(ڪامياب بغاوت کي انقلاب چئبو آهي، ۽ ناڪامياب انقلاب کي بغاوت _ “باري” مرحوم )

 

            اڄ کان پورا هڪ سئو ورهيه اڳ، هندستان ۾ آزادي جي جنگ  جي باهه ڀڙڪي اٿي؛ انگريزن کي هندستان مان تڙي ڪڍڻ لاءِ اهائي آخري هٿيار بند لڙائي هئي. عالم ۽ تاريخدان گهڻي وقت کان ويچاريندا رهيا آهن ته 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ رڳو هندستاني سپاهين طرفان هئي يا ان م عام ماڻهن بو اوتري دلچسپي ورتي پر تاريخ جي فتوا اها آهي ته آزاديء جي جنگ رڳو سپاهين جي فساد تائين محدود نه هئي، ان وقت به هندستان توري انگلينڊ جي ڪن حلقن جو اهو رايو هو يئن لنڊن جي اخبار دنيا ۾ 1 آگسٽ 1857ع تي ڇپيل هڪ ايڊيٽوريل جي هيٺ ڄاڻايل ٽڪري مان معلوم ٿئي ٿو.

” جيڪڏهن رڳو ساپهي ناراض آهن ۽ عام ماڻهن اسان سان ٻڏل آهن، ته پوءِ هند سرڪار ورور ڪري يورپي فوجن ۽ ٻي مدد لاءِ اسان کي ايترو ڇو تنگ ٿي ڪري؟، جيڪڏهن هندستاني عوام جون همدرديون اسان سان آهن جنهن خاطر ئي سرڪار ۽ ڪمپني جا ڊائريڪتر وقت بوقت اسان کي ڏيندا رهيا آهن ته پوءِ هند سرڪار هندستاني ماڻهن منجهان ئا اهڙا ڏهه لشڪر ٺاهي سگهي ٿي!“

ان ڳالهه کان اڳ ڪوبه انڪار نه ڪري سگهندو ته هندستان جو ڪوبه صوصبو انهيءَ ”آزاديء جي جنگ“  جي باهه کان آجو نه هو، تنهن ڪري سنڌ ۾ ٿيل ان وقت جي واقعن کي دهرائڻ اميد ته تاريخي ۽ علمي لحاظ کان مفيد ۽ دلچسپ ثابت ٿيندو.

            2 جون 1857ع تي “بامبي ٽائيمس” اخبار ۾ آزادي جي جنگ جي ترت سبب بابت ڇپيل خبر ته“ڪارتوسن ۾ چرٻي استعمال ٿيل هئي.” به ڪا من گهڙت معلوم نٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته خود برطانوي ايوان عام ۾ ڪن ذميدار ۽ باخبر شخصن ان ڳالهه جو اقرار ڪيو هو ته برابر ڊم ڊم ۾ ٺهيل ڪارتوسن ۾ ڪجهه چرٻي ڪم آندي ويئي هئي؛ ۽ جڏهن هڪ “هلڪيءَ ذات” واري خلاصيءَ، هڪ برهمڻ سپاهيءَ کان پيئڻ لاءِ پاڻيءَ ڍڪ گهريو، تڏهن برهمڻ جي انڪار تي خلاصيءَ هڪدم جواب ڏنس ته “اهو ذات پات جو ڀيد ڀاو باقي ٻه ٽي ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته جلدئي تون به ڍڳي جي چرٻي لڳل ڪارتوس ڪم آڻيندين!”

            هندستاني سپاهين ته اڳي ئي گهٽ پگهارن ۽ انگريز سامراج جي حفاظت لاءِ جيڪي بيشمار ڊيوٽيون مٿن مڙهيون ويئون هيون، تن جي خلاف ڪرڪڻ ۽ ڪنجهڻ شروع ڪري ڏنو هو .ڍڳي يا سوئر جي چرٻيءَ لڳل ڪارتوسن جو ته پوءِ رڳو هڪ بهانو بڻجي ويو.

            گهٽ پگهارون، مناسب اجوري کان سواءِ سمنڊ پار نوڪريون، ۽ آخر ۾ هندستاني ماڻهن جي دين ڌرم سان دل ڏکوئيندڙ هٿ چراند! اهي ڳالهيون آخر ڪيستائين برداشت ٿِي ٿي سگهيون؟

            خلاصيءَ جي ٽوڪڻ تي برهمڻ ته ٺري برف ٿي ويو؛ پر پنهنجي همراهه برهمڻ کان اها خبر ٻڌي، پاسي ۾ بيٺل هڪ مسلمان سپاهي به في الحال وسامي ويو، اوچتو، هندستاني سپاهيءَ جي دل ۽ دماغ ۾ اها ڳالهه اچي ويئي ته انگريز سرڪار هاني ان سڌيءَ طرح هندستانين کي ڪرستان بنائڻ شروع ڪيو آهي، پاڪاڻ ته پادري طرفان سندن مّهب بدلائڻ جا سڌا طريقا ڪامياب ڪونه ٿيا آهن. هندستاني سپاهي، انگريز سرڪار جي اها هڪت هاڻي وڌيڪ وقت برداشت نٿي ڪري سگهيو؛ پر جيستائين بغاوت لاءِ ڪا سوچيل سمجهيل اسڪيم تيار ٿئي، تيستائين هو ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟

 فوجين جي ناراضپي جي خبر ته اختياريءَ وارن جي ڌيان تي اچي چڪي هئي، پر ڀانئجي ٿو ته انهيءَ ناراضپي مان اڀرندڙ بغاوت جي امڪانن کان اڳ هو پوريءَ طرح آگاهه ڪونه هئا؛ ورنه فتح ڳڙهه جا آفيسر، فيبروري 1857ع واري هيٺ ذڪر ڪيل هڪ مختصر پر عبرت آموز واقعي کان ايترو پريشان نه ٿين ها.

            “گذريل مهيني، يعني فيبروريءَ جي پوئين ڏينهن صبح جو فتح ڳڙهه جا سڀ آفيسر ڏاڍو پريشان پئي نظر آيا. هڪ ٿاڻي کان ٻئي ٿاڻي ڏانهن اٽڪل ٻه انچ قطر وارا ننڍڙا ڦلڪا پئي پهتا. چون ٿا ته ٻه چار ڏينهن اڳ هڪ شام جو، ڪانپور جي چوڪيدار، فتح ڳڙهه جي چوڪيدار ڏانهن اهڙي قسم جو هڪ ڦلڪو هن هدايت سان موڪليو ته هو به ان جهڙا ٻارهن ڦلڪا پچائي، ٻه پاڻ وٽ رکي، ۽ باقي ڏهه پنهنجن پنجن ڀروارن چوڪيدارن ڏانهن، ساڳئيءَ ئي هدايت سان موڪلي ڏي. حڪم جي تعميل ٿي وئي، ۽ ٿوري ئي وقت اندر هر طرف ڦلڪا ئي ڦلڪا پئي ڊوڙندا نظر آيا. اهو طوفان اڃا ڪونه ڍرو ٿيو آهي!” (اخبار فرينڊ آف انڊيا)

سڀني ائين ٿي سمجهيو ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا خرابي ضرور آهي، ۽ اجهو ٿي ڪا آفت اچي. “ڦلڪن” جي ذڪر کان پوءِ، ساڳيءَ اخبار نهايت سمجهه ڀريو سوال پڇيو آهي “ڇا هاڻي ڪوئي ممڻ مچڻ وارو آهي؟ يا ائين ئي ڳالهه آئي وئي! ڇا، هي ڦلڪا ڪنهن بغاوت جي باهه جو سبب ٿيندا؟ يا رڳو ڪنهن پيٽ جي تڪليف جي نشاني آهن!” پر هندستان جي غير ملڪي حاڪمن کي هنن سوالن تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي مهلت ملي ئي ملي، تنهن کان اڳ ئي سندن خلاف بغاوت جي باهه ڀڙڪي اُٿي.

سنڌي کي انگريز سامراج جي قبضي ۾ آئي چوڏهن سال مس گذريا هئا. سنڌ جي ٽالپر اميرن کان، بنا ڪنهن واجبي ۽ مناسب سبب جي، سندن حڪومت کسي سنڌ کي به برٽش انڊيا سان ملائڻ ڪري متان ڪو ائين سمجهي ته ٻئي هنڌ بغاوت جو ٻڌي سنڌي عوام به نئينءَ حڪومت سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو هوندو. حقيقت ۾ ان وقت سنڌ ۾ ڪنهن خاص قسم جي باغيانه سرگرمين جو نشان نٿو ملي. ميرن جي صاحبيءَ وئي ڪو گهڻو وقت ڪونه گذريو هو، ۽ انگريز سامراج سنڌ مٿان پنهنجي فوجي گرفت کي ٿورو به ڍرو ڪرڻ مصلحت واري ڳالهه نٿي سمجهي. ٻئي پاسي، عام ماڻهن نئين حڪومت جي غلط ڪارين جو اڃا ڪو خاص تجربو ڪونه ڏٺو هو. نه فقط ايترو، پر ڌاريءَ حڪومت پنهنجي تازه دم فاتح فوج هٿان ملڪ ۾ ظاهري امن امان ۽ قاعدي قانون کي سختيءَ سان بحال ڪري ورتو هو؛ ۽ پنهنجي سياسي توڙي تجارتي مفاد جي حفاظت خاطر ملڪ جي آبادگار، دستڪار، توڙي واپاريءَ کي نه رڳو ڪنهن به قسم جي تڪليف ڪانه ٿي ڏني، پر پاڻ انهن جي هر طرح همٿ افزائي ٿي ڪئي. مطلب ته سنڌ جي نئينءَ سماجي زندگيءَ اڃا مس مس محڪوم  ۽ غلام دور ۾ قدم رکيو هو، ۽ ان جي براين ڀلاين کان اڃا سنڌ جا ماڻهو بنهه بيخبر هئا. انهيءَ صورتحال ۾، سنڌ ۾، حڪومت خواهه عام ماڻهن کي ڪنهن خاص قسم جي وڳوڙ جو ڀئو ڀولو ڪونه هو.

بغاوت جي پهرين خبر سنڌ جي ڪمشنر سر بارئل فريئر کي، 18 مئي تي، انگلئنڊ کان موڪل تان موٽندي، ڪراچي بندر تي قدم رکڻ سان ئي، هڪ فوجيءَ هٿان هڪڙي خط رستي ملي. اهو خط، ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌ ريلوي آفيسر مسٽر نيول وارن (Neville Warren)  ڏانهن، تاريخ 13 مئي، لاهور مان لکيو ويو هو، جنهن ۾ کيس بغاوت جو اطلاع ڏنل هو.

فريئر صاحب جي سوانح حيات لکندڙ مسٽر مارٽينين (Martine an) چوي ٿو ته “فريئر صاحب خط پڙهڻ سان ئي حالتن جي نزاڪت کي پروڙي ورتو، ۽ مناسب فوجي قدم کڻڻ ۾ هڪ منٽ به دير نه ڪيائين. هن اهو قدم رڳو پنهنجي صوبي سنڌ کي بچائڻ لاءِ ڪونه کنيو، پر سندس اهو قدم ساري هندستان کي انهيءَ آفت مان آجي ڪرڻ لاءِ هڪ اثرائتو امدادي قدم هو.”

سڀ کان پهرين پنجاب کي فوجي مدد جي ضرورت هئي. بنگال مان ته، جهڙيون حالتون هيون، پنجاب ڪنهن به قسم جي مدد جي اميد رکي نٿي سگهيو. تنهن ڪري، سنڌ پهچندي ئي، سنڌ جي ڪمشنر، ڪراچيءَ ۾ ڪمانڊنگ جنرل سان پنجاب ڏانهن فوجن موڪلڻ لاءِ گفتگو شروع ڪئي. ان وقت سنڌ ۾ رهيل فوج صوبائي ضرورتن لاءِ ئي ڪافي ڪانه هئي. ايران تي فوجي چڙهاين سبب به سنڌ جي فوجي طاقت ۾ گهڻي ڪتر اچي چڪي هئي. اهڙي وقت ۾ فوجي طاقت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ نهايت نازڪ معاملو هو، جنهن ڪري ڪماڊنگ جنرل پنجاب ڏانهن فوجن موڪلڻ ۾ آناڪاني پئي ڪئي؛ پر ڪمشنر مڙئي دل ٻڌايس ۽ کيس پنهنجي صوبي ۾ مڪمل امن امان ۽ خير سلامتيءَ جي خاطري ڏنائين. ڪمشنر صاحب اعلي فوجي عملدار اڳيان سموريون حقيقتون کولي رکيون ۽ کين پنهنجي راين جي صداقت جو قائل ڪري ورتائين. چي، عام ماڻهو هينئر وڌيڪ سکيا ستابا آهن ۽ حڪومت جو چرخو به اڳي کان سٺو هلي رهيو آهي. نهايت تدبر ۽ ڏاهپ کان ڪم وٺندي، سنڌ ۾ ڪنهن به ملڪي روايت جي مخالفت يا انحرافي اسان ڪانه ڪئي آهي، ۽ نه ئي وري ڪو اهڙو اڻوڻندڙ يا دل ڏکوئيندڙ انتظامي قدم ئي کنيو ويو آهي، جنهن مان ڪنهن کي شڪايت ڪرڻ جو موقعو ملي؛ پاڻ، پنهنجي وت آهر، عام ماڻهن جي مفاد لاءِ جيڪي ڪجهه اسان کان ٿي سگهيو آهي، سو ڪيو ويو آهي. انهيءَ صورت ۾ اسين ائين سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته عام ماڻهو انگريزن جي حڪومت هيٺ راضي ۽ خاموش رهندا! ان طرح، ڪراچيءَ ۾ رهندڙڪمانڊنگ جنرل پنجاب ڏانهن فوجي مدد موڪلڻ لاءِ تيار ٿيو، ۽ فورا سنڌو دريائي ٻيڙي (Indus Flotilla) رستي ساڍا پنج سو فوجي ملتان ڏانهن روانا ڪيائين.

 سچ پچ ته سنڌ جي هنن اعلي عملدارن اهو اوائلي قدم کڻي پنهنجي جرات ۽ همت جو ثبوت ڏنو . ورنه ان وقت ٿوري گڙ ٻڙ ئي سنڌ ۾ انگريز حڪومت جي بنياد کي لوڏي ڇڏي ها. ڪرنل هٽ (Col. Hut) کي ٻي يورپ ريجمينٽ جي نوي ماڻهن کي خاص تربيت ڏيڻ لاءِ چيو ويو، ۽ سنڌ ۾ فوجي حالتن جي نزاڪت کي خيال ۾ رکي، ڪمشنر صاحب ايران ڏانهن چڙهائي ڪري ويل فوجن جي عملدارن، سرجيمس آئو ٽرام ۽ جنرل جان جيڪب، ڏانهن به هندستان ۾ فوجي بغاوت جو اطلاع موڪليو، ۽ کين نازڪ صورتحال جي بچاءَ لاءِ ترت سنڌ ڏانهن فوجن واپس موڪلڻ لاءِ چيو.

سر بارٽل فريئر پنجاب ڏانهن فوجون ئي مس موڪليون هيون ته ٻئي هڪ مسئلي کي منهن ڏيڻو پيس. حالتن جي بگڙجڻ سبب، پنجاب ۽ ڪلڪتي جي وچ ۾ سنئين سڌي آمد رفت بند ٿي ويئي هئي. ان جي بدران، هاڻي ٽپال ۽ ٻيءَ آمد رفت لاءِ پنجاب کان ڪراچي، ڪراچيءَ کان بمبئي، ۽ بمبئيءَ کان ڪلڪتي وارو رستو ئي کليل هو، جو پڻ ايترو سلامتيءَ وارو نه هو. جنهن تي ڪو دائمي ڀروسو رکي سگهجي ها. سر بارٽل فريئر هڪدم وڌيڪ ننڍي ۽ زياده سلامتيءَ واري رستي قائم ڪر‎ڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ترت ئي پنجاب کان، بهاولپور ۽ جوڌ پور ڏانهن، ملتان واري رستي کان؛ ۽ آگري ڏانهن نصير آباد واريءَ واٽ کان، ڪاغذ پٽ موڪلي ڏنائين. جوڌ پور کان عمرڪوٽ تائين هڪ ٻيو رستو جاري ڪيائين. نصيرآباد ۾ حالتن بگڙجڻ سبب، انهيءَ واٽ کي ڏيسا  (Desha) سان ڳنڍي، سلامتيءَ واري ٻي لائين به جوڙي ورتائين. انهيءَ بندوبست جي ڪري پنجاب وارين لکپڙ هن کي سنڌ ۾ اچڻو ڪونه ٿي پيو، پر جوڌ پور واري رستي کان سڌو آگري ڏانهن وڃي ٿي سگهيون. سنڌ جي ٽپال عمرڪوٽ کان آگري ۽ ڪلڪتي ڏانهن، ۽ بارمير کان جوڌپور ڏانهن موڪلي ٿي ويئي. جيتوڻيڪ ٽپال جي انهن نون رستن کي استعمال ۾ آڻڻ ڪو سولو ڪم ڪونه هو، تنهن هوندي به اها ٻي واٽ مهيني کن ۾ رٿجي راس ٿي، ۽ عمل ۾ اچڻ لڳي (سنڌ قاصد، جون 1857ع). آمدرفت جي هن نئين رستي کي رڻ مان اُڪرڻو ٿي پيو، پر انهيءَ تڪليف کي ضلعي جي ڪليڪٽر ليفٽيننٽ “تروٽ”، سولائيءَ سان منهن ڏيئي ورتو. سنڌ جي ڪمشنر 19 جون تي بمبئيءَ جي گورنر ڏانهن هڪ رپورٽ ۾ لکيو ته “ليفٽيننٽ تروٽ، سخت گرميءَ جي هوندي به، پنهنجي مقامي اثر رسوخ جي ڪري، ٻن انسپيڪٽرن جي مدد سان بارمير تائين لائين جوڙائي ورتي آهي، ۽ اُميد آهي ته جوڌپور واري لائين به هن کان اڳ ۾ تيار ٿي چڪي هوندي.”

            اهڙين حالتن ۾، جيئن هاڻي ٿيندو آهي، تيئن تڏهن به، بغاوت جي ٿوريءَ کڙڪ پوڻ سان ئي، پريس تي سخت سنسر شپ لڳي وئي، ۽ اخبارن تي پهرا بيهي ويا. پهريائين هند سرڪار هر صوبي جي ڏيهي ٻولين جي مکيه مترجم (Chief Oriental translator) کي ملڪ جي ٻولين ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن جا سياسي مضمون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري موڪلڻ جو حڪم ڪيو؛ پوءِ وري سڀني اخبارن کي غير تصديق شده ۽ سنسي خيز خبرن شايع ڪرڻ خلاف سخت قدم کڻڻ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو. ٻين هنڌن وانگر، سنڌ ۾ به بغاوت جي خبرن کي شد مد سان پئي شايع ڪيو ويو. مثال طور، ڪراچيءَ جي انگريزي اخبار “سنڌ قاصد”، جون 1857ع ۾، ٻه دفعا حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ بغاوت جي افواهن جي خبر ڏني.

            “چون ٿا ته حيدرآباد ۾ ڪيترن فوجين کي بغاوت جي ناڪام ڪوشش ڪندي گرفتار ڪيو ويو آهي، ۽ هينئر هو پنهنجي مٿان پاڻ آندل مصيبت جي انجام جو انتظار ڪري رهيا آهن. ٻڌون ٿا ته بنگال مان شڪي حالت ۾ هتي پهتل ڇهن ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ۽ جلدئي مٿن قاعدي جي ڪاروائي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾، ملتان ڏانهن موڪليل سپاهين مان ڪي سپاهي حيدرآباد ۾ حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ روڪيا ويا آهن. شڪارپور ۾ سخت هراس ۽ ڊپ ڇانيل آهي.”

(“سنڌ قاصد”، 10-18 جون، 1857ع)

            “افواهن تي ضابطي رکڻ لاءِ” اخبارن تي سنسر شپ لڳائڻ خلاف، ٻين اخبارن سان گڏ ڪراچيءَ جي هن ائنگلو انڊين اخبار “سنڌ قاصد” به گهڻو ڪجهه لکيو، ۽ اخبارن جي آزادي بحال ڪرائڻ لاءِ گهڻي قلمي جدوجهد ڪئي. پر تڙ تڪڙ ۾ ٺهيل هن نئين “اخباري سيفٽي ائڪٽ” ۾ ڪي اهڙيون ته سختيون رکيل هيون، جو سمجهدار ۾  سمجهدار اخبار نويس به هن “ڪاري قانون” کان نه بچي سگهيا.

            انهن سڀني خبردارين هوندي به، يورپي ماڻهن جي قتل ۽ خون خرابيءَ جون خبرون عام ماڻهن تائين پهچنديون رهيون، جنهن ڪري هتان جي انگريزن ۾ خاص ڪري گهڻي بيچيني پيدا ٿي. ان بيچينيءَ کي دور ڪرڻ ۽ وقت سر پنهنجي هم قوم ڀائرن جي ڪجهه مالي امداد ڪرڻ خاطر، 29 جون 1857ع تي، سر بارٽل فريئر سنڌ جي ڪمشنر جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ رهندڙ سڀني يورپي ماڻهن جي عيوضين جي هڪ ميٽنگ به ٿي، جنهن ۾ فريئر صاحب، بغاوت جو سرسري جائزو وٺندي، کين خاطري ڏياري ته سنڌ صوبي اندر ڪنهن خاص قسم جي گڙ ٻڙ ٿيڻ جو امڪان ڪونه هو. ان ميٽنگ ۾ اٽڪل ٽي هزار چندو به گڏ ٿيو ۽ جيڪي يورپي ملڪ ۾ بغاوت جو شڪار ٿيا هئا، تن سان همدرديءَ جو اظهار به ڪيو ويو. ان کان سواءِ سنڌ ۾ به ڪراچيءَ جهڙن ٻين خاص مرڪزن ۾ اهڙي نموني جا چندا گڏ ٿيا، ۽ انگريز سرڪار جي ڪاميابيءَ لاءِ يورپي لوڪن جي ميٽنگن ۾ دعائون گهريون ويون. 4 سيپٽمبر 1857ع، سرڪاري طور، “ٻاجهه لاءِ ٻاڏائڻ” جو ڏينهن مقرر ٿيو، ۽ ان ڏينهن سڀ سرڪاري آفيسون بند رهيون.

            بغاوت جي سلسلي ۾ وقت بوقت جيڪي به مسئلا پيدا ٿي ٿيا، تن سڀني کي سنڌ جي ڪمشنر فريئر صاحب مڙس ٿي منهن ڏنو. مثال طور، جڏهن سرجيمس آئوٽرام ۽ جنرل جان جيڪب، جي ان وقت انگريزي فوجن سان گڏ ايراني نار ۾ هئا، تن سان لکپڙهه ڪيائين، ته انهن وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي، ترت ئي سنڌ ڏانهن ڪجهه فوجي جٿا موڪلي ڏنا. هيڏانهن سر بارٽل فريئر کي ايترو جلد فوجي مدد ملڻ جي ڪابه اميد ڪانه هئي، تنهن ڪري هن نڪي پنهنجي پرڳڻي ۾ انهن جي رهائڻ جو ڪو بلو ڪيو هو، ۽ نه وري کين پنجاب ڏانهن موڪلڻ جو ئي ڪو بندوبست رکيو هئائين. اهڙيءَ طرح، ترت ئي سڄيءَ ڪراچيءَ ۾ چوڌاري فوجي جٿا ڇانئجي ويا، ۽ اڃا ئي وڌيڪ جٿن مٿان ٻيا جٿا هر روز ايندا رهيا. نتيجو هي نڪتو، جو ڪراچي بارود ۽ ٻئي فوجي سيڌي سامان سان ڏٽجي پئي. وري آمد رفت جا اهڙا ڪارگر وسيلا ڪين هئا، جو انهيءَ سموري سامان سڙي ۽ فوجن کي پنجاب ڏانهن موڪلي، ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ فوجن ۽ سامان لاءِ گنجائش پيدا ڪري سگهجي ها.

            نيٺ، سر بارٽل فريئر ڪراچيءَ کان ملتان تائين، سنڌونديءَ جي ٻيڙن واريءَ آمد رفت سان گڏ، اُٺن جا قافلا سنڀرائي موڪليا، جن کي پنج سئو ميلن جو مفاصلو ڏهن ڏينهن ۾ طي ڪرڻو هو. انهيءَ ڪر جي پورائيءَ لاءِ، اُٺن جي بيهڻ لاءِ ويهن ويهن ڪوهن جي پنڌ تي ٿاڪ ٺاهيا ويا، جن مان هر هڪ تي ساٺيڪو کن تاز دم اُٺ مهيا ڪيا ويا هئا. ان طرح ويهين پنجويهن ڪوهن تي تازن توانن اُٺن جون قطارون موجود هئڻ ڪري، بار برادريءَ ۾ جلدائي ۽ سهولت پيدا ٿي پيئي. هر هڪ اُٺ تي سراسري 320 پائونڊ بار لڏيل هو، جنهن ڪري پنجاب ڏانهن گهربل ماڻهو ۽ ضروري جنگي سامان جي مدد موڪلڻ سولي ٿي پئي. سيپٽمبر جي شروعات ۾، اُٺن جي پهرين قطار ڪراچيءَ کان ٽي سو ٽن فوجي اسباب کڻي پنجاب پهچي ويئي، بر برادريءَ جي هن نئين ذريعي جي ڪاميابيءَ لاءِ ڪرنل هٽ ذميدار هو، جنهن ڪراچيءَ جي هڪ پٺاڻ مراد خان سان سودو ڪري، اٺن جو گهربل انداز حاصل ڪيو.

            ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن پنجاب کي وڌيڪ فوجي مدد موڪلڻ جو مسئلو پيدا ٿيو، ته فريئر صاحب فورن ٻن بلوچ پلٽڻن جي وڌيڪ ڀرتيءَ جو حڪم ڏنو. انهن پلٽڻن کي رڳو نالي ۾ بلوچي سڏيو ويو، پر حقيقت ۾ سپاهي سمورا سنڌي ڀرتي ڪيا ويا. اهي ٻئي ريجمنٽون، ڪئپٽن هيوٽ جي نظرداريءَ هيٺ شڪارپور ۾ منظم ڪيون ويون. هن صاحب تازو لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تان استعيفا ڏني هئي، ڇاڪاڻ ته شهري ذميواريون سندس سڀاءُ کي پسند نٿي آيون. ان کان پوءِ، ڪراچيءَ ۾ ڪئپٽن جانسن جي هٿ هيٺ هڪ بلوچ بٽالين به تيار ڪئي ويئي.  

            انهن فوجي ڀرتين، توڙي سپاهين جي سکيا &#