|
آگسٽ 2001ع
1/ 08/2001
صبح جو 00-9 بجي ڊاڪٽر صاحب
جو اسپتال وڃڻ جي لاءِ نياپو
آيو. آئون صبح 00-9 وڳي ڊاڪٽر
وٽ پهتس، ته لڇمڻ کي اڳ ۾ ئي
گهرايو هئائين هو ويٺو هو.
ڪجهه دير اتي گپ شپ ڪئيسون،
پوءِ لڇمڻ کي آئون پنهنجي
وارڊ تي وٺي آيس. ڪجهه دير
کان پوءِ کيس ٽاور تي ملاحظي
لاءِ گهرايو ويو. اتان وري
فيڪٽري موڪلي ڇڏيائونس.
ماڙيءَ کان پرچي آئي، اتي
شاهنواز ملاقات تي آيل هو.
حال احوال کان پوءِ ٻڌايائين،
ته لڇمڻ جي ملاقات لاءِ همراه
آيل آهن. چيومانس، انهن کي
ويهارجو، لڇمڻ کي گهرايون ٿا.
مون لڇمڻ جي ملاقات جي پرچي
ٺهرائي ۽ کيس فيڪٽريءَ تان
پنهنجي وارڊ تي وٺي آيس، اتي
ماني کاڌيسين. ان کان پوءِ هو
ماڙيءَ تي ملاقات جي وٺي آيس،
اتي ماني کاڌيسين. ان کان
پوءِ هو ماڙيءَ تي ملاقات جي
لاءِ ويو. ملاقات ڪري لڇمڻ
واپس هتي آيو ۽ وري واپس
فيڪٽري تي ويو. چيائين ته شام
جو منهنجي خبر وٺجو. شام جو
آئون ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ نيازي
وٽ ويس. هڪ ته سڀاڻي اسپتال
لاءِ فردي ڪڍايم، ٻيو لڇمڻ جو
ٽوٽل تبديل ڪرڻ جو چيومانس.
چيائين ته آئون ڪريان ٿو. رات
جو خان محمد مون کي ٻڌايو ته
لڇمڻ کي فيڪٽري مان ڪڍي چڪر ۾
رکيو اٿن.
2/8/2001
اڄ جناح اسپتال وڃنو هو. صبح
جو 00-9 وڳي پرچي آئي. ان
ڏينهن اسلام الدين شيخ کي به
جناح وڃڻو هو. هن کي اتي داخل
ٿيڻو هو ۽ ماڙيءَ تي پنهنجي
ايمبولنس جو انتظار ڪري رهيو
هو. خان محمد به اتي ويٺل هو.
ماڙيءَ تي خبر پئي ته رات ڳچ
همراهن کي لانڍي جيل شفٽ ڪيو
اٿن. جن ۾ ميان منير، منور
سنڌو، انجنيئر شهمير، اسد
عباسي، غلام نبي جت ۽ ٻيا
شامل هئا. منهنجو گارڊ پهتل
هو، پر انهيءَ ٻڌايو ته عثمان
فاروقي ۽ ڪجهه ٻين قيدين کي
سول اسپتال وڃڻو آهي، انهن جو
انتظار ڪري رهيا آهيون، ان
ڪري ڪجهه وقت سپرنٽنڊنٽ جي
آفيس ۾ انتظار ڪريو.
مون ۽ خان محمد مهر
سپرنٽينڊنٽ کي چيو، ته گاڏي
مون کي جناح اسپتال تي ڇڏي،
وري اچي ٻين کي کڻي.
سپرنٽينڊنٽ پهريائين مون کي
ڇڏي اچڻ جي لاءِ چيو. گارڊ
انچارج اسان کي چيو، ته تيل
گهٽ آهي، ٻه چڪر نٿا ڪري
سگهون. مون کيس چيو، ”تيل جا
پئسا آئون ڏيان ٿو، توهان
هلو.“ جڏهن هنن جا سڀ بهانا
ختم ٿيا ته هلڻ لاءِ تيار
ٿيا. ٻاهر نڪتس ته پويلس جي
وڏي گاڏي بيٺي هئي، جنهن ۾
عام ڪرمنل قيدين کي ڪورٽ تي
کڻي ويندا آهن. ان گاڏيءَ کي
قيدين جي زبان ۾ ڪتا گاڏي
پويان چڙهي رهيو هئس ته مون
سان هڪ ڏاڙيه واري سپاهي اچي
مليو، مون سندس چهري تي
ڏکوئيندڙ تاثر محسوس ڪيو،
جنهن مان مون کي لڳو ته هن کي
منهنجي ان گاڏيءَ ۾ پويان
ويهڻ سان ڄڻ ڪا تڪليف ٿي رهي
هجي! رستي ۾ مون کانئس پڇيو،
ته توهان ڪير آهيو؟ ٻڌايائين
ته ” آئون ڪامل ٻانڀڻ آهيان.
منهنجو تعلق خيرپور سان آهي،
آئون توهان جي والد جي ورسيءَ
تي به آيو آهيان. آئون پهرين
ورسيءَ تي آيو هئس، جنهن ۾ هڪ
همراهه مزار تي فائرنگ ڪندي
زخمي به ٿيو هو.“ چيومانس،
”ان همراهه سان توکي اسپتال ۾
ملائيندس.“ اسپتال هلندي ۽
واپسيءَ دوران پورو وقت ساڻس
ڪچهري ٿيندي رهي.
اسپتال پهتا سين، ته اسلام
الدين شيخ به پهتل هو، ان جو
فون تان شاهنواز کي فون ڪري
پهچڻ جو چيم. اهو ويجهو ئي
هو، جلدي پهچي ويو. ٻانڀڻ کي
چيم، ته پنهنجي ڳوٺائيءَ سان
مل، جنهن جو تو گاڏي ۾ ذڪر
پئي ڪيو.
ڪجهه دير ۾ ڪاڪو ڀيرو، ڊاڪٽر
اڪبر نائچ به آيا.
ايڊمنسٽريشن بلاڪ کان پوءِ
اکين واري
OPD
۾ ڏيکارڻ کان پوءِ ڊاڪٽر اڪبر
نائچ چيو، منهنجي آفيس ۾ اچو،
اتي چانهه وغيره پيو ڊاڪٽر
اڪبر جي آفيس ۾ ويا سين، اتي
شاهنواز کي سندس ڀيڻ جي وڌيڪ
طبيعت خراب ٿيڻ جو اطلاع
مليو. هن اجازت ورتي.
جناح اسپتال مان نڪتا سين ته
گارڊ چيو، ته سول اسپتال ۾
فاروقي کي ڏسڻ ويو. اتي ڊاڪٽر
اسلم پيچوهو سان ملاقات ٿي.
خبر پئي ته فاروقي وارا واپس
هليا ويا آهن. اسان 00-6 وڳي
ڌاري جيل تي پهتا سين ته ٻاهر
ٽيڪا ۽ ٻيا همراه بيٺل هئا،
انهن ٻڌايو ته ٻيا همراهه
اندر لڇمڻ جي ملاقات ڪري رهيا
آهن. آئون سڌو ماڙيءَ تي مٿي
ويس، اتي سڀني سان ملاقات ٿي.
اڄ ضلعي ۽ تعلقي ناظمن جون
چونڊون ٿي رهيون هيون. اسلم
تعلقي شهيد فاضل راهو جي ناظم
جي لاءِ مقابلو ڪري رهيو هو،
جڏهن ته ضلعي تي علي انور
هاليپوٽو اسان جي اتحادي گروپ
جو گڏيل اميدوار هو. مون ڏيال
کي چيو ته بدين جي اليڪشن جي
رزلٽ مون کي جيل اندر توهان
کي ترت پهچائڻي آهي. پروگرام
اهو ٺهيو، ته شام جو 30-7 وڳي
گيٽ کان ٻاهر آئون سپاهي شبير
سومري کي موڪليندس، همراهه ان
هٿان رزلٽ موڪليندا. آئون
لڇمڻ کي ماڙيءَ تان وٺي سڌو
سندس چڪر واري بيرڪ ۾ ويس،
جتي هن جو سامان رکيو سون،
سندس کوليءَ ۾ ٻين غير ملڪي
قيدين سان ملاقات ٿي، جيڪي
اسپين جا هئا. اتان ابوبڪر جي
ڪمري تي آيا سين، جتي لڇمڻ کي
هنن سان ملايم. 21 وارڊ ۾
وزير عباس وٽ ويا سين، جتان
پنهنجي وارڊ موٽي آيا سين ۽
لڇمڻ مقدم سان گڏ واپس پنهنجي
وارڊ ڏانهن ويو.
00-7 وڳي ڌاري شبير کي گيٽ تي
موڪليم، ته خبر ڇار وٺي اچي.
مون کي اليڪشن جو انتظار هو
ته ڇا ٿيو؟ شبير پوڻين اٺين
وڳي ڌاري آيو. چيائين ته ٻاهر
توهان جو ڪو به ماڻهو ڪو نه
آيو آهي. مون سمجهيو ته شايد
اڃا ڳڻپ هلندڙ هوندي. يا رزلٽ
آئوٽ ته ٿي سگهي هوندي، جنهن
ڪري ڪو ماڻهو نه پهتو آهي.
15-8 ڌاري اسان جو وارڊ بند
ٿيو. آئون ورانڊي ۾ ويهي ڪجهه
پڙهي رهيو هئس، ته 00-9 وڳي
ٻاهريون دروازو کليو. شبير
ورانڊي جو در کوليو اندر آيو،
مون کي پڪ ٿي، ته هاڻي هن کي
ٻاهر همراهه مليو هوندو. ڪجهه
سامان به آندو هئائين. مون کي
چٺي ڪڍي ڏنائين. اها ڊاڪٽر
شامون جي هئي، جنهن ۾ لکيل
هو، ته اسلم ٻن ووٽن تان
اليڪسن هارائي ويو آهي ۽ ضلعي
۾ به ڪير کٽي نه سگهيو آهي،
جتي ٻيهر چونڊ ٿيندي. اها
رزلٽ منهنجي لاءِ غير متوقع ۽
ڪافي حيران ڪندڙ هئي ڇو جو
همراهه جيڪي رپورٽون ڏيندا
هئا، ان ۾ اسان واري ڌر کي
ڪافي برتري حاصل هئي. مون اها
خبر پنهنجن هنڊيوالن کي
ٻڌائي، جن کي ڪافي فڪر هو.
3/8/2001
اڄ صبح جو تعلقي شهيد فاضل
راهو جي ناظم جي چونڊ جي صحيح
نتيجن جي خبر پئي، ته ان تي
ٻيهر چونڊ ٿيندي، جو ڪو به
اميدوار %50 کان مٿي گهربل
ووٽ حاصل ڪري نه سگهيو هو. هن
اليڪشن ۾ اهو ئي فارمولو رکيو
ويو آهي. جن به ضلعن ۽ تعلقن
۾ ان فارمولي سبب فيصلا نه ٿي
سگهيا آهن. اتي چونڊون ٻيهر 8
آگسٽ تي ٿينديون.
شام جو آئون نيو جيل ۽
دالقرآن جي وچ واري پٽي تي
واڪ ڪري رهيو هئس، ته آخر ۾
جتي نيون بئرڪون ٺهي رهيون
آهن، اتي ڪجهه ڇوڪرا رستي جي
پاسي تي ويٺا هئا. آئون انهن
وٽان لنگهيس ته پويان مون کي
آواز آيو ”هي ته جهڙو فاضل
راهو پيو وڃي!“ مون رڪجي
پوئتي ڏٺو، ته سانوري رنگ ۽
ننڍي قد جو جوان هو، لڳو ٿي
ته هفتي کن کان شيو نه ٿي
هئس، اڳتي وڌي اچي مون سان
مليو.چيائين، توهان مون کي
فاضل راهو جهڙا لڳو ٿا.
چيومانس، توهان شايد مون کي
سڃاڻو ٿا، تڏهن ائين چئو ٿا.
اڪثر هتي واڪ ڪندو آهيان،
منهنجو نالو اسماعيل راهو
آهي. وراڻيائين ته ”مون توهان
کي اڳ ۾ هتي نه ڏٺو آهي.
منهنجو نالو لونگ سمون آهي.
هاڻي لياري ۾ رهندو آهيان،
اصل ٺٽي جو آهيان ۽ عوامي
تحريڪ ۾ رهيو آهيان. فاضل
صاحب سان منهجون گهڻيون
ملاقاتون ٿيل آهن.“
رات جو بند ٿيڻ کان اڳ ۾ خبر
پئي، ته انتظار زيدي صاحب جو
ٽوٽل اسان وٽان تبديل ڪري 17
وارڊ ۾ ڪيو ويو آهي. هو اسان
وٽ رهڻ ۾ خوش هو، وڃڻ نٿي
چاهين. هاڻي اسان کوليءَ ۾
چار ڄڻا ٿي ويا هئا سين.
4/8/2001
منهنجو روز جو معمول آهي ته
صبح ستين، ساڍي ستين وڳي
اٿندو آهيان. اخبارون پڙهي
ڪڏهن ناشتو ڪندو آهيان، ته
ڪڏهن نه، ان کان پوءِ ڪلاڪ اڌ
جي لاءِ وري سمهي پوندو
آهيان. پوءِ اٿي تيار ٿيندو
آهيان. اڄ تيار ٿي ماڙيءَ تي
ويس، جو گهر وارا ملاقات لاءِ
آيل هئا. اتان ٿي وري ڪجهه
وقت لاءِ وريام فقير وارن سان
ڪارڊ کيڏياسين، ايتري ۾
ملاقات جي پرچي آئي. ماڙيءَ
تي ويس ته اونگزيب پنهور آيل
هو. ساڻس چڱي ڪچهري ٿي. هيٺ
لهي آيس ته سپرنٽينڊنٽ جي
آفيس ۾ يوسف لغاري، ايس پي
عارب مهر ۽ خان محمد مهر ويٺا
هئا. يوسف سان حال احوال ٿيا.
وري پنهنجي وارڊ تي موٽي آيس.
اڄ اسان جي ورانڊي جو ڪم ختم
ٿي ويو هو. ورانڊي جي اڌ
تائين پلستر، دروازن ۽ گرلن
مٿان ڊزائنن، پلستر مٿان آئل
پينٽ، گرلن کي آئل پينٽ
ڄاريون
(Net)،
دروازا پالش ۽ ٽنهي دوازن ۾
پاڻ مرادو بند ڪرڻ وارا
اسپرنگ
(Door Closer)،
اهو سڀ ڪم هينئر ٿيو هو. هاڻي
اسان جي وارڊ جو ورانڊو ڪشادو
ٿي لڳو ۽ سٺو به ٿي ويو هو.
ڪچن کي ڄاريءَ جو دروازو لڳي
ويو ته اهو به مکين، مڇرن،
ٻلين ۽ ڪوئن کان محفوظ ٿي ويو
هو. رات جو ويٺي ڪم تي ڳالهه
ٻولهه ڪري رهيا هئا سين، ته
مون ذڪريا غني کي چيو ته هن
ڪم جي جيڪا ڪٿ
(Estimate)
ٺاهي اٿئي، ان ۾ هڪ وڪيل جي
في جي گنجائش به رکي ڇڏجاءِ.
پڇيائين ته ڇا مطلب؟ کيس چيم،
”سڀاڻي نيب جيڪڏهن اهو ريفرنس
ٺاهي، ته جيل ۾ جيڪو ڪم ڪرايو
اٿو، ان جا پئسا ڪٿان آندو؟
اهي رشوت جا پئسا آهن، تنهن
ڪري وڪيل اڳواٽ تيار هجي!“
آئون جڏهن به لکڻ ويهندو
آهيان ته مون کان پنهنجي کولي
وارا سڀ دوست پڇند اهن، ته
يار ڇا لکندو آهين؟ وريام
فقير چوندو آهي ته سائين
رسالو ٿا لکو يا ڇا ٿا لکو؟
دائود خان چوندو آهي، ته
تاريخ ٿو لکين يا چوندو ڇا جي
تاريخ ٿو لکين؟ جيڪڏهن تاريخ
ٿو لکين ته ان ۾ هي به
لکجانءِ، ته هو به لکجانءِ.
بهر حال هن جو پنهنجون
ڳالهيون هونديون آهن. ذڪريا
غني چوندو آهي، ته يار ڪهڙا
لَو ليٽر (پيار جا خط) ٿو
لکين. اڄ به دائود خان چئي
رهيو هو، ته روزانو ايترو نه
لکندا ڪريو، توهان جون اکيون
خراب ٿي وينديون ۽ ٿورو وقت
لکندا ڪريو، نه ت جلد پوڙها
ٿي ويندا. چيو مانس ته يار ڇا
ٿو لکان! ڪجهه به ته نٿو
لکان، آئون ڪهڙو اديب يا
دانشور آهيان، جو ڪجهه لکندس.
مڙيئي وقت پاس ڪرڻ جو طريقو
آهي، ٻيو ڀلا هتي ڇا ڪريون؟
5/8/2001/
منجهند جي ماني تي حاجي صاحب
۽ ابوبڪر وارن کي اچڻو هو.
ڪجهه وقت اسان ڪارڊ کيڏيا.
پوءِ مون همراهن کي چيو، آئون
وهنجي ٿو اچان، تيستائين
توهان ٽيبلن ۽ ڪرسين جي سيٽنگ
ڪرائي وٺو. اسان ڪجهه ماني ۽
مٺو وغيره ٻاهران گهرايو هو ۽
باقي ماني هتي اندر ئي ٺهرائي
هئي. ڏيڍ بجي ڌاري مهمان آيا،
جن ۾ حاجي ايوب آفريدي، خان
محمد مهر، صوفي، گل محمد
صوبيدار، لڇمڻ، ابوبڪر جت،
عمر جت، شفيع ۽ ٻيا انهن سان
گڏ همراه هئا.
جيئن ته هاڻي مڪاني ادارن ۽
ضلعي حڪومتن جي اليڪشن جو
مرحلو تقريبا
پورو ٿيڻ وارو آهي، تنهن کان
پوءِ حڪومت جو اصل امتحاني
مرحلو يعني جنرل اليڪشن جو
Issue
اچڻ وارو آهي. جيڪو اڄڪلهه
عام طور بحث هيٺ آهي. 14 آگسٽ
تي جنرل پرويز مشرف طرفان
جمهرويت جي بحاليءَ جو خاڪو
(Road map)
ڏيڻ جي اعلان جي توقع آهي.
حڪومت جي تجربي جي نتيجي ۾،
پورو تجربو
(Assessment)
ڪري چڪي آهي ته حڪومتي
مشنريءَ جي منفي پروپيگنڊا جي
باوجود به اڃا وڏين پارٽين
جون پاڙون عوام مان ختم نه ٿي
سگهيون آهن. هڪڙي ڳالهه طئي
آهي، ته ايندڙ عام چونڊن ۾
حڪومت سڌي سنئين ڌانڌلي نه
ڪري، تڏهن به پنهنجا گهربل
نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ جامع
حڪمت عملي ضرور ٺاهيندي.
يقينا
اليڪشن ان لاءِ نه ڪرائي
ويندي ته چونڊن کان پوءِ
اقتدار ميان نواز شريف يا
بينظير ڀٽو جي حوالي ڪيو وڃي،
پر اليڪشن جي نتيجي ۾ اهڙي
صورتحال جي پيدا ٿيڻ کي روڪڻ
لاءِ حڪومت کي گهڻا پاپڙ
ويلڻا پوندا!!
حڪومت هن وقت سياسي طرح ڌٻڻ ۾
ڦاٿل آهي، ان ڌٻڻ مان نڪرڻ
لاءِ ان کي ڪيترين ئي ننڍين
ننڍين قوتن جو سهارو وٺڻو
پوندو. ان کي ڪجهه ڏيو ۽ وٺو
جي بنياد تي گڏ کڻي هلڻو
پوندو. اليڪشنون به ڪرائڻيون
آهن ۽ اهي ڪرائڻيون به جماعتي
بنيادن تي آهن. ملڪ جي ٻن وڏن
سياسي ليڊڙن بينظير ۽ نواز
شريف کي ملڪ اندر اچڻ نه ڏيڻو
آهي. ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين
يعني پ پ ۽ مسلم ليگ ”ن“ کي
اقتدار ۾ اچڻ کان روڪڻو آهي ۽
جديد ميڊيا جي دور ۾ ٻاهرين
دنيا کي اهو باور به ڪرائڻو
آهي ته چونڊن جو عمل منصفاڻو
ڪيو ويو آهي.
اسيمبليون به اهي آڻڻيون آهن،
جيڪي جنرل پرويز مشرف جي بطور
صدر جي توثيق ڪن ۽ موجوده
فوجي قيادت جي ڪيل سمورن ڪمن
کي جائز قرار ڏئي انهن کي
آئيني شڪل ڏين. اهي سڀ ٽارگيٽ
آهن، جيڪي هڪ اليڪشن جي عمل
ذريعي حاصل ٿيڻا آهن! حڪومت
جي اها حڪمت عملي، ته ننڍين
چونڊن جي نتيجي ۾ چوننڊجي
ايندڙ ناظمن، نائب ناظمن ۽
ڪائونسلرن جي قوت
(Wide net)
کي ايندڙ عام چونڊن ۾ مکيه
هٿيار طور استعمال ڪجي، گهڻي
حد تائين ڪارگر ثابت نه
ٿيندي. ڇاڪاڻ ته ڪيترن ئي
جڳهين تي حڪومت جي لاءِ
اڻوڻندڙ نتيجا آيا آهن يا اڃا
اچڻ جو امڪان آهن. تنهن هوندي
به ڪنهن حد تائين حڪمران کي
انهن تي ئي انحصار ڪرڻو
پوندو.
حڪومت وٽ اهو به ويچار هيٺ
آهي ته مڪاني چونڊن جي سڀني
مرحلن جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ
عام چونڊن تائين جي وچ واري
عرصي ۾، پنهنجي حامي سياستدنن
سان اقتدار ۾ حصيداري
(Power Sharing)
ڪري. ان مان حڪومت کي ٻه
فائدا ٿي سگهن ٿا. هڪ ته فوجي
حڪومت کي سول حڪومت جو سياسي
چهرو ڏيڻ سان (چاهي اهو غير
منتخب ئي ڇو نه هجي) ملڪي ۽
بين الاقوامي معاملن کي منهن
ڏيڻ ۾ آساني ٿيندي، معاشي
حالتن ۾ ڪجهه قدر بهتري جا پڻ
امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا. ٻيو
ته حڪومت آيل سياسي ماڻهو
ڪجهه مهينن ۾ پنهنجو اثر وائي
سندن حلقن جي اندر صورتحال
پنهنجي حق ۾ بهتر بنائي سگهن
ٿا، جيڪا ايندڙ عام چونڊن ۾
حڪومت جي حامي اميدوارن جي
ڪاميابي لاءِ سازگار ماحول
پيدا ڪري سگهي ٿي.
ٻئي طرف چونڊن کان اڳ ۾ ئي
سول چهرن کي سامهون آڻڻ سان
موجوده حڪومت کي نقصان کائڻو
به پئجي سگهي ٿو. نقصان اهو
ٿي سگهي ٿو ته ان طرفان ملڪي
توڙي بين الاقوامي سطح تي غير
جانبدار هئڻ جو تاثر ختم ٿي
ويندو ۽ حڪومت ۾ آيل سياسي
ماڻهن کي ڪنگز پارٽي
Kings Party
(حڪومت جي پارٽي) واري حيثيت
ڏني ويندي. چونڊن کان اڳ ۾
سياسي حلقن کي حڪومت ۾ حصيدار
بنائڻ سان اهو عام تاثر ملندو
ته اصل حڪمران انهن کي چونڊون
کٽرائي اقتدار ۾ آڻڻ چاهين
ٿا. چونڊجي ايندڙ حڪمرانن جي
حوالي نگران حڪومتون ٿينديون
رهيون آهن، پر تڏهن اهو سڀ
ڪجهه بظاهر سولين صدر طرفان
ٿيندو رهيو آهي. جڏهن ته
هينئر سڌو سنئون فوج حڪمراني
ڪري رهي آهي ۽ صدر به فوجي
آهي. ان ڳالهه جا قوي امڪان
آهن ته حڪمرانن پهريون طريقو
استعمال ڪن ۽ ايندڙ عام امڪان
آهن ته حڪمران پهريون طريقو
استعمال ڪن ۽ ايندڙ عام چونڊن
تائين ڪنهن کي حڪومت ۾
حصيداري ڏيڻ بدران پاڻ ئي
اقتدار تي قابض رهن ۽ ايندڙ
عام چونڊون، جن تي موجوده
حڪمران ٽيم جي جياپي جو
دارومدار آهي، ان جي پوزيشن
مشڪوڪ بنائڻ جو خطرو کڻڻ جي
ڪوشش نه ڪن ۽ پردي پويان حڪمت
عملي تحت ننڍين سياسي قوتن کي
گڏ ڪري وڏين پارٽين خلاف گڏيل
محاذ ٺاهيو وڃي.
ائين به ٿي سگهي ٿو، ته
حڪمران پنهنجا حدف حاصل ڪرڻ
لاءِ علائقائي سطح تائين الڳ
الڳ حڪمت عملي جوڙين.
6/8/2001
اڄ صبح جو اٿيس ته کنگهه ۽
فلو هو. ڊاڪٽر ڏانهن ماڻهو
موڪليم، اهو اڃا ڪو نه پهتو
هو. ماڙيءَ مان پرچي آئي. اتي
ويس ته انور ۽ قاسم سومرو
ملاقات لاءِ آيل هئا. ماڙيءَ
تي لڇمڻ به مليو، ان سان ملڻ
لاءِ ڏيال ۽ ڊاڪٽر شام سندر
آيل هئا. شام جو ٻاهر حاجي
ايوب ۽ خان محمد وارن سان
ويٺا هئاسين، ته بند ٿيڻ وقت
حاجي ايوب ۽ خان اسان جي وارڊ
۾ آيا. حاجي ايوب چيو، ته
توهان جو وارڊ هاڻي ٻين سڀني
وارڊن کان سٺو ٿي ويو آهي،
توهان ڪم ڏاڍو سٺو ڪرايو آهي.
7/8/2001
اخبارون پڙهي ناشتو ڪري سمهي
رهيس. اٿي تيار ٿي سبز چانهه
پي رهيو هئس ته معمول موجب
00-11 وڳي مون کي قرآن پاڪ
پڙهائڻ وارو استاد پهچي ويو.
فارغ ٿي ٻاهر اچي ويٺس، جتي
فقير وريام، صديقي، امداد ۽
دائود خان ڪارڊ کيڏي رهيا ئا.
ٻنپهرن جو اسان جي وارڊ تي
لڇمڻ آيو، ڪچهري ڪئيسين ۽
گڏجي ماني کاڌيسين. جنهن کان
پوءِ هو سندس وارڊ ڏانهن واپس
ويو ۽ آئون سمهي رهيس.
ڪجهه وقت آرام مس ڪيم، ته
برداشتي فياض اچي اٿاريو ته
توهان جي ملاقات آئي آهي.
ماڙيءَ تي ويس، اقبال عنايت
آيل هو ڊپٽي جي آفيس ۾ڪلاڪ
ڏيڍ کن ڪچهري ڪئيسين. ماڙي تي
ڊاڪٽر شام سندر، ڦيرو، پيسو ۽
ٻيا همراهه مليا، لڇمڻ به اتي
هو.
اڄ وري به بدين ۾ ضلعي ۽
تعلقي شهيد فاضل راهو جي
ناظمن جي چونڊ رکيل هئي.
ڊاڪٽر شام کي مون چيو ته اڄ
شام جو نتيجو ضرور مون کي
ڏياري موڪلي، منهنجو سپاهي
ٻاهر انتظار ڪندسو. ڊاڪٽر شام
چيو ته آئون موبائل فون کڻي
ٻاهر بيٺو هوندس، جيئن ئي
هتان رزلٽ ملندي ته توهان کي
لکي ڏياري موڪليندس.
اڄ هلڪي برسات به پئجي رهي
هئي، شام جو مون کي اليڪشن جي
نتيجي جو انتظار هو.
هونئن ته اليڪشن کٽڻ ۽ هارائڻ
ٿيندو رهندو آهي ۽ تعلقي جي
ناظميءَ جي چونڊ ڪا ايڏو وڏو
مسئلو به ڪو نه هئي، پر گذريل
هڪ سال کان اسان جو خاندان جن
مسئلن ۾ رهيو، ان ڪري هي
الڪيشن ٿوري ڏکيرڙي به ٿي پئي
هئي. گذريل سال جي سيپٽمبر
کان وٺي منهنجي خلاف نيب وارن
جو سلسلو جاري رهيو. هن سال
جي جنوريءَ مهيني ۾ ضلعي
انتظاميا ۽ تيل ڪمپنيءَ وارن
ڦڏو ڪري اسان جي خلاف ٽي جڙتو
ڪيس داخل ڪيا، جن مان هڪ ڪيس
جو چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت
ATC
۾ پيش ڪيو ويو. انهن ڪيسن ۾
منهنجي سڀني ڀائرن، چاچن،
سئوٽن، ماسات، سالا، ڀيڻويا،
همدرد ۽ ساٿين کي جوابدار
ڄاڻايو ويو، جن سڀني کي روپوش
ٿيڻو پيو. انهن سوا سئو ماڻهن
جي روپوشي اليڪشن شيڊول تائين
جاري رهي، جنهن سبب اليڪشن
لاءِ گهربل رٿابندي ۽ تياري
نه ٿي سگهي ۽ اسان جا يونين
ناظم ۽ ڪائونسلر متوقع تعداد
کان گهٽ اچي سگهيا.
شام جو 30-6 وڳي آئون ورانڊي
۾ ويٺو هئس، ته سپاهي شبير
آيو، کيسي مان پرچي ڪڍي مون
کي ڏنائين. چٺي پڙهيم ته ان
جي مٿان ئي مبارڪباد لکيل هئي
۽ لکيل هو، ته اسلم 28 ووٽن
جي وڏي فرق سان اليڪشن کٽي
آهي. ان سان گڏ اهو به اطلاع
هو، ته اسان جي گروپ جو ضلعي
اميدوار تعلقي شهيد فاضل راهو
مان ته کٽي ويو آهي، پر
مجموعي طرح معمولي برتري پ پ
پ جي اميدوار کي حاصل آهي.
اندر ويٺل سڀني دوستن مون کي
مبارڪون ڏنيون ۽ ٻاهر بيٺل
حاجي ايوب آفريدي، خان محمد ۽
ٻيا همراهه به خوش ٿيا.
شام جو خان محمد ٻڌايو، ته
اسلام الدين شيخ جي اسپتال ۾
داخلا جي ڪري چيف ميڊڪل آفيسر
(C.M.O)
۽ سپرنٽينڊنٽ کي شوڪاز نڪتا
آهن.
9/8/2001
00-11 وڳي گهر وارا ۽ ڀٽي
ملاقات لاءِ آيا. 00-6 وڳي
ڪمپيوٽر سينٽر تي ويس. اتان
ٿي حاجي ايوب جي وارڊ تي آيس.
اتي ويٺو ئي هئس ته وزير عباس
منهنجي وارڊ تي پهتو. کيس مون
گهرايو هو. شام جو حاجي ايوب،
خان محمد، صوفي ۽ آئون ٻاهر
ويٺا هئا سين ته خان محمد
ٻڌايو، ته اسلام الدين شيخ کي
رات جو هڪ بجي اسپتال مان کڻي
واپس هتي آيا آهن.
10/8/2001
صبح جو صديقي، امداد ۽ ڪجهه
ٻيا دوست آيل هئا، جن سان
ڪچهري ٿي. جمعي نماز پڙهي وري
اچي ماني کاڌيسون. 00-6 وڳي
ڪمپيوٽر سينٽر تان ٿي 17 وارڊ
۾ ويس، جتي بچاڻي، ڏيري، زيدي
۽ رئيس احمد سان ملاقات ٿي.
اتان ٿي 18 وارڊ ۾ شعيب بخاري
۽ محمد حسين وٽ ويس.
شام جو آئون، حاجي ايوب،
ذڪريا غني ۽ فقير ٻاهر ڪنڊ تي
ڪرسيون وجهي ويٺا سين، جتي ڳچ
دير تائين ڪچهري هلي. 00-9
وڳي واپس وارڊ تي آيا سين.
11/8/2001
00-12 وڳي ڌاري آئون ۽ وريام
فقير 16 وارڊ ۾ ويا سون، جتي
الهڏنو ڏاهري ۽ قربان جتوئي
مليا، ڪجهه وقت انهن سان تاش
راند کيڏيسون. ماني پنهنجي
وارڊ تي اچي کاڌيسين. اڄ اسلم
۽ چاچا پوڙهو ملاقات لاءِ آيا
هئا. انهن سان گڏ ماما قاسم
ڦل، رمضان ڊرائيور، ڀٽي ۽
متين به آيل هئا. متين کي
لڇمڻ سان ملڻو هو.
اڄ بند ٿيڻ وقت ڪافي بارش
شروع ٿي. فقير، ذڪريا ۽ آئون
ورانڊي ۾ ويٺا هئا سون ۽
دائود خان اندر هو.
12/8/2001
اڄ منجهند جي مانيءَ تي ڪجهه
مهمان اچڻا هئا، انهن لاءِ
ماني جي تياري ڪرائڻي هئي. ان
لاءِ ڪجهه سامان اسلم ۽ چاچا
پوڙهي کي لکايو هئم ته صبح جو
00-9 وڳي تائين هر حالت ۾
پهچي وڃي. سامان سوائين ڏهين
ڌاري پهچي ويو. ڪجهه سامان
سپاهي شبير کي موڪلي ٻاهران
گهرائي ورتم. اسان وارو بورچي
يعقوب هڪ ويڪ بورچيءَ کي به
وٺي آيو هو، ٻيا سڀ بردشتي وڍ
ڪٽ جي ڪم کي لڳل هئا ته جيئن
ماني وقت سان تيار ٿي وڃي.
مهمان 30-1 کان اچڻ شروع ٿيا،
30-2 وڳي ڌاري ماني لڳائيسون.
اڄ جيڪي مهمان آيا، انهن ۾
عبدالقادر توڪل، مصباح،
الهڏنو ڏاهري، اقبال گل، يوسف
دادا، قربان جتوئي، فضل الله
صديقي، جان محمد آرائين، حاجي
مشتاق ڪلهوڙو، حاجي ايوب
آفريدي، خان محمد مهر، صوفي،
مثل خان، شفيع، امداد مرزا
جيلر، لڇمڻ اصغر شاهه، امداد
جکرو، عثمان فاروقي، ستار
ڏيرو، بدر عالم بچاڻي، انتظار
زيدي، رئيس احمد، رميش اديسي،
آغا وزير عباس ۽ سليم شامل
هئا. شعيب بخاري ۽ محمد حسين
کي به چيو هئم پر اهي صبح جو
30-11 آيا ۽ اچي معذرت ڪيائون
ته اسان دعوتن ۾ نه ويندا
آهيون، اسان تي پنهنجي پارٽي
جي پابندي آهي، ان ڪري اسان
توهان وٽ پاڻ آيا سين ته
توهان کان معافي وٺون.
مهمانن جي وڃڻ کان پوءِ لالا
دائود، فقير وريام، امداد،
لڇمڻ، صديقي ۽ مون ويهي تاش
راند ڪئي. ان دوران علي حسن
ٿيٻو به آيو، آئون ان سان
ٻاهر وڃي ويٺس. علي حسن ٿيٻو
ٽنڊو الهيار جو آهي گذريل چئن
پنجن مهينن کان هتي جيل اندر
آهي، سندس ٽوٽل نيو جيل ۾
آهي. مٿس ڪراچي ۾ ڊفينس جي
ڪنهن بنگلي ۾ ڌاڙي جو ڪيس
داخل آهي، جيڪو دهشتگردي ٽوڙ
عدالت
ATC
۾ هلندڙ آهي.
13/8/2001
ٻنپهرن جو ماڙيءَ تان پرچي
آئي. اتي ويس ته ڪاڪو ڀيرومل
۽ ٻيا همراهه لڇمڻ سان ملاقات
ڪري رهيا هئا. انهن ٻڌايو ته
جج لڇمڻ جي ضمانت رد ڪري ڇڏي
آهي. هاڻي هاءِ ڪورٽ جي تياري
ڪرڻي آهي. نور محمد سان گڏ
گهر وارابه آيل هئا، انهن سان
ملاقات ڪري واپس وارڊ تي آيس.
شام جو ٻاهر اڱڻ ۾ ويٺا هئا
سين، مون سامهون دوروازي مان
ٻاهر ڏٺـو، ته آءِ جي جيل
برگيڊيئر نثار مهر، خان محمد
۽ جيل جو ڪجهه ٻيو اسٽاف نيو
جيل طرف وڃي رهيا هئا. مون
سمجهيو ته سڀاڻي 14 آگسٽ آهي،
شايد ان تي جيل ۾ يوم آزادي
جو پروگرام منعقد ڪيو پئي
ويو. متان آءِ جي انهيءَ
سلسلي ۾ چڪر ڏيندو هجي.
بهرحال ڪراچي جيل تي آءِ جي
اڪثر ايندو رهندو آهي، هفتي ۾
ٻه ٽي چڪر ته ضرور ٿيندا اٿس.
پهريون دفعو جڏهن جيل ۾ مون
ٻڌو هو ته آءِ جي وزٽ
(Visit)
تي اچي رهيو آهي، ته مون کي
لڳو ته جيل ۾ ايتري چر پر ڇو
نه آهي؟ ڇاڪاڻ ته عام طور
جڏهن به آءِ جي جو جيل جو
دورو ٿيندو آهي ته پورو جيل
ٿرٿلي ۾ اچي ويندو آهي. جيل
جو اسٽاف ۽ قيدي حشريءَ ۾ اچي
ويندا آهن، وڏي تيار ۽ وٺ پڪڙ
ٿيندي آهي. پر هتي جڏهن به
آءِ جي جو دورو ٿيندو آهي ته
به جيل جو ماحول هميشه وانگر
عام، بلڪل پرسڪون ۽ رواجي طرح
محسوس ٿيندو آهي.
مون کي اها ڳالهه غير معمولي
محسوس ٿي، ته آءِ جي جيلخانه
جات ڪنهن جيل جي دوري تي اچي
رهيو هجي ۽ ان جيل ۾ ايتري
خاموشي هجي ۽ سڀ ڪم معمول
وانگر هلي رهيو هجي. اها شيءِ
منهنجي مشاهدي جي برعڪس هئي.
هن ڳالهه مان منهنجو هي مطلب
هرگز نه آهي، ته ڪو آئون هن
کان اڳ به جيل ۾ رهيو آهيان.
جيل اچڻ جو ته منهنجو هي
پهريون موقعو آهي، پر بابا
سان ملاقاتن تي وڃڻ جي لاءِ
منهنجو سڀني جيلن تي وڃڻ
ٿيندو رهندو هو. منهنجو
پهريون ڀيرو جيل تي وڃڻ تڏهن
ٿيو، جڏهن آئون اڃا ننڍو هئس.
جنرل يحيٰ
جي زماني ۾ بابا حيدر آباد
جيل ۾ هو. هڪ ڀيرو چاچا مٺو
بابا سان ملڻ جي لاءِ ڳوٺان
حيدر آباد اچي رهيو هو، مون
کي چيائين ته،”هلندين ادا سان
ملڻ؟“ مون به کڻي ها ڪئي.
اسين بابا واري وليز جيپ تي
حيدر آباد آيا سين. رات جو
مون کي حيدر آباد گهر تي
ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن تي اسين
حيدر آباد سينٽرل جيل تي بابا
سان ملڻ جي لاءِ ويا سين.
ڪنهن جيل تي وڃڻ جو منهنجو
اهو پهريون موقعو هو. چاچا
مٺو ته پاڻ ايوب خان جي وقت ۾
ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ شاگرد
تحريڪ ۾ جيل ڪاٽي آيو هو.
مون کي ياد آهي ته 1970ع جي
ڏهاڪي جي آخر يا 1980ع جي
شروعات ۾ جڏهن بابا حيدر آباد
سينٽرل جيل ۾ هو، تڏهن آئون
ساڻس ملڻ ويو هئس، ته مون کي
نور محمد ٻگهيو وڪيل لاءِ ڪم
ٻڌايو هئائين ۽ تاڪيد ڪيو
هئائين، ته ان سان ملي سڀاڻي
جواب ٻڌائي اچجانءِ. شام جو
آئون ان سان سندس گاڏي کاتي
واري آفيس ۾ مليس ته هن جواب
لکي ڏنو. ٻي ڏينهن جڏهن آئون
ملاقات لاءِ جيل تي پهتس ته
مڊوي هوٽل جي سامهون جيل جي
ٻاهرئين دوروازي کان سپاهي
ملاقات جي آءِ جي آيل ماڻهن
کي واپس ورائي رهيا هئا.
مون کي چيائون ته اڄ ملاقات
وغيره سڀ بند آهي. پڇڻ تي
ٻڌايائون ته”اڄ آءِ جي جو جيل
جو پروگرام آهي، انهيءَ ڪري
هتان اندر وڃڻ جو آرڊر بند
آهي. مون چيو مانس ته مون کي
هتان ڇڏيو، آئون اندرئين گيٽ
ان بابا کي نياپو ڪري موٽي
اچان ٿو. جيل جي پورو اسٽاف
مون کي سڃاڻندو هو، جو آئون
روز ٻئي ڏينهن بابا سان
ملاقات تي ايندو هئس. اندر
آيس ته جيل جي روڊ ۽ ڪالوني
جي صفائي ٿي رهي هئي. رستي تي
چن هاريو پئي ويو، ٻاهر سپاهي
۽ قيدي سڀ وٺ پڪڙ ۾ هئا. جيل
ڏانهن ويندي ڪالونيءَ مان
آئون اختر شاه کي سندس ڪوارٽر
تي ڏسڻ ويس، جيڪو ان وقت جيلر
هو.
مون سوچيو ته جيڪڏهن اهو ملي
وڃي ته ان کي چٺي ڏئي ڇڏيان،
جيڪو بااب کي پڄائي ڇڏيندو.
پر هو گهر تي ڪو نه هو آئون
سڌو ماڙيءَ واري ٻاهرئين گيٽ
تي ويس. ٻاهر پوليس ۽ ڪم وارن
قيدين کان سواءِ ٻي ڪا به پهر
ڪا نه هئي. ماڙيءَ تي دروازو
کوليندي ئي حوالدار مون کي
چيو ته:” آج ڪڇ نهين هوگا!“
مون کيس ملاقات لاءِ درخواست
لکي سپرنٽينڊنٽ لاءِ ڏني ۽
چيو مانس تون رڳو هيءَ وڃي
سپرنٽينڊنٽ کي پهچائي ڇڏ.
ان وقت سپرنٽينڊنٽ نور الاهي
شيخ هو، جيڪو تمام سخت هوندو
هو ۽ ان وقت قيدين ۾ ”نور
الاهي قهر الاهي“ طور مشهور
هوندو هو. ٿوري دير ۾ حوالدار
دروازو کولي ٻڌايو ته اوهان
بيهو، سپرينٽينڊنٽ ڪيڏانهن
وڃڻ جي لاءِ ٻاهر اچي ٿو پيو.
ڪجهه دير کان پوءِ پورو
دروازو کليو، نور الاهي شيخ
ٻاهر نڪتو. مون کي ڏسندي ئي
چيائين، ”تون اڄ به ڪو نه
ڇڏيندين؟“ چيو مانس ته مون کي
بابا سان ٻه منٽ ضروري ملڻو
آهي ته چيائي،”اڄ ملاقات بند
آهي، آءِ جي صاحب پيو اچي.
صبح جو اچجانءِ.“
مون چيو، مون کي ضروري نياپو
ڏيڻو آهي. ڪجهه دير خاموش رهڻ
کان پوءِ جواب ڏنائين، ته
تنهنجي پنج منٽ ملاقات ڪرايان
ٿو، پر ملاقات ڄاريءَ مان
ٿيندي. اتي بيٺل ڪنهن جيلر کي
چيائين ته فاضل راهو جي
ملاقات ڪرائي ڇڏيو، نه ته ڏچي
۾ پوندا سين. 15 منٽن کان
پوءِ جيلر مون کي پاسي واري
عام ملاقات جي هال ۾ ملاقات
ڪرائي، جنهن جي وچ ۾ ٻئي پاسا
ٿلهيون لوهي شيخون لڳل آهن.
مون حال احوال ڏنا ۽ خط جي
جواب بابت ٻڌايو. مون کي
چيائين ته ماڙيءَ واري هٿان
بابا کي پهچايو. اها هئي حيدر
آباد ۾ آءِ جي اچڻ تي وٺ پڪڙ.
پر هتي آءِ جي ايندو هو، ته
خبر به ڪو نه پوندي هئي ته ڪو
آءِ جي اچڻو آهي، نه ئي ڪو
آءِ جي، جي اچڻ تي ڪا پوش پوش
ٿيندي آهي.
ان جو شايد هڪ سبب ته اهو آهي
ته جيل تي آءِ جي جو گهڻو اچڻ
وڃڻ آهي ۽ ٻيو هو سادگيءَ سان
ايندو ويندو آهي ۽ پنهنجي ڪم
سان ڪم رکندو آهي. آءِ جي، جي
جيل ۾ گهڻو اچڻ ڪري، قيدين کي
سندن مسئلن بابت کيس آگاهي
ڏيڻ جو موقعو ملندو رهندو آهي
۽ پاڻ به جيل جي مختلف وارڊن
۾ کليون ڪچهريون ڪندو رهيو
آهي.
جيئن اسان جو ٻاهريون معاشرو
مسئلن سان ڀريل آهي، تيئن جيل
۾ به مسئلن جا انبار لڳل آهن.
جيل مسئلن جو گهاڻو آهي، جنهن
۾ قيدي پيڙهجندا رهن ٿا. جيل
جي اندر قيدي جن مسئلن کي
منهن ڏين ٿا، انهن کي ٻن حصن
۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪ اهي
جيڪي حڪومت جي عدم توجهي ۽
فنڊز جي کوٽ يا انهن جي صحيح
استعمال نه ٿيڻ سبب پيدا ٿين
ٿا، ٻيو اهو مسئلا آهن، جيڪي
خود جيل انتظاميا پيدا ڪري
ٿي، جيئن پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ
قيدين کي مجبور ڪري فائدو وٺي
سگهي.
ٻئي نمبر وارن مسئلن جو ذڪر
اڳتي ڪنهن فرصت واري وقت ۾
ڪبو. پهرين نوعيت جي مسئلن
مان هتي قيدين کي وڏو مسئلو
رهائڻ جو آهي. هن جيل ۾ اصل
گنجائش کان تمام گهڻا قيدي
آهن، ڪهڙي به ڪلاس جو قيدي
اچي، ان کي هريائين پنهنجي
لاءِ صحيح جڳهه هٿ ڪرڻ جي
مسئلي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
جڏهن جيل ٺاهيو ويو هو، ته
پوري جيل ۾
B
ڪلاس جو فقط هڪ ئي وارڊ هو،
جيڪوا ڄ به
17/B
سڏبو آهي، جنهن ۾ 6 کوليون
آهن. اڳئين وقت
B
ڪلاس جي قيدين کي الڳ ڪمرو
ڏنو ويندو هو، يعني هڪ کوليءَ
۾ هڪ قيدي رهندو هو ۽ هاڻي ان
ئي ۾
B
ڪلاس جي
17/B
وارڊ جي هڪ کوليءَ ۾ چار چار
قيدي رهن ٿا. ان کان علاوه
وارڊ نمبر 1، 14، 15، 16، 18
۽ 21 به
B
ڪلاس ۾ تبديل ڪيا ويا آهن،
تڏهن به اهي پورا نٿا پون.
عام ڪلاس جي بيرڪن سان ته
حالت ٻي آهي. عام قيدين کي
بيرڪن ۾ هيٺ فرش تي به بستري
جي جڳهه وٺڻ لاءِ گهڻو ڪجهه
ڪرڻو پوي ٿو. جيڪڏهن قيدين کي
ڪنهن سياسي پارٽي جو ڪور حاصل
آهي، ته پوءِ ان کي تنظيم جي
وارڊ ۾ جڳهه ملي وڃي ٿي.
ڪيترائي اهڙا قيدي آهن، جن جو
بنيادي طرح ته ڪنهن به سياسي
تنظيم سان واسطو ڪونهي، پر
جيل ۾ ڪجهه سهولتون حال ڪرڻ
لاءِ ڪنهن نه ڪنهن تنظيم سان
تعلق يا لاڳاپو ظاهر ڪندا
آهن.
ائين به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪن
سياسي تنظيمن جي وارڊن ۾ عام
قيديءَ کي سواءِ ڏنيورتي جي،
جڳهه نٿي ملي. ٻيو، جيڪڏهن
ڪنهن کي چڱي سفارش آهي، ته ان
جو به مسئلو حل ٿي وڃي ٿو.
بستري جي جڳهه حاصل ڪرڻ جو
ٽيون طريقو جيل انتظاميا کي
ڏيتي ليتيءَ ذريعي راضي ڪرڻ
جو آهي ۽ اهوئي طريقو عام
مروج آهي. باقي بچيل قيدين
لاءِ ٿپي آهي، جتي قيدي خالي
فرض تي سمهندا آهن ۽ انهن کي
پاسي ورائڻ جي جڳهه به نه
هوندي آهي. وارڊن جي اندر
پاڻي جو مسئلو به عام آهي.
تمام ٿورا وارڊ آهن، جن کي
پاڻي جي سپلاءِ لائن پهتل
آهي، اهو به انهن وارڊن اندر
رهندڙ قيدين جي پنهنجي ڪوشش ۽
خرچ جو نتيجو آهي. انهن وٽ
پاڻي جون ٽانڪيون به ٺهيل
آهن. گهڻن وارڊن ۾ قيدي
ٻاهران بالٽين ۽ ڪنسترن ۾
پاڻي ڀري ايندا آهن. عام
قيدين جي انهن وارڊن ۾
صفائيءَ جو به وڏو مسئلو آهي.
پاڻيءَ جي نيڪال جو نظام صحيح
نه هئڻ ڪري گندگي رهندي آهي،
جنهن سبب جيل ۾ وبائي
بيماريون به عام ٿينديون آهن.
سينٽرل جيل جي اندر اهڙا قيدي
به آهن، جن کي هن جديد دؤر ۾
باٿ روم جي به سهولت حاصل نه
آهي، انهن کي سندن کوليءَ ۾
هڪ ٽين جو دٻو مليل هوندو
آهي، جنهن ۾ پيشاب ۽ ٻي حاجت
ڪرڻ انهن جي مجبوري هوندي
آهي. اهي اٿندا ويهندا ۽
سمهندا به ان کوليءَ ۾ ئي
آهن. 24 ڪلاڪن ۾ فقط هڪ دفعو
ان غلاظت ۽ بدبوءِ سان ڀريل
دٻي کي صاف ڪري، وري اتي رکيو
ويندو آهي. اهڙين کولين ۾
اڪثر هڪ کان وڌيڪ قيدين کي
رهايو ويندو آهي، ڪن حالتن ۾
انهن جو تعداد چار پنج به
هوندو آهي. هتي جيل ۾ قيدين
کي طبي سهولتون به اڻپوريون
آهن. جيل جي اندر اسپتال به
آهي، جنهن ۾ ٽي ميڊيڪل آفيسر
آهن، جن مان هڪ چيف ميڊيڪل
آفيسر
(CMO)
آهي. اهو ۽ هڪ ٻيو ڊاڪٽر
ڏينهن جو ڊيوٽي ڪندا آهن،
ٽيون ڊاڪٽر شام جو 00-6 وڳي
کان صبح جو 00-8 وڳي تائين
ڊيوٽي ڪندو آهي. اهو جيل جي
ڪالونيءَ ۾ ئي رهندو آهي ۽
سندس سروس آن ڪال
(On Call)
هوندي آهي. ڏينهن جو اسپتال ۾
O.P.D
به ٿيندي آهي.
جيترو قيدين جو تعداد آهي، ان
حساب سان اسٽاف بلڪل اڻپورو
آهي، يعني اڍائي هزار قيدين
تي هڪ ڊاڪٽر آهي. اهو به جيل
۾، جتي ٻاهر جي ڀيٽ ۾ زندگيءَ
جون سهولتون اڻپورين هجڻ ڪري
بيمارين جو امڪان وڌيڪ آهي.
تنهن کان پوءِ سرڪاري دوائون
به بلڪل اڻلڀ آهن. ڪراچي
سينٽرل جيل جي دوائن لاءِ سڄي
سال لاءِ هڪ لک روپين جي بجٽ
رکيل آهي، يعني پنج هزار
قيدين جي حساب سان سڄي سال ۾
في قيدي کي فقط
12/=
روپين جون دوائون ملي سگهن
ٿيون. جڏهن ته هتي سوين قيدي
ٽي بي ۽ ٻين اهڙن موذي مرضن ۾
ورتل آهن، جو هڪ هڪ قيديءَ کي
هر روز سوين روپين جي دوائن
جو ضرورت پوي ٿي. تقريناً
اهي سڀ بيمار قيدي معاشي طرح
سان ايترا تنگدست آهن، جو
انهن کي پنهنجي کيسي مان
دوائن تي خرچ ڪرڻ لاءِ هڪ
رپئي جي به سگهه ڪونهي. پر
ڪجهه پرائيويٽ ادارن ۽
انفرادي ماڻهن پاران قيدين
لاءِ دوائون عطئي طور ڏيڻ ڪري
ڪجهه گذارو ٿي وڃي ٿو.
هن وقت
C
ڪلاس جي قيدين کي رهائڻ لاءِ
نين بيرڪن ٺاهڻ جو ڪم تيزيءَ
سان هلي رهيو آهي. دارالقرآن
جي پويان ۽ نيو جيل کان اڳيان
ٽي وڏيون بيرڪون ٺهن پيون.
اهي سرڪاري خرچ تي نه، پر هڪ
انگي اداري برڪاتي فائونڊيشن
جي پاران ٺاهيون پيون وڃن.
انهن ٽنهي بيرڪن ۾ پنج ڇهه
سئو قيدي رهڻ جي گنجائش ٿي
سگهي ٿي. انهن بيرڪن جي تعمير
تقريباً
مڪمل ٿيڻ تي آهي. تازي پاڻيءَ
جي رسد ۽ گندي پاڻيءَ جي
نيڪالي لاءِ به جيل ۾ ڪم هلي
رهيو آهي. جنهن جي نگراني
واري ڪميٽيءَ ۾ جيل انتظاميا
سان گڏ قيدي به شامل آهن، جن
۾ مصباح به آهي. هو نيب ڪورٽ
جو سزايافته آهي ۽ ڪراچي واٽر
۽ سيوريج بورڊ
(K.W.S.B)
جو چيف انجنيئر رهي چڪو آهي.
14/8/2001
14 آگسٽ جي ڪري اڄ يوم آزادي
آهي ۽ جيل ۾ موڪل آهي. قيد ۾
يوم آزادي جو تصور به ڏاڍو
عجيب محبوس ٿيندو آهي. صبح جو
اسان ورانڊي ۾ ويٺا ڪچهري ڪري
رهيا هئا سين ۽ ٻاهر والي بال
راند هلي رهي هئي. اسان جي ۽
14 وارڊ جي سامهون تي روزانو
شام جو والي بال راند ٿيندي
آهي. خان محمد مهر به گهڻو
ڪري شام جو والي بال کيڏندو
آهي. اڄوڪي ڏينهن جي حوالي
سان ڪراچي سينٽرل جيل ۽ لانڍي
جيل جي ٽيمن وچ ۾ والي بال جو
مقابلو هلي رهيو هو.
اسان کي شام جو خبر پئي، ته
سينٽرل جيل جي ٽيم مقابلو
کٽيو. آئون ٿورو ٻاهران چڪر
ڏيئي وري واپس پنهنجي وارڊ ۾
آيس، جتي آئون، وريام فقير،
امداد، لالو دائود ۽ صديقي
ڪچهري ڪري رهيا هئا سين، ته
لڇمڻ آيو. ساڻس گڏ ايس ڊي ايم
ربنواز هڱورو هو، جيڪو اينٽي
ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار هو.
ڪجهه دير انهن سان گڏ گپ شپ
ٿي. پوءِ هڱوري اجازت ورتي،
کيس وري قربان جتوئي وارن
ڏانهن وڃنو هو. همراهن چيو،
ته اڄ موڪل جو ڏينهن آهي، تاش
راند ٿا کيڏون.
اسان ويٺا هئا سين ته آغاز
وزير عباس ۽ سليم آيا. وزير
عباس وارن حال احوال ڪرڻ کان
پوءِ اجازت ورتي، انهن کان
واندو ٿي آئون همراهن سان
راند ڪرڻ ويٺس، ته ايتري ۾ ٻه
همراهه ورانڊي ۾ داخل ٿيا.
مون کي چيائون،”توهان جي
ديدار تي حاضر ٿيا آهيون.“
مون چيو اندر اچو. آئون راند
ڇڏي مهمانن سان وڃي ويٺس. خير
عافيت کان پوءِ پنهنجو تعارف
ڪرايائو. هڪ همراهه ٻڌايو ته
منهنجو نالو غلام رسول راهو
جو آهي، آئون شهيد فاضل راهو
شهر جو آهيان. آئون کيس سڃاڻڻ
جي لاءِ پنهنجي ذهن تي زور
ڏيڻ لڳس. چيومانس، ”شايد مون
توهان کي اڳي ڪڏهن ڏٺو نه
آهي، جيڪڏهن شهيد فاضل راهو
جو آهين، ته شابس هجيئي جو ٻن
مهينن کان پوءِ ٻڌايو اٿئي!“
پوءِ مون کي ٻڌايائين، ته هو
اصل سيتا ضلعي دادو جو آهي،
پر شهيد فاضل راهو شهر مان
گرفتار ٿيو هو ۽ ڪراچيءَ ۾
مٿس 4-5 ڪيس آهن. ٻيو همراهه
حاڪم علي انڙ هو، سڪرنڊ سان
تعلق هئس، ڪنهن بئنڪ ۾ ڪيشيئر
طور نوڪري ڪندو هو. هتي
بئنڪنگ ڪورٽ جي ڪيس ۾ گرفتار
آهي. همراهن سان چڱي ڪچهري
ٿي، بعد ۾ موڪلائي هليا ويا.
اسان ماني کائي ويٺا هئا سين
ته الهڏنو ڏاهري ۽ قربان
جتوئي آيا. انهن سان ڪجهه
راند ڪئيسون. ٿوريءَ دير ۾
دوست علي جت، نواب جت،
ابراهيم جت ۽ هڪ ٻيو همراهه
گڏجي آيا. آئون کين ڪمري ۾
وٺي ويس. اسان ڳوٺ جي اليڪشن
جي باري ۾ حال احوال ڪندا
رهيا سين. انهيءَ کان پوءِ
ابوبڪر جت پنجن ڇهن همراهن
سان گڏ آيو، جن ۾ سندس ننڍڙو
ڀاءُ، سؤٽ ۽ ٻيا هئا.
30-4 وڳي اسپتال جي پويان
اسٽيج شو جو پروگرام هو. ٻيا
همراه اوڏانهن روانا ٿيا.
آئون فقير صاحب 30-5 وڳي اتي
پهتا سين. خان محمد مهر ۽
C.M.O
وارا اسپتال ۾ ئي مليا. اڃا
آءِ جي، پروگرام تي نه پهتو
هو. ڪجهه دير کان پوءِ اسان
پروگرام ۾ وڃي ويٺا سين. پر
رش تمام گهڻي هئي، تقريبا سڄي
جيل جا قيدي آيل هئا. اسٽيج
جي سامهون مهمانن لاءِ ڪجهه
صوفا ۽ ڪرسيون رکيون ويون
هيون، باقي عام قيدي بيٺي شو
ڏسي رهيا هئا. شو جو مهمان
خصوصي آءِ جي نثار مهر هو.
ڪجهه دير ۾ اهو به پهچي ويو ۽
شو باقاعدي شروع ٿيو، جيڪو
مغرب جي نماز تائين جاري
رهيو. شو ۾ ڪمپيئرنگ محمود
اختر ڪري رهيو هو. سڄي شو جو
مک آئٽم شهزاد رضا ۽ لياقت
سولجر جي ڪاميڊي هئي.
ڪمپيئرنگ اعلان ڪيو، ته نماز
کان پوءِ شو وري جاري رهندو.
ان کان پوءِ آءِ جي سميت سڀ
مهمان اٿيا. واپس ايندي
ايريگيشن جي انجنيئر مڱريو،
محمد عيسيٰ،
طارق لغاري ۽ ڪرنل چانڊيو سان
ملاقات ٿي. انهن سان ماڙيءَ
تائين ڪچهري ڪندا آيا سين،
جتان مون، فقير ڏاهري ۽
جتوئيءَ انهن کان موڪلايو، هو
ٻاهر ويا ۽ اسان پنهنجن وارڊن
ڏانهن آيا سين.
اٺين وڳي آئون ۽ ذڪريا غني
اسپتال ۾
C.M.O
وٽ وايا سين. ان کان بخار جون
ڪجهه گوريون ورتيون سين ۽
ڪچهري ڪيئسين، اتي اسپتال جي
وارڊ ۾ داخل سپاهه صحابه جي
حافظ محمد بخش جي طبيعت
پڇيسين. بعد ۾ پنهنجي وارڊ
ڏانهن نڪتا سين، ته سڄو رستو
ماڻهن سان ڀريل هو، جو شو ان
وقت ختم ٿيو هو. ان رات اسان
وارا وارڊ تقريباً
ڏهين وڳي بند ٿيا.
اڄ شام جو جنهن وقت مهمانن
سان گڏ ويٺو هئس ته شهيد ڀٽو
جو نياز حسين ميربحر به آيو
هو. مون کيس شڪل مان سڃاتو
ٿي، جو سندس وارڊ ۾ ملاقات ٿي
هئي پر اڄ پنهنجو تعارف
ڪرايائين. ٻڌايائين ته ” آئون
لاڙڪاڻي جو آهيان ۽ مير
مرتضـﻰ
ڀٽي جو ڊرائيور رهيو آهيان.
جڏهن مير صاحب بدين جي دوري ۾
توهان جي ڳوٺ آيو هو، تڏهن به
سندس گاڏي مون هلائي هئي.“
مون پڇيومانس ته هتي ڪهڙي ڪيس
۾ آهين؟ ٻڌايائين ته احمد علي
سومري جي قتل جي ڪيس ۾ آهيان.
نڪو ڪيس هلي ٿو ۽ نه ئي ضمانت
ٿي ٿئي. نياز حسين سان ڪافي
دير حال احوال ٿيندا رهيا.
جنهن کان پوءِ هن اجازت ورتي.
احمد علي سومري جو قتل 1995ع
۾ ڪراچي ۾ سندس ڊفينس واري
گهر جي اڳيان ٿيو. منهنجون
ساڻس ڪجهه ملاقاتون ته
پهريائين هيون، پر گهرائپ
1990ع کان پوءِ ٿي، جڏهن هو
ڄام صادق علي (مرحوم) صاحب جو
اسپيشل اسسٽنٽ ٿيو هو. تمام
پيارو ماڻهو هو ۽ دوستن جو
دوست هو. بنيادي طرح تعلق
ورڪر ڪيڊر سان هو، پر پاڻ
سيلف ميڊ
(Self made)
ماڻهو هو، پنهنجو پاڻ محنت
ڪري ڪافي اڳتي نڪري آيو هو.
جڏهن اسان ڪجهه دوست پاڻ ۾
ميان نواز شريف جي مسلم ليگ ۾
وڃڻ جو سوچي رهيا هئا سين ۽
ان معاملي تي مشورو ڪرڻ لاءِ
اسان دوستن جون جيڪي ٻه
شروعاتي گڏجاڻيون ٿيون هيون،
اهي ٻئي مرحوم احمد علي جي ئي
گهر تي ٿيون هيون. هو انهن
دوستن مان هڪ هو، جن هن سلسلي
جي شروعات ڪئي هئي.
آخر جڏهن اسان هوٽل تاج محل ۾
ميان نواز شريف جي موجودگيءَ
۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جو
اعلان ڪري رهيا هئا سين، ته
بدقسمتيءَ سان هو اسان ۾
موجود نه هو ۽ موت هن کي اسان
کان جدا ڪري چڪو هو. مرحوم
احمد علي جا دوست ان جي کوٽ
هميشه لاءِ محسوس ڪندا رهندا.
15/8/2001
اڄ صبح جو 30-9 وڳي گهر وارا
۽ ڀٽي آيا. ماڙيءَ تي مٿي
ويڍا ئي هئا سين، ته 00-12
وڳي ڌاري سپرنٽينڊنٽ جي گارڊ
اچي ٻڌايو، ته هيٺ غوث بخش
مهر آيو آهي. آئون هيٺ آيس ته
سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ غوث بخش
مهر ۽ اسلم ويٺ هئا. مهر صاحب
پهريائين فاتحه پڙهي، ان کان
پوءِ ساڻس حال حوال ٿيا.
ايتري ۾ خان محمد مهر به آيو.
ان کان پوءِ غوث بخش مهر ۽
اسلم موڪلائي، ڇو ته اسلم کي
وري هوم سيڪريٽري ڏانهن وڃڻو
هو. اسلم چيو ته آئون وري
موٽي ٿو اچان.
00-6 وڳي ملاقات جي پرچي آئي.
ويس ته سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾
اسلم مليو. اتي خان محمد ۽
حاجي ايوب ويٺل هئا. اسين اتي
ويٺا ئي هئا سين، ته ملاقات
هال مان مقدم اچي چيو ته
اوهان جي مٿي ملاقات آيل آهي.
اسلم کان پڇيم ته مٿي ڪير
ملاقات لاءِ آيل آهي؟
ٻڌايائين، ته ڪاڪو ڀيرومل ۽
سيٺ دريانو مل آيل آهن، اهي
ئي هوندا. ٿوريءَ دير ۾ اهي
به هيٺ آيا. انهن سان ڊاڪٽر
شام به روانا ٿيا. لڇمڻ
پنهنجي وارڊ ڏانهن ويو ۽ آئون
ڊپٽي نيازي وٽ ويٺس. ٿوريءَ
دير ۾ ئي آءِ جي آيو، جنهن کي
اندر ڪمپيوٽر سينتر جي وزٽ تي
وڃڻو هو. هو مون کي ڊپٽي
سپرنٽينڊنٽ جي آفيس جي اڳيان
مليو. پڇيائين ته ”غوث بخش
مهر آيو هو، توهان سان مليو؟
ٻڌايومانس ته ”ها ساڻس ملاقات
ٿي وئي.“ ان کان پوءِ آئون
پنهنجي وارڊ ۾ آيس. صديقي
امداد سان ڪچهري ٿي.
اسان جي، 14 ۽ 15 وارڊ جو
وارڊر سپاهي شبير سومرو آهي.
سندس تعلق خيرپور سان آهي.
گهڻو ڪري سڄو ڏينهن ٻاهر جي
ڪم جي حوالي هوندو آهي. اڄ
شبير ٻن ڏينهن جي موڪل تي ويل
هو. جڏهن جيل بند ٿيندو آهي،
ته وارڊر پنهنجو وارڊ بند ڪري
چاٻيون ماڙيءَ تي جمع
ڪرائيندا آهن ۽ وري صبح جو
سوير اتان کڻي پنهنجو وارڊ
وڃي کوليندا آهن. شبير جي
موڪل ڪري اڄ اسان کي نئون
سپاهي بند ڪرڻ آيو، جنهن
ٻڌايو ته هو ذات جو لوهراڻي
آهي ۽ خير پور جو آهي.
16/8/2001
30-12 وڳي ماڙيءَ تي ويس، ته
داخل ٿيندي ئي حوالدار ٻڌايو
ته توهان جا همراهه هيٺ آهن.
اڳي پراڻي
B
ڪلاس ملاقات جي جڳهه هئي،
جيڪا هيٺ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جي
آفيس جي سامهون آهي. نيب جي
ڪيسن سبب جيل ۾ وڌيڪ رش هجڻ
ڪري سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر سرور
جمالي جي وقت ۾ ماڙيءَ تي مٿي
ملاقات جو هال الڳ ٺاهيو ويو
آهي، جنهن جو خرچ ڪجهه قيدين
ئي ڀريو. هينئر جيل ڊپارٽمينٽ
جي پوري ڊيٽا
Data
ڪمپيوٽر تي آڻڻ ۽ سي ڊي تي
منتقل ڪرڻ جي سلسلي ۾ تياري
ٿي رهي آهي. اهو پروگرام ڊي
ٽي منتقل ڪرڻ جي سلسلي ۾
تياري ٿي رهي هئي. اهو
پروگرام مٿي ملاقات جي ڪمري ۾
هلي رهيو هو، ان ڪري ملاقات
هيٺ ئي ڪرائي پئي وئي.
آئون ماڙيءَ ۾ اندر آيس ته
سامهون رزاق عباسي جيلر جي
آفيس ۾ مرچومل ويٺو هو. ساڻس
گڏ ڊي ايس پي احمد خان جمالي
به آيل هو. ٻاهر ڀٽي آيو هو،
ان کي به مون گهرائي ورتو.
شام جو
C.M.O
سان ڪم هو ته اسپتال ويس.
اتان 21 وارڊ ۾ وزير عباس وٽ
ويس، جتي جميل ڪياني به ويٺل
هو. اتان نڪتس ته ٻاهر
سپرنٽينڊنٽ بيٺو هو. ان سان
گڏجي اسان واري پاسي آيا سين،
جتان سپرنٽينڊنٽ 14 وارڊ ۾
ويو ۽ آئو پنهنجي وارڊ ۾ آيس.
صوفي کي گهرائي ٽاور ڏانهن
ويس، جتي استاد گلوءَ کي، مون
کي فون تي نياپو ڪرڻ لاءِ
ڏيڻو هو. استاد گلو وارا ٻاهر
بيٺل هئا. ان ساڻس گڏ بيٺل
همراهه کي چيو ته اسماعيل
صاحب کي اندر پنو ۽ پين ڏيو.
آئون اندر آفيس ۾ وڃي نياپو
لکي رهيو هئس، ته هڪ همراهه،
جيڪو جسم ۾ گهڻو ڀريل ۽ ڏاڙهي
سان هو، ٻئي همراهه کي ڪجهه
چئي رهيو هو، شايد هو پشتو
زبان ۾ ڳالهائي رهيا آهن. مون
ايتروسمجهيو، ته ان همراه
بابا جو نالو ۽ منهنجو نالو
ورتو آهي. مون اردوءَ ۾
پڇيومانس ته توهان هن کي ڇا
چئي رهيا هئا؟ چيائين ته مون
هن کي ٻڌايو پئي، ته آئون
توهان جي والد صاحب سان گڏ
سکر جيل ۾ رهيو آهيان. مون
پڇيومانس ته سکر جيل ۾ ڪڏهن
رهيو آهين ۽ ڪهڙي ڪيس ۾ هئين؟
ٻڌايائين ته ايم آر ڊي تحريڪ
کان پوءِ جڏهن فاضل راهو صاحب
سکر جي جيل ۾ هو، ته آئون به
اتي هئس ۽ خون جي ڪس ۾ جهليل
هئس. همراهه ٻڌايو ته هن جو
نالو عباس شاه آهي ۽ اوڪاڙا
جو آهي.
آئون استاد گلوءَ کي ڪاغذ
ڏيئي پنهنجي وارڊ ۾ موٽي آيس.
استاد گلو تمام جلڻو ماڻهو
آهي، سندس نالو گل محمد آهي،
پر گهڻا کيس استاد گلو ڪري
سڏيندا آهن. هتي جيل ۾
صوبيدار آهي پاڻ حيدر آباد ۾
دو آبي جو آهي. مون کي ٻڌايو
هئائين ته سندس فاضل صاحب سان
به گهڻو تعلق رهيو آهي.
رات جو ورانڊي ۾ ويٺا هئاسين،
ته مون وريام فقير کي چيو ته
ٻاهرئين اڱڻ جو ڪجهه حصو پڪو
ڪريون. ان تي ذڪريا غني فقير
وريام کي وڊا سائين ڪري
سڏيندو آهي ۽ مون کي وري ڪڏهن
ڪڏهن چيف منسٽر ٺاهي ڇڏيندو
آهي ۽ خان محمد مهر کي چيف
سيڪريٽري. آئون چوندو آهيانس
ته ”يار آئون خالي منسٽر ٿيو
آهينا، ته جيل جي هن وارڊ
تائين پهتو آهيان. تون وري
مون کي چيف منسٽر ڪري ڦاسي
گهاٽ تائين پهچائڻ ٿو چاهين
ڇا؟“
هينئر آئون جڏهن هيءَ ڪاپي
کڻي لکڻ لاءِ اچي ويٺس، ته
فقير وريام چيو ته ”سائين!
ڀلا توهان جو رسالو اڃا ختم
نه ٿيو آهي، هلي پيو؟“
چيومانس،”جيترا هتي جا ڏينهن
آهن ته رسالو هلندو پيو.
توهين اسان جا هتي جا ڏينهن
ختم ڪرائيندا، ته رسال بند
ڪري ڇڏيندا سين.“
17/8/2001
صبح جو اخبارون پڙهي رهيو
هئس، ته 30-9 ڌاري ماڙيءَ تان
ملاقات جي پرچي آئي. آئون اڃا
وهنجي تيار به ڪو نه ٿيو هئس.
جلدي تيار ٿي ماڙيءَ تي پهتس،
ته مٿي عطا محمد راهو وارا
آيل هئا. ساڻن سٺي ڪچهري ٿي.
وري کين ڪٿي وڃڻو هو، سو
موڪلايائون. آئون وارڊ تي
موٽي آيس ته 30-12 ڌاري وري
پرچي آئي. ماڙيءَ تي ويس،
اسلم وارا هيٺ ئي ويٺل هئا.
هن سان گڏ علي نوحاڻي، ابوبڪر
۽ ڀٽي به هئا. اڃا اتي ويٺا
ئي هئاسين ته رامومل پهتو،
اُهو لڇمڻ سان ملڻ لاءِ آيو
هو. اسلم وارن اجازت ورتي، ته
اقبال عنايت ملڻ آيو. ان سان
ڊپٽي جي آفيس ۾ اچي ويٺس.
اقبال عنايت ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ
امان الله نيازي جو دوست آهي،
انهيءَ ڪري گهڻو ڪري اتي ئي
ويهي ڪچهري ڪبي آهي. رامو به
وري اتي اسان سان اچي ويٺو ۽
گپ شپ ٿيندي رهي. واسپ وارڊ
تي آيس. آغا وزير عباس ۽
ڊاڪٽر خالد اڳي ئي ويٺل هئا.
اسان گڏجي ماني کاڌي.
30-3 وڳي جو نياپو مليو. آئون
صديقي کي وٺي اسپتال پهتس،
جتي غلام حسين ميمڻ آيل هو.
ڪجهه دير کان پوءِ لڇمڻ کي
اسان کي گهرايوسين. تقريبا
ڇهين وڳي تائين ڪچهري ٿيندي
رهي. تنهن کان پوءِ آئون،
غلام حسين ۽ فضل الاهي ميمڻ
ماڙيءَ تي آيا سين، جتي اسان
کي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ نيازي سان
ڪجهه ڳالهائڻو هو، پر هو نڪري
ويو هو. اتان اسان هڪٻئي کان
موڪلايو، آئون واپس وارڊ تي
آيس ۽ سي ايم او ڊاڪٽر فضل
الاهي ٻاهر غلام حسين کي ڇڏڻ
ويو.
رات جو آئون، فقير ۽ ذڪريا
ورانڊي ۾ ويٺا هئا سين ۽ لالو
دائود اندر
BBC
ٻڌي رهيو هو. ٻاهر اچي
چيائين، ”لاهور، ڪراچي،
گجرانوالا ۾ ڪل سٺ (60) کن
ماڻهو مردار ٿيا آهن، چڱو بار
هلڪو ٿيو آهي.“ لالو دائود
BBC
ٻڌي ۽ ماڻهن جي مرڻ جي خبر نه
ملي، ته کيس مزو نه ايندي
آهي، لڳندو آهي ڄڻ خبرون
ٻڌنيون ئي نه اٿس.
اسان کي ٻاهر اچي ٻڌائيندو
آهي، ته اڄ هتي هيترا مردار
ٿيا. سندس چوڻ آهي ته آبادي
وڌي وئي آهي، ماڻهو هلڪا ٿيڻ
کپن. ان مان هن جي جيل جي
ڪيفيت جو اندازو ٿئي ٿو، هو
ٻاهر ڪڏهن به ائين نه چوندو
هو.
18/8/2001
صبح جو 00-9 وڳي گهر وارا ملڻ
لاءِ آيا. ملاقات کان پوءِ
30-11 وڳي سپرنٽينڊنٽ جي آفيس
ويس. هن ٻڌايو، ته توهان جا
مهمان ملڻ لاءِ اچڻ وارا آهن.
مون توهان کي ان ڪري ٻڌايو،
ته توهان وارڊ تي ويندؤ ته
وري واپس اچڻو پوندو. آئون هن
جي آفيس ۾ ئي ويهي رهيس. ڪجهه
وقت کان پوءِ مون سپرنٽينڊنٽ
کي چيو ته ” آئون ڊپٽي جي
آفيس مان ٿي وارڊ تي وڃان ٿو،
ملاقات اچي ته توهان مون کي
گهرائي وٺجو.“
30-3 وڳي وري ماري تي ويس ته
اديءِ ۽ ڊاڪٽر خليل ملاقات جي
لاءِ آيل هئا. ڊاڪٽر کي ڪجهه
ڪتاب، رسالا ۽ ٻيو ٽوپيءَ جو
سامان مون لکايو هو، اهو وٺي
آيو هو. ايتري ۾ ڊاڪٽر شامون
۽ ڀوڄراج به آيا آئون اديءِ
وارن سان ملي وري ڊاڪٽر شامون
۽ لڇمڻ وارن سان ويٺس. انهن
کان واندو ٿيس ته اقبال عنايت
آيو، ان سان حال احوال ٿيا.
شام جو سڌو وارڊ تي آيس ۽
امداد، صديقي ۽ لالو ويٺا
هئا، مٿان وريام فقير به آيو.
ڳچ دير تائين ڪچهري ڪندارهيا
سين. جنهن کان پوءِ ساڍي ستين
ڌاري آئون ۽ خان محمد مهر 17
وارڊ ڏانهن ويا سين. اتي پهتا
سين ته وارڊ بند ٿي چڪو هو.
خان محمد مهر کي ڪجهه ڪاغذ
فاروقي ۽ ڏيري کي ڏيڻا هئا.
گِرلن مان انهن کي سڏ ڪيو
سين. خان محمد انهن کي ڪاغذ
ڏنا ۽ ڪجهه حال احوال ڪيا.
اتي بچائي،ميان وقار پڳانوالا
۽ چوڌري شريف سان به ملاقات
ٿي. اسان ٻئي وري واپس پنهنجن
وارڊن ڏانهن آيا سين. ان
ڏينهن حاجي ايوب ٻاهر نڪتو
هو. خان محمد ٻڌايو ته اڄ
حاجي صاحب ڪورٽ تي ويو هو، ان
ڪري ٿڪل آهي ۽ سندس طبيعت به
ٺيڪ نه آهي. اسان آِا سين
پئي، ته سامهون وارڊ جي
ٻاهران وريام فقير بيٺل هو.
خان محمد مهر کي مون چيو ته
توهان ڀلي فقير صاحب وٽ هلو،
آئون حاجي کان پڇي اچان ٿو.
14 وارڊ ۾ ويس، ته حاجي ايوب
سان گڏ اسلام الدين شيخ به
ويٺل هو. اتي ٿوري دير حال
احوال ڪري وري ٻاهر آيس، ته
فقير ۽ خان محمد بيٺا هئا.
اسلام الدين صبح جو تيار ٿي
سڌو پهرئين وارڊ ۾ چوڌري احمد
مختيار ۽ برگيڊيئر حيات قريشي
وارن ڏانهن ويندو آهي، جتان
رات جو اٺين وڳي يعني بند ٿيڻ
جي وقت ايندو آهي. ڏينهن جو
هو ڪڏهن به سندس وارڊ ۾ نظر
نه ايندو. هينئر وهيل چيئر تي
هلي ٿو، ته به سندس ان شيڊول
۾ ڪا به تبديلي ڪو نه آئي
آهي.
19/8/2001
00-12 وڳي ڊاڪٽر خالد ۽ وزير
عباس آيا. ڊاڪٽر خالد، عباسي
شهيد اسپتال ۾ ڊاڪٽر هو. هتي
اغوا ۽ ڀنگ جي ڪيس ۾ گرفتار
آهي. ڊاڪٽر خالد جيل ۾
ڊاڪٽريءَ جي ڊيوٽي ڏيندو آهي،
ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪڏهن
سرڪاري ڊاڪٽر جي غير
موجودگيءَ ۾ جيل انتظاميا
ڪنهن قيدي مريض جي علاج لاءِ
کيس گهرائي وٺندي آهي.
وزير عباس جو هنڊيوال سليم به
ڊاڪٽر خالد جي چين
(Chain)
۾ آهي. لفظ چين به انهن
محاورن مان هڪ آهي، جن جو
استعمال جيل ۾ عام جام آهي.
شروع ۾ آئون جڏهن قيدين کان
اهو ٻڌندو هئس ته ”فلاڻو قيدي
فلاڻي جي چين ۾ آهي.“ ته مون
کي به سمجهه ۾ نه ايندو هو ته
ان جو |