شڪارپور جون ڪي ڳالهيون

 

           سن 1945 کان اڳ ۾ شڪار پور جي جيڪا زندگي هئي، اها ته هينئر خواب خيال آهي. ڪو زمانو هو جو شڪار پور ۾ بجلي ڪانه هئي، گھٽين ۾ فانوس ٻرندا هئا. ننڍن ٿنڀن ۾ فانوس لڳل هوندا هئا. روزانو شام جو ميونپل جو ماڻهو ايندو هو، شيشا صاف ڪري تيل وجھي، ٻاري هليو ويندو هو. ٻي صفائي ڏاڍي هوندي هئي. ڇڻڪار ڪرڻ جون گاڏيون اينديون هي، جيڪي ٻاهرين رستن تي روزانو ڇڻڪار ڪنديون هيون                                            .
            شڪار پور جو شهر باغن کان مشهور هوندو هو. سنڌواهه،شڪار پور جي عظمت جي نشاني هئي. هن وقت مان ڀانيان ٿو ته سنڌ واهه تي ڪابه آرام گاهه ناهي. هڪ زماني ۾ اونهاري جي ڏيهن ۾ لکيدر کان سنڌ واهه تائين هڪ بس هلندي هئي. آچر جي ڏينهن يا ڪنهن به موڪل جي ڏينهن سنڌ واهه تي ميلا لڳندا هئا. اتي باقاعدي جايون ٺهيل هونديون هيون. پوين ڏينهن ۾ هڪري مسلمان خاندان، حاجي محمد سليمان ميمڻ، جنهن جو ڪپڙي جو دوڪان هوندو هو
انهن مسجد ۽ جاءِ ٺهرائي هئي، جتي مسلمان ويهندا هئا.

اتي ڏاڪڻيون ٺهيل هيون ۽ پردو لڳل هوندو هو جو اتي عورتون تڙ ڪنديون هيون. ان کان سواءِ شڪار پور جي خاص ڳالهه ٻڍا آشرم هو. جنهنجو تصور اسان جي اڄ ڪلهه جي دوستن کي شايد نه اچي، پر گھٽ ۾ گھٽ هڪڙو ٻڍا آشرم مونکي ياد آهي. لکي در تي جتي سائينءَ جو اوتارو آهي، ان جي پرئين در کان اسانجي نيو ارا اسڪول جي جو مينيجر مسٽر مينگھراج رهندو هو. ان جي گھر جي ڀرسان آنرابل علي بخش جو گھر به آهي . اتي هڪ ٻڍا آشرم هوندو هو. ان ٻڍا آشرم ۾ گھڻو ڪري شهر جا ٻڍا ماڻهو، جن کي اولاد سنڀالي نه سگهندو هو، يا گھرن ۾ خوش نه رهندا هئا يا جيڪي لاوارث هوندا، انهن کي آڻي رهائيندا هئا. انهن جي روزانو صبح کان شام تائين خدمت ٿيندي هئي. جيڪڏهن سياري جا ڏينهن هجن ته انهن کي اس ۾ ويهاري تيل مالش ڪندا هئا، پوءِ کن ماني کارائيندا هئا.

ان زماني ۾ شڪار پور ۾ گھٽ ۾گھٽ ست انگھريزي اسڪول هئا. هڪڙو گورنمينٽ هاءِ اسڪول،ٻيو هوپفل اڪيڊمي، ٽيون نيو ارا اسڪول جنهن کي هاڻي قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول چئجي ٿو. ان اسڪول جون ٻه برانچز هيون. هڪڙي لکي در تي ٻي هوپفل اڪيڊميءَ جي ڀرسان جنهن ۾ ڪجھه ڏينهن لاءِ آرضي طرح ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس هوندي هئي. لکي در واري برانچ ۾ ٽي درجا پڙهايا ويندا هئا. باقي چوٿون ۽ پنجو درجو ٻئي پاسي هوندو هو. هڪڙو اسڪول پريتم ڌرم سڀا جي نالي هوندو هو. اهو منفرد قسم جو اسڪول هوندو هو.جتي هندو ڌرم جي پرپار سان گڏ وگڏ هنري تعليم تي زور ڏنو ويندو هو. هندو نوجوانن کي ان لاءِ تيار ڪندا هئا ته جيئن تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪري ڪرڻ بجاء پنهنجي ڌنڌي سان لڳن. شڪار پور ۾ جيڪي واپاري مانهو هوندا هئا، اهي هن اسڪول مان تعليم پرائي چڪا هوندا هئا. انهن اسڪولن کان سواءِ پوسٽ آفيس جي ڀرسان هڪ گرلس اسڪول پڻ هوندو هو.جنهنجو سرپرست پروفيسر شيوا رام ڦيرواڻي هوندو هو. ان اسڪول هلائڻ ۾ سندس وڏي مدد هوندي هئي. ڊاڪٽر ليلا رام ڦيرواڻي به سندس ڀاءٌ هو.“هڪ رات” جي سري سان سندس ڪتاب به هوندو هو. ٻئي ڀائر سماجي ڪارڪن هئا.

انهن اسڪولن جي تعليم سان گڏ شڪار پور شهر ۾ لئبريرين جو ڄار وڇايل هوند و هو.لئبريرين ۾ ڪتاب ۽ رسالا سنڌ ۽ هند جي مختلف شهرن کان ايندا هئا. وڏي ۾ وڏي لئبريري جماڻي هال ۾ هوندي هئي. هيٺ هال هوندو هو. ريڊنگ روم هوندي هئي. ان لئبريريءَ ۾ هر قسم جا ڪتاب ۽ رسالا ۽ روزانو اخبارون به اينديون هيون. ڪتاب گھر کڻي وڃڻ لاءِ ملندا هئا باقي اخبارون ۽ رسالا اتي وٺي پڙهبا هئا. ان کان سواءِ دادوائي روڊ تي شيوا منڊلي لئبريري هوندي هئي. اسان کي پڙهڻ جو شوق استادن ڏياريو. خاص ڪري سائين کيئل داس فاني بيگراڻي جيڪو هاڻي ڀوپال ۾ رهي ٿو.(پر هاڻ هن جهان ۾ ناهي) ٻه ٽي سال ٿيا هن سان هندوستان ۾ ملاقات ڪري آيو هوس. فاني صاحب ڪلاس ۾ شاعري به سيکاريندو هو. هو شيخ اياز جو به استاد هو. شيخ اياز مون کان ٽي سال سينئر هو.اسان کي استادن جي طرفان هدايت هوندي هئي ته جيترو ٿي سگھي پڙهو. اسان کي پڙهڻ جو شوق ان حد تائين ٿيو ته صبح جو سوير سُڪپل تي هڪڙو حڪيم هوندو هو، هو اخبارون گھرائيندو هو، اسان اتي  پنج ڏهه منٽ کن ويهي اخباري سُرخيون پڙهي پوءِ اسڪول ويندا هئاسون .سام جو راند کيڏڻ لاءِ وڃڻ کان اڳ جماڻي هال ۾ ضرور ترسڻو پوندو هو. راند تان مپٽي دائودي روڊ تي شيوا منڊلي لئبريريءَ ۾ باقاعدگيءَ سان ڪلاڪ کن اخبارون پڙهي پوءِ گھر ويندا هئاسون. اهڙيءَ طرح مطلعي جو شوق ، جيڪو استادن جي همٿ افزائيءَ سان پيو، ان مان اسان گھڻو ڪجھه سکياسون.ماسٽرچندرجي هڪ مشهور عزل جي مصرع آهي: “باغ ۾ گلڙا گھڻا، ڪنهن کي ڏسي ڪنهن کي ڏسان.” اهڙي طرح هن شهر جو ڳالهيون گھڻيون آهن، ڪهڙيون چئي ڪهڙيون چوان.

 

 

ڪتاب آن لائن، هوم

سوانح حيات 

نورالدين سرڪي آدرشي انسان

 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >