بقا
لاءِ هميشه سجاڳ ۽ هوشمند
رهن.
لهرن لک لباس، پاڻي پسڻ هيڪڙو
اونهي تنهن عميق جي،واري ڇڏ
وماس
جت ناهه نهايت نينهن جي، کوءِ
ات پنهنجي کاس
تڙن جي تلاش، لاهه ته لعلن لڳ
ٿئين.
شاهه |