|
خاڪا
شيام ڪمار
عظيم السيشين ڊراما نگار
ارڪمن چواڻي،“ ليکڪ کي سڀ کان
اول، پاڻ کي ، پنهنجي
من کي
آنندميه ڪرڻ لاءِ لکڻ جڳائي .
لکڻ وقت اِها هورا کورا ته،
منهنجو لکيو
ڪنهن جي خوشي جو ڪارڻ بڻبو،
يا ڪنهن ٻئي جي ناخوشي جو سبب
ثابت ٿيندو، بي سود ۽ اجائي
آهي.”
ساڳئي طور فرانسسي ادب جي
ليجنڊ گستاوءُ فلوبيئر پڻ
اهڙي قسم جي راءِ ظاهر ڪندي
چيو هو، “ اگر اوهين سچ پچ
“ادب” سان سنيهه رکو ٿا ته سڀ
کان اول پنهنجي “ذات” لاءِ
لکو، ۽ ڪلاسيڪي ساهت جو ڳوڙهو
اڀياس ڪريو ....”
نورالدين سرڪي جيتوڻيڪ شاعر
ڪين هو پر سندس وجود ۾ شاعري
موجزن هئي، هو اگرچه مصور ڪين
هو پر سندس ذات سهڻن چٽن ،
موهيندڙ چترن، ۽ دلڪش نظارن
سان ٽمٽار هئي
-
۽ مٿي ڄاڻايل اصول
۾ اٽل وشواس هئس..
مشهور ڏاهي ، فيلسوف ۽ انسان
دوست البرٽ شويٽزر جي ضرب
المثل چوڻي،“ فن پنهنجي جاءِ
تي نه مصوري آهي، نه شاعري، ۽
نه ئي سنگيت ، پر تخليق جو
اهو املهه عمل آهي جنهن اندر
اهي ٽيئي ڏيک هڪ ٻئي جا ساٿ
ڌڻي هوندا آهن،” تي سرڪي جو
ويساهه ۽ ايمان هوندو هيو .
اهڙي فنڪار جي روح اندر ان ،
“ ٽمورتي” جو هردم ، هر جاءِ
واسو رهي ٿو.
هن جيتوڻيڪ گهٽ لکيو پر واهه
جو لکيو. سندس لکڻي يا ترجمو
ڪيل گرنٿ ، ٻولي جي لحاظ کان
سليس، سلوڻا، ۽ سيبائتا ڪٿي
سگهجن ٿا. انهن نثري صورتن ۾
شاعري جهڙي موهيندڙ
-
۽ پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ رواني جون
مڌر لهرون چڱيءَ پر پرجهي
سگهجن ٿيون . مون کان هيل
تائين ٽالسٽائي جو سنڌي زبان
۾ ترجمو ڪيل گرنٿ “ نيٺ ڇا
ڪجي” ڪين وسريو آهي. ان ڏس ۾
وڇڙيل دوست برڪت علي آزاد جو
پرنس ڪرو پاٽڪن جي ڪتاب جو
ترجمو “ نوجوانن ڏانهن ” به
ذهن جي پردي تي الائجي ڪٿان
ڇُوهه مان نروار ٿيو آهي .
اڻويهين صدي جي جڳ پرسڌ
فرانسسي شاعر چارلس بادليئر
جيڪو“ٻئي دور” واري رومانوي
تحريڪ جي سرمور خالقن مان هيو
۽ شاعري ۾ ابهام،
weirdness،
علامتي رخ ۽ روپ جو موجد
ليکبو آهي تنهن ادب جي ميدان
۾ ايڊگرايلن پو کي فرينچ زبان
۾ الٿو ڪري وڏو نانءُ ڪمايو.
ڪيترن حلقن ۾ اڄ سوڌو سندس
عظمت جو ڪارڻ ان لاجواب “
اُلٿو” سبب ڄاتو وڃي ٿو!
ان کان علاوه ماضي جي، ڳُجهن
۽ ظاهر، پيچرن جا ناميارا
ليکڪ ۽ محقق “ايڊورڊ فٽز
جيرالڊ” ۽“ سر رچرڊ برٽن” به
پنهنجين اصلوڪي لکيتن بجاءِ
فارسي،۽ عربي، سنسڪرت جي
ڪلاسيڪي شاهڪارن: “عمرخيام
جون رباعيون” ۽ الف ليلوي
داستان
(Arabian Nights)،
باغ جنت
(Perfumed Garden)
ڪام شاستر
(KamaSutra)
جي انگريزي الٿو سبب سموري
ادبي جهان ۾ امرتا ماڻي چڪا
آهن .
پراچين يُگَ (سن 284 ق م) ۾
“ليويئس اينڊرونيڪس” هومر جي
جڳ پرسڌ جنگ نامي “اوڊيسي” جو
لاطيني
(Latin)
زبان ۾ ترجمو ڪري “لاطيني
ادب” جي بنياد وجهڻ جو ڀاڳي
ٿيو هو! ان ڪارڻ لاطيني سنسار
۾ امر ٿي ويو!!
ان بعد “ايلزبيٿي دور” هيٺ
سرٽامس نارٿ يوناني دانشور،
ليکڪ پلوٽارڪ جي مشهور ڪتاب
زندگيون
(Lives)
جو انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيو
هو ؛ جنهن کان شيڪسپيئر
گهڻو متاثر ٿيو هو؛ ۽ پنهنجي
رومانوي رچنائن (ڊرامن) جو
مواد کيس ان مان حاصل ٿيندو
رهيو هو!
يادون وجهه ملنديئي ڪنڊن،
پاسن، سوڙهن لنگهن، درزن مان
جهاتي پائڻ لاءِ بي تاب
نظراينديون آهن! سرڪي سونهن
جو شيدائي هيو؛ جيون ديوندر
ستيارٿي جيان لوڪ رس ڳولها ،
شاهه سائين جي الوهي راڳ جيان
“روحن” کي شانتي جي امر دائري
۾ آڻي يڪجا ڪرڻ جي جتن ۾ ، ۽
سينٽ فرانسس آف اسيسي وانگر
انسان جي شيوا ۾ ارپڻ ڪرڻ ۾
سڦل ڪرڻ جو ڪانکي هيو. ان
جاکوڙ ۾ ڪيتري سڦلتا حاصل ٿيس
؟ اها ڪٿ سوڀو گيانچنداڻي ۽
محمد ابراهيم جويو ڪري سگهن
ٿا .
سندس شروعاتي جيون، چاليهن
واري ڏهاڪي کان سياست ۽
دانشوراڻا
pursuits
سان شروع ٿيو هيو. هي اُهو
دور هو جيڪو اڄوڪي بي ترس، بي
عمل، بي قدر، ۽ بي ايمان جڳ
کان يڪسر نرالو ۽ منفرد هو.
جنهن يُگ َ ۾ انسان ساڳئي وقت
شاعر،
اديب، فيلسوف، ودوان، سياست
دان، سماج سيوڪ وغيره هوندو
هو ۽ سرڪي جي ذات اندر پڻ
اِهي ٻهڳڻا گڻ جهجهي انداز ۾
موجود هئا. هُن جي سج جيان
شفيق، پيار، خلوص، ۽ آدميت جي
امرتا سان جهنجهيل جوت گهڻنئي
جسمن کي اُجاريو ، ۽ اڪيچار
روحن کي سر سبز بڻايو
سرڪي جو يوگدان،
خاص طور، سنڌي تهذيب جي سينڌ
سنوارڻ جي ڏس ۾ ساراهه جوڳو
رهيو آهي. هن جو ترقي پسند
تحريڪ سان جهونو لاڳاپو، کاٻي
ڌر سان چاليهن واري ڏهاڪي جي
آخري سالن کان اڻ ٽٽ سنٻنڌ،
پنجاهه جي ڏهاڪي کان سنڌي
ادبي سنگت ، ۽ سنڌي ٻولي کي
سرڪاري زبان جو درجو ڏيارڻ جي
ڏسا ۾ اڻ ٿڪ جدوجهد، جنهن
دوران اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾
ڀرپور ڀاڳ وٺڻ به شامل آهي.
هن سموري هلچل ۾ هو اڪثر زير
زمين ۽ قسمت جي ياوري سبب
ڪڏهن ٻِرَ کان ٻاهر نڪري
لاڳيتي جاکوڙ ڪندو پئي رهيو.
سندس اهو گڻ کيس ٻين دانشورن
کان مٿڀري حيثيت ڏياري ٿو.
سرڪي جو، سياسي دشا ۾، هيٺئين
طبقي (هاري، مزدور) ، هيٺئين
وچولي طبقي
-
۽ ٿورڙو وچولي طبقي تي
چڱيرڙو اثر هيو، ڇو جو هن
عام انسان جي ڏينهون ڏينهن
پوڻي ٿيندڙ دردشا کي نه صرف
گهرائي سان محسوس ڪيو بلڪه ان
کي پنهنجي ذات جو به اڻ ٽٽ
حصو بڻايو هو. پونجي پتي ۽
مٿيون طبقو ان “انساني” قدر
کان وانجهيل هيو
-
ڇاڪاڻ جو ان ڪلاس ۾ ملاوٽ،
پاکنڊ ۽ ڪپٽ ڀريل ٿئي ٿو.
هن ڏاهي دوست جي جينيس هر وقت
جهرڻي جيان “وهڪ” ۾ محسوس
ٿيندي هئم. فن جو “ڪارج” ڪنهن
خاص نڪتي ذريعي آفاقيت سان
روشناس ڪرائڻ ۾ موجود رهي ٿو،
هن يار جو ان ڪلئي تي ڀرپور
ويساهه هيو!
يادن جي جهروڪي مان سورهين
صدي جو فرانس پنهنجي آب ۽ تاب
سان اڀرندو
ڏيکاري پيو ڏئي.
پنجن نامور اديبن پاران(Pleiades)
پليئڊ نالي ادبي تحريڪ جو
آغاز ڪيو ويو هو، جنهن جو
مقصد ڪلاسيڪيت ڏانهن اتهاسڪ
موٽ جي ترغيب ڏيڻ هيو. ان جي
ٽن صدين بعد (اڻويهين صدي)
پليئڊ کان متاثر ٿي ادب ۾
رومانوي تحريڪ جي شروعات ڪيئي
ويئي جن ۾ وڪٽر هيوگو ،
بالزاڪ، اليگزينڊر ڊوما، جارج
سئنڊ جهڙن جڳ مشهور اديبن پاڻ
موکيو هو. ان تحريڪ نه صرف
پليئڊ کان پريرڻا ورتي بلڪ ان
اندر اقداري تبديلي آڻيندي
ڪلاسيڪيت جي آخري دور جي ادبي
تخليقن ۽ ان اندر موجود فني
خامين ۽ موادي اوڻاين دور ڪرڻ
لاءِ انقلابي عزم سان شروعات
ڪيئي.
نورالدين سرڪي به پنهنجي هم
عصر دانشورن، قلمڪارن جي گڏيل
جدوجهد، جانفشاني ۽ سهائتا
سان سنڌي ادب جي ڪلاسيڪل ورثي
(جيڪو شاهه لطيف، سچل، سامي،
شاهه عنايت، بيدل، بيڪس ۽ ٻين
ناميارن ۽ ٻهڳڻن تخليقڪارن
کان پلئه پيو هو) کي جرڪائي
دنيا آڏو نه صرف پيش ڪري
پنهنجو فرض نڀايو هو بلڪ
پنهنجي وطن جي سڀني صحتمند
روائتن کي نين تقاضائن ۽ لاڙن
پٽاندڙ ترقي پسند ۽ انسان
دوست قدرن سان جوڙڻ لاءِ وڏو
اُدم ۽ جدوجهد ڪئي، جنهن لاءِ
کيس سنڌي ادبي سنگت، انجمن
ترقي پسند مصنفين وغيره جا
پليٽ فارم لاڳيتو ڪيترين
ڏهاين کان استعمال ڪرڻا پيا
.. ۽ انهن تحريڪن کي اڳتي
وڌائڻ لاءِ انيڪ مشڪلون ۽
ڏولاوا به ڏسڻا پيا!
سرڪي دنيا جي گهرائي اندر
مسلسل لياڪا پائيندو رهيو ..
جنهن سندس مشاهدي، آزمودي ۽
تجربي کي گهڻ پاسائي انداز ۾
مائيدار بڻايو. ابتدائي تعليم
۽ تجربو شڪارپور جهڙي خوبصورت
۽ سڀيتڪ آستان اندر حاصل ٿيس،
اُنَ بعد ڪراچي شهر جي مهذب
زندگي ۽ اوچي معياري سکيا مان
پنهنجي تجربي کي وڌيڪ مڻيادار
بنايائين. ان شهر جي ادبي،
ثقافتي، تنظيمي، سياسي ۽
پنگتي سرگرمين ۾ عملي حصو وٺي
ملڪي هلچل جنهن ۾ آزادي جي
تحريڪ، عورتن جي اُنتي لاءِ
اٿاريل آندولن ۽ انساني
برابري جي ڏس ۾ ڏيهي، خواه
پرديهي جدوجهد وغيره ۾ پاڻ
موکيندي ڪداچت ڪين ڪيٻايائين.
دنيا جي مختلف ڏيهن، اوڀر
اولهه جي الڳ الڳ ملڪن اندر،
رنگا رنگ ڪلچر جو اڀياس ۽
انڀو ڪندي ڀانت ڀانت جي نظرين
(مذهبي خواه سماجي وغيره) جو
ڳوڙهو مطالعو ڪيائين
-
۽ ايئن پنهنجي تجربي کي ڳردار
بڻائيندو رهيو
-
۽ ان سموري جاکوڙ بعد، ۽
اُتم، حشوڪيولراماڻي، ڪيرت ،
سوڀي وغيره جهڙن هم عصر
دانشور سرجڻهارن جي سنگت ۽
سهيوڳ سان سندس جيون جي “
آدرش” جنم ورتو ۽ کيس نئون
ٻلوان ۽ انسان دوست “رخ” عطا
ڪيو . “مارڪسواد”جي متن ۾
پنهنجي اٽل وشواس کي عملي
ميدان ۾ ڪڏي پرکيائين. ان
ڪنڊن پکڙيل راهه تي هلندي
انيڪ ڏولاون، تڪليفن
-
۽ پيڙائن کي خوشي خوشي ڳلي
لڳائي پنهنجي ڳاٽ اوچو
رکيائين. هينئر “مارڪسواد ”
سندس اندر جو آواز ۽ ضرورت
بڻجي پيو هو. هن آڏو، ابتدا ۾
، “مارڪسواد ” جي مڌر واڻي ،
عمل ۽ نظرئي جي الڳ الڳ تال
سان شروع ٿي هئي جيڪا اڳتي
هلي هم آهنگ بڻجي ويئي. اهو
سندس اُملهه اثاثو ۽ مڻيادار
ميراث هئي
-
۽ آهي!
مونکي لڳندو هو ته سرڪي، ڪجهه
پوئين ڏهائين کان، موجوده دور
جي بي حس ۽ بي جان “جان” جو
گهائل هو. ان حالت سان
(Compromise)ڪندي
سندس هنيانءُ هڄندو هو، آتما
تي ضربون لڳنديون رهنديون
هئس. گهڻي ڀاڱي، سندس آس پاس
ماڻهو “ڪوري ڪاغذن” جيان
ڀاسندا هئس: سوچ، ڪردار، ۽
عمل کان عاري!
چوگرد ڦهليل اڻ کٽ پراسرار
“ڀوڳڻا” جيڪا هن ڀيانڪ اُڏوهي
کاڌل غير- روحاني عهد جي
علامت بڻجي چڪي آهي؛ جنهن ۾
هرطرف ڏڦيڙ، نااتفاقي،عدم سهن
شڪتي، هنسا وغيره راوڻ جيان
ڏهيسري ٿيندي پئي وڃي ان حالت
۾ سرڪي پنهنجي فڪري جيون جو
سفر طئي ڪندي انسان ذات جي
“نرواڻ” لاءِ “عمل ۽ سوچ” جي
سنگم جي جوت روشن ڪرڻ جو
لاڳيتو اُدم ڪندو رهيو!
ڏاهپ ۽ ادب جي وچ ۾ بڻايل
ريکا
(Borderline)کي
پنهنجي اڻ ٿڪ اُدم، محنت، ڏات
۽ اڌڀت چيتنا سان مٽائڻ واري
آتما کي جينئس
(Genius)چئجي
ته وڌاءُ ڪين ليکبو. سرڪي ادب
جي ساڃهه ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو،
ليڪن “اديب” جي حيثيت واري صف
۾ گهٽ سرسيرو هيو. پر “ڏاهپ ”
جي ديوي جو منجهس دائمي واسو
هو؛ انڪري اِها ريکا نه مٽائڻ
جي باوجود جينئس جي “ڇهاءُ”
جي سڳنڌ سان هٻڪاريل يقيني
طور هيو.
کيس مذهبي فرقابندي، سياسي
ڌڙي بندي، نسلي مت ڀيد، ۽ فني
۽ ادبي صف بندي ڪڏهن راس نه
آئي. اِهي سڀ ريکائون صحتمند
سماجي اوسر، انساني عظمت، ۽
تخليقي عمل جي راهه جا ڳورا
پٿر، ۽ هاڃيڪار عنصر ڀاسندا
هئس. نئين نسل اندر وڌندڙ
ماده پرستي، “مثبت سوچ ” جي
ڏيواليپڻي، انساني قدرن جي
جهڪي ٿيندڙ جوت منجهس “ڪُن”
جهري ڪيفيت پيدا ڪندي رهندي
هئي؛ ڇو جو اِهي اوگڻ سچ،
خلوص ۽ سونهن جا ويري ٿين ٿا،
۽ بي انصافي، تشدد، ۽ ڪوڙ جا
ٻانهن ٻيلي!
سرڪي سونهن جو پر ستار هيو؛
اياز جيان جسماني واسنا جي
ترپتي لاءِ
(Flesh)جي
“سڳنڌ ۽ سنگيت” سان پُرُ
ڪنڊن، پاسن، لاهين، چاڙهين،
منڊيندڙ ونگن، طلسمي ڏنگن جو
ڪانکي ڪين هيو.
هتڙي منهنجي من تي سترهين صدي
عيسوي جي فرانس جا ٻه جينئس
سرجڻهار جيڪس بوسوئي(Jacques
Bossuet)
(1627) ۽ موٿي فينيلون
(Motha Fenelon)
(1661) هري آيا آهن. پهريون
سونهن ڀرئي ادب جي رچنا ۽
ڏاهپ جي مثالي نڪتن جي تخليق
جي لحاظ کان اُتمتا جو پتلو
هيو؛ پر اخلاقي پستي، ۽ ڪردار
جي بڻانس ۾ ٻڏل ڪمزورين سببان
حيواني
(Bestial)
طبيعت جو مالڪ هو!
ان جي ڀيٽ ۾ فينيلون جو
رچنائون نه صرف آفاقيت ۽ اتم
انساني قدرن سان ٽمٽار هيون
بلڪ سندس ذاتي چريتر انگريز
فيلسوف برڪلي
(Berkley)
جي چوڻي جيان، “ آسماني ڇت
هيٺيان سڀني انساني وصفن ۽
خوبين سان سينگاريل” هيو!
اياز ۽ سرڪي جي وجود اندر هنن
ٻنهي عظيم انسانن جون
آتمائون، اتفاقي طور، ڪيئن نه
ڌڙڪنديون پسي سگهجن ٿيون!
فن متعلق سندس رويو هميشه
هاڪاري، تعميري، ۽ صوفياڻو،
ڀڳتي سوچ جي قريب تر رهيو
آهي. سنديس نظر ۾ هر تخليق :
شاعري، ادب، سنگيت، سنگتراشي،
چترڪاري، نرت ڪلا بلڪه انساني
“وجود” جو “گيان ۽ ڪرم” يوگي
عمل به تخليق جي دائري ۾
سموئجي سگهن ٿا؛..........
انهن سڀني “عملي” صورتن کي
هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ جڳائي .
گوناگون تخليقي ڏسائن ڏانهنactive
لاڙي سندس ڪردار ۾ اچرجدائڪ
شڪتي اتپن ڪري ڇڏي هئي
سرڪي جي ذات، سندس حياتي جي
پوين ڏهاڪن ۾، پنهنجي آدرشن
جي اندر-
جن جي شڪتي اڻ ڪٿ ٿئي ٿي ..
وڌندي ۽ ويجهندي رهي. سندس
ڪلپنا جي شڪتي پڻ بڙ جي وڻ
جيان بلوغت اختيار ڪندي چوڏس
اُسرندي رهي. سندس جيون هڪ
ساڃهه ڀريل ، فراخ دل ۽ فراخ
نظر ڏاهي جيان گذريو. هر رنگ
روپ ڌرم ۽ مسلڪ سان جڙيل
انسان، سياست ادب جا ڪانکي،
سماج سيوڪ وغيره وٽس، گهڻو
ڪري، هر وقت ايندا رهندا هئا.
گهرجائن جي به اڻاٺ ڪين هوندي
هئي. سڀڪو سندس ڏات ۽ بات جون
سُرڪيون ڀريندو رهندو هو.
ڪيلاش پتي جيان سندس دائمي
استان پيراڊائيز بلڊنگ جي
پهرين منزل هو جتان سونهن،
ساڀيا، ڏاهپ ۽ فن جي اجهل لاٽ
درياهه جي نرمل ماٺيڻي وهڪري
وانگيان وهندي رهندي هئي. هو
انهن ڏهاڙن ۾ پنهنجي ذات اندر
انجمن جيان لڳندو هو، ۽ منجهس
تنظيمي صلاحيتون، وقت جيان،
اڻ لکي طور وڌنديون ۽
ڦهلجنديون ڏيکاري ڏينديون
هيون. اهو سمورو“ مهان ڪرم ”
سندس گيان، ڌيان، ۽ اڻ ٿڪ
تپسيا جي نتيجي مان اتپن ٿيو
هو .. منهنجي لکيت جي انداز
کي هرگز ڌرمي معنيٰ
نه ڏني وڃي.
انساني سوچ جو “سنسار” بنيادي
طور، پهريائين ديني ۽
مابعدالطبيعاتي درجن، ۽ وقت
جي اڻ مئي ور وڪڙ ڀلائيندڙ،
گپت ۽ پڌري پيچرن تان ڊگهو،
اڻانگو ۽ ٿڪائيندڙ سفر
جهاڳيندي هينئر فطرت جي صاف
شفاف سندر موهيندڙ لاڀدائڪ
“ڏيک”۽ انساني ذهن ۽ جسم جي
ساڻس سڀاوڪ، بنيادي، ازلي
ڳانڍاپي جي رشتي جي گهري
مشاهدي ۽ درجابندي تي اچي
رسيو آهي! ان “سنسار” جي هن
جنڪشن تي رسائي وڏن ٻليدانن،
جاکوڙ، ۽ رت ولوڙ بعد ممڪن ٿي
سگهي آهي!
سرڪي پنهنجي اوائلي عمر کان
ان جاکوڙ، ٻليدان، ۽ رت ولوڙ
جو هڪ عمدو مثال آهي. بدقسمتي
سان ڪيترا ماڻهو اڻ ڳڻين
ڏاکڙن بعد اهڙي
Achievements
کان منهن موڙي، ويرتا جي
گهٽتائي سبب يا آپ سوارٿيپڻي
جي ڌڪاريل خواهش ڪارڻ ٻيهر ان
ور وڪڙ، گپت ۽ ٻوساٽيندڙ
آَ-
نام گفائن ڏانهن ڌِڪجي ترڪي
پون ٿا.
يا هينئن چئي سگهجي ٿو ته
گهڻو ڪري، هتڙي ئي موجوده جنم
۾ - چهري تي نقاب اوڍي يا بنا
نقاب جي
–ماڻهو
“موت” ۽ “جنم جنمانتر”(Transmigration)
جي سوڙهي ۽ اڻ
–
وسهندڙ “چڪر” ۾ داخل ٿيڻ کان
سواءِ ، “پنر جنم”(Re-incarnation)
جي سک ۽ دک جي ڀوڳڻا ڀوڳيندا
ڏيکاري ڏيندا رهن ٿا! شيخ
اياز، غلام رباني ۽ فتاح ملڪ،
ان ناڪاري عمل جا ڏکوئيندڙ
مثال آهن. ٻيءَ سٿ ۾ سرڪي،
تنوير عباسي، نهرو، نراد
چوڌري، حيدر بخش جتوئي ۽ نواب
اڪبر بگٽي وغيره اسان آڏو
سرخرو بيٺل ڏيکاري ڏين ٿا!
سرڪي جي مهانتا سندس ڇڊين
لکڻين کان وڌيڪ سندس اُتم
سوچ، ۽ اُن جي عملي پهلو ۾
موجود آهي جيڪو پنجاهه واري
ڏهاڪي کان شروع ٿي آئنده جي
ٽن چئن ڏهاڪن تائين جوڀن ۾
رهيو. ان بعد ويندڙ وير جيان
ان ۾ آهسته روي ايندي رهي
جنهن جا انيڪ سبب آهن، جنهن
جي وچور ۾ وڃڻ مناسب ڪونهي.
پنهنجي چوگرد ڦهليل .. سنڌ جي
حوالي سان .. سماجي رشتن جي
تاڃي پيٽي جي گهري ڄاڻ،
ڪلاسيڪي ۽ جديد .. ڏيهي خواهه
پرڏيهي ... ادب جو گيان، ان
جي ڇنڊ ڇاڻ، فن جيCharms
جو ادراڪ منجهس جهجهو
هيو.
هتڙي سندس حيات جي خاڪي جي
بجاءِ “ذات” جي تخليقي سفر جو
چتر پيش ڪرڻ چاهيان ٿو. سرڪي
پنهنجي “دور” جي ڪک مان پيدا
ٿيو هو. سندس روح مڌهوش ڪندڙ
سڳنڌ سان پُر رومان لاءِ
سڪندو رهيو؛ پر، پلئه ڇا پيس؟
بن ۾ اڪيلو ڀٽڪندڙ يوگي وارو
“يوگ” ۽ “ آتما ”!! انڪري
سندس زندگي جو ڊرامو، “
تخليقي مواد ” کان وڌيڪ وزني
۽ معتبرآهي. مٿي ڄاڻايل “
منفر دور” ۽ سندس “بي مثال
ذهن” کيس هُنَ ۽ هِنَ زماني
جي “ڏاهن” جي سدا ٻهه ٻهه
انڊلٺ سان اڻ ٽٽ ناتي ۾ پوئي
ڇڏيو هو: گوبند مالهي، جي ايم
سيد، سجاد ظهير، حشو
ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ
اياز، حيدر بخش جتوئي، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، امام علي
نازش، ڊاڪٽر رحمان علي هاشمي،
اديب الحسن رضوي، انيس هاشمي،
رضا ڪاظم، هري دلگير، جمال
الدين بخاري، جمال ابڙو،
سوڀوگيانچنداڻي، محمد ابراهيم
جويو، محمود علي قصوري، عابد
حسن منٽو،“اُتم”، عينشي
وديارٿي، مونس، دراب پٽيل،
پوهومل، حفيظ شيخ وغيره
.
سنديس حيثيت جي باري ۾ پنهنجي
اظهاريل راءِ کي وڌاءُ انڪري
ڪين چوائڻ پسند ڪندس جو ساڻس
منهنجو ذاتي تعلق .. ادب،
نظريه ۽ سياست .. جي حوالي
سان پنجاهه واري ڏهاڪي جي
آخري ورهين کان شروع ٿيو هو.
سن 1956.57ع ۾ مان ڪراچي آيل
هيس. سنڌي ادبي سنگت جي حوالي
سان آءُ ان ادبي تنظيم جو سکر
اندرجوانئٽ سيڪريٽري ۽ رشيد
ڀٽي سيڪريٽري هوندا هئا سون.
پوهومل ۽ حفيظ شيخ سان اڳيئي
سنٻنڌ جڙيل هيو. پوهوءَ کيس
منهنجي سلسلي ۾ اڳ ئي آگاه
ڪيو هوندو .. ۽ شايد ساڳي ئي
ڏينهن صدر ۾ پيراڊائيز سينيما
ڀرسان
South Chinaريسٽورنٽ
۾ مانجهاندي تي اِن
ٽمورتي(پوهو، سرڪي، حفيظ) سان
نه صرف “خيالن” جي اکٽ ڏي وٺ
ٿي بلڪه اڻ ٽٽ ياري
Comradeshipجو
آغاز ٿيو.
يم دوت جو تخم ڪيني، حسد،
نفرت ۽ نسلي برتري جي “ڪريل”
اونهاين مان اُڀريو هوندو
انڪري اهڙا نفيس، پيارڀريا ۽
آفاقي سنگم مُور ڪين وڻنيس.
وقت جي اڻ گهڙيل ۽ بي اننت “
ٽيشڻن” تي اِها اصلي، خالص ۽
سوڀيا ۾ رتل ٽمورتي هڪٻئي کان
وڇڙندي رهي!
اِهو زندگي جو سڀ کان وڏو
الميو آهي. ان کان به وڏو
الميو اِهو آهي ته غير خالص،
غير حقيقي، ۽ زمين جي جڙن کان
وانجهيل ٽمورتيون ”امرتا“
ماڻين ٿيون!
سرڪي جي بي وقتائتي وڇوڙي جي
پرچاڻي لاءِ آءُ ۽ منهنجي
پتني جڏهن سندس گهر ويا سون
ته هن جي نياڻي ڀريل آواز ۾
مون کان پڇيوهو،
“ انڪل، اوهان يقيني طور
“پنرجنم”
(Reincarnation)
۾ وشواس رکندا هوندوَ؛ مون کي
ٻڌائي سگهندوَ ته بابا هن وقت
ڪهڙي حالت يا صورت ۾ هوندو؟”
مون کيس دلداري ڏيندي وراڻيو
هو، “مان “جنم چڪر” جي متي ۾
قطعي وشواس ڪين رکندو آهيان.
البته تنهنجو پتا، هڪ “ڪرم ۽
گيان يوگي” انسان هو. اهڙا
انسان امرتا ماڻيندا آهن. هو
هر وقت تنهنجي ۽ سڀني جي آڏو
پنهنجي “ اُتم آدرشن” ۾ زنده
جاويد رهندو!”
سرڪي هڪ نرم خُو
(Slow motion)،
دريا جي هلڪي رواني جيان
آهستگي سان گفتگو ۾ يقين
رکندڙ انسان هيو جنهن جي
ڪنارن تي مڌر سُرن جو گمان
ٿيندو هو، مون سندس لهجي ،
آواز، ۽انداز ۾ فتاح،رباني۽
سوڀي جي آبشاري، يا جهرڻي
جهڙي وڄندڙ تندي ، تيزي ۽
بلندي ڪڏهن ڪون ڏٺي!
ڪڏهن ايئن گمان ٿيندو هو ته
شايد خدا کيس جوڙڻ وقت صنف
نازڪ جي قطار شامل ڪرڻ بجاءِ،
الاجي ڪهڙي پورُ ۾ اچي اوچتو
ٻيءَ مخالف ڌر جي صف ڏانهن
ڌڪي ڇڏيو هوندو!
اگر پنرجنم ۾ وشواس ڪيو وڃي،
جيئن مغرب جي ٻن مشهور ڪتابن
Story of Bridy Murphy
۽
Confessions of Adger Cassy
۾ ڄاڻايو ويو آهي ، ته
گوسوامي گيتاداس نٿاسنگهوي
چواڻي
–
جيڪو اڳوڻن جنمن جي ڄاڻ رکڻ
جو دعويدار آهي- سرڪي اڳوڻي
جنم ۾ نرم گفتار، شاهاڻي
رفتار، اُجري ڪردار رکندڙ
سيبتي، ٻاجهاري ۽ سٻاجهڙي
سندر ناري هوندي هئي جنهن جا
نوراني پاَڇاوان سندس موجوده
هن عصري جنم ۾ چٽائي سان
بکندا ڏيکاربا هئا!
پاڪستان اندر پنجاهه واري
ڏهاڪي کان اڄ تائين سول ۽
فوجي ڳانڍاپي جي بڇڙاين هن
ڌرتي جي اڪثر روشن ۽ سگهارن
ذهنن کي موقعه پرستي جي دنيا
ڏانهن ڇڪيندي ناڪاري، عوام
دشمن، ۽ ”ڌرتي ماءُ“ سان
بيوفائي واري سياست اختيار
ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهي؛ جنهن
جي نتيجي ۾ سچ، سونهن، چڱائي
۽ ايمان جي سوالن جي اهميت
ٻئي، بلڪه ٽئين درجي تي وڃي
رسي آهي.
مٿي ڄاڻايل “بحراني دور” اندر
ڳاڻ ڳڻيا ذهن جهڙوڪ محمد
ابراهيم جويو، جي ايم سيد،
سوڀو گيانچنداڻي(پر هينئر نه!
ڇو جو “عوامي ڪوس” جي ڪانکي
ڊڪٽيٽر پرويز مشرف کان، سندس
اسلام آباد ۽ ڪوئٽه ۾ “فٽ”
ٿيل “ادبي ڇاڙتن” جي سهائتا
ذريعي “ناڻي جي ٿيلهي” بطور
انعام حاصل ڪري پنهنجو “قد”
گهٽائي پاڻ کي لوئي ڇڏيو اٿس.
هتڙي مونکي فرانس جو ناميارو
شاعر ۽ ليکڪ پيري بيرانگر(Pierre
Baranger- 1780)
هنيانءُ تي هري آيو آهي. هو
پنهنجي باغياڻا نظمن ڪارڻ
ڪيئي ڀيرا، ڪامريڊ سوڀي جيان،
جيل ياترائون ۽ ڀوڳڻائون ڀوڳي
چڪو هو. هن جي وجود ۾ موجود
“باغي آتما” کي زير ڪرڻ خاطر
“آرنيلسٽ” حڪمران گهراڻي کيس
گهڻيئي انعام اڪرام آڇيا پر
هُنَ پُر وقار انداز ۾ ٿڏي
ڇڏيا. ان کان علاوه اسيمبلي ۾
چونڊجڻ بعد ان سيٽ تان به،
ڪردار جي آلودگي کان بچڻ
خاطر، استعيفا ڏيئي ڇڏيائين
.. ۽ ڪنڌ نه نمايائين. جولائي
۾ تبديلي دوران نئين
بادشاهت،ان بعد ٻيو دفعو وجود
۾ آيل شهنشاهيت طرفان پيش
ٿيندڙ سڀني اعزازن، انعامن
کي، ڳاٽ اوچو ڪري، ٿڏيندو
رهيو.. تانجو سن 1857 ۾، ڪسم
پرسي جي حالت ۾، وڃي موت سان
همڪنار ٿيو! سندس شهرت لازوال
لکڻين ۽ لاثاني مضبوط ڪردار
سببان، فرانس کان ٻاهرپڻ يعني
سموري يورپ ۾ مشڪ جيان ڦهلجي
چڪي هئي! هيءُ ته ماضي بعيد
جو واقعو آهي ليڪن ماضي قريب
۾ فرانس جي جڳ پرسڌ فلسفي،
اديب ۽ دانشور جين پال سارتر
پڻ ”اصول“ کي سامهون رکندي
ادب جو وڏو انعام“نوبل پرائز”
ٺڪرائي ڇڏيو هو.
ان ناچڱي ڳالهه تي گهرو
سوچيندي هتڙي مونکي فرانس جو
اوڻويهين صدي جي آخري پُرشور
اڌ وارو ادبي دور من تي هري
آيو آهي.
ان زماني جي ادبي ڪهڪشان ۾
جارج سئنڊ، ايوان ترگنيف،
گستاوءُفلوبيئر، ٿيوفائل
گاتيئر، ايڊمنڊ گانڪور،
وڪٽرهيوگو، مارسيل پرائوسٽ،
پال بورگيٽ، لي ڪانتي لزتي،
اسٽيفن ملارمي، اناطول فرانس،
سينٽ بوئي، بادليئر، جيولس
لماتري، رينان، ايم ٽين، پال
ورلين، ڪوپي، انفئسي ڊوڊي
پنهنجي نوراني روشني سان
انسان ذات ۾ علم، ادب ۽
تهذيب جي جوت ڦهلائي رهيا
هئا. ان ڪهڪشان جي پريت لڙي ۾
عظيم ايملي زولا ۽ منفرد،
اڌڀت، ۽ راجا اندر جهڙي ڏيا ۾
رتل، مهان ڪهاڻيڪار گاؤدي
موپسان پڻ گيان، ڌيان ۽
مريادا جي جوت جون لاٽون
سموري سنسار اندر ڦهلائيندا
رهيا هئا.
انهن پُر آشوب ڏينهن ۾ فرانس
جي ادبي اڪيڊمي عظيم “زولا”
کي “ڪراس آف ليجن آف آنر” جي
اعزاز ڏيڻ کان انڪري انڪار
ڪيو هو ڇو جو هن نيم سرڪاري
رسالي “ريويو ڊي ڊيو مانڊيس”
اندر پنهنجون لکڻيون ڪڏهن ڪين
ڇپايون هيون، ايڪڊمي جي
”سرڪاري ٺپي،، وارن عملدارن
سان ميل جول ڪين رکيو هو، ۽
اُڏوهي کاڌل سماج جي سرڪاري
ڪامورن کان هميشه پاڻ کي دور
رکندو رهيو هو، ان ڪارڻ اهو
اعزاز هڪ “ٺرڪائو” اديب کي
ڏيئي نوازيو ويو هو! موپسان
جي “باغي روح” کان اهو ڪڌو
عمل سٺو نه ويو ۽ هن هڪ بيان
ذريعي احتجاج ڪندي اظهاريو،
“هيءَ ڪڌي حرڪت اعزاز جي بي
حرمتي جي برابر آهي،“ اِهو
ڪيڏو نه نيچ عمل آهي.” ان
بيان ۾ وڌيڪ اضافو ڪندي
ڄاڻايو هئائين، “مان جيستائين
حيات آهيان “ريويو ڊي
ڊيومانڊيس” ۾ ڪداچت ڪين
لکندس. مان ايڪڊمي جي ميمبري
ڪڏهن قبول ڪين ڪندس ۽ اگر
ڪنهن وقت، ان اعزاز جي آڇ ٿي
ته اها ڪدا چت قبول نه ڪندس.”
ان بعد ٻه ڀيرا کيس اهو اعزاز
آڇيو ويو پر، هن فلوبيئر ۽
زولا جي آدرشن جو مثال قائم
ڪندي ان کي ٿڏي ڇڏيو هو!
پاڪستان جي “ايڪڊمي آف
ليٽرس”به فرانس واري اڳوڻي
ايڪڊمي جو
(Proto- type)
آهي . هتڙي فرق اهو آهي جو
سنڌ ۾ ڪامريڊ
(سوڀوگيانچنداڻي) ۽ بلوچستان
۾ عبدالله جان جمالديني کي
ايڪڊمي جي سانچي ۾ فٽ ڪرڻ
لاءِ نهايت فينستائي سان
سندن ڪنڊون، پاسا،قد ڪاٺ ٺيڪ
ڪري ۽ پر ڪٽي
(Trim)
ڪري ٺپي ٺوڪي قالب مان ٻاهر
ڪڍيو ويو هو! اعزاز ملڻ کان
پوءِ
Man
from outer space)
(
وانگر عجيب مخلوق بڻجي چڪا
هئا!
جنهن جا هٿ ڌرتي جي ڌڱن ،۽ ان
جي اولاد جي “معصوم” رت سان
لال هجن ؛ انهن نردئي هٿن مان
“اعزاز” قبول ڪرڻ ڪيڏو نه ڳرو
اَنياءُ آهي پنهنجي“آدرش”سان،
پنهنجي“نظرئي” سان، زمين جي
دکي انسانن
(Wretched of the earth)
سان، جن سان ورهين کان
ڪمٽمينٽ رهي هجي - ۽ آخر ۾
پنهنجي جنني “ماتر ڀومي” سان!
هتڙي مون کي نواب اڪبر بگٽي
ياد اچي پيو؛ جنهن کي جڏهن
کان ڄاڻ پيئي ته حميده کهڙو
–
ورهين کان سندس گهري دوست ۽
روشن فڪر خاتون
–
مٿي ڄاڻايل “نردئي هٿن” هيٺ
وزارت قبول ڪيئي هئي- ان وقت
ئي ساڻس سمورا ناتا ۽ رشتا
ٽوڙيندي دير ڪين ڪيائين ، ۽
مرڻ گهڙي تائين پنهنجي
“پرتگيا” جو پالن ڪندو
رهيو!!)، ۽ نورالدين سرڪي
وغيره اهڙا اُتم انسان آهن جن
تي مٿي ذڪر ڪيل ڪَٽُ ڪين چڙهي
سگهي .. ڪنول جيان نرليپ رهيا
آهن.
هڪ لڱا گستاوءُفلوبيئر موپسان
جي ماءُ “لوري” کي دانشور جي
فرضن تي ويچاريندي لکيوهو،“هن
سنسار ۾ سڀ کان اوچو “ڪرم”
پنهنجي آتما جي بلندي ۾ سمايل
آهي. سچي دانشور جو فرض آهي
ته هو پاڻ کي سماجي، سياسي
بڇڙاين کان “ڪنول” جيان نرليپ
رکي.”
ادب ۾ ترقي پسندي، ۽ غير ترقي
پسندي ( مان رجعت پسندي ڪين
چوندس، جيئن اڪثر اظهاريو
ويندو آهي) جي وچ ۾ ڪڍيل
“ڪلپنائي سَنڌو” لڇمڻ ريکا
جيئن گهرو، چٽو، ۽ مستحڪم
ڪونهي؛ ۽ نه وري انهن جي
درميان ڪا
No man’s land
آهي. انڪري بعض اوقات حدون
اورانگهڻ ۾ لَکا ئي ڪين پوي !
ان سموري خيال آرائي جي
باوجود ادب جي انهن ٻنهي
روين، تحريڪن، ۽ لاڙن وچ ۾
“پڪي ياري” ڪڏهن ڪين جُڙي ۽
جنمي سگهي، بلڪه صاف، چٽو ۽
غير ترديدي
antagonism
، رامائڻي ڏهيسر جيان، هر
سميهءِ موجود رهيو آهي.
مونکي هتي فرانس جي اڻويهين
صدي جي “رومانوي ادبي تحريڪ”
جو ٻيو دور ياد اچي رهيو آهي
جنهن جو سرمور ناميارو شاعر ۽
اديب ٿيوفائل گاتيئر ۽ ٻيا
هئا. ان تحريڪ ٻي “سهڻي” ادبي
شاخ جو بنياد وڌو جنهن کي
Parnassian School
يا تحريڪ ڪوٺيو ويو. ان
اسڪول جي فڪر جا پانڌيئڙا، يا
“بي پَريا” اُڏام ڀريندڙ
سرجڻهار شاعري ۾
content
بجاءِ هيئت جا هيراڪ هئا، ۽
“ادب برائي ادب”جي لاڙي جا
باني مباني به هئا.
ان تحريڪ ۽ اُن جي دلچسپ،
دلڪش، ۽ وچتر شاخن مان نثر،
خاص طور نظم جي ڀاڳ ۾ ڪيئي
ناليرا فنڪار هڪٻئي پٺيان
ايندا رهيا جن جي “منفرد”
“ڇرڪائيندڙ” ۽ “وسميهءِ ” ۾
وجهندڙ رچنائن، ادب جي دنيا ۾
“ڪُنَ”، “ گجگوڙ”، ۽ ”لاوا“
جهڙي اُٿلَ پُٿلَ پيدا ڪيئي
جنهن جا
current۽
under-
current
اڄ ڏينهن
تائين محسوس ڪري سگهجن ٿا.
اِهي سرجڻهار،عام طور،شاعري
جي ذريعي ڪنهن قسم جي پيغام،
جذبي جي اظهار، يا مقصديت جي
پرچار جي بلڪل خلاف هئا.
کين“فن” اندر اهڙي رَوِش
اختيار ڪرڻ کان سخت چڙ ۽ نفرت
هئي. سندن زور اسلوب جي
ڇرڪائيندڙ صورت گري، لفظن کي
الڳ، وچتر، ۽ اڌڀت معنائن جا
وستر پهرائڻ، ۽ اظهار جي
مروج، موسيقي جي طور طريقن جي
پيمانن کي ڀڃي ڀورا ڪري نت
نين راهن جي تعمير وسيلي انهن
مان پنهنجا پنهنجا الڳ پيچرا،
گس، ۽ دَڳَ ٺاهڻ جي تجربن
اندر پوشيده هو!
فنڪارن جي ان وڏي سَٿَ ۾
فرانس جا چار عظيم “روماني”
شاعر: چارلس بادليئر، پال
ورلين، آرٿر ريمبو، ۽ اسٽيفن
ملارمي، منهنجي راءِ مطابق،
سڀ کان اُتاهين جڳهه والارين
ٿا. دنيا جي ادب ۾ ابهام،
علامت نگاري، اُلٽي گنگا
وهائڻ، ڊاڊاازم، سريئلسٽ
وغيره لاڙن، روين، ۽ پيمانن
جو نه صرف تعارف بلڪه لاڳو
ڪرائڻ جي جس جا به اَهي
“چارئي يار” ڀاڳي آهن.
هنن جي اصلوڪي ”عرق ريزي“ پنن
تي اوتڻ بجاءِ مان منجهن جذب
ٿيڻ جو جتن ڪندي، سندن رخ،
انداز، سوچ اپنائيندي، ڪجهه
“شيون” جوڙي پيش ڪرڻ جو ساهس
ڪيان ٿو:
ملارمي
جي ڪاري مَسُ
اُڀ تي اُڏري لَغڙ اُڏائي
پڃاري کان پاڻ پڃائي
ڀَلا کائِي گيتَ پيو ڳائي
ملارمي جي ڪاري مَسُ
ٺاٺاري جي ٺڪ ٺڪ تي
ورلين
ويٺو راڳ سڻائي
ڌُوڙ ڌئي جيان ڇائي پائي
رڻ جي اُس ۾ پاڻ ڀِڄائي
بُود ۾ ڀرجي بادليئر
يارو
طوفانن جي بي طوفاني ۾
ٻيڙيون کيهي، جهانجهه وڄائي
ڪپڙا لاهي گيت پيو ڳائي
آب ۽ داڻو
من ويڳاڻو
ڳنڍ ۾ ناهي ڪوئي ناڻو
هاءِ حياتي ريمبو ڪاڻو
ورلين
ڪري ڪيسان ماڻو
ملارمي
آ ساڻو ساڻو
آب ۽ داڻو
من ويڳاڻو
ريمبو
رُٺو راهه ۾
ورلين
کاڌي گولي
وهائي پنهنجو رتَ
ڀريائين چُسڪي مَڌُ جي
اِجها، اِها آهي غير-
ترقي پسندي!
نورالدين سرڪي۽ حفيظ شيخ کي
اِها رومانيت،“پرناسِيئن
تحريڪ” يا ان جا گونچ ۽
شاخون، غير-
ترقي پسندي ڪڏهن ڪين آئڙيون.
اِهو ئي ڪارڻ هو جو ميراجي، ن
.م. راشد جي روح پرورلئه،
تال، موسيقي
--
۽ لفظن جي نڪور سونهن سان
سرچي ڪين سگهيا. ايڊگرايلن پو
۽ محمد حسن عسڪري جي پراسرار
اونهائي، ۽ اَ-
پار ڄاڻ به ڀانءِ ڪين پئي.
شاهه، سچل، سامي جي الوهي
سونهن، اَ-پار
بي باڪي، ۽ ويدانت ۾ سمايل
انساني واس جي سڳنڌ، ساڃهه، ۽
سواد جون سرڪيون ڀريندي ۽
ڀرائيندي جيون جو سفر، خوشي
خوشي طئه ڪندا رهيا.
اهوئي سبب هو جو سندن (حفيظ ۽
سرڪي) منفرد اسلوب، ۽ اثرائتي
چوڻي ۾ خوبصورتي، بي ساختگي،
نرملتا، ۽ من کي ڇهندڙ سادگي،
مينهن
-
ڦڙن جيان، پاڻ ڏي ڇڪيندڙ هئي؛-
۽ ان کان علاوه ان اندر سدا
موجود “چٽائي” پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ
لاءِ ڪداچت ٿڪائيندڙ ڪين
هوندي هئي!
سراج
مرحوم نورالدين سرڪيءَ سان
ايترو ويجهو رهيو آهيان جو
اهو ياد ئي نٿو اچي ته هن سان
ڪڏهن ڏيٺ ويٺ ٿي. البت ايترو
ياد پوي ٿو ته اسان جي
ملاقات، ڪافي آڳاٽي آهي ۽
وڪالت شروع ڪرڻ کان گهڻو اڳ
سنڌي ادب جي حوالي سان ٿي هئي.
هي اهو زمانو آهي جڏهن آءُ
سنڌي ادبي بورڊ سان واڳيل هئس
۽ اسان ٻنهي جو پيارو دوست،
محمد ابراهيم جويو، ادبي بورڊ
جو سيڪريٽري هو ۽ آءٌ سندس
ماتحت اسسٽنٽ سيڪريٽري هوس.
ابراهيم جويو
سنڌي ادب جو هڪڙو وڏو نالو ته
آهي ئي، پر هن جي هڪ ٻي سڃاڻپ
کاٻي ڌر جي حوالي سان به آهي.
هو نه رڳو هڪ بنيادي مارڪسسٽ
لڏي سان لاڳاپيل ڪارڪن هو، پر
ايم اين راءُ جي پوئلڳ
پانڌيئڙن مان به هڪ اهم
عقيدتمند هو. منهنجو هن سان
ڳانڍاپو سنڌي ادب، مارڪسزم ۽
رائسٽ طرف لاڙو ۽ رجحان هئڻ
جي ڪري هو. ان وقت (1955 کان
شروع ٿيندڙ ڏهن سالن جي عرصي
۾) جن ليننسٽ ۽ خاص ڪري
مارڪسسٽ لڏي ۾ سوڀو
گيانچنداڻي، پوهومل، موتيرام،
جمال صديقي، شيخ اياز، رشيد
ڀٽي، نورالدين سرڪي وغيره
شامل هئا. (بدقسمتيءَ سان هن
وقت ان لڏي جا فقط ٻه ماڻهو
ابراهيم جويو ۽ سوڀو
گيانچنداڻي زنده آهن، شل اڃا
ڪجهه سال اسان جو ساٿ نه
ڇڏين!)
ابراهيم جوئي سان
منهنجي ۽ سرڪي صاحب جي گهري
دوستي هئي. ادبي گڏجاڻين ۾
سرڪي مرحوم سان ملاقاتون
ٿينديون هيون ۽ هن مون کي
سندس علم ۽ ڪمٽمينٽ
(commitment)متاثر
ڪيو. هن جو ادبي تحريرن، شعر،
ڪهاڻي يا مضمونن تي تبصرو ۽
تنقيد ايتري تيز ۽ گهري نظر
واري هوندي هئي جو مون جهڙو
سيکڙاٽ، اعتبار کان وڌيڪ
متاثر ٿئي ته عجب نه ٿيڻ
گهرجي.
اهڙي هڪڙي گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ جي
ڪلاسي
ڪي ادب ۽ شاعري تي محفل ۾
سرڪي صاحب ڀٽائيءَ جو هيٺيون
بيت پڙهيو:
مون کي مون پِريَن، ٻَڌي وڌو
ٻَارِ ۾،
اُڀا ايئن چون، مَڇُڻ پاند
پُسائين!
ان تي وڏو بحث
ٿيو. جڏهن سرڪي صاحب جو وارو
آيو تڏهن هن چيو ته سنڌ تي
تصوف جو جمالياتي اثر ايترو
گهرو ۽ گهڻ پاسائون آهي جو ان
کي عالمي انسان دوستيءَ کان
الڳ رکي نٿو سگهجي. هن اڳتي
وڌندي چيو ته اهو ساڳيو شعر
فارسي شاعرن مختلف رنگن ۾ چيو
آهي مثلاََََََ:
در قحر دريا، تخته بندم
ڪردئي!
بازمي گوئي، دامن تر مَ ڪُن،
هشار باش!
(تو دريا جي سير
۾، تختي سان ٻڌي، مونکي وجهي
ڇڏيو آهي. مٿان وري اهو حڪم
به ڏنو اٿئي ته پلاند يا دامن
آلو نه ٿئي، هشار ٿي!)
ان هڪڙي مثال
منجهان ڏسو ته هن جو مطالعو
ڪيڏو نه وسيع هو.
ادبي بورڊ جي
“مهراڻ” رسالي لاءِ جويي صاحب
۽ مون ڪوششون ڪيون ته سنڌي
عورتون به اديب هجڻ جي حوالي
سان مهراڻ لاءِ لکن. ان سلسلي
۾ هن جمال صديقي جي همشيره
ادي شمس کي لکڻ تي آماده ڪيو
۽ هن ڪيتريون خوبصورت ڪهاڻيون
لکي ڏيکاريون.ا براهيم جويي
هڪڙي ٻي ڪاوش اها ڪئي ته هن
ادي شمس جو سرڪي صاحب سان
رشتو طئي ڪرايو. جڏهن هنن جي
شادي ٿي، تڏهن ڄاڃين ۾ مان به
شامل هوس!
اڄ سرڪي صاحب کي
مرحوم لکندي قلم ڪنبي رهيو
آهي. هاءِ ڪورٽ بار ۾
تقريباََ روزانو ملڻ ٿيندو
هو، ۽ پوءِ ٽهڪن مٿان ٽهڪ
هوندا هئا. فوجداري قانون
(Criminal Law)
جو هو وڏو ڄاڻو هو پر ڪوشش
ڪندو هو ته بار روم ۾ قانون
بدران ادبي گفتگو ٿيندي رهي.
سنڌ جي نئين ٽهيءَ جا اديب هن
سان ملڻ لاءِ ايندا هئا ۽ هو
کين سٺيون صلاحون ڏيندو هو.
هن پنهنجي پُٽ،
شهاب سرڪيءَ کي سٺي قانوني
تربيت ڏني ۽ شهاب پاڻ به هڪ
سٺي محنتي وڪيل طور نالو
ڪمايو آهي. پر سرڪي صاحب سڀني
کي اُداس ڪري هليو ويو!
اڄ نه اوطاقن ۾ ، طالب
تنوارين
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون
مارين
جي جيءَ کي جيارين، لاهوتي
لڏي ويا.
جوڳيءَ تي جڙاءٌ، نسوروئي
نينهن جو،
پتنگن جيان پيدا ٿيو، سامي سج
وڙاءُ،
آيو ڪاڪ تڙاءُ، ڪنوارين
ڪڪوريو
شاهه لطيف
حميد سنڌي
سنڌ جي سرزمين عجيب آهي!..
هتي سر نسريا ئي نه آهن ته
ماڻهن جي پوک مالڪ لڻڻ شروع
ڪئي. هيل چيٽ ڪتي هڪ ڪري
ڇڏيائين. منهنجو ڀاڻيجو عامر
عزيز، عمر ڪا 38 -39 سال،
ڪمپيوٽر جو استاد ۽ ڪيترن ئي
ڪتابن جو خالق، شاعريءَ سان
به شغف
–
نه ٻڌايائين، نه وري سندس امڙ
چواڻي ته ساڻس به ڪي ويهي
احوال ڪيائين (هاڻ
ايڊمنسٽريٽر هاسٽلز) ڏينهن
رات رڌل رهيو ۽ هڪ ڏينهن الله
توهار کڻي ڪيائين. پويان
معصومڙا ٽي ٻار، ماءُ ۽ گهر
واري ڇڏي روانو ٿي ويو! مان
ته عامر جو ڄم به سنڀران،
منهنجن هٿن ۾ وڏو ٿيو. علم جو
شوق ايترو جو ڊزن کن ته
ڊگريون هيس. مون کي صدمو اهڙو
آيو جو جيڪا شيءِ کڻان سا هٿ
مان ڇڏائجي وڃي! هٿ اڃا پيا
ڏڪن. ڳالهائڻ چچرجي وڃي!
هوڏانهن ماڻهن جي پوک وڃي
لڻبي. سرڪي سنڌ جو هڪ بهادر،
پڪو پختو ماڻهو، لُڻجڻ جهڙو
ته هو ئي ڪونه. رشيد ڀٽي وارن
جي فڪري قبيلي جو ماڻهو، جيئن
رشيد هر ڀيري ملڪ الموت کي
آڱوٺو ڏئي ڀڄي ايندو هو.
نورالدين سڄو ڏينهن کلڻ وارو
ماڻهو، ٿي سگهي ٿو ملائڪ
ايندا هجنس ۽ هيءُ کين کلندي
ٽاري ڇڏيندو هجي، يا اسان
يارن جي ڪچهريءَ ۾ ويهي
گهومتي ڏئي ايندو هجي.
“يارحميد! ڪاٿي آن، ويهه ڀلا،
لنچ ۾ ڇا هلندو ، برياني يا
چڪن بروسٽ، ڀلا کڻي چڪن روسٽ
ٿا کائون.” نورالدين جي
آدرڀاءُ اها ٿي ۽ پوءِ آرڊر
موڪلي ڏيندو. هاڻ هلندي
ڪچهري. ڪيترائي سندس چاهيندڙ
۽ ڪتابن جا عاشق سندس علم جي
بحر مان نڪتا چڳڻ لاءِ حيران
پريشان ويٺا هوندا هئا. کيس ۽
مون کي پريشان ڪرڻ لاءِ هوندو
هو اسان جو يار “سليم ٻوڙو”
اسان جون رڙيون، پر نورالدين
سڪون سان ڳالهائيندو ۽ چوندو،
“هيءُ سمجهڻ واري ڳالهه پاڻهي
ٻڌندؤ ۽ سمجهندؤ ٻي ڳالهه کي
ڊرت به نه ڪندو.” پوءِ وڏا
ٽهڪ ڏئي ڳالهه کي اڳتي
وڌائيندو ويندو، “ ڀلا
حيدرآباد جي ڏي خبر....” مون
سان مخاطب ٿيندو. ائين ڪيئن
ڳالهيون چرنديون وينديون.
هيءُ آهي ڪامريڊ نورالدين
سرڪي اصل ويٺل علم ۽ ادب جي
ديس شڪارپور جو. سندس گهر
واري شمس صديقي به شڪارپور جي
صديقي خاندان جو هڪ وڏو حصو
هئي. ٻئي گڏيا ته ٻوليءَ ۽
علم ادب جو جبل بڻجي پيا.
منهنجي آڏو اهو نظارو ٿو اچي،
جڏهن ٻئي پهرين “جشن روح
رهاڻ” ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ
ڪراچيءَ کان اچي سهڙيا. هاڻ
شمس اسٽيج تي افساني جي نشست
جي صدر طور ويٺي ۽ صدارتي ٻول
ٻوليائين ته محفل گل و گلزار
ٿي پيئي. هوڏانهن نورالدين
ويچارو پنهنجي ننڍڙي کي کنيو
پيو هال ۾ ڦري. سندس ڪن ۽ من
محفل ۾ هجي. وري جو محفل ۾
اياز آيو ته ننڍڙي سندس هنج ۾
سمهي پيئي. پر ٻنهي اياز کي
ويٺي ٻڌو. “هيءَ سئن نه ڏيندي
چين....” سرڪي قديم جڳ کان
سنڌي ٻولي ۽ ادب سان پاڻ کي
سلهاڙيل رکيو. سنڌي ادبي سنگت
جي انهن بنياد وجهندڙن مان هڪ
هيو جن ادب لاءِ پاڻ موکيو.
تاوز جڏهن سنڌي ادبي سنگت
حيدرآباد شاخ وارن کيس ڀيٽا
ڏيڻ لاءِ چئن پنجن ڄڻن جي ميڙ
۾ عقيدت جا گل آڇيا ته سنگت
جا نسل در نسل ڪيترا پراڻا
اسان پارا ميمبر ۽ ڪجهه ٻيا
ويجهو ٿي ويٺا هياسين. هاڻ
اُنهن کي سڏڻ کان لاچار ٿي
وياسون.هاڻ ته سرڪي ۽ ڪجهه
اهڙن دوستن کي سڏ ي ميڙاڪو
ڪوٺائڻ ڪيڏو نه ڏور ٿو
ڀانيان. اُنهن سڏن کان هنن
پري ڪري ڇڏيو. سنگت جو اهو
تعزيتي ميڙ ڪيڏو نه اوپرو هو!
اسان “بزم روح رهاڻ” جو
تعزيتي ميڙ ڪري ڇڏيو. ادا
نورالدين! تون اسان کان ڏور
ناهين. مان تنهنجي تعزيت تي
نه اچي سگهيس. جو منهنجي گهر
۾ پنهنجي سڳي ڀاڻيجي جي ميت
کي ڪاڏي ڪيون ها. شهاب!
....... ادي شمس!...... اسين
ڪيئن ٿا پنهنجي نورالدين کي
وساري سگهون. نورالدين علم و
ادب ۽ ڪتابن جو مينار! کيس
خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هڪ
ڪتاب لکڻ جو هڪ اعلان ڪافي نه
آهي، پر کوڙ ڪتاب به ٿورا
هوندا. نورالدين جي ياد ۾
ڪيترائي ميڙ ڪوٺائجن ته به
ٿورا آهن. رڳو اُهي خلوص دل
سان هجن.(ٽه ماهي مهراڻ جي
ٿورن سان)
عبدالحڪيم ارشد
زندگي ۾ مون جن ساڃاهه وند
شخصيتن کان ڪجهه سکيو، پرايو
۽
شعور حاصل ڪيو آهي، تن ۾
نورالدين سرڪي صاحب جو نانءُ
نشانبر آهي، ادب، سياست،
انقلابي جدوجهد ۾ منهنجي
ترقي پسند نظريي جي تشڪيل،
تربيت
۽
تعمير ۾ سرڪي صاحب سان لڳاتار
ڪچهرين
۽
ادبي سنگت جي حوالي سان گڏجي
ڪم ڪرڻ دوران مون ان کان فڪري
۽
عملي ڏاهپ جا ڪي اهڙا گر،
سياڻپ جا ڪي اهڙا سبق سکيا
آهن، جن منهنجي جذباتي
۽
اٻهري مزاج کي متانت
۽
سنجيدگي ڏانهن مائل ڪري زندگي
۽
ان جي مسئلن ڏانهن سوچڻ لاءِ
منهنجي سوچن جي رخ کي
مثبت
۽
تعميري راهن ڏانهن موڙڻ ۾ اهم
ڪردار ادا ڪيو آهي. عبيدالله
سنڌي وٽان اسان کي طبقاتي
انقلاب جو شعور مليو، سائين
جي ايم سيد وٽان سنڌيت جي
ساڃاهه ملي، ته سرڪي
۽
قاضي فيض محمد مرحوم جي
درسگاهن مان شعور
۽
ساڃاهه کي پنهنجي منطقي نتيجي
تائين پهچائڻ جي لاءِ سائنسي
۽
فلسفيانه طرز- فڪر اختيار ڪرڻ
جي فڪري تربيت ٿي. آءٌ جڏهن
پنهنجي فڪري ارتقا جي مختلف
مرحلن، موڙن
۽
پرپيچ راهن تي طئي ڪيل سفر تي
نظر ڊوڙايان ٿو
۽
هي سٽون لکڻ وقت جناب
نورالدين سرڪي جي سنجيده،
بيحد متين
۽
بردبار شخصيت کي پنهنجي تصور
۾ آڻيان پيو، ته ان جي
انتهائي اڻ ڳڻين احسانن سببب
نهايت محبت
۽
عقيدت وچان منهنجو ڪنڌ ان آڏو
جهڪي وڃي ٿو
۽
آءٌ نهايت ادب
۽
تعظيم سان پنهنجي هن محسن
استاد کي دل جي سچي عقيدت سان
سلام عقيدت پيش ڪندي کيس سندس
جنم ڏينهن جون واڌايون پيش
ڪيان ٿو.
شايد 1945ع جو
دور هو، جڏهن شاعري جي شوق
۽
گل محمد چنه مرحوم جي صحبت
۽
سنگت ۾ مون نوابشاهه ادبي
سنگت جو ميمبرشپ فارم ڀريو
هو. اياز قادري مرحوم ان وقت
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو
سيڪريٽري جنرل
۽
نورالدين سرڪي مرڪزي ڪميٽي جو
ميمبر
۽
ڀايان ٿو ته خزانچي هوندو هو.
انهن ئي ڏينهن ۾ جمعيت
الشعراء سنڌ جي ڏنل هڪ طرح
مصرع: “اي جوانو جانبازؤ وک
وڌائيندا هلو” تي سرڪي صاحب
جو پهريون غزل نوابشاهه مان
نڪرندڙ هفتيوار“ آوازِ سنڌ” ۾
ڇپيو هو. مون کي هاڻ ان جا
شعر ياد نٿا اچن، مون پنهنجو
پهريون غزل سرڪي صاحب جي ان
عزل جي تتبع ۾ ساڳي طرح مصرع
تي لکيو هو،جيڪو مون پهريون
ڀيرو سنڌي اديب سنگت نواب
شاهه جي گڏجاڻيءَ ۾ تنقيد
لاءِ پيش ڪيو هو. مون کي
پنهنجي ان غزل جو هڪ شعر اڄ
به ياد آهي :
جيئن اٿي جهومي وري اڄ پنهنجي
ڪائنات،
زندگي جي ساز تي سي گيت
ڳائيندا هلو.
هي حوالو مون
انهي لاءِ پيش ڪيو آهي ته
منهنجي شاعراڻي ڏات جو پهريون
محرڪ سرڪي صاحب جو اهو پهريون
غزل ئي بڻيو هو.
سرڪي صاحب سان
منهنجي غائبانه واقفيت به
سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان
ٿي هئي ته روبرو واقفيت به
سنڌي ادبي سنگت جي حوالي سان
ٿي. جڏهن 1964ع ۾ اسان سندس
آفيس 17 اورنگزيب مارڪيٽ ۾
سنڌي ادبي سنگت جي نئين سر
جوڙجڪ ڪئي هئي، سنڌي زبان جو
مشهور ترقي پسند شاعر، اديب
۽
ماهنامه “سوجهرو” جو چيف
ايڊيٽر مان وارو تاج بلوچ
صاحب اسان جي برانچ جو
سيڪريٽري هوندو هو
۽
نورالدين سرڪي، امرجليل،اقبال
جتوئي، اشوڪ ڪمار گنگواڻي،
ٺاڪر شرما، ميان گلزار سومرو،
سيد نثار علي شاهه
۽
مان ان ادبي سنگت جي ڪاروباري
ڪميٽيءَ جا ميمبر هئاسين. سن
1964ع کان 1967ع تائين آءٌ
سنگت جي ڪاروباري ڪميٽي جو
ميمبر هوس، بلڪه 1967ع ۾
سيڪريٽري به ٿي رهيس، انهن ٽن
سالن ۾ مون سرڪي صاحب کان
گفتگو
۽
ان جي خاموش طرزِ عمل کان
تمام گهڻو حاصل ڪيو،
سواءِسرڪاري موڪلن جي مون کي
ياد ناهي ته ڪو به اهڙو ڏينهن
نه گذريو هوندو جڏهن مان اين
جي وي هاءِ اسڪول مان نڪري
“موڪل بعد” سڌو اورنگزيب
مارڪيٽ سرڪي صاحب وٽ نه آيو
هوندس. انهن ٽن سالن ۾ مون کي
منهنجي فڪري استاد “ليننزم”
ماؤزيتنگ، گورڪي، چيخوف، شولو
خوف، سجاد ظهير جو ڪتاب،
روشنائي،علي سردار جعفري جو
ترقي پسند ادب، مجنون گور
کپوري
۽
ٻين ترقي پسند
۽
انقلابين جا ڪتاب پڙهڻ لاءِ
ڏنا. مطالعي بعد اسين انهن تي
گفتگو به ڪندا هئاسين. انهن
مان مليل انقلابي شعور کي
ادبي سنگت جي مختصر
۽
بظاهر ماٺيڻي
۽
محدود عملي ميدان تي ڪيئن
آزمائجي، مون پنهنجي فڪري
استاد کان اها حڪمت عملي سکي،
پروڙي
۽
پنهنجي وس آهر تجربي ۾ آندي.
زندگي جي سمورن شعبن جي
مقابلي ۾ مان سمجهان ٿو ته
اديبن کي ترقي پسند شعوري
نظريي ۾ پلٽائي، انهن کي
آرگنائيز ڪرڻ هڪ انقلابي
ڪارڪن لاءِ نهايت ڪٺن
۽
مشڪل عمل آهي. هن تجربي ۾ مون
اهو سکيو ته اديب
۽
مولوي طبقو نهايت انا پرست
طبقو ٿيندو آهي. هي اهڙا رڪ
۽
فولاد آهن، جن کي رجائي،
ايڪتا
،
نظرياتي
۽
عملي وحدت ۾ سموئڻ نهايت مشڪل
ڪم هو، پر آءٌ دعوا سان چوان
ٿو ته اها سرڪي صاحب جي ڏاهپ،
سنجيدگي
۽
نظريي سان ڪمٽمينٽ هئي، جو 17
اورنگزيب مارڪيٽ واري ادبي
سنگت هزار اندروني خلفشار،
ٻاهرين مخالفتن
۽
سياسي ناموافقتن جي باوجود
خالقدنه هال ۾ سن 1966ع ۾
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي
ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۾ ڪامياب ٿي
وئي. ان وقت اسان سڀني جون
دليون هڪ ئي جذبي سان هم آهنگ
هونديون هيون. اسان سڀئي ذاتي
انانيت کان مٿي کڄي هڪ مقصد
جي تڪميل لاءِ هٿ هٿ ۾ ملائي،
هڪ ئي روح
۽
هڪ ئي جذبي سان اڳتي وڌندا
رهياسين. اڄ سنڌ جو اهو ڪهڙو
شهر آهي جتي سنڌي ادبي سنگت
موجود ناهي. هن سڄي جدوجهد ۾
سرڪي ڪڏهن به پنهنجي راءِ
ڪاروباري ڪميٽي تي مسلط نه
ڪئي
۽
نه وري ايڏو سينئر هوندي به
پاڻ کي مٿڀرو بنايو، بلڪل نه.
سرڪي صاحب جي
زندگيءَ ۾ مون کي وڏ ماڻهپائي
ڪڏهن به نظر نه آئي. 1964ع
کان اڄ تائين مون هميشه ان کي
پرعزم
۽
هڪ جهڙو ڏٺو .ايوب خان کان
پرويز مشرف تائين هر دؤر ۾
جڏهن به آءٌ ساڻس مليو آهيان،
سندس پيشانيءَ تي مون ڪڏهن به
مايوسي، همت شڪني
۽
حالات سبب دلشڪستگي جون
ريکائون نه ڏٺيون آهن. هو هڪ
اهڙو پروفيسر آهي، جيڪو
پنهنجي بلند علمي مرتبي،
انقلابي عملي جدوجهد جي
باوجود نوجوانن جي ذهني سطح
تي هيٺ لهي، سندن تربيت ڪري
ٿو. اوهين حيران ٿي ويندؤ ته
عمر جي هن اسٽيج تي هئڻ جي
باوجود، وڪالت جي مصروف پيشي
سان تعلق هوندي به، هر روز
ڪيترا ڪلاڪ مطالعو ڪري ٿو.
انگريزي لٽريچر، سنڌي ڪتاب،
فارسي شاعري به سندس زيرِ
مطالع رهن ٿا.
ذاتي زندگي هجي،
يا سندس آفيس جي اسٽاف سان
سندس سڀاءُ هجي، يا سندس
دوستن سان رويو، مون هميشه
کيس جمهوري مزاج جو حامل ڏٺو
۽
محسوس ڪيو آهي . هو بلڪل
معتدل مزاج وارو انسان آهي.
سياست ۾ ٻاهران تبديلي يا
انقلاب جي بجاءِ
سماج جي اندروني تغير جو قائل
آهي. هو جمهوريت
۽
جمهوري ادارن جي استحڪام جو
قائل آهي. هو سماجي تبديلي جو
طويل، صبر آزما
۽
هيٺان کان مٿي تائين علم،
شعور، منظم پلاننگ
۽
منصوبه بندي واري حڪمت عملي
سان خاموش سماجي تبديلي جو
خواهشمند آهي. هو هميشه چوندو
آهي ته انقلاب ٻاهران مسلط نه
ٿيندو آهي، اها ته انارڪزم
۽
فرسٽريشن آهي. انقلاب لاءِ
اهي اندروني حالتون پيدا
ڪرڻيون پونديون، جيڪي پنهنجي
اندروني اڀار جي بنياد تي
انقلاب جو منطقي نتيجو پيدا
ڪن. سياست يا انقلابي هلچل ۾
هو ڊاڙ، ٻٽاڪ
۽
ڇسي نعري بازي کي پسند نه
ڪندو آهي.
محمد ابراهيم
جويو سندس قريبي دوست آهي .
جويو صاحب جڏهن سرڪي صاحب وٽ
آفيس ۾ ايندو آهي ته آءٌ
خاموش نگاهن سان ٻنهي ڏانهن
نهايت حيرت سان تڪيندو رهندو
آهيان . مون کي خبر آهي ته
اهي ٻئي زندگي جي مادي نظريي
جا قائل آهن، پر منهنجو
ويساهه وڌي ويندو آهي انهي
ڳالهه تي ته جنهن ڏينهن خدا
روحن کي خلقي ڪو الستي عهد
ورتو هو، ان ڏينهن ان جاءِ تي
اهي ٻئي روح هڪ ٻئي جي بلڪل
ڀرسان
۽
بنا وٿي جي هوندا. خدا کي ته
خبر ناهي هنن جي روحن ڪهڙو
جواب ڏنو پر هڪ ٻئي سان ساٿ
نڀائڻ جو الستي عهد
۽
پيمان ضرور ڪيو هوندائون. ٻئي
شخصيتون بيحد پياروين، ماکي
۽
مصري کان مٺڙيون
۽
انسان ذات لاءِ سراپا محبت
آهن. سنڌ ڌرتي جا هي روشن
ضمير، روشن خيال
۽
انسان دوست انسان، زندگيءَ جي
راهه تي روشنيءَ جون مجسم
علامتون آهن. روشني هميشه
اوندهه
۽
انڌوڪار جي دشمن رهي آهي.
جهالت، عقيدي پرستي، انسان
ذات ۾ مختلف متڀيد، مذهب،
طبقن، جاگرافين
۽
ٻين اضافي نسبتن جي بنياد تي
انسانن ۾ تفريق
۽
انسان ذات جي وچ ۾ تقسيم در
تقسيم، مظلوم قومن تي ظالمن،
استحصالين، پرمارن
۽
غاصب قومن جي ظلم، انياءُ،
بالادستي ، سندن تهذيب، ڪلچر،
ٻولي، پيداواري وسيلن تي قبضو
ڪري، انهن کي غلامي جي
زنجيرن، ڳٽن
۽
پنجوڙن ۾ پابند ڪرڻ وارن
پاپين جي پاپ نگر ۾ هميشه هنن
ساڃاهه وندن انتهائي جرئت،
حوصلي، پامردي، ثابت قدمي،
اتساهه
۽
ويساهه سان انقلابي فڪر،
شعور، سماجي تبديلي جي ساڃاهه
جون قنديلون
۽
مشعلون جرڪايون آهن. ذميداري
۽
جوابداري جي سچي احساس سان
هنن اسان تائين صداقت جي
امانت منتقل ڪئي آهي. اڄ سنڌ
۾ انقلابي سجاڳي
۽
جاڳرتا جي جيڪا لهر اڀريل
آهي، سنڌي قوم جي موجوده نسل
۾ آجپي، مزاحمت
۽
انسان دوستي جي جيڪا آرزو،
امگ
۽
احساس اسان کي نظر اچي ٿو، سو
اهڙن انقلابي، ترقي پسند
دانشور جي ڏاهپ
۽
جدوجهد جو نتيجو آهي. هنن
اسان کي سکاريو آهي ته سڄي
دنيا هڪ عالمگير برادري آهي.
قومون، مذهب، مملڪتون،
جاگرافي سرحدون، مختلف انسانن
۾ سڃاڻپ جا نالا آهن . نه ته
سڀني جي دلين جي رڳن
۽
شريانن ۾ ڊوڙندڙ رت
۽
دلين جي ڌڙڪڻ ساڳي آهي. سڀني
کي پاڻ ۾ امن، آشتي، پيار
۽
محبت سان رهڻ گهرجي . جنگ
۽
جدل، ڏاڍ
۽
ڏهڪاءُ فطرت انسانيءَ جي خلاف
شيطاني منصوبو آهي. زندگيءَ
جو عظيم مقصد انسان ذات ۾
صلحِ ڪل، ايڪتا
۽
محبت قائم ڪرڻ آهي. ظلم سان
پنهنجي پنهنجي حال
۽
حيثيت آهر مهاڏو اٽڪائي، دنيا
تي ڇانيل شر، فساد، دهشت
۽
جنگ جا ڪارا ڪارا ڪڪر هٽائي،
هن دورزخ بڻيل ڌرتي کي امن
۽
آشتي جي جنت بنائڻ لاءِ اسان
مان هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو
ڪردار پنهنجي وس
۽
پهچ، قلم، علم
۽
عمل جي ذريعي ادا ڪرڻ گهرجي.
نورالدين سرڪي
۽
ان جي حوالي سان ابراهيم جويي
جو نانءُ زبان قلم تي آيو آهي
ته آءٌ ڀرپور اتساهه سان فقط
ايترو چوندس ته سنڌ ڌرتي جي
هنن مهان ڏاهن اسان جي ذهنن
۽
ضميرن ۾ نئين سوچ، فڪر
۽
شعور جي جيڪا چڪي لڳائي آهي،
سا ضرور هڪ ڏينهن پنهنجي
انوکي مهڪار سان سڄي سنسار کي
مهڪائيندي. سنڌ ننڊ مان نيڻ
مهٽي جاڳي آهي. سنڌ مان هڪ
نئين سنڌ اڀارڻ لاءِ اسان کي
علم، فڪر، سائنسي شعور،
ٽيڪنيڪل ترقي سان هلندڙ دؤر
جي روح جي تقاضائن سان هم
آهنگ ٿيڻو پوندو. جنهن لاءِ
وقت گهٽ، ميدان ڊگهو
۽
وسيع، سخت محنت
۽
جاکوڙ جي ضرورت آهي.
نوٽ. هي مضمون روزانه عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ سرڪي صاحب جي
جنم ڏينهن جي حوالي سان ڇپيو
هو. اسان سندن ٿورن سان
ڇاپيون ٿا. ستار.
غلام رباني آگرو
نورالدين سرڪي ،سنڌ جي تاريخي
شهر شڪارپور ۾ ڄائو. روزانه
“ڊان” ڪراچيءَ ۾ ڇپيل خبر
موجب سندس عمر اسي ورهيه ٿي.
انهيءَ حساب سان سن 1927ع ۾
ڄائو هو. اسڪولي تعليم
شڪارپور ۾ ورتائين، ڪاليجي
تعليم لاءِ ڪراچيءَ آيو، جتي
گذر سفر لاءِ نوڪري به ڪندو
هو ۽ تعليم به جاري رکيائين.
“ايم اي” سان گڏ “لا” جي ڊگري
به ورتائين، پر وڪالت ڳچ عرصو
پوءِ شروع ڪيائين.سالن جا سال
اسلاميه ڪاليج ۾ ليڪچرار طور
پڙهائيندور هيو.
ماڻهوءَ جي نفسيات ٺاهڻ ۾
نسلي اثر وڌيڪ اهم آهي يا
ماحول جو اثر، اهو متنازعه
مسئلو آهي. اسان جي اڳوڻن
عالمن مان ابن خلدون، هاڻوڪي
دور جي مشرقي عالمن مان
ابوالڪلام آزاد ۽ مغربي عالمن
مان آلبرٽ آئنسٽائن انهيءَ
راءِ جا هئا، ته “ماڻهو جيڪي
ڪجهه آهي، سو پنهنجي ماحول
موجب آهي.” جيڪڏهن انهيءَ
ڳالهه کي ڪسوٽي قرار ڏيو ته
پوءِ نورالدين سرڪيءَ جي
شخصيت کي شڪارپور شهر جي پس
منظر ۾ به ڏسڻو پوندو.
شڪارپور جي شهر
کي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت ۾
خاص اهميت حاصل آهي. ڪنهن
زماني ۾ مکيه تجارتي مرڪز هو.
روس مان واپاري قافلا بخارا ۽
تاشقند مان ٿيندا، افغانستان
ٽپي اچي شڪارپور ۾ منزل انداز
ٿيندا هئا. ايران ۽ عراق مان
واپاري قافلا بولان لڪ ٽپي
ايندا هئا. هندستان جا واپاري
قافلا اوڀر کان ايندا هئا.
اسان وٽ اتر ۾ ملتان ۽ ڏکڻ ۾
حيدرآباد مکيه مارڪيٽ هئا.
ملتان جو مال درياهه مان
ٻيڙين رستي ايندو هو ۽
حيدرآباد جو خشڪيءَ رستي
قافلن وسيلي. خشڪيءَ وارن
قافلن ۾ اُٺن تي مال کڻي
ايندا هئا. انهن قافلن جي هڪ
سٺي تصوير سکر ايئرپورٽ جي
عمارت ۾ ڏسي سگهجي ٿي. پاسي ۾
بار - بردار ٻيڙين جي تصوير
به ٺاهي اٿن . جيڪي واپاري
وکر کڻي، درياهه رستي اچي
رهيون آهن. ٺيٺ واپاري ٻوليءَ
۾ چئبو ته “شهر جو وڏو چلتو
هو.” ايڏي اهم تجارتي مرڪز
هئڻ ڪري شڪارپور گهڻين ئي
ثقافتن جو سنگم ٿي پيو.
شڪارپور اهو اؤج
۽ اقبال پوريون ٻه صديون
ماڻيو. انگريزن جي حڪومت شروع
ٿيڻ کان پوءِ به شڪارپور جي
وڏي لئه هئي. برطانوي دؤر ۾
ڇپيل گزيٽيئرن ۾ لکيل آهي
ته“سٺي ۾ سٺيون ۽ مهانگيون
لعلون يا برما ۾ ملنديون هيون
يا وري شڪارپور ۾.”
*
انگريز َ اسان
ماڻهن کان گهڻو وڌيڪ سياڻا
هئا. مٺ جيترن گورن پنهنجي
عقل ۽ لٺ باٺي سان هندستان جي
ڪروڙين ماڻهن کي سَٽي ڪُٽي
مٿن لڳ ڀڳ ٻه صديون حڪومت
ڪئي.
سنڌ جي فاتح سر
چارلس نيپئر جي عقابي اکين
کان نڪي ته شڪارپور مخفي هئي
۽ نه وري حيدرآباد، ليڪن هن
سوچي سمجهي، پنهنجيءَ حڪومت
جي گاديءَ لاءِ مهاڻن جي هڪ
ڳوٺڙي جو انتخاب ڪيو، سو هن
ڪري جو سمنڊ جي ڪناري تي هو ۽
وڏو سامونڊي بندر ٿيڻ لاءِ
موزون هو. ان ڳوٺ کي ڪولاچي
ڪوٺيندا هئا. ڪولاچي سنڌ جي
هڪ ذات آهي. سندن ڳوٺڙا
ميرپورخاص کان ڪجهه مفاصلي تي
آهن. مثلاََ ٽنڊو ڪولاچي،
تعلقي ڪنڊياري، نوشهري فيروز
ضلعي ۾، اسان جي ڳوٺ آگرن کان
ميل کن تي به ڪولاچين جو ڳوٺ
آهي.
لسانيات جو ڪو
ماهر مثلآَ اسان جو ڊاڪٽرغلام
علي الانا ٻڌائي سگهندو، ته
ائين ڇو آهي ته صوتي اثرات جي
سبب ڪري، يا ٻئي ڪنهن ڪارڻ
ڪري، “لام” جو اُچار بدلجي
“ر” جي شڪل وٺي ٿو. ڪولاچيءَ
مان ڪراچي ڇو ٿيو؟ “بوٽ بيسن”
وٽ اڄ به“مائي ڪولاچي روڊ”
جو بورڊ انهيءَ حقيقت جي
ثابتي آهي ته ڪراچيءَ جو
اصلوڪو نالو“ڪولاچي” آهي.
ساڳيءَ طرح “ر”
جو اچار بدلجي “لام” جي صورت
وٺي ٿو. سو ڇو؟
مان حڪومت
پاڪستان طرفان اديبن جي اڳواڻ
جي حيثيت ۾ چين جي سرڪاري
دوري تي ويس. چيني ميزبانن
منهنجي انهيءَ منصب ڪري،
وڏيءَ عزت ۽ احترام سان هر
هنڌ کي سر، غلام لباني ڪوٺيو.
سرڪاري تقريبن ۾ توڙي غير
رسمي دعوتن ۾، نانجنگ، بيجنگ،
شانگهائيءَ، سوچو ۽ ڪئنٽن جي
چيني اديبن سان تعارف
ڪرائيندي، مون کي سر “غلام
لباني” ڪوٺيائون. يعني هر هنڌ
“ر” جي جاءِ تي “ لام” جو
اُچار ڪڍيائون.
ماهوٽا به سنڌ جي
هڪ ذات آهي. اسان جي ڳوٺ کان
مني ڪوهه جي پنڌ تي ماهوٽا
ويٺا آهن. ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي
ثقافت جو هڪ وڏو مرڪز قائم
ڪيواٿن. ليڪن، پنهنجيءَ اڻ
–
ڄاڻائيءَ ڪري انهيءَ جاءِ کي
“موهاٽا پئليس” ڪوٺن ٿا.
علامه آءِ . آءِ
. قاضي صاحب انهيءَ ڳالهه تي
احتجاج ڪندو هو، ته سنڌي
ٻوليءَ جي صورت ۾ گرامر نه
بگاڙيو. مثال ڏنائين ته ائين
ڪونه چئبو ته “مان مورو کان
ٿو اچان.” چئبو ته“موري مان
ٿو اچان.”
سرچارلس نيپئر
ڪراچيءَ کي سنڌ جي گادي ڪيو
ته شڪارپور جي اهميت ازخود
گهٽجي وئي. بلڪل ختم ته ڪانه
ٿي، پر شڪارپور کان سکر ئي
زور وٺي ويو. هونئن. تاريخي
لحاظ کان حقيقت اها آهي ته
جڏهن بکر جو قلعو اؤج تي هو،
تڏهن کان سکرساهه پئي کنيو.
ڪراچيءَ لاءِ سرچارلس نيپئر
جيڪا اڳڪٿي ڪري ويو. سا حرف
بحرف صحيح ثابت ٿي. ته “ تون
مشرق جي راڻي ٿيندينءَ.” هاڻي
مهاڻن جي انهيءَ ڳوٺڙي جي
آدمشماري لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ
پنجاهه لک ٿي وئي آهي.
*
هر وڏي شهر ۾
ڪيئي شهر ٿين ٿا. گلستان
جوهر، فيصل ڪالوني، ناظم
آباد، ڊفينس سوسائٽي، سنڌ
مسلم سوسائٽي، لالو کيت، نئون
آباد، چاڪيواڙو، لياري ۽ ٻيون
الائي ته ڪيتريون قديم ۽ جديد
بستيون ڪراچيءَ ۾، “ شهر در
شهر” جا مثال آهن. ليڪن
انهيءَ جغرافيائي تقسيم
کانسواءِ هر شهر ۾ ٻي به هڪ
اهم تقسيم ٿئي ٿي. جا ان کي
ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي: هڪڙا
امير ٻيا غريب، هڪڙا سڃا ٻيا
ساوا. هوند وارن جو جهانُ ،
اڻ - هوندَ وارن کان جدا ٿئي
ٿو.
سرڪي شڪارپور ۾
پيدا ٿيو، پليو ۽ جوان ٿيو.
انهيءَ ئي شهر ۾ پاڪستان کان
سؤ سال اڳ، سنڌ ورڪي سيٺين جي
گهرن ۾ سنگمرمر جا صحن ۽ ڪمرن
۾ بخارا جا قالين هوندا هئا.
پر سرڪي غريباڻي گهر ۾ پيدا
ٿيو. سندس ماما ڊکڻ هوندا
هئا. سرڪيءَ کي سندس امڙ
پورهيا ڪري پاليو، غريبيءَ جو
داغ دل تي دائما رهي ٿو.
ماڻهو وڏو ٿئي ٿو، پوءِ به
ننڊ ۾ ڇرڪ ڀري ٿو. پر انهيءَ
هوندي به سرڪي “ميٺارام
هاسٽل” ۾ اسان سان جڏهن ننڍپڻ
جون ڳالهيون ڪندو هو، تڏهن
سندس اکين ۾ شڪارپور جي اڳوڻي
اؤج ۽ اقبال جو عڪس نظر ايندو
هو ۽ شهر جي گهٽين ۾ ننڍپڻ جي
ڏينهن جي اڪير ليئا پائيندي
هئس . چوندو هو ته “ لکي در”
تي روز شام جو ميلو متل هوندو
هو. راڌي جون چاپون ۽ سِکَ جي
قلفي ڪنهن کان وسرندي؟ ڪيئن
سنڌ واهه تي پڪنڪ ڪرڻ ويندا
هئاسين! ننڍيءَ ۽ وڏي عمر
وارا مرد ۽ زالون، هندو توڙي
مسلمان، پنهنجن گهرن مان کاڌا
پچائي کڻي ايندا هئا. انبن ۽
کجور جا کارا آڻيندا هئا. سنڌ
واهه جي ڪپن تي گهاٽن وڻن جي
هيٺان، ڪاٿي هڪڙا تاس جي پتن
کي ٺاپي پيا ڏيندا هئا، ته
ٻيا يڪتاريءَ جي تار ۽ ڇير جي
ڇمڪي تي بيدل ۽ بيڪس جا ڪلام
پيا ڳائيندا هئا. نوجوان
ڳائڻا هڪڙو ڪلام ته وڏيءَ سڪ
سان ڳائيندا هئا:
شڪارپور جون ڇوڪريون، او
شڪارپور جون ڇوڪريون!
کائن کارائن کنڊ
پتاشا ، ماکيون ،
مصريون!
ايران جي تاريخي
شهر اصفهان ۾ هڪ عاليشان ڍڪ
بزار آهي. مٿان خوبصورت نموني
۾ ڪاٺ سان ڍڪيل آهي. انهيءَ
وانگر، شڪارپور ۾ به ڪجهه
ننڍي “ڍڪ بزار” آهي. مون ٻئي
ڏٺيون آهن. پاڪستان کان اڳي،
شڪارپور جي ڍڪ بزار ۾ رات جو
دير دير تائين ماڻهن جي پيهه
هوندي هئي. انگريزن جي زماني
۾ شهر ۾ بجلي ڪانه هئي. گولا
ٻرندا هئا. بزار جي دڪانن تي
جيڪا پيهه پوڪرداس جي دڪان تي
هوندي هئي، سا ڏسڻ وٽان هئي.
پوڪرداس هو ته برابر ڪتابن جو
هڪ واپاري، پر سنڌي ادب ۽
ثقافت جي اهم انسٽيٽيوشن هو.
سرڪي ٿڌو ساهه
ڀري چوندو هو ته شڪارپور جون
اُهي سڀ رونقون سنڌي هندو پاڻ
سان گڏ کڻي هليا ويا.
*
سرڪيءَ سان
منهنجي ملاقات سنه 1954ع ۾
ٿي. مان به هن وانگر ڪراچيءَ
ويس. اتي پڙهندو به هئس ۽ گذر
سفر لاءِ نوڪري به ڪندو هئس.
اول سنڌي اخبارن “الوحيد”،
“نئين سنڌ” ۽ “نواءِ سنڌ” ۾
صحافي ٿيس. پوءِ سنڌ
سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري مليم. وڏن
سورن سان مٺارام هاسٽل ۾
رهائش لاءِ ڪمرو مليم. ڪمرو
نمبر ٽيهه، فرسٽ فلور تي هو.
سرڪي گرائونڊ فلور تي رهندو
هو. سرڪيءَ جي ڪمري ۾ شاگردن
جا ميڙا متل هوندا هئا. قسم
قسم جا پکي اچي گڏ ٿيندا هئا:
طوطا، ڳيرا، ڪبوتر، ڪاٺ ڪٽا،
ڪانو، من موسڙا، چيها، جهرڪ،
ٻٽير ۽ تتر وغيره. پر، محفل
جو مور نورالدين سرڪي هوندو
هو. سرڪي انسانن جي انهيءَ
قبيلي مان هو، جيڪي زندگيءَ ۾
رڳو دوست ٺاهيندا آهن. سندس
دوستن جي انهيءَ هجوم ۾،
جيڪڏهن مان سرفهرست هئس، ته
ٻئي نمبر تي نالو شمس سومري
جو ايندو. شمس کي طوطو
ڪوٺيندا هئا. هو شڪارپور جي
ڀرسان چڪ شهر جو ويٺل هو، جتي
ابو شوڪت حمزي نالي وڏو ڪو
مجاهد “خلافت تحريڪ” ۾ ساماڻو
هو. پير علي محمد راشديءَ
پنهنجي ڪتاب “ اهي ڏينهن اهي
شينهن” ۾ سندس ذڪر ڪيو آهي.
شمس ڊاڪٽري پڙهندو هو. سندس
دلپسند موضوع عورت ذات ۽
جنسيات هوندا هئا. سيڪس تي
سڄيءَ دنيا ۾ مڃيل ماهر ۽
عالم هيولاڪ ايليس کي مرشد جو
مان ڏيندو هو.
سرڪيءَ جي ڪمري ۾
هڪ وڏي وال
–
پيٽنگ
Wall-Painting
هوندي هئي. جنهن لاءِ سندس
چوڻ هو ته اهو ڪنهن شاهڪار
هندو شاگرد جو يادگار آهي، جو
پاڪستان کان اڳ انهيءَ ڪمري ۾
رهندو هو. پينٽنگ هڪ عورت جي
هئي. جا پريءَ جهڙي سهڻي هئي.
رنگين ۽ نفيس لباس ۾، پاسيري
ويٺل هئي ۽ ڪو ساز وڄائي رهي
هئي. سندس زلف پريشان هئا ۽
اکيون اهڙيون خماري، جو ڏسڻ
سان مير تقي مير جو شعر چپن
تي پئي آيو:
مير ان نيم باز
آنکهون مين
ساري مستي شراب کي سي هي
سرڪيءَ جي محفل ۾
گفتگو جا موضوع مختلف هوندا
هئا. انهن ۾ ادب، صحافت ۽
سياست وڏي بحث مباحثي جو باعث
بڻبا هئا. پر جڏهن شمس سومرو
ايندو هو ته موضوع بدلجي
ويندو هو. شمس ”عورت جي عظمت“
۽ ”جنسيات“ تي عالمانه انداز
۾ ڳالهائيندو هو. سڀ دوست
سندس گفتگو وڏي چاهه سان
ٻڌندا هئا. شمس جڏهن ڳالهائي
بس ڪندو هو، ته اڃايل اکڙين
سان پينٽنگ واريءَ حسينه
ڏانهن نهاري ڏاڍي سوز سان هڪ
ڪلام ڳائيندو هو.
ناز سکيو آهين نوان، نوان ڙي
نوان ، مشتاقن کي مارڻ لئه
*
ميٺا رام هاسٽل ۾
کاڌي لاءِ شاگردن جون ڪيئي
ڪلبون هونديون هيون. سرڪي،
شمس ۽ مان، ولي محمد واريءَ
ڪلب جا ميمبر هوندا هئاسين جو
وڏو بورچي هوندو هو. طرح طرح
جا طعام تيار ڪندو هو. آچر
ڏينهن شام جو سڀ ڪلبون بند
هونديون هيون. بورچي موڪل
ڪندا هئا. سرڪي، شمس ۽ مان
صدر ۾ “ڪيفي جارج” تي ويندا
هئاسين. هميشه آمليٽ ۽ ڊبل
روٽي کائيندا هئاسين. بل
سدائين سرڪي ڀريندو هو. اتان
اٿي ” زيلنس“ ڪافي هائوس ۾
ويندا هئاسين، جنهن جي ڪافي
مشهور هوندي هئي. ڪنهن زماني
۾ ” انڊيا ڪافي هائوس“
ڪوٺيندا هئس. اتي اردو اديبن
جو مرڪز هوندو هو. سرڪيءَ جي
نامور نقادَ ممتاز حسنَ سان
دوستي هوندي هئي هونئن حبيب
جالب سان به دعا سلام هئس. هڪ
دفعي سرڪيءَ واري اسلاميه
ڪاليج ۾ فيض احمد فيض آيو.
سرڪي مون کي به ساڻ وٺي هليو.
مخصوص ماڻهن جي نشست هئي. اول
حبيب جالب فيض جو ڪلام “اب
يهان کوئي نهين، کوئي نهين
آئيگا” ايڏي ته دل سوز ترنم
سان ٻڌايو، جو محفل ۾ موجود
گهڻن ئي ماڻهن جي اکين ۾
ڳوڙها اچي ويا. ان کانپوءِ
فيض پنهنجو ڪلام ٻڌايو. مون
فيض احمد فيض پهريون دفعو
ائين ڏٺو ۽ ٻڌو.
سرڪي
leftist
خيالن جو هو. شڪارپور ڇڏي
ڪراچيءَ اچڻ کانپوءِ سندس
سرگرميون ڪهڙيون هيون. تن جو
ذڪر ڪڏهن ڪونه ڪيائين،
پرايترو ٻڌائيندو هو ته ڪجهه
عرصو
Under Ground
هليو ويو هو، جو ٻڌو هئائين،
ته سندس گرفتاريءَ جا آرڊر
ٿيا هئا. لاڙ جي پاسي، هڪ
ننڍي ڳوٺ ۾ ٻه ٽي مهينا لڪل
هو. جڏهن حالتون سازگار ٿيون
ته موٽي ڪراچيءَ آيو.
“صداقت” سنڌي
هفتيوار اخبار سان وابسته
ٿيو، جا سرمايه داريءَ جي سخت
مخالفت ڪندي هئي. ان جون
گهڻيون ڳالهيون ڪندو هو. مون
کي پڪ ڪونهي ته هو پارٽيءَ جو
باقاعده ميمبر هو يا نه. ليڪن
”صداقت“ اخبار کان پوءِ هن
“سنڌي ادبي سنگت” ٺاهڻ لاءِ
تحرڪ ورتو ۽ ان ۾ ڪامياب ٿيو.
“سنڌي ادبي سنگت”
جو خيال کيس ڪيئن آيو، اها
سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي. مون کي
ائين سجهي ٿو ته هو
leftist
خيالن جو ته هو. پاڪستان کان
اڳ ڪا “سنڌ ساهت سڀا” هوندي
هئي . شيخ اياز، شيخ عبدالرزق
راز، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند
مالهي ۽ ٻيا ترقي پسند اديب ۽
شاعر ان جا سرگرم ڪارڪن هوندا
هئا. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو
ته سجاد ظهير 1936ع ۾ جڏهن
هندستان ۾ ترقي پسند ادب جي
تحريڪ جو بنياد وڌو ته ان جو
اثر سنڌ تي به پيو. “سنڌي
ساهت سڀا” غالباَ ائين ٺهي.
سرڪيءَ انهيءَ سان ڪجهه قدر
وابسته هو. هن پس منظر ۾
leftist
سڏائڻ ۽ ”صداقت“ اخبار سان
وابسته رهڻ کان پوءِ کيس
“سنڌي ادبي سنگت” ٺاهڻ جو
خيال آيو هوندو.
مون شيخ
عبدالرزاق راز کان سنڌي ساهت
سڀا واري دور جو احوال لکائي،
1956ع ۾، ماهنامي “نئين
زندگيءَ” ۾ ڇپايو هو. رسالي
جو ايڊيٽر مولانا عبدالواحد
سنڌي هو. مان سندس معاون هئس.
شيخ عبدالرزاق راز، مقبول
صديقيءَ، تنوير عباسيءَ ۽
رشيد ڀٽيءَ سان گهرو گهاٽو
هئس. شيخ اياز سان سنگت جو
آغاز ٿيو هو، پرگهرا گهٽا
ڪونه ٿيا هئاسون. سرڪي به
انهن سڀني جو دوست هو. بلڪ
پاڻ ئي سڀ کان اول مون کي شيخ
اياز سان ملايو هئائين .
سرڪي اهو ڪڏهن به ڪونه ٻڌايو
ته سنڌي ادبي سنگت ٺاهڻ جو
خيال کيس ڪيئن آيو؟ اهو ته
پڌرو پيو آهي ته اها ترقي
پسند ۽ روشن خيال نوجوان
اديبن ۽ شاعرن جي تنظيم آهي.
جن جي اڪثريت
Nationalist & Socialistآهي.
سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن سان
محبت اُن جي سوچ جو بنيادي
انگ آهي.
بهرحال، سنڌي
ادبي سنگت ڏاڍي مؤثر تنظيم
ثابت ٿي ۽ سنڌي ادب ۾ نوان
لاڙا آندائين. سرڪيءَ جڏهن
ڪراچيءَ ۾ ان جي ابتدا ڪئي ته
کيس تمام سٺي موٽ ملي. سندس
ساٿين ۾ عبدالغفور انصاري،
احسان بدوي، دادا موتيرام
رامواڻي، اياز قادري، پوهومل،
رشيد ڀٽي، جمال رند، شيخ
حفيظ، خواجه سليم، رشيد آخوند
هن وقت ياد پون ٿا. هونئن
بيشمار دوست ۽ ساٿي هئا ۽ سڀ
سرگرم هئا. اسان جون هفتيوار
ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون،
جن ۾ شعر، افسانا ۽ مضمون
پڙهندا هئاسين، جن تي حاضرين
محفل تنقيد ڪندا هئا ۽ انهن
جي خوبين ۽ خامين کي اجاگر
ڪندا هئا. جويو صاحب ۽ سوڀو
گيانچنداڻي به ڪڏهن ڪڏهن ڀيرو
ڀريندا هئا. سڀ سندس احترام
ڪندا هئاسين. سنڌي ادبي سنگت
جو روح روان، بهرحال،
نورالدين سرڪي ئي هوندو هو.
سالن جا سال، “اهو ادبي محاذ”
اسان جي سرگرمين ۾ اوليت جو
درجو رکندو هو.
ليڪن، جڏهن
سرڪيءَ ازدواجي زندگيءَ ۾ پير
پاتو ۽ وڪالت شروع ڪيائين ته
پاڻ ئي سنڌي ادبي سنگت کان
پاسيرو ٿي ويو. بلڪ ائين کڻي
چئجي ته دوستن جي سڄي لڏي کان
پرڀرو ٿي ويو. خانگي زندگيءَ
کي اوليت ڏنائين. اجتماعي
زندگيءَ کي سراسر نظرانداز
ڪيائين. مثال طور سنڌ مدرسي ۾
“سنڌي ٻوليءَ جو ڏينهن”
ڀڀڪيدار نموني ۾ ملهايو ويو.
سرڪي ايڏي وڏي اجتماع ۾ به
ڪونه آيو. ٺوڙهي ڦاٽڪ تي سنڌي
شاگردن کي دردناڪ حادثو پيش
آيو. حسين شاهه راشدي، حفيظ
لاکي ۽ ڪراچيءَ جي ٻين وڪيلن
سنڌي شاگردن جو ساٿ ڏنو، پر
سرڪي سندن ويجهو ڪونه آيو.
پير حسام الدين راشديءَ ۽
شيخ اياز جي وفات تي سندس تڏي
تي ڪونه آيو. ٻيو ته ٺهيو،
سائين جي ايم سيد جي رحلت تي
ئي، تڏي تي غائب هو. توڙي جو
اسان سڀ سن پهچي وياسين. وٽس
موٽر به هئي ۽ ڪراچيءَ کان سن
ايڏو پري به ڪونه هو. سندس
اها روش ڏکوئيندڙ هئي. مون
ڪنهن مضمون ۾ سڪ سان سندس ذڪر
ڪيو ۽ اڳوڻين سرگرمين جو ذڪر
ڪندي لکيو تهNot
for bread alone.
سرڪي ڪٿي اهو
مضمون پڙهيو هوندو يا ڪنهن
ساڻس ڳالهه ڪئي هوندي جا سندس
دل ۾ رهي.
سنڌي ادبي بورڊ 1962ع ڌاري
جڏهن حيدرآباد ۾ کڄي آيو ۽
سول لائينس جي بنگلي نمبر 3 ۾
ان جي آفيس هئي ته سرڪي ڪنهن
ذاتي ڪم سان حيدرآباد آيو ۽
مون وٽ رات رهيو. اسان جي
پوئين ملاقات سال ڏيڍ اڳ ٿي
هئي مون کي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ
سان ملڻ جي ضرورت ٿي پئي جو
وڪالت جي پيشي سان وابسته هجي
۽ قانوني راءِ ڏئي. حسين شاه
راشديءَ سان وڃي مليس. چڱي
دلچسپي ورتائين. ساڻس ملي،
وري وڃي سرڪي سان مليس. وٽس
پراڻي زماني جي بلوچ ڪامريڊ
عبدالله خان جمالدينيءَ جو
ڀائيٽو يا ڀاڻيجو ويٺو هو.
ساڻس ڪوٽيا ۾ وئڪيشن جا ڏينهن
فرحت سان گذارڻ جو پروگرام
ٺاهي رهيو هو. مون سان قرب
سان مليو. حالي احوالي ٿياسون
پاڻ ته منهنجي مسئلي ۾ هٿ
ڪونه وڌائين، پر ڪنهن دوست کي
فون ڪيائين ۽ مون کي چيائين
ته، “وڃي ملينس.” پر مان ان
شخص سان ڪونه مليس مون کان
پنهنجي ڪنهن به اڳوڻي دوستن
جو ڪونه پڇيائين البت پاڻ شمس
سومري جو سو تمام مختصر ذڪر
ڪيائين . ان ۾ به خبر ناهي ته
ڇو مٿس ڪو کل ڀوڳُ ڪيائين!
مون کي سندس انهيءَ روش ڏاڍو
ڏکويو. ان ڪري به جو شمس هي
جهان ڪڏهوڪو ڇڏي ويو هو.
موڪلائڻ مهلَ کل ڀوڳُ جي
نموني ۾ مشڪي وري مون کي به
چيائين ته:
Not for bread alone
مون کيس ڪابه
ورندي ڪانه ڏني. پر سندس
بدليل طرز زندگيءَ بابت به
پنهنجي راءِ ڪانه بدلايم. مون
کي پنهنجيءَ راءِ تي محڪم رهڻ
لاءِ سبب به هو. ڏاهن جو چوڻ
آهي ته جسماني آسودگي بلاشبه
تمام وڏي ڳالهه آهي. پر انسان
لاءِ حقيقي خوشيءَ جي ڳالهه
ذهني تسڪين آهي. سرڪيءَ
پنهنجي آئيڊيلس کي جسماني
آسودگيءَ خاطر قربان ڪيو.
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهڻ بدران ڇن جي
ڇانوري کي پسند ڪيو.
*
سالن کان هاڻي
منهنجو اهو نيم ٿي ويو آهي،
ته ننڊ مان اٿي، ڏندڻ ڪري، هٿ
منهن ڌوئي، ٽيپ رڪارڊر تي
قاري عبيدالرحمٰن
جي آواز ۾ قرآن شريف جي تلاوت
ٻڌندو آهيان ۽ چاءِ پيئندو
آهيان. ايتري ۾ هاڪر .“ڊان”
اخبار ڏئي ويندو آهي. اخبار
کوليم ته اندرئين صفحي تي خبر
پڙهيم“نورالدين سرڪي رات
گذاري ويو.” اخبار هٿن مان
ڇڏائجي ويم ۽ ڪجهه دير لاءِ
هٿ پير ٺري ويم. اهو سڄو
ڏينهن ڏاڍو اُداس گذريو.
سانجهيءَ جو غم غلط ڪرڻ لاءِ
جويي صاحب وٽ هليو ويس. ڪافي
دير روح رهاڻ ڪئيسون ۽
نورالدين سرڪيءَ جون ڳالهيون
ڪيونسي . غالباَ ٻئي ڏينهن،
ساڳيءَ “ڊان” اخبار ۾
شمشيرالحيدريءَ جو بيان آيو.
ممڪن آهي ته ٻين ڪن ادبين
شاعرن ۽ سنڌي ادبي سنگت جا
بيان به آيا هجن. پر مون ڪونه
ڏٺا.
هفتي ڏيڍ کان
پوءِ اتفاق سان وري ساڳي
“ڊان” جي پرچي تي نظر پئي.
سرڪيءَ جي رحلت جي خبر ورائي
پڙهيم. سرڪي آسودو ٿيو، ته
ڊفينس ۾ گهر ورتائين يا
ٺهرايائين ۽ هاءِ ڪورٽ جي
ڀرسان وڪالت جي آفيس
ٺاهيائين. ڪيترن ئي ملڪن جا
چڪر ڏنائين. هندستان ۾ سينئر
سنڌي اديبن سان به ملي آيو.
ننڍڙو ڪتابڙو به ڇپايائين.
ولايت به ويو. تازو آمريڪا
مان موٽيو هو. پر انهن مڙني
ڳالهين جو .“ڊان” واريءَ خبر
۾ ذڪر ته ڇا ڪو معمولي اشارو
به ڪونه هو. فقط ايترو لکيل
هو ته: “هن سنڌي ادبي سنگت جو
بنياد وڌو هو.” نورالدين
سرڪيءَ جي اسي سالن جي ڄمار ۾
“ڊان” جي رپورٽر کي ڪم جي
ڳالهه اهائي نظر آئي ٻيو ٿيو
ڀلو.
مون اخبار رکي،
دل ۾ چيو ته ڳالهه ته وري به
آئيڊيل جي بيٺي. سوين سال اڳ
ڀلارو ڀٽائي ڪيڏي نه وڏي
ڳالهه ڪري ويو هو:
دلبر! هن دنيا ۾ وڃي رهندو
واسُ.
سليم نور حسين
سائين نورالدين سرڪيءَ جي
حوالي سان ڪجهه ساروڻيون،
سندس وفات (جا 26 سيپٽمبر 07
تي هئي ۽ نه ڪي 27 سيپٽمبر
تي) کان هفتو اڳ سنڌ ثقافت
کاتي جي تڏهوڪي سيڪريٽري مسٽر
عبدالقادر منگيءَ جي زور ڀرڻ
تي مون وتائي فقير تي انگريزي
۾ ڪتابڙي لکڻ جو ذمو کنيو هو.
انهيءَ سلسلي ۾ سرڪي صاحب سان
مددي مواد، خاص ڪري انگريزيءَ
۾، بابت مشورو ڪيو هوم ته پاڻ
چيو هئائين ته وٽس لائبريري ۾
شايد لاڳاپيل موضوع تي ڪتاب
موجود آهي ۽ مان رات جو کيس
فون ڪري ان جي هجڻ نه هجڻ جو
پتو ڪريان. جڏهن فون تي پڇا
ڪئي سون ته چيائين ته اڃا
ڪونه لڌو اٿس، وري سڀاڻي پتو
ڪجو. سو مان ٻه ڏينهن رکي
سندس آفيس ۾ ويو هوس، پاڻ
چئمبر ۾ ستو پيو هو. مان تڪڙو
هجڻ ڪري سندس جاڳڻ جو انتظار
نه ڪري سگهيو هوس. ٻئي ڏينهن
يعني 26 سيپٽمبر تي منجهند جو
21 وڳي ڌاري فوري سندس آفيس
ويو هوس، جيڪا بند هئي. سو
مان پنهنجي گهر (گلشن معمار)
موٽي ويو هوس، جت محترم
عبدالخالق جوڻيجي جو فون تي
ڇڏيل نياپو مليو هو ته سرڪي
صاحب راهه رباني وٺي هليو ويو
هو. ويساهه بيٺو هوم جو هڪ ته
پاڻ چاڪ چڱو ڀلو هو ۽ ڪا
اگهائي ڪانه هيس، وڏي ڳالهه
ته مان کيس رڳو هڪڙو ڏينهن اڳ
سندس آفيس جي چئمبر ۾ ننڊڙي
ڪندي ڏسي آيو هوس. سو پڪ ڪرڻ
لاءِ سندس گهر فون ڪئي سون ته
ٻڌايائون ته صبح جو اسر ويل
سيني ۾ سور جي شڪايت ڪئي
هئائين ته اسپتال نيو ويو هو،
جت پساهه پورا ڪيا هئائين.
سرڪي صاحب سان
ناتو پنجاهه واري ڏهاڪي جي
پڇاڙڪن ورهين کان هو، جڏهن
مان 1955ع ۾ خيرپور ميرس مان
مئٽرڪ ڪري ڪراچيءَ وڌيڪ پڙهڻ
لاءِ آيو هوس (منهنجا ٻه هم
ڪلاسي مرحوم نسيم کرل ۽ مرحوم
جمال رند به تڏهن ڪراچيءَ
وڌيڪ پڙهڻ لاءِ آيا هئا.) ۽
مرحوم شيخ حفيظ ۽ محترم غلام
رباني آگري سان ڏيٺ ٿيڻ کان
پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي سائين
اياز قادريءَ جي فلئٽ (6 ڌني
رام بلڊنگ) ۾ ٿيندڙ هفتيوار
گڏجاڻين ۾ جمال رند سان گڏ
شريڪ ٿيڻ لڳو هوس. سرڪي صاحب
ريڊيو پاڪستان جي سنڌي نيوز
سيڪشن ۾ ڪجهه وقت اسان جو
سپروائيزر به رهيو هو، جتي هو
اسان جا ڪيل خبرن جا ترجما
چڪاسيندو هو، پر ساڻس وڌيڪ
ويجهائپ تڏهن ٿي هئي، جڏهن
پاڻ پئراڊائيز سينٽر ۾ آفيس
شفٽ ڪئي هئائين ۽ جا ادبي لڏي
جي ڄڻ ته اوطاق ٿي وئي هئي.
هاڻ سندس وئي کان پوءِ آغا
سليم مون کان پڇندو آهي ته
سرڪي صاحب ناهي رهيو ته شهر
ڪنهن ڏي ويندو آهين؟ سندس اهو
سوال دل جهوري وجهندو آهي.
واقعي، شهر ۾ ڪير بچيو آهي،
جنهن سان ملڻ، ڪچهري ڪرڻ،
صلاح وٺڻ، ادبي، علمي ۽ سياسي
سماچار تي خيالن تي ڏي وٺ ڪرڻ
۽ ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ مالي
مدد گهرڻ ۽ ماڻڻ وڃجي، ڪو به
ناهي، ڪو به ناهي!
هن مون سان شخصي
طرح جيڪي وڙڪيا، تن جي نماڻي
مڃتا ۾ مون پنهنجو وتائي فقير
وارو ڪتابڙو
(Anecdotes of Vataayo
Faqeer)
جن ٻن صاحبن کي ارپيو آهي، تن
۾ پهريون سائين نور الدين
سرڪي آهي.
ڊاڪٽر محمد علي صديقي
“ايريل” جي حيثيت سان روزانو
مارننگ نيوز ۽ ليڊر ۾ لکڻ کان
ڇهه سال پوءِ جڏهن منهنجا
ڪالم روزانه ڊان ۾ ڇپجي پڌرا
ٿيا ته مان گهڻن ئي اردو ۽
پاڪستان جي ٻين ٻولين جي
اديبن ۾ واکاڻيو ويس ۽ جڏهن
مان ڪيترن اديبن سان مليس ته
انهن ايريل جي لکڻين کي هڪ
ترقي پسند ڪالم نگار جي نگاه
سان پئي ڏٺو.
اڄ ايريل 43 سالن جو ٿي چڪو
آهي
۽ گذريل پنجن سالن کان
روزانه بزنس ريڪارڊر ۾ ڇپجي
رهيو آهي. تڏهن کان “ايريل”
اردو، سنڌي، پنجابي، پشتو ۽
بلوچي دوستن ۾ سڃاتو وڃي ٿو
ڇاڪاڻ جو سندس پختو وشواس آهي
ته ضمير جي آواز ۾ رڱيل ادب
سموري انسان ذات جو گڏيل ورثو
آهي.
ستر واري ڏهاڪي جي شروعات جو
هڪڙو واقعو آهي جو مان هڪڙي
دوست سان گڏجي هڪ سنڌي وڪيل
نالي نورالدين سرڪيءَ سان ملڻ
ويس، جيڪو گھڻو ئي ادبي ذوق
رکندڙ نظر آيو.
مونکي هو دنيا جي ادب جو روشن
فڪري پارکو ، ادب تي مثبت
تنقيدي نظر رکندڙ ۽ سماج
سڌارڪ لڳو. هو سنڌي اديبن ۾
ترقي پسند نظرئي جي ڪري ڪافي
احترام جوڳي شخصيت جو مالڪ
هو.
مون کي اها به پروڙ پئي ته
هن 1952 ۾ سنڌي ادبي سنگت کي
نئين سر سنواري پنهنجي دوستن
شيخ اياز، اياز قادري، ۽ ٻين
سان گڏجي فعال بڻايو، جنهنجو
پوءِ 1956ع ۾ سڄي سنڌ جو
اجلاس ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي
باقي سنڌ جي ضلعن ۾ سنڌي ادبي
سنگت جون شاخون کولرايون ۽
سنڌي ادبي سنگت جو آئين به
جوڙي پڌرو ڪيو. جيڪو ڪراچي
اجلاس متفقه طور تي منظور ڪيو
هو.
اها ڄاڻ گهٽ ساهتيه پريمن کي
هوندي ته سنڌي ادبي سنگت جي
شروعات ۽ پايو پاڪستان ٺهڻ
کان اڳ پئجي چڪو هو. ان جي
شروعاتي اُوسر ۾ ان دور جي
ادبي اُفق جي ستارن پروفيسر
منگهارام ملڪاڻي، سوڀو
گيانچنداڻي، شيخ اياز،
عبدالرزاق راز، موهن پنجابي،
گوبند مالهي، لالچند امرڏنو
مل، ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ پاڻ
موکيوهو.
جڏهن ڪراچيءَ جي سنڌ کان جدا
ڪرڻ ۽ ون يونٽ واري وفاقي
نظام جي لاڳو ٿيڻ ڪري، ٽڪراءَ
واري صورتحال کي سنڌ ۾ جنم
ڏنو، ته سنڌي عوام ۾ ثقافتي
عدم تحفظ محسوس ڪرڻ ڪري
بيچيني پيدا ٿي ۽ ان جي جھلڪ
ان وقت جي سنڌي ادب ۾ به نظّر
اچي ٿي.
نورالدين سرڪي ان اڻ
برابريءَ، مذهبي جھيڙن جي
اثرن کي سنڌي توڙي اردو ادب
۾ محسوس ڪندورهيو. جنهن ڏاڍ
هيٺ ڪروڙ کان مٿي ماڻهو ڌڪجي
سرحد جي هن پار پهڇي
ويا!
مان 1970ع ۾ جڏهن ساڻس مليو
هوس ته مون محسوس ڪيو هو ته
اسان جا سماجي ۽ سياسي نظريه
هڪ ٻئي کان مختلف نه هئا تنهن
ڪري اسان جلد ئي هڪ ٻئي سان
رائل مائل ٿي وياسين، پر هن
ڪنهن به طرح سان مونکي پنهنجي
نظرئي ذريعي مرغوب ڪرڻ جي
ڪوشش نه ڪئي. جنهن مان اهو
ظاهر ٿيو ته مختلف رايا، سوچ
۽ ويچار وارا نظريا رکندڙ
به گڏجي سڏجي هلي سگھن ٿا.
مونکي اها به ڄاڻ پئي هئي ته
سرڪيءَ جي باطن ۾ شاعراڻي حس
سرس ۽ اڳري هئي ، جڏهن ته
سندس سنگت هڪ طرف نالي وارن
شاعرن شيخ اياز، نياز
همايوني، بشير مورياڻي، تنرير
عباسي ۽ فتاح ملڪ سان هئي،
اتي ٻئي طرف محمد ابراهيم
منشي ۽ يوسف شاهين سان به
هئي.
هن جي سوچ ۽ سُڀاءَ جو تعليمي
ماهر ۽ سماج سڌارڪ جي حثيت ۾
سنڌي نوجوان طبقي تي خاصو اثر
هو ۽ اهڙي حيثيت جي ساک سندس
دوست شيخ اياز، تنوير عباسي ۽
شيام ڪمار پڻ ڏيندا رهيا هئا.
هڪ وڪيل ۽ ماهر قانوندان جي
حيثيت ۾ هن جي محنت ۽ لڳاءُ،
قانوني ڪيسن ۾ مزدورن،
پورهيتن،غريبن خاص ڪري جيڪي
پنهنجو داد فرياد اختيار وارن
تائين پهچائي نه ٿي سگهيا،
ڇاڪاڻ جو هو وڪيلن جي فيس ادا
ڪري نه پئي سگھيا،اهي ماڻهو
اهڙن ڪيسن بابت کيس ضرور ياد
ڪندا هئا . وڪالت هن جي تجربي
جو محض هڪ پهلو آهي ، هن جي
اهم خدمت ترقي پسند سنڌي ادب
جي حوالي سان ڪڏهن به وسارڻ
جوڳي نه آهي.
هن جو سنڌي، انگريزي،اردو ۽
ٻين ٻولين جي ادب جو ڳوڙهو ۽
وشال مطالعو هو.سندس سوچ ۽
ويچار واضح هئا، انڪري گھڻائي
ادب دوست وڏڙا توڙي نوجوان،
مختلف سياسي ۽ اقتصادي نظريا
رکڻ جي باوجود به سندس صحبت
حاصل ڪرڻ جا خواهشمند هوندا
هئا.
اها سنڌي ادب جي خوش نصيبي
آهي جنهن کي اهڙي مقناطيسي
شخص جو ساٿ مليو. ڪاش! اهڙا
ٻيا به ڪجھ دوست سنڌي ادب کي
ملن.
جڏهن مان ان 38 سال جھوني
تعلق کي ڏسان ٿو ته ياد ٿو
پوي ته مان ساڻس ملڻ لاءِ نه
سندس آفيس ويندو هوس ۽ نه
سندس گھر، اسان جون ملاقاتون
اڪثر اتفاق سان انجمن ترقي
پسند مصنفين جي ادبي گڏجاڻين
۾ ٿينديون هيون.
پيشيوراڻا مصروفيتن جي ڪري هو
گھڻو وقت ادب کي ڏئي نه
سگھندو هو پر تنهن هوندي به
جڏهن ملندا هئاسون ته لڳندو
هو ته اسان اڪثر ملندا رهندا
آهيون.
منهنجو دوست شيام ڪمار ڪراچي
۾ پنهنجي مختصر قيام دوران
سرڪي ۽ مون سان ملڻ هڪ فرض
ڪري سمجهندو هو. شيام ڪمار
دوستن جو بيحد ڪانکي آهي، خاص
ڪري مخلص دوست ۽ من موهن آهي،
اها سڀ کي سڌ آهي ته شيخ اياز
جي عظمت جو قائل هوندي به هن
سندس ڪڌين اڙٻنگاين کي ڪڏهن
ڪين بخشيندو هو. بلڪه سوڀو
گيانچنداڻي لاءِ انسيت ۽
لڳاءُ جي باوجود “پاڪستان
ادبيات اڪيڊمي” پاران کيس
زندگي جي جاکوڙ لاءِ ڏنل
انعام جي قبوليت تي به تکي
ٽيڪا ٽپڻي ڪئي اٿس . حالانڪه
مون کيس چيو هو ته ادبي ۽
ثقافتي تنظيمون اهڙن انعامن
جا فيصلا پاڻ ڪنديون آهن،
جنهن ۾ رياست جو ڪو ڀاڳ نه
هوندو آهي تنهن هوندي به مان
شيام کي قائل ڪين ڪري سگهيس.
بهرحال نورالدين سرڪيءَ جي
اهڙي شخصيت هئي ، جنهن کي
قدرت جو تحفو ۽ فرشته صفت
انسان مڃي سگھجي ٿو. مان شيام
ڪمار جي ان خيال سان سهمت
آهيان، واقعي نورالدين سرڪي
هڪ خاص شخص ئي هو، جنهن کي
ڪڏهن به وساري نه سگھنداسون .
سندس تازي گلاب جهڙي مهڪ اسان
جي ذهنن ۾ هميشهه تازي تواني
رهندي.
تاج بلوچ
لفظ “سوجهرو” مرحوم سرڪي صاحب
جو تجويز ڪيل آهي .
اسٽيبلشمينٽ جي سياسي ارهه
زورائي ۽ دٻڙ ڌؤنس کي منهن
ڏيڻ لاءِ اسان نوجوانن، ڪراچي
يونيورسٽي ءَ جي سنڌي
ڊپارٽمينٽ جي سينيئر دوستن،
روشن کهاوڙ، ستار قادر ميمڻ ۽
ٻين جي واهر سان 1962ع ڌاري
سنڌي شام جو اهتمام ڪيو.
انهي شام ۾ سڄي سنڌ آئٽجي پئي
هئي . اديب، شاعر، نقاد،
فنڪار، صحافي، شاگرد اڳواڻ،
بزرگ، عورتون ٻار ۽ ٻڍا سڀ هڪ
جذبي سان سمجھي ڪراچيءَ جي
رستن تي پاڻيءَ جي ڇرجيان
ڇانئجي پيا ها.
پريم جگيشيا ۽ هڪ ٻن ٻين
دوستن جي ساٿ سان هڪ ياد گار
مخزن، موقعي جي مناسبت سان
ڪڍڻ جو خيال ظاهر ٿيو .ان
لاءِ سرڪي صاحب وٽ لنگهي ويا
سين .لفظ،“سوجهرو” ٿڏي تي ئي
سرڪي صاحب تجويز ڪيو.
سستائيءَ جو زمانو هو، اڇو
ڪاغذ ستين روپين ۾ ريم ملندو
هو. امپورٽيڊ ڪارٽيج پيپر
پندرهن روپين ۾ ئي 36x23
جو امپورٽيڊ آرٽ ڪارڊ جو 100
شيٽن جو پاڪيٽ 25 کان 30
روپين ۾ دستياب هوندو هو.
اسان ضخيم مخزن ڏهن هزارن
رپين ۾ ڇپائي پڌري ڪئي، ان جو
مواد ظالم قوتن خلاف پڻ ڀرپور
آواز ٿي اڀريو. شيخ اياز جي
وائي “سهندو ڪير ميار،”
پهريون ڀيرو اسان سوجهرو ۾
شايع ڪئي، جيڪا هڪ قومي ۽
انقلابي گيت جيان سنڌ جو قومي
ترانو بڻجي پئي پر بدنصيبي
آهي ته شيخ اياز جنهن مهڙ
کان ئي انقلابي قدم کڻڻ ۾
پيش رفت ڏيکاري هئي پر شهرت ۽
ڏوڪڙ ڪٺي ڪرڻ کانپوءِ هن جو
رويو، سڀاءَ ۽ ڪارڪردگي جيئن
پوءِ تيئن ڏکوئيندڙ ثابت ٿي.
اياز نوجوانن ۾ جيترا امنگ
پيدا ڪيا، ان کان وڌيڪ هن سنڌ
جي نوجوانن ۽ ايندڙ ٽهيءَ کي
مايوسين ۾ به مبتلا ڪيو.
سرڪي صاحب، پردي جي پويان
ويهي ڏاڍي خاموشيءَ سان اسان
جهڙن اڻ پڙهيلن، جذباتي ۽
ايٿرين نوجوانن جي رهنمائي
ڪئي ۽ اسان کي منزل طرف هڪ
حڪمت عملي سان اڳتي وڌائڻ
لاءِ جاکوڙيو.
66-1965 ڌاري
ڪراچيءَ ۾ 10 سالن جي ڊگهي
عرصي کانپوءِ سنڌ سنگت جي
سالياني ڪنوينشن جي پويان
پورهيو اسان ڪارڪنن جو هو پر
سڄي حڪمت عملي ۽ سڀاويڪ سوچ
سرڪي صاحب جي هئي، جو
شمشيرالحيدريءَ جهڙي غير فعال
۽ مڇڏو کان سنگت جي تنظيم کي
ڇوٽڪارو مليو. سرڪي صاحب
اڻلکائتي نوع ۾ هڪ برجستي
استاد جيان دڳ ٻڌائيندو هو ۽
سوڀ حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڇاتيون
اسان جو تاڻجي وينديون هيون.
ون يونٽ جي ڪاغذن تي ٽٽڻ بعد
اسان ڪراچي سنگت طرفان پهرين
جولاءِ 1970ع تي جشن سنڌ جو
پروگرام رٿيو. بندر روڊ تي
سرڪي صاحب جي آفيس جي پاسي ۾
ٿياسافيڪل هال بڪ ڪرايو سين،
جنهن ۾ اٺ سئو ماڻهن جي ويهڻ
جي گنجائش هئي . سڀ ساٿي
جاکوڙ سان پروگرام لاءِ ڏوڪڙ
پني آيا، ان پن جي پويان به
وڏو هٿ سرڪي صاحب جو هو.
برانچ جي جوائنٽ سيڪريٽري
اقبال جتوئي کي چندي ۾ تيرهن
سو روپيا مليا، جيڪي هن عين
وقت تي اهو چئي نه ڏنا ته
سندس ايترو خرچ ڀاڙن ڀتن تي
اچي ويو آهي!!
آءٌ سيڪريٽري هوس، اهو ٻڌي
منهنجا دوڏا ٻاهر نڪري آيا،
سرڪي صاحب پنهنجي خاص انداز
سان مون کي چپ ڪرائي.۽ تيرنهن
سؤ رپيا بروقت کيسي مان ڪڍي
ڏنا. سنگت جي انهيءَ پروگرام
۾ سائين جي ايم سيد مالي ۽
اخلاقي مدد ۽ پروگرام ۾ ذاتي
طور شرڪت جي ڪري پروگرام ڏاڍو
شاندار ٿيو.
انهيءَ پروگرام ۾ ان وقت جي
مشهور فنڪارن غزالا رفيق،
روبينه، محمد يوسف، عبدالله
پنهور ۽ ٻين رضاڪارانه طور تي
بهرو ورتو ۽ اهو پروگرام
ڪراچيءَ جي ماڻهن کان نه
وسريو هوندو. ان پروگرام ۾
لالو کيت جي ٻن 12، 12 سالن
جي غير سنڌي نياڻين ڪوپ جي
ساسر تي ڌار ڌار “اونداهيءَ
کان روشني” ۽ “غلاميءَ کان
آزادي” ڏانهن سفر جي سري هيٺ
رقص پيش ڪئي ۽ فنڪشن کي
جهومائي ڇڏيو.
انهيءَ فنڪشن مان سنگت کي 600
روپيا بچيا ۽ انهن ڇهن سون ۾
300 روپين جا اشتهار اوڳاڙي
اسان“ سنگت هڪ ادبي تحريڪ هڪ
نئين تاريخ” جي عنوان سان 86
صفحن جو ڪتاب ڇپرايو، جنهن ۾
سنگت جي تحريڪ بابت هٿ آيل
مواد شامل ڪيو ويو.
منهنجي تندي ۽ تلخيءَ کي
سچائيءَ جي بنيادن تي پسند
ڪندو هو ۽ ڏاڍو ڀائيندو
هو،آئون به کيس پنهنجي وڏي جي
حيثيت ۾ مان ڏيندو هوس. هو
گرمين جي موڪلن ۾ هر سال
آمريڪا ويندو هو ۽ واپسيءَ تي
مون لاءِ گهربل ڪتابن جون
سوکڙيون آڻيندو هو. هن ڀري به
مون لاءِ مشهور آمريڪي شاعر
والٽ وٽمئن جو ناياب شعري
مجموعو گراس ليوس آندائين،
جيڪو پاڪستان ۾ ڪٿي به موجود
ناهي ۽ اهو نئون ايڊيشن آهي
جيڪو سال ڏيڍ کن اڳ نئين سر
شايع ٿيو آهي ۽ ان ايڊيٽيڊ
آهي.
ون يونٽ جي قيام وقت ئي سرڪي،
اياز ۽ ٻين دوستن جون ڪميونسٽ
پارٽي لاءِ همدرديون پارٽي
اڳواڻن جي ڊرائنگ روم واري
ڪردار باعث ختم ٿي چڪيون هيون
۽ هيڏانهن پارٽي ۽ ان جي
اڳواڻن لاءِ اسان جي ٿڻن مان
کير وهڻ بس ئي نه ٿي ڪئي. پر
سرڪي صاحب ڪڏهن به اسان جي
فنڪشنري هجڻ تي اعتراض نه
واريو، الٽو صلاحون ڏيندو هو
ته هڪ سچي مارڪسواديءَ جيان
ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ اسان پنهنجي
نوجواني انهيءَ پاڇي پويان
ڳاري پنهنجو ذاتي آئيندو داءَ
تي لڳائي ڇڏيو. هي ته اسان
جا ڀاڳ ڀلا هئا جو وڃي ڪنهن
ڀيڙا ٿيا سين.
سرڪي صاحب 1948ع ۾ شيخ
اياز جي همٿائڻ تي ڪميونسٽ
پارٽي ۾ شامل ٿيو .هن جون
ڪامريڊ اشرف علي (جيڪو پارٽي
ميمبر نه هو) ۽ سندس ننڍي
ڀاءُ ولايت علي ( پارٽيءَ جو
سرگرم ڪارڪن ) ۽ ٻين ساٿين
سان ملاقاتون ٿيون.حالانڪه
شيخ اياز اسان جي سوٽن محمد
علي بلوچ ڪيفي وارن سان گڏ
ايم اين راءِ جي ريڊيڪل تحريڪ
۾ هو ۽ پارٽيءَ جو همدرد
ليکيو ويندو هو.
1950ع ۾ جڏهن
انجمن ترقي پسند مصنفين جو
لاهور ۾ اجلاس ٿيو ته سرڪي
صاحب سنڌي اديبن جي نمائندي
جي حيثيت ۾ انهيءَ ڪانفرنس ۾
شرڪت ڪئي.اها ڪانفرنس لاهور
جي هڪ اوپن ٿئيٽر هال ۾ چئن
ڏينهن تائين جاري رهي، جنهن ۾
هند ۽ پاڪ جي سينيئر ڪامريڊ
اديبن جهڙوڪ جانثار اختر،
سردار جعفري، عارف متين، ظهير
ڪاشميري، نديم قاسمي ۽ ٻين
شرڪت ڪئي .هن کان اڳ انجمن
جون ڪراچي ۾ هفتيوار تنقيدي
گڏجاڻيون ٿينديون هيون، جنهن
۾ نياز همايوني، تاج محمد
ابڙو، اياز قادري، محمد بخش
انصاري ۽ ٻيا نوجوان شريڪ
ٿيندا هئا ۽ اهي نوجوان
پنهنجي باعزت جياپي لاءِ ان
دؤر جي اسٽيج ڊرامن ۾ به بهرو
وٺندا هئا.
ان دؤر ۾ سجاول جي خاص البيلي
طبع واري هڪ نوجوان ساقي
سجاولي “اهل قلم” نالي رسالو
جاري ڪيو، ساقي مرحوم سٿنڻ
تي ٽائي لڳائي ڪهاڻيون لکندو
۽ خاص طرح سان خليل جبران جا
اردوءَ مان ترجما ڪندو هو.
سرڪي صاحب پارٽيءَ جي هڪ
هفتيوار اخبار “صداقت” ۾
مئنيجر طور به ڪم ڪيو ۽ 1956
ع ڌاري سنڌ سنگت جي مدرسي
واري اجلاس ۾ چونڊن جو حوالي
سان سنگت جي هارڊ لائينرس جي
سپا ءَ جي ڪري خفا رهيو،
ڇاڪاڻ ته هن حفيظ شيخ جي ڀيٽ
۾ اياز قادريءَ کي موزون پئي
سمجهيو، سنڌ ۾ سرڪي هڪ ذات
آهي، نور الدين سرڪي جي اعليٰ
۽ بي مثال شخصيت تي اها ذات،
ذات بدران سندس نالو بڻجي
پئي، هو نوجوانن جي تعليم ختم
ڪرڻ کان اڳ سياست ۾ پهري وٺڻ
جي خلاف هو.
سرڪي صاحب خوبصورت مترجم ۽
شاعر هو، هن کي فارسي شاعريءَ
سان ڏاڍو لڳاءُ هوندو هو ۽
موقعي مهل جي مناسبت سان
فارسيءَ جا شعر ٻڌائيندو هو،
هن جو شعري ذوق بي مثال ۽
خوبصورت هو، پر هن ڪڏهن به ان
شيءِ کي ڪل وقتي نه بنايو، ڪل
وقتي عمل هن نوجوانن جي علمي
۽ عملي تربيت کي بڻايو.
26
سيپٽمبر 2007 ڌاري شام جو مون
کي سرڪي صاحب جي آفيس ۾ گولڊن
جوبلي ڪانفرنس جي تياري
گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻو هو، مون
سيال کان ”سوجهرو“ جي آڪٽوبر
واري شماري جي اخري مرحلن
واري تياري جي ڪري معافي گهري
۽ کيس چيو ته فيصلن جي ڪاپي
مون کي سرڪي صاحب جي آفيس مان
فيڪس ڪري ته جيئن ان کي
آڪٽوبر واري سوجهرو ۾ شامل
ڪجي، هن دير ڪئي مون فون ڪيو
۽ ذوالفقار سيال لاءِ پڇيو،
سرڪي صاحب فون کنيو ۽ چيو ڇو
تون نه آئين؟ چيم ته ڪمپيوٽر
مان آڪٽوبر جي پرچي جي صفحا
ترتيب ڏيو پيو ڪڍان، ڇڏ صفحن
کي هڪدم آيو گهرجين، هن پيار
واري دڙڪي سان چيو،
سندس حڪم تي ائون ڊوڙندو سندس
آفيس ۾ پهتس. اکين ۽ چپن جي
مرڪ سان هميشه جيان ساڳي
آجيان ڪيائين، جنهن ۾ پاٻوهه
اڳي کان به وڌيڪ هو،
27
سيپٽمبر جي صبح جو ساڍي اٺين
بجي راتوڪي اوجاڳي سبب الوٽ
پيو هوس ته يار خالق جوڻيجو
جو فون آيو، تاج سرڪي صاحب
اسان کان وڇڙي ويو.
ننڊ اڏامي وئي اهي ويساهه ئي
نه ٿو اچي ته هو ڪو اسان کان
وڇڙي ويو آهي، منهنجن
ننڊاکن نيڻن جي پلڪن تي هن جي
عذل جا بند جرڪڻ ڪڳا آهن.
ساٿيو آواز ڏيو آهيو، ڪٿي
ويجها اچو
گڏ ٿيو ڪاڳڻ ڪيو ڪو پهه
پچائيندا هلو.
ڪين گهرجي ٿي اسان کي هيءَ
اڌاري ڪائنات
آسمان پنهنجو زمين پنهنجي
بڻائنيدا هلو.
شڪارپور شهر جي پاڙي ڪڙي نواب
خان کانپوءِ جنهن محلي سان
منهنجو وڌ ۾ وڌ سارون سلهاڙيل
آهن سو آهي ڪڙي عطا محمد خان
مان پنهنجي ماضيءَ جون کڙڪيون
جڏهن به کوليان ٿو اهي ٻئي
پاڙا سڀ کان اڳ اچي آڏو بيهن
ٿا، اهي پاڙا شهر سان ڳنڍيل
به آهن ته ڇڳل به جھڻ ته ٻه
طلسمي چپ چپاٽ جي ور چڙهي
ٿيون وڃن، جھڻ وستين جي واسين
کي ننڊ اچي وئي هجي
.
گول مارڪيٽ کان سڪيل ڏانهن
ويندڙ سڙڪ وچ اتي اچي ٻه
شاخون ٿي وڃي ٿي ۽ سڙڪ جي هڪ
شاخ نانگ وانگي وروڪڙ کائي
ڪڙي عطامحمد خان ڏانهن ٿي
وڃي، اوڏانهن ته مردار گهٽي
به وٺي ٿي وڃي، پر هڪ رستو
امين شاهه چشتي واري مقام کان
به اچي ٿو نياري ڳالهه اها
آهي ته اهي ٽيئي رستا اچي
سرڪين جي گهرن وٽ ساهي پٽين
ٿا، جن منجهان هڪ ۾ سنڌ جو
برک وڪيل دانشور ۽ اديب سائين
نورالدين سرڪيءَ جنم ورتو.
سرڪي صاحب جيڪو سنڌي ادبي
سنگت جو پايو وجهندڙ منجهان
هڪ هو، سو نوجوان اديبن ۽
شاعرن جي رهمنائي ڪندي سياسي
ڪارڪنن جا مقدما مفت وڙهندي ۽
ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي
۾ موجود پير اڊائيز چيمبرس
منجهان هڪ ۾ پنهنجي جونيئرس
کي هدايتون ڏيندي لاڏاڻو ڪري
ويو، ته ايئن لڳو ڄڻ سنڌ
ڌرتيءَ کان دانهن نڪري وئي
هجي.
نورالدين سرڪي صاحب جهڙو
رلڻو، ملڻو ۽ کلڻو ماڻهو ائين
هميشه لاءِ موڪلائي ويندو، سا
ڳالهه منهنجا من قبول ئي نه
ٿو ڪري، اهو پيءُ جهڙي شفقت
ڏيندڙ شخص جنهن کي مان رات
ٽاڻي فون ڪري هجتون ڪندو هوس
۽ سندس بي پناهه مصروفيتن
دوران رنڊڪون وجهي کانئنس
پيار ۽ پاٻوهه وٺندو هوس،
تنهن جو لاڏاڻو مون کي اڃا
مڃڻ ۾ نه ٿو اچي رات پڄاڻيءُ
تي پهچي ڏينهن کي جنم ڏئي ٿي
۽ ڪاري چادر تاني سمهي پوي
ٿو، پر نور الدين سرڪي صاحب
جو مرڪندڙ مک منهنجي اکين!
مان تصور ئي تصور ۾ سرڪي صاحب
سان پيو ڳالهايان، ڄڻ آڏو
آهي سندس روح سان ڳالهائيندو
هجان، سرڪي صاحب اوهان 26
سيپٽمبر تي لاڏاڻو ڪري ويا
آهيون پر سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به
اوهان بابت ڪو مذاڪرو، ريفرنس
يا وڏو تعزيتي اجلاس ناهي
ٿيو، هو موٽ ۾ کلي ٿو، شاهه
صاحب مون ته هميشه نوجوان
اديبن ۽ شاعرن سان ڪچهرين کي
ئي اوليت ڏني آهي، جڏيو وڏي
اجلاس کي ڪا ڪچهري ٿا ڪيون.پر
ڪچهري ڪنهن سان ڪيون؟ سرڪي
صاحب اوهان الائي ڪيڏانهن
هليا ويا آهيو؟
مان سنڌي ادبي سنگت شڪارپور
جي سيڪريٽري عديل مهر سان
ٿو
ملان، سرڪي صاحب تي ڪو ريفرنس
ڪوٺائجي، ڪيئن ٿو ڀائين؟ پوءِ
ريفرنس بابت هوم ورڪ جي رٿا
بابت ويچار ٿا ونڊيون، سکر
مان ادل سومرو ۽ اياز گل کي
سڏائينداسون، پر ساڻ مشتاق ڦل
کي به سڏبو، باقي کڻي تاج
جوئي ۽ ذوالفقار سيال کي نٿا
سڏايون، سنڌي ادبي سنگت جي ٻن
ڌرن جي ڄنڊا پٽ اتي به ڪر کڻي
بيهي رهندي، سچل ڪانفرنس ۾ ئي
نه ٺهيا ته اسان وٽ ڪيئن گوڏا
گڏي ويهندا؟وڃون ٿا سائين
خليل مورياڻيءَ ڏانهن هو چوي
ٿو توهان پنهنجي دستوري
ويهڪ کي تعزيتي ويهڪ ۾ تبديل
ڪيو سو ٺيڪ ڪيو، توهان دلجاءِ
ڪيو، سرڪي صاحب تي ريفرنس
شڪارپور هسٽاريڪل سوسائٽي جي
پليٽ فارم تي ڪوٺائبو، مون کي
اچرج ٿو وٺي وڃي، سرڪي صاحب
ايڏو تڪڙو تورايخ جو حصو ٿي
ويو ڇا؟
تاجل بيوس
نورالدين سرڪي هر حقدار کي
سماجي، سياسي ۽ فلاحي خدمتن
جي حوالي سان، گهاٽي وڻ واري
ڇانوَ ڏيندڙ هو. هُو ان سنڌ
قوم جي اڳواڻي ڪري ويو آهي،
جنهن جي تهذيب عالمي سطح تي
ڏاها ۽ ماهر دنيا جي ٽن قديم
۽ عظيم تهذيبن ۾ شامل ڪري ويا
آهن. سرڪي صاحب ڪيل خدمتن جي
حوالي سان، ثابت ڪري ويو آهي
ته انسان جي تخليق ٿيڻ جو خاص
مقصد پاڻ لاءِ جيئڻ سان گڏ،
ٻين لاءِ جيئڻ به آهي .جنهن
کي حقوق العباد (ماڻهوءَ جا
ماڻهوءَ تي حق ۽ واسطا) چيو
وڃي ٿو. غريب جي سار سنڀال
لهڻ، بيمار ۽ اپاهج کي
بيماريءَ کان ڇوٽڪارو وٺائڻ،
بيواهه عورتن جي ٻچڙن جو انگ
ڍڪائڻ ۽ کين علم جي دولت سان
مالا مال ڪرڻ، مظلوم کي ظالم
جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ، قوم
کي استحصال ڪندڙن وٽان آجو
ڪرائڻ، علم، ادب، ٻولي ۽
ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ، پاڻ
پتوڙڻ ۽ فلاحي ادارن جي رهبري
ڪري، کين فعال بڻائڻ جهڙا ڪم
۽ ڪارناما نورالدين سرڪيءَ کي
هر دور ۾ جئرو ۽ جاڳندڙ
رکندا. اُهو نورالدين سرڪي،
جو هڪ ناميارو قانوندان،
ڏاهو، سماجي اڳواڻ ۽ سنڌ جو
عاشق ٿي گذريو آهي، فڪري،
سياسي ۽ فلاحي شعور لاءِ
جاکوڙيندو رهيو ۽ ايئن تاريخ
جو ماهر، سياسي ۽ قومي ڪارڪنن
جو آدرش ثابت ٿيو.
نورالدين سرڪي5 مارچ 1927ع تي
شڪارپور ۾ پيدا ٿيو ۽ 26
سيپٽمبر 2007ع تي دل جو دورو
پوڻ ڪري ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو
ڪري ويو. سندس عمر 80 سال 6
مهينا ۽ 22 ڏينهن تي پهتل هئي
،کيس ڪراچيءَ جي ميواشاهه
قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.جتي
مون به سندس آخري درشن ڪيو.
سرڪي صاحب 1945ع ۾ گورنمينٽ
هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ
1953ع ۾ سي ايند ايس آرٽس
ڪاليج شڪارپور مان، بي اي
آنرس ۽ 1955ع ۾ ايس ايم آرٽس
ڪاليج ڪراچي مان ايم اي پاس
ڪرڻ کانپوءِ، لا ڪاليج
ڪراچيءَ مان ايل ايل بي پاس
ڪري، نوڪري ڪرڻ جي ابتدا
ماستر مقرر ٿيڻ سان ڪئي
.اڳتي هلي 1957ع کان وڪالت
شروع ڪيائين ۽ ايئن آخري وقت
تائين وڪالت جي ڌنڌي سان ئي
واڳيل رهيو. هن سياست جي
شروعات 21 سالن جي عمر ۾
1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾
شموليت ڪرڻ سان ڪئي ۽ سندس
نالو سنڌي ادبي سنگت جي پيڙهه
جي پٿر رکندڙن ۾ به شامل ٿيل
آهي . جنهن کي 1953ع ۾ قائم
ڪيو ويو هو. 1972ع ۾ سرڪي
صاحب نيشنل عوامي پارٽيءَ ۾
به شامل ٿيو هو .هن پنهنجي
پوئنيرن ۾ بيوهه زال، ٻه
نياڻيون ۽ هڪ پٽ ڇڏيو آهي.
سرڪي صاحب ڪيترن شاعرن ۽ نثر
نگارن کي رستو ڏيکاري، اڳتي
آندو. انهن ۾ مان تاجل بيوس
به شامل آهيان . منهنجو
پهريون شعري مجموعو: “جڏهن
ڀونءِ بڻي” ڪرم الاهي چنا جي
سهڪار سان، سنگم پبليڪيشن
ڪراچيءَ پاران 1982ع ۾ ڇپايو
ويو هو، جنهن جون مونکان
ٽيهارو کن ڪاپيون وٺي،
نورالدين سرڪيءَ هندستان ۾
آباد ٿيل سنڌي اديبن ۾ ورهائڻ
سان گڏ، ڪجهه ڪاپيون، اتي
قائم ڪيل لائبررين ۾ به
رکايون هيون . جنهن ڪتاب مان
اتان جي سنڌين کي ايڏي ته
ادبي ۽ تخليقي خوشبوءِ محسوس
ٿي هئي، جو رام پنجواڻي لٽرري
اينڊ ڪلچرل سينٽر، ممبئيءَ
پاران مونکي وقت جي وڏي شاعر
شيخ اياز سان گڏ، ڀارت گهرايو
ويو هو ۽ ايئن مان شاهه، سچل،
سامي، سيمينار ۽ هنڌ- سنڌ
مشاعري ۾ وڃي شريڪ ٿيو هيس .
ٻيو ادبي فائدو هن ريت مليو،
جو سنڌ جي ٽن شاعرن: شاهه
لطيف، شيخ اياز ۽ تاجل بيوس
تي هن ۾ سالن جا سال تحقيق
ڪري، سندن ڪردار ۽ عمل، دخل
بابت معلومات گڏ ڪري، وڊيو
فلم اسڪرپٽ تيار ڪري 2002ع ۾
“ڏور به اوڏا سپرين” نالي هيٺ
ويڻا پبليڪيشن الهاس نگر
(ڀارت) پاران ڪتاب ڇپايو ويو
آهي ڪتاب جو نالو به هند بابت
منهنجي ڇپايل سفرنامي تان
کنيو ويو
آهي،
جو سفر نامو 1992ع ۾ ڇپايو
ويو هو .هن ڪتاب جون جگديش
لڇاڻيءَ پاران مونکي به
ڪاپيون موڪليون ويون آهن،
جنهن جي ٽائيٽل ڪور تي اسان
ٽنهي شاعرن جون تصويرون به
ڏنيون ويون آهن هاڻي ڏسئون ته
ڀارت ۾ فلم جي ڪڏهن ٿي رٿا
بندي ڪري رڪارڊنگ ڪئي وڃي.
آخر ۾، پڙهندڙن کي ٻڌائيندو
هلان ته اِها به سرڳواسي
نورالدين سرڪيءَ جي ئي
مهرباني آهي، جو 7 ڊسمبر 2007
تي ڀارت ويندڙ وفد ۾ منهنجو
نالو به شامل ڪيو ويو آهي .
جو ڀارت جو منهنجو پنجون ادبي
دورو هوندو، آخر ۾ عرب سياح ۽
محقق عمر بن حشام جا هندستان
بابت ڏنل ويچارءَ ڏئي، ڪالم
ختم ٿو ڪجي. جو چئي ويو آهي:
“هندستان ۾ جيڪڏهن هڪ ڏينهن
به رهڻ يا وڃڻ جو موقعو ملي،
ته ٻئي هنڌ جي سڄي زندگيءَ
کان بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته چيو
ويو آهي ته اتان جي زيارت سان
سُٺا اخلاق حاصل ٿين ٿا.
هندستان ستارن وانگر چمڪندڙ ۽
مبارڪ ملڪ آهي.”
ممتاز مهر
پير حسام الدين راشدي ۽ پير
علي محمد راشديءَ جي لکيل
ساروڻين مان معلوم ٿيندو ته
پارٽيشن کان اڳ ڪراچيءَ ۾
ادبي ڪچهريون حڪيم فتح محمد
سيوهاڻيءَ جي گاڏي کاتي واري
دواخاني ۽ ان جي ئي ويجهو
مولانا دين محمد وفائيءَ جي
پريس واري آفيس ۾ ٿينديون
هيون. سنڌي ادبي سنگت سان
لاڳاپيل پراڻا ساٿي ٻڌائيندا
هئا ته هفتيوار ادبي
گڏجاڻيون ميٺارام هاسٽل ۾ به
ٿينديون هيون . جناح هاسٽل ۾
علامه آءِ آءِ قاضي ليڪچر
ڏيندو هو . پارٽيشن کانپوءِ
ڪراچيءَ جو علمي ادبي ۽ڪلچرل
ماحول گهڻو بدلجي ويو هو پوءِ
به سنڌي ادبي سنگت جون
گڏجاڻيون ميٺارام هاسٽل ۾
ٿينديون رهنديون هيون . Forex trading est une entreprise risquee en soi forex recherches sont necessaires avant l'ouverture d'un compte de trading et de depot large eventail de plates-formes de negociation
|