|
سوريءُ جا سينگار
هي ٻوساٽ، هي ٻاٽ اونداهه! هي
ذهن ۽ ضمير کي زهر پياريندڙ
ماحول!! نيڪي بدي جي جنگ ۾،
سچ ڪوڙ جي ويڙهاند ۾، ڇا اسان
فقط تماشبين ٿي رهجي
وينداسين؟ ڇا، اسان جو پنهنجو
ڪو ڪردار ڪونهي؟ ڇا اسان جي
ڪا تاريخي ذميواري ڪانهي؟
ڪالهه جنهن کي
گهاڻي ۾ پيڙيائون، اڄ جنهن کي
زنجيرن ۾ جڪڙي هن جي زبان بند
ڪئي اٿائون، ۽ سڀاڻي جنهن کي
گوليءَ سان اڏائيندا. ڇا، اهي
سوريءَ جا سينگار، تنهنجا
منهنجا اسان سڀني جا يار نه
آهن؟ هڪ ئي انساني جسم جا
عضوا نه آهن.
مطلبي خود غرض،
کير پياڪ، ڪٽي کائڻ وارا
مجنون ته هميشھ محفوظ ئي رهيا
آهن، نه سندن جان کي جوکو ۽
نه وري کين ٻي ڪا تڪليف پهچي
ٿي. اٽلو پيا ٻين کي نصيحتون
ڪندا!!
چي - وفاداري ڪتي
جي صفت آهي؛ اخلاق، ڪمزور جو
بچاءُ آهي ۽ اصول پرستي، احمق
جوا يمان!
هن ويهين صديءَ
جي پوئين اڌ ۾ به، جڏهن
انساني ذهن ذري گهٽ سڀ زنجير
ٽوڙي ڇڏيا آهن ۽ آدم زاد
پنهنجي عقل ۽ ايمان جي سهاري،
ڪيئي پل صراطون پار ڪري چڪو
آهي، اسان جيڪڏهن اڃا تائين
وچولي دور ۾ ڦاٿا پيا آهيون،
اوندهه ۾ ٿاڦوڙا پيا هڻون،
نفسا نفسي ۾ گرفتار آهيون ۽
پنهنجي ٿوري نفعي لاءِ ٻين جو
گهڻو نقصان پيا ڪيون، ته پوءِ
اسان چڱا ڪيئن چئباسين؟ انسان
ذات جي عظيم ميراث جا حقدار
ڪيئن ٿينداسين؟
چون ٿا ته منصور
حلاج کي سنگسار ڪرڻ لاءِ جڏهن
وچ ميدان تي آڻي بيهاريائون ۽
چئني طرفن کان ان تي پٿر وسڻ
لڳا ته منصورخاموش بيٺو رهيو
۽ ڪجهه به نه ڪڇيائين پر جڏهن
سندس دوست شبليءَ رڳو رسم
پوري ڪرڻ لاءِ هن ڏانهن پٿر
بدران هڪ گل کڻي اڇلايو ته
منصور کان رهيو نه ٿيو ۽ روئي
ڏنائين. چي:
ٻين کي منهنجي ڏوهه ثواب جي
ڪهڙي خبر؟ تون ته منهنجو دوست
آهين ۽ توکي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي
ته مون ڇا چيو ۽ هنن ڇا
سمجهيو. ان ڳالهه
کي اڄ صديون گذريون. انهيءَ
سڏ جو پڙاڏو اسان تائين به
پهتو ۽ آيتن جو درجو به حاصل
ڪيائين. هڪڙي شاعر ته منصور
ثانيءَ جو لقب به حاصل ڪيو.
پر: چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ فرق آهي!
۽: جي رهڻيءَ رهيو نه سپرين
ته ڪهڻيءَ ڪبو ڪوهه؟
سچ چوڻ جي ڪنهن کي سگهه آهي؟
”تون به صحيح آهين، هو به ٺيڪ
آهي!“ نه دوست کي آسرو نه
دشمن کي ڀؤ! هرڪو لڳڻي پنڊي
ٿيو پيو گهمي، جنهن جي ور
چڙهيو، تنهنجو ئي پير، جنهن
جو کائيندو، تنهن جو ڳائيندو،
۽ هر اڀرندڙ سج کي سلام ڪندو!
هن ٻوساٽ ۾، هن ٻاٽ اونداهه
۾، هن ذهن ۽ ضمير کي زهر
پياريندڙ ماحول ۾، نيڪي بدي
جي جنگ ۾، سچ ڪوڙ جي ويڙهاند
۾، جيڪڏهن هزار اعلانن مان
رڳو هڪڙو اعلان به للڪار بڻجي
پوي - جيڪڏهن هزار منصورن مان
رڳو هڪڙو همراهه به صحيح وقت
تي صحيح ڳالهه چئي ڏئي، جلي
جوت ڏئي، پاڻ ٻري ٻين کي
ٻهڪائي - ته جيڪر، هڪ دفعو
وري ايمان تازو ٿي پوي، ۽
انسان جي عظمت ۾ ويسها وڌي
وڃي. |