سنڌ سان اهڙي جند جڙي

(قاضي فيض محمد جي ياد(

 

فارسي جو هڪ مشهور شعر آهي.

تازه خواهي داشتن گر داغ هائي سينه را

گاهي گاهي باز خوان اين قصئه پارينه را

ترجمو:

“دل جي داغن کي جيڪڏهن تازو رکڻ چاهيو ٿا ته وساريل ڳالهين کي ڪڏهن ڪڏهن ياد ڪندا رهو” يا جيئن سنڌ جي شهزادي شاعر مير عبدالحسين سانگي چيو آهي؛

گذري  ويا  سي  زمانا   ياد  پيا

وسري جي ويا سي فسانا ياد پيا.

            چوندا آهن ته جنهن قوم تاريخ کي وساري ڇڏيو ان قوم کي تاريخ به ياد نه رکندي، اصل ۾ تاريخ، ماضي، حال ۽ مستقبل جي هڪٻئي سان لاڳيتي گفتگو جو نالوآ هي ۽ اها ڳالهه ٻولهه ڪٿي به ٽٽڻ نه گهرجي.

            ڪالهه کي ياد رکڻ ۽ سڀاڻي بابت سوچڻ ضروري آهي پر جيڪو قدم کڻجي سو اڄ لاءِ.

            سنڌ ڌرتي اسان جي جيجل ماءُ به ويهين صدي جي شروع ۾ ڪي اهڙيون هستيون پيدا ڪيون جيڪي تاريخ جو اڻ وسرندڙ باب آهن ۽ اسان انهن تي جيترو ناز ڪريون سو ٿورو آهي.

            الهه بخش سومرو 1900ع (شڪارپور)، حيدر بخش جتوئي 1901ع (بکو ديرو) جي ايم سيد 1904ع (سن) ۽ قاضي فيض محمد 1908ع (هالاڻي) ۾ پيدا ٿيا.

            سنڌ جا اهي چارئي سڄڻ پنهنجي اڻٿڪ ڪوشش، عوام دوستي، آزاد خيالي ۽ روشن ضميري جي ڪري مشهور آهن ۽ کين سنڌ جي آجپي جا بي خوف سپاهي به چئي سگهجي ٿو. الهه بخش سومري جون سرگرميون گهڻو تڻو سياسي ۽ ڪنهن حد تائين سماجي سڌاري تائين محدود نظر اچن ٿيون، باقي حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد ۽ قاضي فيض محمد هر ڳالهه ۾ اڳرا ۽ سياست سان گڏ علم، ادب، تاريخ، مذهب توڻي سماجي، سڌارن لاءِ هر وقت تيار ۽ سرگرم نظر اچن ٿا.

            قاضي فيض محمد 23 نومبر 1908ع تي نوابشاهه ضلعي جي قديم شهر هالاڻي ۾ جنم ورتو. 1935ع ۾ بي ايس سي ۽ 1940ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪري نوابشاهه ۾ وڪالت شروع ڪيائين پر کيس ننڍپڻ کان ئي ڪا سياست جي هورا کورا لڳل هئي ۽ ننڍي هوندي ئي ٻين اسڪولي شاگردن سان گڏ 1919ع ۾ خلافت ۽ ٻين ڪانگريسي تحريڪن ۾ مشغول ٿي ويو. پوءِ 1928ع ۾ جڏهن هندستان ۾ آئيني سڌارن لاءِ انگريز بهادر سائمن ڪميشن موڪلي ۽ هند سنڌ جي سياستدانن ان جو بائيڪاٽ ڪيو ته نوجوان قاضي فيض محمد به پڊعيدن اسٽيشن تي ان ريل ٻاهران ٻين سان گڏ “سائمن واپس وڃ” جا نعرا هڻندي نظر اچي ٿو جنهن ۾  سائمن سفر ڪري رهيو هو. 1933ع ۾ وري ڪراچي ۾ بي ايس سي پڙهندي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ 1942ع ۾ انگريز سامراج جي مهرباني سان بنگال ۾ موتمار ڏڪار پيو ته قاضي صاحب رضاڪار ٿي اوڏانهن اسهيو ۽ سماجي سهائتا ۾  ڀرپور حصو ورتائين.

            مئي 1942ع ۾ جي ايم سيد سنڌ مسلم ليگ جو صدر ٿيو ۽ ليگ کي عام ماڻهن جي سطح تي کڻي آيو ته قاضي به 1943ع ۾ جوان جذبن سان سنڌي ما‎ڻهن جي خدمت لاءِ مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيو ۽ 1948ع تائين پنهنجي وت آهر ڪم ڪندو رهيو. انهي وچ ۾ ڏسجي ٿو ته قاضي صاحب تي به هندستان جي ورهاڱي جا پويان پاڇا پوڻ لڳا ۽ نتيجي ۾ سنڌي ماڻهن ۽ خاص ڪري لڏي ويندڙ هندن جي زمين تي پوک ڪندڙ هارين جو جيڪو نقصان ٿيو ان جو اندازو قاضي صاحب چڱي طرح لڳايو ۽ هاڻي هو هاري ڪميٽي ‎۾ شريڪ ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ٻي سال يعني 1949ع ۾ جڏهن جي ايم سيد اليڪشن پٽيشن کٽي ۽ قاضي محمد اڪبر سان گڏ پير الهيٰ بخش به ڇهن سالن لاءِ نااهل ٿيو ته ان وقت مسلم ليگ جي صدر محمد ايوب کهڙي پنهنجي سالي عبداللطيف پنهور کي چونڊرائڻ چاهيو. ان سلسلي ۾ عبداللطيف پنهور لاءِ آساني پيدا ڪرڻ ۽ ميدان صاف ڪرائڻ لاءِ مخالف اميدوارن مان آخوند شفيع محمد وڪيل کي هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ڪرايو ويو، حيدر بخش جتوئي نامزدگي ڪاغذ ڀرڻ لاءِ ڪليڪٽر جي آفيس آيو ته در تان ئي کيس پڪڙي ڪنهن ڏورانهين هنڌ ڇڏيو ويو، پير الاهي بخش جي بالغ پٽ شاهنواز کي نابالغ چئي سندس ڪاغذ رد ڪيا ويا ۽ تاج صحرائي جو ڪاغذ وري ان بهاني قبول نه ٿيو ته هو تاج محمد ميمڻ نه ،جيڪو سندس اصلي قانوني ۽ سرٽيفڪيٽ ۾ ڄاڻايل نالو هو،  پر جيئن عالم مشهور هو، هو تاج صحرائي هو. پاڪستان ٿيڻ سان اها پهرين پيار ڀرين سوکڙين مان هڪ هئي، جيڪا جناح جي مسلم ليگ سنڌ کي ڏني ۽ ان ڳالهه تي اسان جي محترم قاضي فيض محمد سخت اعتراض ڪيو ۽ احتجاج ڪندي مسلم ليگ تان استعيفيٰ ڏني. پوءِ 1951ع ۾ قاضي صاحب سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر چونڊيو ويو ۽ اٽڪل ٻه سال پوءِ 1952/53ع ڌاري جڏهن ميان افتخار الدين آزاد پاڪستان پارٽي ٺاهي ته سنگت جي صلاح سان قاضي صاحب به سنڌ جي حقن لاءِ آزاد پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿيو.

            1954ع ۾ وري سنڌ جي خلاف هڪ نئين سازش سٽجڻ لڳي ۽ سنڌ جي وجود، سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تعليم توڻي علم ادب کي نقصان پهچائڻ ۽ ڊاڪٽر سر محمد اقبال جي خواب جي تعبير لاءِ اولهه پاڪستان جي چئني صوبن کي ملائي ون يونٽ ٺاهڻ جي تياري ٿيڻ لڳي جنهن لاءِ سموري سنڌ ميدان ۾ نڪري آئي. ان احتجاج ۽ مهاڏي ۾ جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد جي سياسي سپاهين ۾ سنڌي اديب ۽ شاگرد پيش پيش هئا.اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته اهو ون يونٽ مخالفت وارو دور ئي سنڌ جي سياست جو سونهري دور ليکيو وڃي ٿو. ان دور ۾ ئي شيخ اياز کي سنڌ جو آواز سڏيو ويو ۽ ڪيترا ٻيا اديب ۽ شاگرد توڙي نوجوان سياسي ڪارڪن پچي راس ٿيا. اسان جو قاضي فيض محمد به پوئتي نه رهيو ڇاڪاڻ ته سندس سدا سجاڳ ۽ بي چين روح ڪٿي ٿو کيس آرام ڪرڻ ڏي ۽ آڪٽوبر 1954ع کان وٺي جو ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ سنڌ جو طوفاني دورو شروع ڪيائين ته ڪڏهن ريل ۾ ڪڏهن جيل ۾ چواڻي تيستائين سک جو ساهه نه کنيائين جيستائين 1970ع ۾ ون يونٽ ٽٽو ۽ سنڌ وري بحال ٿي.

            انهي وچ ۾ قاضي صاحب هڪ دفعو وري 1955ع ۾ کهڙي صاحب جي عتاب هيٺ آيو جڏهن سانگهڙ مان صوبائي اسيمبلي جي اميدوار کهڙي صاحب جي مخالفت ۾ قاضي صاحب نامينيشن ڪاغذ ڀرڻ جو ارادو ڪيو ۽ سرڪار سڳوري جي فرشتن کيس کنڀي ڪنهن ڏورانهين هنڌ وڃي ڇڏيو جتان وقت اندر موٽي ڪاغذ ڀري پيش ڪرڻ جو ڪوبه امڪان باقي نه رهيو.

            1956ع وري بنگالي قومپرست ڀائرن جي همدردي ۾ قاضي صاحب عوامي ليگ ۾ شريڪ ٿيو ۽ کيس سنڌ لاءِ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ڪيو ويو، پر جڏهن ڏٺائين ته هر قوم کي پنهنجا قومي مفاد وڌيڪ پيارا آهن ۽ وزيراعظم حسين شهيد سهروردي به سنڌين سان ڪيل واعدي تان ڦري ون يونٽ جي حمايت ۾ بيان ڏيڻ لڳو ته قاضي صاحب جهڙو غيرتمند سنڌي به پنهنجي قومي مفادن خاطر عوامي ليگ کي ڇڏي آيو ۽ هڪ دفعو وري سنڌي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ۾ جنبي ويو. ياد رهي ته 1970ع جي عام چونڊن کان اڳ ۾ قاضي فيض محمد هڪ دفعو وري شيخ مجيب الرحمان جي قيادت ۾ عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ پارٽي جو سينيئر نائب صدر مقرر ٿيو. مولانا حسرت موهاني جو شعر آهي ته:

 

هي مشق ســـخن جاري چڪي ڪي مشقت بهي

ا ڪ طرح تماشه هي حسرت ڪي طبيعت بهي

 

            اسان جو قاضي فيض محمد صاحب به نرالي طبيعت جو مالڪ هو سياست سان گڏ سماجي سڌارڪ، ڪڏهن علم ادب جون محفلون خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت ۾ نوجوانن سان گڏ ته ڪڏهن وري راڳ رنگ سو به گهڻو ڪري ڪلاسيڪي، شاهه عبدالطيف وانگر راڳ کي روح جي غذا سمجهندو هو.

            سائنس جو شاگرد هئڻ ڪري انسان ۽ ڪائنات تي گهري نظر رکندو هو. اعليٰ تعليم ادب ۽ سائنس جو گهرو مطالعو علامه آءِ آءِ قاضي سان قرب ۾ عقيدتمند، وڪيل هجڻ جي ناتي عام ماڻهن خاص ڪري غريب طبقي جي هارين نارين جي ڏک سور جي ڄاڻ ۽ انهن سان ٿيندڙ زمينداري ظلمن جي مشاهدي قاضي فيض محمد جي ذهن ۽ ضمير کي سدائين صاف سٿرو رکيو، منهنجي خيال ۾ قاضي صاحب هڪ سجاڳ ۽ سڄاڻ سنڌي ۽ سنڌ جي آزادي جي بي خوف سپاهي طور هميشه ياد رهندو.

            هڪ انگريزي دانشور جي قول مطابق:

Man does not die, till he is for gotten ۽ انهي حساب سان قاضي فيض محمد به ڪڏهن مرندو.

            هالن وارو خليفو گل به اهوئي ٻڌائي ٿو ته:

مــئا جي محبت ۾ ماريا نه موت،

وتن حال جيئرا فنا ڪيا نه فوت،

            مان پنهنجي وت آهر قاضي فيض محمد جي صفت کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر سمجهان ٿو ته قاضي صاحب جو حق پوري طرح ادا نه ڪري سگهيو آهيان. مان ائين به نه چوندس ته قاضي صاحب جهڙو پٽ وري ڪا ماءُ نه ڄڻيندي ڇاڪاڻ جو ٻج کوٽي ڪانهي.

 

ڪتاب آن لائن، هوم

سوانح حيات 

نورالدين سرڪي آدرشي انسان

 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >