1940ع جي قرارداد تي بحث

 

23 مارچ 1940 تي لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ طرفان هندستان جي سياسي/آئيني مسئلي جي نبيري لاءِ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو جيڪو بنگال جي وڏي وزير مولوي اي .ڪي. فضل الحق پيش ڪيو ۽ يو پي اسيمبلي ميمبر چوڌري خليق الزمان جي تائيد ۽ ٻارنهن ٻين اڳواڻن جي پٺڀرائي سان يڪراءُ پاس ٿيو. ان ٺهراءُ کي پاڪستان ٺهراءُ چيو وڃي ٿو جيتوڻيڪ ان ۾ ڪٿي به پاڪستان لفظ لکيل نه آهي.

            لاهور ٺهراءُ ۾ ڄاڻايل آهي ته هندستان ۾ ڪابه اهڙي آئيني رٿ ڪم نه ڪري سگهندي ۽ نه وري مسلمانن کي قبول پوندي جيستائين اها رٿ هيٺ ڄاڻايل بنيادي اصولن تي ٻڌل نه هوندي.

            “جاگرافي طور مسلم گهڻائي وارا لاڳيتا صوبا ڪجهه ضروري ڦير ڦار سان اهڙي نموني آزاد رياستن طور گڏيا وڃن جيئن هندستان جي اتر اولهه ۽ اوڀر وارا علائقا ۽ انهن ۾ شامل ٿيندڙ صوبا پنهنجي جاءِ تي خودمختيار ۽ آزاد هجن.”

            ان ٺهراءُ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽي کي چيو ويو ته اهڙي رٿ تيار ڪري جنهن موجب مٿي ڄاڻايل علائقن کي بچاءُ، پرڏيهي معاملن، اچ وڃ، ڪسٽم ۽ ٻين ضروري کاتن جا اختيار ڏنا وڃن.

            23 مارچ 1940ع تي لاهور ٺهراءُ پاس ڪري 1941ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ پنهنجي مدراس واري گڏجاڻي ۾ مسلم ليگ جي متن ۽ مقصدن ۾ به ضروري ڦير ڦار ڪئي جنهن موجب هڪ دفعو وري ورجايو ويو ته هندستان جي اتر اولهه ۽ اوڀر وارا مسلم گهڻائي وارا صوبا ضروري ڦير ڦار سان پوري طرح آزاد علائقا ٺاهيا ويندا ۽ انهن ۾ شريڪ ٿيندڙ صوبا وري پنهنجي جاءِ تي آزاد ۽ خودمختيار هوندا. هي ٺهراءُ لياقت علي خان پيش ڪيو ۽ حاجي عبدالستار سيٺ جي تائيد ۽ مدراس، بلوچستان، دهلي ۽ بنگال جي ليگي اڳواڻن جي پٺڀرائي سان پاس ٿيو.

            لاهور ٺهراءُ کي نظر ۾ رکي 3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ سائين جي. ايم. سيد هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو. جيڪو گهڻي بحث مباحثي کانپوءِ 60 ميمبر مان 27 ميمبرن جي حاضري ۽ 24 جي گهڻائي سان پاس ٿيو. ياد رهي ته ان وقت سنڌ اسيمبلي جا ڪانگريس ميمبر هڙئي جيل ۾ هئا. سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي مان معلوم ٿئي ٿو ته ان ٺهراءُ جي مخالفن جي اعتراضن تي ڳالهائيندي شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب زور ڏيئي ٻڌايو ته جهڙي طرح سويت روس جي آئين ۾ شامل ڪابه رياست جڏهن چاهي سويت يونين کان جدا ٿي سگهي ٿي. اهڙي طرح پاڪستان ۾ شريڪ ٿيندڙ صوبا پڻ آزاد ۽ خودمختيار ٿي سگهندا.

            ياد رکڻ گهرجي ته هندستان جي مسلم گهڻائي وارن صوبن جا ليگي اڳواڻ جهڙوڪ مولوي فضل الحق (بنگال) سڪندر حيات خان (پنجاب) ۽ جي ايم سيد (سنڌ) شروع کان ان خيال جا هئا ته مسلم گهڻائي وارن صوبن مان هر هڪ صوبي جي پنهنجي الڳ قوميت تهذيب تاريخ جاگرافي ۽ ٻولي آهي ۽ انهي حساب سان اهو ضروري هو ته رٿيل پاڪستان جا، نه رڳو اتر اوڀر، ۽ اتر اولهه وارا علائقا آزاد ۽ خودمختيار هجن پر انهن ٻن علائقن ۾ شامل صوبا پڻ اهڙي طرح آزاد ۽ خودمختيار هجڻ گهرجن، پر جن دوستن تاريخ ۽ خاص طرح مسلم ليگ جي تاريخ جو گهرو اڀياس ڪيو آهي،  انهن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ۾ شروع کان ئي يو پي ۽ بهار جا اڳواڻ هندستاني مسلمانن کي تهذيب تاريخ ۽ ٻولي جي حوالي سان هڪ الڳ قوم ڪري سمجهندا هئا. ڪي ڄاڻو ته اهو به چون ٿا ته لاهور واري اجلاس ۾ 23 مارچ تي ٺهراءُ پاس ڪرڻ کان هڪ ڏينهن اڳ 22 مارچ تي جڏهن مسلم ليگ جي سبجيٽس ڪميٽي ان ٺهراءُ تي غور ڪري رهي هئي تڏهن جناح، لياقت علي، چوڌري خليق الزمان ۽ ٻين يو پي، بهار سان واسطو رکندڙ ليگي اڳواڻن مسلم قوم ۽ قومي زبان اردو جي حق ۾ گهڻو پاڻ پتوڙيو ۽ جوش ڏيکاريو پر مسلم ليگ جي گهڻائي وارن صوبن جي قومپرست ليگي اڳواڻن پنهنجي ڳالهه مڃائي ورتي. لاهور ٺهراءُ جيئن اڄ آهي تيئن پاس ٿيو.

             پوءِ جڏهن ٻي مهاڀاري لڙائي هلندي ڪانگريس پارٽي جي گرم ڌر سڀاش چندر بوس جي اڳواڻيءَ ۾ جرمني، اٽلي ۽ جپان جي مدد سان هندستان کي آزاد ڪرڻ لاءِ هند فوج ٺاهي ۽ ٻي پاسي گانڌي، پٽيل، آزاد ۽ نهرو جي ڪانگريس پارٽي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انگريز سرڪار هندستان جي آزادي جو هاڻي باقاعدي واعدو ڪري ته سندس لڙائي ۾ مدد ڪبي. انگريز سرڪار جڏهن ڪانگريس جي اها ڳالهه نه مڃي ته آل انڊيا ڪانگريس ورڪنگ ڪميٽي مولانا آزاد جي صدارت ۾ 8 آگسٽ 1942ع تي “هندستان ڇڏي وڃو” جو ٺهراءُ پاس ڪيو ۽ اهڙي طرح ڪانگريس جي اڳواڻن جي گرفتارين کانپوءِ ساري هندستان ۾ ڄڻ ته ڀنڀور کي باهه لڳي وئي ۽ مار ڌاڙ ۽ تشدد جون سرگرميون شروع ٿي ويون . جنهن ڪري انگريز بهادر به لاچار مسلم ليگ طرف مائل ٿيو ۽ مسلم ليگ وري پنهنجي طرفان انگريز سرڪار کي چيو ته “ورهايو ۽ ملڪ ڇڏيو.” ان زماني ۾ ٻي خاص ڳالهه سويت يونين طرفان جيڪا ٿي اها به خاص ڌيان لهڻي.

            سيپٽمبر 1939ع تي جڏهن ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي تڏهن چون ٿا ته نازي جرمني ۽ سويت يونين جو پاڻ ۾ هڪٻئي خلاف جنگ نه ڪرڻ جو عهدنامو ٿيل هو ۽ انهي ڪري ئي سويت سرڪار ان وقت اعلان ڪيو ته هي جنگ سامراجي ملڪن جي پاڻ ۾ بيٺڪن لاءِ آهي ۽ ان جنگ ۾ ڪميونسٽن کي ڪنهن به طرح پري رهڻ گهرجي پر پوءِ جڏهن سن 1941۾ نازي جرمني سويت يونين خلاف اڳرائي ڪري نئون محاذ کوليو ته سويت يونين به پڌرو ڪيو ته هيءَ جنگ هاڻي قومي ۽ عوامي صورت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ ڪميونسٽ پارٽيون هر ملڪ ۾ انگريز ۽ ان جي اتحادين جي مدد ڪن. ان نئين صورتحال ۾ هندستان جي ڪميونسٽ پارٽي جي هدايتن تي هندستان ڪميونسٽ پارٽيءَ جا مک مسلمان ميمبر هڪدم مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿي نه رڳو انگريز سرڪار جي هر طرح فوجي ڀرتين سميت مدد ڪرڻ لڳا پر خبر ناهي ڪهڙي حساب سان هندستاني مسلمانن جي خودمختياري جي پٺڀرائي پڻ ڪيائون ۽ پنهنجي اخبارن ۽ رسالن ۾ اهو لکڻ لڳا ته آزاد هندستان ۾ آزاد پاڪستان، منهنجي خيال ۾ مسلم ليگي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي مدد ۽ انگريز سرڪار جي تائيد سان ئي 1946ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ ڪامياب ٿي ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو.

 

حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪيان ذري،

لڳي   ماٺ   مرن   کي ،  ڏونگر   پون   ڌري،

وڃن   وڻ   ٻري ،   اوڀر   اُڀري   ڪين   ڪي.

 

                                                                 شاهه

 

ڪتاب آن لائن، هوم

سوانح حيات 

نورالدين سرڪي آدرشي انسان

 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >