|
ڊسمبر 1-* 15، 2001ع
1/12/2001
صبح 30-9 بجي منهنجي ۽ ذڪريا
غني جي اسپتال لاءِ پرچي آئي.
ساڍي ڏهين بجي آئون، ذڪريا ۽
فاروقي جيل تان اسپتال لاءِ
نڪتا سين. نڪرڻ وقت جيل
انتظاميا اسان کي چيو ته اڄ
گورنر صاحب جو پروگرام آهي،
بالا آفيسرن ۽ انٽيليجنس جي
سڄو ڏينهن گهڻي اچ وڃ هوندي،
انهيءَ ڪري اڄ توهان جلد واپس
اچي وڃجو. ڪنهن به صورت ۾ ٻي
بجي تائين آمد ٿي وڃي. اسان
چيو ٺيڪ آهي. مون سوچيو، هتان
ته نڪرون پوءِ واپس ورڻ اسان
جي هٿ ۾ آهي.
جيل جي ٻاهران رنگ روغن ۽ فرض
جو ڪم تيزيءَ سان سخت ڪري
رهيا هئا. ماڙيءَ جي ٻاهرئين
ڏيک جو اصلي پٿر صاف ڪري پڌرو
ڪيو ويو هو. اڄ شام جو گورنر
جو پروگرام هو، جنهن سبب جيل
انتظاميا پنهنجي هڻ وٺ ۾ لڳي
پئي هئي. اسان يارهين بجي
اسپتال پهتا سين. آئون،
شاهنواز، سپاهي جاويد ۽ سپاهي
ڪامل ٻانڀڻ فزيو ٿراپي وارڊ
مان ٿي حافظ جي آفيس تي اچي
ويٺا سين. اتي اقبال عنايت ۽
رڪن ميراڻي به ملڻ لاءِ آيا.
اڄ جيل تي جلد واپس وڃڻو هو،
جو جيل وارن چيو هو ته گورنر
جي پروگرام سبب 00-2 بجي جيل
بند ڪندا ۽ هن جي وڃڻ بعد
کوليندا. اسان ساڍي ٽين بجي
واپس جيل تي پهتا سين.
وارڊ تي دائود خان، الهڏنو
ڏاهري، وريام فقير ۽ امداد
ڪارڊ کيڏي رهيا هئا. ٿوري دير
کان پوءِ آئون به انهن سان گڏ
اچي ويٺس، ايتري ۾ ڪنهن مقدم
گورنر جي پروگرام جي دعوت جا
ليٽر اچي ڏنا، جنهن ۾ 30-4
بجي پروگرام ۾ پهچڻو هو. اسان
جو اندازو هو ته گورنر سوا
پنجين بجي ڌاري پهچندو. اسان
پنجين وڳي پروگرام ۾ پهتا سين
ته ڪجهه مهمان اچي ويا هئا،
ٿوري دير ۾ گورنر به پهچي
ويو.
نيوز بريڪس جو افتتاح ڪرڻ کان
پوءِ گورنر، آءِ جي پرزن، هوم
سيڪريٽري، سپرينٽنڊنٽ ۽
برڪاتي فائونڊيشن جو نمائندو
(جن هي بيرڪون ٺهرايون هيون)
اسٽيج تي ويٺا. سپاسنامو قيدي
شفيع ميمڻ پيش ڪيو، جيڪو ماري
تي پڪن قيدين جي سيڪشن ۾ به
ڪم ڪندو آهي. پاڻ هتي منشيات
جي ڪيس ۾ آهي. مهينو کن اڳ
سندس پنجويهه لک ڪيش جي ضمانت
به منظور ٿيوئي آهي، پر اڃا
بندوبست نه ڪري سگهيو آهي.
ڪجهه منٽن لاءِ آءِ جي نثار
مهر ڳالهايو، گورنر پنهنجي
تقرير ۾ سنڌ جي قيدين جي سزا
۾ هڪ سال جي معافي، جيل جي
ترقياتي ڪمن لاءِ 25 لک
گرانٽ، ڏنڊ جي سزا ۾ به معافي
لڳڻ، ڪراچي جيل جي انتظاميا
جو هڪ مهيني جو اضافي پگهار،
جيل جي اسپتال جو درجو وڌائڻ
۽ ڪچن قيدين جي چڱي چال چلت
تي مهيني ۾ ٻه ڏينهن معافيءَ
کي وڌائي 5 ڏينهن ڪرڻ جو
اعلان ڪيو. ان کان سواءِ
پيرول
(Parole)
۽ ڪجهه گهرجن تي غور ڪرڻ جو
اعلان ڪيو.
پروگرام ۾ ڪجهه ٻاهر جي
مهمانن سان به ملاقات ٿي، جن
۾ صحافين کان سواءِ عليم عادل
شيخ، ميجر مستجاب، مجيد
عباسي، شڪل نائچ، گل محمد
ڏاهري، قمر شاه، شاهد جتوئي،
محمود اختر ۽ ٻين سان حال
احوال ٿيا. گورنر سوا ڇهين
بجي روانو ٿيو. اسان پنهنجي
وارڊ تي موٽي آيا سين. 30-7
بجي آئون ٻاهر نڪتس ته نيو
جيل جي اڳيان چيف وارڊر حڪم
داد مليو، ساڻس دعا سلام ٿي
رهي هئي، ته هڪ سپاهي اچي
مليو، ٻڌايائين ته” غلام رسول
احمداڻي توهان سان ملڻ لاءِ
آيو هو، پر توهان ڪو نه هُئا.
توهان کي سلام ڏئي هليو
ويو.“منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين
ته ”نالو شريف اٿم احمداڻي
آهيان. جهڏي طرف ويٺل آهيان.
حاجي غلام رسول ۽ حاجي خدا
بخش وارا اسان جا مائٽ آهن.“
2/12/2001
آڄ آئون، وريام فقير، امداد ۽
لالو دائود ڪارڊ راند ڪري
رهياهئا سين ته مرتضـﻰ ميمڻ
آيو. کانئس حال احوال ورتم.
ٻڌايائين ته گورنر جي ڏنل
معافيءَ جي نتيجي ۾ آئون
سڀاڻي آزاد ٿي ويندس. مرتضـﻰ
هونئن به عيد تي ڪنهن نه ڪنهن
معافيءَ جي نتيجي ۾ آزاد ٿي
ويندو آهي. ان کان اڳ سندس
نڪرڻ جو دارومدار گورنر جي
ڏنل معافي لاءِ سرڪاري
نوٽيفڪيشن تي آهي ته اهو ڪڏهن
ٿو نڪري.
اڄ سڄو ڏينهن وارڊ تي رهيس.
شام جو مولانا عبدالغفور نديم
جي افطار دعوت تي دارالقرآن
ويس. ذڪريا غني به گڏ هو.
ساڍي ستين بجي راجو وٽ 16
وارڊ تي ويس. شام جو 00-6 بجي
فقير غلام رسول آيو. انهيءَ
کان پوءِ علي حسن ٿيٻو ۽ سليم
شيخ آيا.
3/12/2001
ساڍي ٻارهين بجي پرچي آئي،
ماڙيءَ تي ويس ته گهر وارا
آيل هئا. اتي ويٺو ئي هئس ته
00-2 بجي شاهنواز ۽ رڪن
ميراڻي آيا. انهن کي روانو
ڪري ورتي مٿي آيس ته حاجي فضل
ڪريم مليو، ساڻس ڪافي ڏينهن
کان پوءِ ملاقات ٿي هئي. فضل
ڪريم عوامي نيشنل پارٽي ۾
اسان سان گڏ رهيو آهي. ساڻس
ٿوري ڪچهري ٿي، وري چيائين ته
آئون ڊپٽي جي آفيس ۾ ويهان
ٿو، توهان فارغ ٿي پوءِ واري
چيائين ته آئون ڊپٽي جي آفيس
۾ ويهان ٿو، توهان فارغ ٿي
پوءِ مون سان اتي ملو. فضل
ڪريم جيل تي صوفي ساڻ ملڻ
لاءِ آيو هو، جنهن جو اصلي
نالو گل دراز خان آهي.
آئونمٿي ويٺو هوس. اتي پرچي
آئي ته توهان جا ملاقاتي ڊپٽي
جي آفيس ۾ويٺا آهن. هيٺ ته
سائين رکيو ميراڻي ۽ عبدالله
ملاح آيل هئا. سائين رکيو اڄ
ڪلهه
SSP
ريلوي
مقرر ٿيل آهي. ڪجهه دير کان
پوءِ ممتاز منگي به آيو. جنهن
کي سائين رکئي ملاقات لاءِ
گهرايو هو. آئون سائين رکيو ۽
عبدالله ملاح کان موڪلائي مٿي
آيس ته حاجي سڪندر خان مليو،
هو صوفي سان ملڻ آيو هو.
سڪندر خان عوامي نيشنل
پارٽيءَ ۾ آهي، پر هينئر
ڪراچي کان مردارن شفٽ ٿي ويو
آهي.
30-4 بجي ڊاڪٽر شام سندر آيو.
پنجين بجي ماڙيءَ کان ٻاهر
آيس ته دائود خان پٺاڻ بيٺو
هو. جنهن ٻڌايو ته پرچي آئي
آهي ته کيس 16 وارڊ ۾ شفٽ ڪيو
ويو آهي ۽ 15 وارڊ ۾ سندس
جڳهه تي ستار ڏيرو ٿو اچي.
منهنجي وارڊ ۾ اچڻ کان ٿوري
دير پوءِ راجو اچي ٻڌايو ته
اسان واري ڪمري ۾ دائود خان
کي سيٺ واري جڳهه ٿا ڏين.
بهرحال ان ڏينهن روزي کولڻ
کان پوءِ دائود خان پنهنجو
سامان 16 وارڊ ۾ شفٽ ڪيو ۽
ستار ڏيري جو سامان 17 وارڊ
کان اسان جي وارڊ ۾ کڄي آيو.
دائود خان اسان واري وارڊ مان
شفٽ ٿيڻ تي راضي ڪو نه هو.
اسان جو پاڻ ۾سٺو وقت گذري
رهيو هو. دائود خان سندس
شفٽنگ جو ذميوار ذڪريا غني کي
سمجهيو ٿي رات جو سوا ستين
بجي عبدالستار ڏيرو به آيو،
ساڻس ڪي ايس مجاهد گڏ هو. ان
رات اسان 11 بجي ماني کاڌي ۽
رات جو 12 بجي تائين آئون،
ستار ڏيرو، وريام فقير ۽
ذڪريا غني ڪچهري ڪندا رهيا
سين.
4/12/2001
30-2 بجي ماڙيءَ تان پرچي
آئي، اتي جبار ٻڌايو ته توهان
جو وڪيل آيل آهي. اندر هال ۾
سليمان ڏاهري، صالح بلوچ ۽
سيٺ ڌرم ويٺل هئا. سڀ سيٺ ڌرم
جو مون کي ذڪريا غني پهرين ئي
ٻڌايو هو، ته ماڙيءَ تي طاهر
صديقي سان گڏ ويٺل آهي. صالح
بلوچ جو ڀيڻويو ڊاڪٽر غلام
علي شيخ جيڪو حيدر آباد جيل
جي سي ايم او
CMO
به هو، اهو تازو هڪ حميل ۾
سخت زخمي ٿيڻ کان پوءِ گذاري
ويو هو. ڊاڪٽر سان گهڻو پراڻو
واسطو هو. ڊاڪٽر غلام علي
سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ رهيو هو.
هو هڪ سلجهيل باهمت ۽ هڏو
ڏوکي طبيعت وارو هو. سندس
وفات تي ڏک به ٿيو، پر جنهن
وحشي طريقي سان مٿس حملو ۽
تشدد ڪيو ويو، اهو وڌيڪ
ڏکوئيندڙ هو.
صالح ٻڌايو ته سندس زخمي ٿيڻ
کان پوءِ ڊاڪٽر ڪراچيءَ ۾ هو.
اسان کي توهان جي تاريخ جي
خبر پئي، ته گڏجي ڪورٽ تي به
آيا سين، پر اها خبر غلط هئي،
توهان ڪورٽ تي آيا ئي ڪو نه
هئا. سليمان ڏاهري ۽ صالح
بلوچ سان ڪافي دير ڪچهري ٿي.
جنهن کان پوءِ انهن موڪلايو ۽
مون ڌرم سان حال احوال ڪيا.
آئون ماڙيءَ تي ئي ويٺو هوس،
ته 00-4 بجي اسلم آيو. اسلم
سان حال احوال ڪري آئون پنجين
بجي وارڊ تي موٽي آيس. اڄ
ستار ڏيرو اسپتال ويل هو،
جيڪو ستين بجي واپس پهتو.
5/12/2001
صبح جو ڏهين بجي اسپتال لاءِ
پرچي آئي. يارهين بجي سول
اسپتال پهتا سين. هيٺ شاهنواز
مليو. مٿي آفيس ۾ ليٽر جمع
ڪرائي شاهد جي آفيس ۾ آيا
سين. فزيو ٿراپي ڪرائڻ کان
پوءِ حافظ جي آفيس ۾ اچي ويٺا
سين. جتي هو ۽ مظفر قاضي
مليا، ڪجهه دير کان پوءِ
اقبال عنايت آيو. ان کان پوءِ
امتياز شيخ ملڻ آيو، جنهن سان
غلام مصطفـﻰ ڀٽو به گڏ هو. اڌ
ڪلاڪ تائين امتياز سان ڪچهري
ٿي. 00-5 بجي اسپتال مان جيل
لاءِ نڪتا سين.
سپاهي ڪامل ٻانڀڻ ۽ جاويد
روزو جيل جي ماڙيءَ تي اچي
کوليو. شاهنواز به اسان سان
گڏ پوليس جي گاڏيءَ ۾ ويٺو ۽
ماريءَ جي دروازي تان
موڪلايائين. اندر وارڊ ۾
پهتس، ته ڏيرو صفائي جي مهم
تي لڳل هو. ڪمرو، باٿ روم ۽
ورانڊي جي صفائي ڪرائي سامان
به سيٽ ڪرائي چڪو هو. اسان جي
وارڊ جي صفائي ڪافي ڏينهن کان
رهيل هئي، جيڪا ستار ڏيري اچي
ڪرائي. ستار ڏيري ٻڌايو ته اڄ
سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي،
ته سنڌ جي قيدين کي به ٻين
صوبن واريون ساڳيون سهولتون
مهيا ڪيون وڃن، جنهن ۾ سڀني
ڪيسن ۾ 382 بي جو فائدو ڏيڻ،
ڏنڊ جي سزا ۽ معافي جو لڳڻ،
پي پي آر 216 تحت معافي ۽ ٻيا
مسئلا اچي وڃن ٿا. اسان هاءِ
ڪورٽ جي ورلنگ تي ڪچهري ڪري
رهيا هئا سين ته ڪنهن برداشتي
اچي ٻڌايو، ته فياض جي رليز
اچي وئي آهي.
ٿوريءَ دير ۾ فياض ماڙيءَ تان
خبر وٺي آيو ته سڀني کان اچي
موڪلايائين. اسان وري ٻي
برداشتي جي لاءِ پرچي موڪلي
ته جيئن ان جو ٽوٽل اسان جي
وارڊ ۾ ڪرايون ۽ هو رات جو ڪم
ڪار ڪري سگهي. اڌ مني ڪلاڪ
کان پوءِ فياض واپس موٽي آيو.
ٻڌايائين ته سندس هڪ ڪيس ۾
رليز اچي وئي آهي، پر اڃا هڪ
ڪيس ۾ نه پهتي آهي، جيڪا هڪ
ٻن ڏينهن ۾ اچي ويندي. شفيع
ميمڻ جي به رليز اچي وئي هئي،
اهو به موڪلائڻ آيو. رات جو
ڏهين بجي خان محمد مهر آيو،
اڌ ڪلاڪ اسان جي ماني کائڻ جو
ٽائيم رات جا ڏهه آهي، پر
وريام فقير قرآن پاڪ جي تلاوت
ڪندو آهي، جنهن سبب ماني ۾
ڪڏهن وڌيڪ دير به ٿي ويندي
آهي.
6/12/2001
اڄ صبح جو 00-10 بجي ماريءَ
تي ويس، ڪامران ۽ نوشاد
ملاقات لاءِ آيل هئا. ڪلاڪ
ڏيڍ تائين حال احوال ٿيا.
جنهن کان پوءِ وارڊ تي آيس ته
ڪجهه دير کان پوءِ امداد آيو،
جنهن کان پوءِ دائود خان آيو.
7/12/2001
00-3 بجي ملاقات جي پرچي آئي.
ويس، ته اسلم ۽ چاچا پوڙهو
آيل هئا. انهن سان حاول احوال
۽ ڪچهري ٿي. 30-4 بجي ٻنهي
موڪلايو. جنهن کان پوءِ گهر
وارا ملڻ لاءِ آيا. انهن کي
روانو ڪري وارڊ تي آيس. آئون
ستار ڏيرو ۽ ذڪريا غني گڏجي
18 وارڊ ۾ ويا سين، جتي ايم
ڪيو ايم پران شعيب بخاري جي
افطار پارٽي هئي. ساڍي ڇهين
بجي 17 وارڊ ۾ آيا سين، جتان
آئون راجو وٽ ويس. ڪلهه راجو
۽ سيٺ ڪشو جو ٽوٽل 16 وارڊ
کان 17 ۾ ڪيو ويو آهي. ڪمري ۾
ساڻن رميش اديسي گڏ آهي.
اڄ اها خبر پئي، ته پروڊنشنل
بئنڪ جي طاهر صديقي، جيڪو نيب
جي ڪيس ۾ هتي جيل ۾ هو، ان کي
نيب وارا ٻيهر هڪ ڏينهن جي
رمانڊ تي سندن ٿاڻي ايم پي اي
هاسٽل تي وٺي آيا آهن. طاهر
پهرين به 90 ڏينهن نيب وارن
جي ڪسٽڊي ۾ رهي آيو آهي. اهو
پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو هڪ
ماڻهو نيب جي جسماني رمانڊ جي
مدت پوري ڪري جيل پهتو هجي،
ته وري ان کي ٻيهر نيب جي
ڪسٽڊي ۾ ڏنو ويو هجي هونئن
عام طور تي اهو ٿيندو نه آهي.
پر ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا!“
احتساب عدالت جا جج نيب
اٿارٽي وٽ شطرنج جي مهرن کان
سواءِ ڪجهه به نه آهن.
8/12/2001
اڄ ڪورٽ جي تاريخ هئي، 30-10
بجي ڪورٽ تي پهتا سين. مون
سان گڏ منهنجي ڪيس جي ٻين
جوابدارن کان سواءِ رميش
اديسي، سميع مڱريو، ڊاڪٽر
تنوير، ذڪريا غني، يوسف دادا،
منصور ۽ چار نارڪوٽڪس وارا
قيدي گڏ هئا. ڪشو اسپتال داخل
هو، انهيءَ ڪري اهو اتان کان
ڪورٽ آيو هو. اڄ جج ڪيس هلائڻ
جي تياريءَ ۾ ويٺو هو.
سڀني وڪيلن ۽ جوابدارن کي
چيائين ته ڪورٽ ۾ ويهو، ڪيس
هلايان ٿو. آخر ۾ جج چيمبر ۾
سڏايو ۽ 2 جنوري جي تاريخ
ڏني. اڄ جيڪي همراه ڪورٽ تي
ملڻ آيا، انهن ۾ پرويز
رانجها، ڊاڪٽر ويرسي، جان
محمد انصاري، علي احمد جوکيو،
احمد علي، ڏيالداس، ڊاڪٽر
شام، تنوير، ماما جمعو راهو،
نور محمدراهو، هاشم ميمڻ،
مصري ميمڻ، بچل سمون، خدا بخش
ميمڻ، غلام محمد ڀٽي، عالم
ڀٽي، عبدالله راهو، نور محمد
ڏاهري، سليمان ڏاهري، عبدالله
سراز، اڪرم نوحاڻي، سرمائيدار
موهن، جيرام، ماما ڀيرو،
چانڊومل، شاهنواز، فدا، ڊاڪٽر
خليل، شيرزمان، مرتضيٰ
اياز لطيف جوکيو، حاجي قاسم
ملاح، خليفو نياز نظاماڻي،
چيتن، سيٺ ڌرم، ڊاڪٽر شامون ۽
ٻيا همراه شامل آهن.
حاجي قاسم ملاح جي پوزيشن هلڻ
۽ اچڻ جهڙي ڪو نه هئي، پر
پنهنجو پاڻ کي کڻائي اچي پهتو
هو. مون کيس چيو، توهان جي
صحت ٺيڪ ڪو نه آهي، پوءِ
هيتري تڪليف ڇو ڪيئي؟ پنهنجو
اهڙو تعلق آهي جو انهن رسمي
ڳالهين
(Formalities)
جي ته ڪا به ضرورت ڪونهي.
چيائين،” اها ڳالهه نه آهي،
پر مون کي تمام گهڻي سڪ لڳي
هئي ۽ پوءِ حياتي الله ڄاڻي
گهڻا ڏينهن آهي. خبر ناهي
اوهين ڪڏهن آزاد ٿيو، آئون
اوستائين انتظار ڪري نه ٿي
سگهيس.“
اڄ طاهر صديقي جي جج ٻيهر
پندرهن ڏينهن جي لاءِ جسماني
رمانڊ تي نيب وارن جي حوالي
ڪيو.
ڪسٽڊي واري گاڏي وٽ رياض سهتو
مليو، جيڪو سميع سان ملڻ لاءِ
آيل هو. ان ٻڌايو ته رسول بخش
راڄڙ جي طبيعت گهڻي خراب هئي،
پر هاڻي ڪجهه بهتر آهي. مون
کي سميع مڱريو به جيل ۾ ٻڌايو
تهو ته رسول راڄڙ سخت بيمار
آهي. مون اڄ صبح جو سندس گهر
تي فون به ڪيو هو، جتان خبر
پئي ته ضياءُ الدين اسپتال ۾
داخل آهي، هاڻي ڪجهه بهتري
اٿس، پر اڃان تائين انتهائي
نگهداشت جي وارڊ ۾ داخل آهي.
اسان 00-4 بجي واپس جيل تي
پهتا سين. شام جو افطاري تي
چوڌري منور ۽ عبدالمتين سان
ملاقات ٿي، جيڪي اسان جي وارڊ
تي ذڪريا غني سان ملڻ لاءِ
آيا هئا. چوڌري منور ۽ متين
ڪلهه ئي جيل تي آيا آهن، کين
احتساب عدالت جي پاران ٽي ٽي
سال سزا ۽ ڏنڊ، ڏنڊ نه ڏيڻ جي
صورت ۾ هڪ هڪ سال وڌيڪ سزا
ڏني وئي آهي. چوڌري منور
نيشنل ڊيولپمينٽ فنانس
ڪارپوريشن
(NDFC)
جو چيئر مين رهيو آهي.
هيستائين سنڌ جي اندر احتساب
عدالتن پاران ملندڙ سزائن ۾
چوڌري منور کي مليل سزا گهٽ ۾
گهٽ آهي. ڀڳل مفرور جوابدارن
کي جيڪا سزا ڏني ٿي وڃي اها
احتساب ائڪٽ موجب 3 سال مقرر
آهي، اها سزا ته سڀ ڪورٽون
ساڳي ڏين ٿيون. البت ڪنهن
حاضر جوابدار تي ڪيس ثابت ٿيڻ
(احتساب عدالت موجب) جي صورت
۾ سزائن جو ريشو
(Ratio)
ٻين صوبن جي نسبت سنڌ ۾ وڌيڪ
آهي. سنڌ ۾ هڪ اڌ ڪيس ڇڏي جن
۾ به پنج سال سزا ڏني وئي
آهي، باقي عام طور ستن کان
چوڏهن سالن تائين سزا ڏني وڃي
ٿي. جڏهن ته ڏنڊ جي عدم
ادائگي جي صورت ۾ به ٻن کان
پنجن سالن تائين قيد جي سزا
ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته پنجاب ۽
سرحد ۾ چند فيصلن کي ڇڏي باقي
ٻين ڪيسن ۾ ٽن ۽ پنجن سالن جي
وچ ۾ سزائون ڏنيون ويون آهن ۽
ڏنڊ نه جمع ڪرائڻ جي صورت ۾
هڪ کان ٻن سالن تائين سزائون
ڏنيون ويون آهن. سنڌ جي اندر
نيب جي سزا يافتين ۾ اهو
پهريون خوش نصيب چوڌري منور
آهي جنهن کي ايتري گهٽ سزا
آئي آهي.
اڄ اسان جي بلاڪ واري مسجد ۾
قرآن پاڪ جو ختم هو. هيءَ ڪا
پڪي مسجد ڪونهي پر بنا ڇت
واري مسجد آهي، جيڪا رمضان
شريف شروع ٿيڻ کان ڪجهه وقت
اڳ، اسان جي بلاڪ ۾ داخل ٿيڻ
واري دروازي وٽان ڪمپيوٽر روم
جي سامهون خالي پيل پلاٽ تي
ٺاهي وئي آهي. جتي پهرين
رمضان کان وٺي تراويحون
ٿينديون آهن. جيل ۾ ٻين جڳهين
تي به تراويحون ٿينديون آهن
جنهن ۾ مک دارالقرآن آهي، ان
کان علاوه فيڪٽري ۽ چڪر ۾ به
تراويحون پڙهبيون آهن.
مسلمانن ۾ جيئن ته جيل کان
ٻاهر انهن جي فرقي ۾ مسلڪ
مطابق مسجدون ۽ عبادت گاهون
ورهايون پيون آهن، تيئن جيل ۾
به اها تقسيم ساڳئي طرح رائج
آهي. هتي جون عبادت گاهون به
سني ۽ اهل تشيع ۾ ورهايل آهن.
جيتوڻيڪ جيل ۾ شيعن جو تعداد
ڪو گهڻو ڪونهي. تڏهن به مذهبي
فرقيواريت ۽ جنونيت ساڳي طرح
محسوس ڪئي ويندي آهي. انهيءَ
چڪر ۾ پوڻ کان لهرائڻ سبب
گهڻو ڪري هر وارڊ ۾ قيدين
پنهنجون ننڍڙيون مسجدون
ٺاهيون آهن. قيدي انهن ۾ ئي
الله کي ياد ڪرڻ کي ترجيح
ڏيندا آهن.
هن بلاڪ جي کلي مسجد ۾ سٺي
جماعت ٿي ويندي آهي. جنهن ڪري
رمضان دوران ئي هن جي فرض کي
وڌايو ويو. اڄ ختم کان پوءِ
محفل نعت منعقد ڪئي وئي هئي.
شام کان ئي ان جي تياري شروع
ٿي وئي هئي. سڀني دوستن کي
خان محمد هن ۾ شرڪت لاءِ تمام
گهڻو چيو هو. اسان تراويحن ۽
ختم ۾شريڪ ٿي وري واپس پنهنجي
وارڊ تي آيا سين. ڏهين بجي
آئون، وريام فقير ۽ ستار ڏيرو
گڏجي محفل نعت ٻڌڻ ويا سين.
تمام سٺو بندوست ڪيل هو ۽
مجموعو به تمام گهڻو هو.
قالين وڇايل هئا، انهيءَ جي
مٿان چادرون وڇائي ويهڻ جو
بندوسبت ڪيو ويو هو. روشني ۽
سائونڊ سسٽم به بهر هو. سڀئي
نعت خوان ٻاهران گهرايا ويا
هئا. جن جي پراثر آواز ماڻهن
کي متاثر ڪيو. هڪ نعت خوان
سنڌي هو، جنهن سنڌيءَ ۾ نعت
پڙهي. پروگرام ۾ بي ڪلاس جي
قيدين کان علاوه عام قيدين جو
تمام وڏو تعداد شريڪ هو.
هن سڄي پروگرام ڪرائڻ جو روح
روان خان محمد مهر هو، جي
اجازت اسان سنڌ جي جيلن جي
تاريخ ۾ شايد پهريون ڀيرو ان
قسم جو پروگرام جو انعقاد ڪيو
ويو هو ۽ منهنجي زندگيءَ جي
به شايد اها پهرين محفل نعت
هئي جنهن ۾ آئون شريڪ ٿيو
هوس. پورو جيل رات جو 30-12
بجي تائين عام و خاص قيدين
لاءِ کليو رهيو. آئون ۽ وريام
فقير هلندڙ پروگرام مان اٿي
پنهنجي وارڊ تي آيا سين.
پويان پروگرام جاري هو.
پروگرام ختم ٿيو ته ستار ڏيرو
به آيو. ساڍي ٻارهئين بجي
اسان ماني کاڌي ۽ هڪ بجي اسان
جو وارڊر شبير دروازا بند ڪرڻ
لاءِ آيو.
9/12/2001
اڄ صبح جو 00-8 وڳي اٿيس،
اخبارون پڙهي وري سمهي پيس.
يارهين وڳي اٿيس ته 16 وارڊ
مان برداشتي آيو چيائين،
ڏاهري ۽ لالو دائود چون ٿا ته
توهان ۽ فقير هيڏانهن اچو يا
اسان توهان ڏانهن اچون ٿا.
فقير وريام ته ان مهل ئي ويو.
مون چيو، آئون تيار ٿي پوءِ
اچان ٿو. ساڍي ٻارهين وڳي
آئون 16 وارڊ ۾ ويس ته وريام
فقير، الهڏنو ڏاهري، دائود
خان ۽ امداد پتي راند ڪري
رهيا هئا. اڍائي وڳي تائين
انهن سان راند ڪئيسين، جنهن
کان پوءِ ۽ وريام فقير پنهنجي
وارڊ تي موٽي آيا سون.
اڄ مون کي پنهنجي طبيعت ڪجهه
صحيح نه لڳي رهي هئي. جسم ۾
سور ۽ سيءَ لڳي رهيو هو. اڄ
ٺيڪ ٺاڪ گرمي هئي. مون هڪ
گوري پيناڊال ڏاهري جي ڪمري
تي کائي ڇڏي هئي. شام جو بخار
به ٿي پيو، جيڪو گورين کائڻ
کان پوءِ لهي ويو. اٺين وڳي
ڊاڪٽر امبرت راءِ آيو. جنهن
مون کي مليريا جون گوريون
کائڻ لاءِ چيو هو، اهي مون هڪ
ڏينهن اڳي کائي ڇڏيون هيون.
ڊاڪٽر ڪجهه وڌيڪ گوريون لکي
ڏنيون. ڊاڪٽر امبرت راءِ جيل
۾ نائٽ ڊيوٽي ڪندو آهي ۽ آن
ڪال هوندو آهي.
هن کي جيل جي ڪالونيءَ ۾ جيل
انتظاميا پاران رهائش مليل
آهي، جتي فيملي سان گڏ رهندو
آهي. شام کان صبح 00-9 وڳي
تائين سندس ڊيوٽي هوندي آهي.
رات جو گهر هليو ويندو آهي،
ڪنهن به وقت ايمرجنسي جي صورت
۾ کيس ماڙيءَ وارا سڏي وٺندا
آهن. ڊاڪٽر امبرت اصل لاڙڪاڻي
جو آهي. هتي ڪل ٽي ڊاڪٽر آهن.
جن ۾ چيف ميڊيڪل آفيسر فيصل
الاهي ميمڻ ۽ ڊاڪٽر معيد
ڏينهن جو موجود هوندا آهن. سي
ايم او اسپتال جو انتظامي ڪم
به سنڀاليندو آهي ته، ڪڏهن او
پي ڊي به ڪندو آهي. ميڊيڪل
آفيسر ڊاڪٽر معيد او پي ڊي
کان علاوه ڏينهن جو ٻيا مريض
به ڏسندو آهي، جن ۾ اسپتال ۾
داخل مريض به اچي وڃن ٿا.
10/12/2001
صبح جو ڏهين وڳي پرچي آئي،
ماڙيءَ تي ويس پڇا ڪيم، ڪير
ملاقات لاءِ آيل آهي؟ خبر پئي
ته ملاقات نه پر اسپتال جي
پرچي هئي ۽ گارڊ اچي ويو هو.
منهنجي اسپتال ۾ ان ڏينهن نه
پر ٻي ڏينهن جي تاريخ هئي.
مون جيل انتظاميا کي چيو،
منهنجو اڄ جو ته پروگرام نه
آهي. آئون سڀاڻي ويندس. آئون
وري سپرنٽينڊنٽ وٽ وڃي ويٺس،
جتي خان محدم مهر به آيو. اتي
ڪلاڪ کن ويٺاسين، جنهن دوران
سپرنٽينڊنٽ راشد سعيد پنهنجا
ڏکڙا ٻڌائيندو رهيو. راشد
سعيد سنڌ جي جيلن جي تاريخ ۾
تمام منفرد سپرنٽينڊنٽ آهي.
پاڻ تمام سادو ۽ صاف گو ماڻهو
آهي. ڪا ڳالهه لڪائيندو
ڪونهي، پنهنجي حال اورڻ ۾ ڪا
به هٻڪ محسوس نه ڪندو آهي.
جيل جي اندر اختيارن جي
معاملي ۾ سندس هٿ تمام محدود
آهن. پاڻ سندس سادي طبيعت جي
ڪري انهي تي ئي اڪتفا ڪري
گذارو ڪندو آهي، جيڪو مليو
انهيءَ تي راضي رهندو آهي.
گهڻو حرص بلڪل ڪونهيس. جيل ۾
ائين پيو هلندو آهي، جو لڳندو
ئي ڪونهي ته ڪو هي سپرنٽينڊنٽ
آهي.
جنهن ڏينهن جنرل پرويز مشڙف
ڪجهه جنرل پروموٽ ڪيا هئا،
انهن ۾ جنرل عزيز به شامل هو
۽ جنهن جي نتيجي ۾ ٻن سينيئر
جنرلن استعفائون ڏئي ڇڏيون
هيون. جنرل عزيز کي تري ڏئي
فور اسٽار جنرل ڪري چيئرمين
جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي
مقرر ڪيو ويو. ان ڏينهن
سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ ان
ردوبدل تيڳالهه ٻولهه هلي رهي
هئي ته ڪنهن چيو، جنرل عزيز
کي ترقي ته ڏني وئي آهي، پر
ڇڏيائونس ڪنهن ڪم جو ڪو نه،
جهڙو ڪر کيس رٽائر ئي ڪيو ويو
آهي.
ان ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺندي
راشد سعيد هڪدم چيو ته، ”يار
جرنل عزيز سان به اهڙو ڪم ٿيو
آهي جهڙو مون سان آهي.“ اڄ
آئون ۽ خان محمد وٽس ويٺا
هئاسين ته مون کي چيائين يار!
توهان جي همراه ڪشن، جج وٽ
منهنجي شڪايت ڪئي آهي. منهنجي
طرفان ته هن کي ڪا به تڪليف
نه پهتي آهي. پوءِ شڪايت ڇو
ڪئي اٿس؟ ان سلسلي ۾ جج مون
کي گهرايو آهي. مون سان اڪثر
ائين ٿيندو رهندو آهي، ڪجهه
ڏينن اڳ ۾ به مون کي جج رياض
ڦلپوٽو گهرايو هو. جنهن وقت
آئون اندر ويس ته مونسان گڏ
هڪڙو ٻيو به هٽوڪٽو ماڻهو
اندر هليو. مون سوچيو پئي ته
هي ماڻهو مون سان گڏ اندر ڇو
پيو هلي؟
”مون کي اچي ڊپ واريو. جج وٽ
اندر پهچي، مون سلام ڪيو، مون
کي چيائين، اڙي راشد!
سپرنٽينڊنٽ تون آهين ڇا! هي
ڇا ڪري رهيو آهين، تون ته سٺو
ماڻهو هوندو هئين.“ مون چيو،
”سر، آئون هينئر به سٺو ماڻهو
آهيان، پر ڇا ڪيان بي وس
آهيان!“ جج مون کي چيو، هي
ماڻهو جيڪو توسان گڏ اندر آيو
آهي ۽ تنهنجي پاسي ۾ بيٺو
آهي، توکي خبر آهي، اهو ڪير
آهي؟ اهو پوليس جو انسپيڪٽر
آهي. مون کي توکي گرفتار ڪري
جيل موڪلڻو هو پر تو سان
پراڻو واسطو آهي انهيءَ ڪري
ڇڏيان ٿو. آئنده جوابدار ڪورٽ
تي ضرور حاضر ٿيڻ کپن.“
راشد چيو، ”هي ته خدا جو شڪر
آهي جو آئون ڪجهه ماڻهن سان
واسطي تعلق جي ڪري بچي ٿو
وڃان. جيڪو لفافو منهنجي ٽيبل
تي ٿو اچي، اها دعا گهري
کولرائيندو آهيان ته خدا ڪري
ان ۾ ڪو شوڪاز نوٽس نه هجي.“
خان محمد ۽ آئون ساڻس ڪچهري
جو مزو وٺي رهياهئا سين.
اسان جي ويٺي ئي هڪ فون آيس
ته سر سر ڪري ڳالهائي رهيو
هو. فون رکڻ کان پوءِ گهنٽي
وڄائي سندس اردليءَ کي
چيائين، ”جلدي وڃي ڪماليي کي
وٺي اچ.“ وري گپ شپ ۾ لڳي
ويو. اڌ ڪلاڪ گذري ويو ڪماليا
ڪو نه آيو، وري اردليءَ کي
گهرايائين ته ڇا ٿيو، ڪماليو
ڇو ڪو نه پهتو؟ اردليءَ جواب
ڏنس ته سر، هو ناشتو ڪري رهيو
هو چيائين ته اچان ٿو. وري
اردلي کي موڪليائين ته وڃي
وٺي اچ. آءِ جي صاحب جو ڪم
آهي، اهو کيس مجهائڻو آهي.
ڪمال هڪ قيدي آهي، پر اڄ ڪلهه
هڪ آفيسر (جيڪو سپرنٽينڊنٽ جو
زيردست آهي) جو منظورنظر آهي.
اردليءَ واري اچي چيو، سر، هو
ناشتو ڪري رهيو آهي، بس اچي
ٿو. ان کي اڌ ڪلاڪ ٻيو بهگذري
ويو ۽ اردلي ٽيون چڪر به ڏئي
آيو، پر ڪماليو ڪو نه پهتو.
ايتري ۾ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ امان
الله نياري آفيس پهتو ۽ پهرين
سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ آيو.
سپرنٽينڊنٽ کي آءِ جي جو
نياپو ڏنو. جيل جي اندر ڪو ڪم
هلي ريو هو، انهيءَ جي باري ۾
هدايت هئي، جيڪا ڪمال کي
سمجهائڻي هئي. ڊپٽي کيس چيو
ته آئون هن کي گهرائي سمجهائي
ٿو ڇڏيان. ڊپٽي پنهنجي آفيس ۾
ويو ته سپرنٽينڊنٽ چيو، ”هي
جيل جي اندر ڪماليو نه ٿيو
جهڙو رياست جو چوٿون پايو ٿي
ويو جو سپرنٽينڊنٽ جي گهرائڻ
تي به اڃان تائين ڪو نه پهتو
آهي.“ راشد صاحب سان اهڙيون
ڪچهريون ٿينديون رهنديون آهن.
آئون واپس وارڊ تي آيس. 30-1
وڳي وري پرچي آئي، ويس ته ٻار
ملاقات جي لاءِ آيل هئا. 00-4
وڳي اسلم ۽ علي آيا. اسلم
ميانجي سومار جي گذاري وڃڻ جي
خبر ٻڌائي.
ميانجي سومار جنهن پوري زندگي
پنهنجي وڏي عيال جو گذارو چند
ايڪڙ زمين تي ڪيو ۽ هميشه قرض
۽ اوڌر کان آجو رهيو. کيس
سندس صحت جيستائين اجازت ڏني
تيستائين اسان جي ڳوٺ جي مسجد
جي پاڻي ڀرڻ جي سعادت حاصل
ڪرڻ جو موقعو ٻي ڪنهن کي
فراهم ڪرڻ نه ڏنائين. بابا جي
شهادت کان پوءِ راهوڪيءَ ۾
ٿيندڙ هرعيد نماز کان پوءِ
شهيد جي حق ۾ دعا گهرڻ کي عيد
نماز جهڙوئي فرض سمجهي ادا
ڪندو هو.
پنجين وڳي پنهنجي وارڊ تي
موٽي آيس. افطاريءَ جي وقت
يعني پوڻين ڇهين وڳي ڌاري
آئون، عبدالستار ڏيرو، وريام
فقير ۽ ذڪريا غني گڏجي 16
وارڊ ويا سين. جتي يوسف دادا
جي پاران افطار پارٽي ڏني وئي
هئي. يوسف دادا ذڪريا غني جو
سهرو آهي. سندس عمر 75 سال
ورهين کان مٿي آهي، پر ڏاڍو
ڀلو ۽ زنده دل شخص آهي. سڀني
سان ڪچهري ۾ هڪجهڙوئي هوندو
آهي. ڀوڳ مذاق به ڪندو آهي،
ته سهندو ب آهي. وارڊ ۾ مون
کي دائود خان ڏسڻ ۾ نه آيو،
پڇا ڪرڻ تي خبر پئي، ته اڄ
تاريخ تي ويو هو سو ٿڪجي آيو
آهي ۽ ٺيڪ ڪونهي ان ڪري ڪمري
کان ٻاهر نه نڪتو آهي. آئون
دائدو خان وٽ سندس ڪمري ۾ ويس
۽ اڌ ڪلاڪ کن ڪچهري ڪيم. ساڻس
گڏ رهندڙ ٻه ماڻهو نوان آيل
هئا. محمد رفيق ۽ هڪ ٻيو
همراهه، ٻئي حيدر آباد جي
حنيف بلڊر تي نيب جي ڪيس ۾
آيل آهن. ان ئي ڪيس ۾ ٽيون
ماڻهو به هو، پر ان کي حنيف
مٿان واعده معاف گواه
(Approver)
ڪري بيهاريو ويو آهي. جنهن
سبب کيس سندس فليٽ ۾ ئي نظر
بند ڪري رکيو ويو آهي.
هونئن به اسان جي ملڪ ۾ حڪومت
وٽ واعده معاف گواهه کي خاص
مقام حاصل رهيو آهي. جئين
جنرل ضياءُ الحق جي وقت ۾
احمد رضا قصوري جي ڪيس ۾
مسعود محمود کي ذوالفقار علي
ڀٽو جي خلاف واعدي معاف گواهه
ڪري بيهاريو ويو تازو مثال
ميان نواز شريف جي خلاف نام
نهاد ”جهاز سازش ڪيس“ جو آهي،
جنهن ۾ ڊي جي سول ايويئيشن
چوڌري امين کي ميان صاحب جي
خلاف سرڪاري شاهد ڪري بيهاريو
ويو، جنهن جي بدلي ۾ کيس
رهائي ڏني وئي. اي ٽي سي
(A.T.C)
جي جج رحمت حسين جعفري جي
عدالت ۾ ان وقت ڏاڍي دلچسپ
صورتحال پيدا ٿي ويندي هئي،
جڏهن ڪيس هلڻ دوران ميان صاحب
جو وڪيل اعجاز حسين بٽالوي
چوڌري امين جو ذڪر ڪندي يا ان
سان مخاطب ٿيندي ”چوڌري امين“
بجاءِ چوڌري امين“
(Chaudhry a mean)
ڪري سڏيندو هو.
رات جو ساڍي ڏهين وڳي اسان جو
وارڊ بند ٿيو. يارهين وڳي
ماني کاڌيسين. رات جي ماني
آئون، ستار ڏيرو ۽ وريام فقير
گڏجي کائيندا آهيون. ڏيري جي
ماني به شام جو گهران ايندي
آهي. ذڪريا غني رمضان شريف جي
ڪري جلدي ماني کائيندو آهي.
هو افطاريءَ کان پوءِ نماز
پڙهي هڪدم ماني کائيندو.
11/12/2001
اڄ اسپتال وڃڻو هو. ذڪريا
غنيءَ کي به هلڻو هو. ٻه دفعا
ماڙيءَ تان پرچي ۽ ماڻهو اچي
چڪو هو ته گارڊ ۽ گاڏي اچي
ويا آهن. ماڙيءَ تي آيا سين
ته عثمان فاروقي به انتظار
ڪري رهيو هو. اسان يارهين وڳي
سول اسپتال پهتا سين جتي
شاهنواز آيل هو. اسان فزيو
ٿراپي کان فارغ ٿي مٿي اچي
ويٺا سين. اتي اسلم ۽ علي به
آيا. اسلم وارا اڍائي وڳي
تائين اسان سان گڏ رهيا. ساڻن
خميسو ڊرائيور به گڏ هو. يوسف
ڪابورو به ملڻ لاءِ آيو. جيڪو
پڻ ڪافي دير ويٺو رهيو. شهمير
ڊرائيور ۽ انور ڦلپوٽو ملڻ
لاءِ آيل هئا.
15-5 وڳي اسان اسپتال تان
نڪتا سين. شاهنواز به پوليس
جي گاڏيءَ ۾ مون سان گڏجي
ويٺو. 00-9 وڳي رات جو ڊاڪٽر
امبرت آيو، جنهن سان گڏ جيلر
مختيار به هو. ڊاڪٽر وريام
فقير جو بلڊ پريشر چيڪ ڪيو،
پوءِ مون ۽ مختيار به بلڊ
پريشر چيڪ ڪرايو. منهنجو بلڊ
پريشر هميشه نارمل رهندو آهي.
وريام فقير کي گردن جي تڪليف
آهي جنهن سبب سندس رت جو
دٻاءَ هميشه وڌيل رهندو آهي
۽گهڻو ڪري روز ٻي ڏينهن سندس
بلڊ پريشر چيڪ ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر
کي گهرائيندا آهيون. اڄ ستار
ڏيرو خان محمد خان سان گڏ 17
وارڊ تي ويل هو. گورنر جي
پروگرام کان اڳ آءِ جي جيل
قيدين لاءِ هڪ ريفارمز ڪميٽي
جوڙِ هئي، جيڪا قيدين تي ئي
مشتمل آهي. جنهن ۾ خان محمد،
ستار ڏيرو، عثمان فاروقي،
رميش اديسي ۽ رئوف قادري شامل
آهن.
هونئن به هنن همراهن جون
گڏجاڻيون ٿينديون رهديون آهن،
ڪڏهن ان سلسلي ۾ ڪم ڪار به
هوندو اٿن، نه ته ويٺا ڊگهيو
ڪچهريون ڪندا آهن. هن ڪميٽي
جي ڪا قانوني شڪل ڪونهي، پر
آءِ جي، جي ذاتي ۽ زباني
هدايتن تي هي ڪميٽي ڪم ڪري
رهي آهي. تازو گورنر جي جيل
جي دوري ۾ ڪيل اعلان ۽ هاءِ
ڪورٽ جي ڏنل فيصلي جي سلسلي ۾
به هي آءِ جي ذريعي ڪوشش ڪري
رهيا آهن، ته انهن تي جلد عمل
ٿئي. جيڪڏهن واقعي انهن تي
عمل ٿي ٿو وڃي ته سڄي سنڌ جي
قيدين جو گهڻو ڀلو ٿي پوندو.
ڏنڊ جي سزا ۾ معافيءَ جو لڳڻ
۽ هڪ کان وڌيڪ ڪيسن جي صورت ۾
سڀني سزائن جو گرفتاريءَ جي
تاريخ کان گڏ شروع ٿيڻ، هتي
جا ٻه وڏا مسئلا آهن. پهريون
ته گورنر جي اعلان موجب حل ٿي
ويو آهي ۽ چون ٿا ته ان جو
نوٽيفڪيشن به پهچي چڪو آهي.
جڏهن ته ٻئي تي حڪومت کي ڪورٽ
جي هدايتن تي عمل ڪرڻو آهي.
انهن ٻنهي تي عمل ٿيڻ جي صورت
۾ ڪيترائي قيدي آزاد ٿيندا.
ان ۾ ستار ڏيرو به آزاد
ٿيندو، جنهن کي ٻن ڪيسن ۾ نو
نو سال سزا آيل آهي. معافين
جي صورت ۾ ان جي سزا هن ئي
مهيني ۾ پوري ٿي ويندي. سو
ڏيرو اڄ ڪلهه سڄو ڏينهن ان هڻ
وٺ ۾لڳو پيو آهي.
اڄ به مون ۽ وريام فقير کيس
چيو ته هاڻي آخري ڏينهن گذارڻ
توهان لاءِ ڏکيا ٿي پيا آهن.
اڄ ٻارهين وڳي ماني کاڌيسين،
ته به انهن ئي مسئلن تي احوال
ٿي پيا آهن. اڄ ٻارهين وڳي
ماني کاڌيسين، ته به انهن پيش
رفت ٿي آهي. سندس چوڻ ۽
ڳالهين مان ائين لڳي رهيو هو،
ڄڻ همراه اصل ٻاهر نڪتو ويٺو
هجي.
اسان جي ڪچهرين ۾ ڀوڳ مذاق ۾
ڪڏهن ڪي همراه اهي به تبصرا
ڪندا آهن ته”هيءَ ڪميٽي، جيڪي
اڀريون سڀريون سهوليتون ۽
معافيون ملن ٿيون اهي به بند
ڪرائيندي.“ هن قسم جون
ڳالهيون انڪري به پيدا ٿين
ٿيون جو جڏهن گورنر محمدميان
سومرو جيل جو دورو ڪيو، ته ان
جي استقبالي ڪميٽي ۾ سڀ نيب
جا سزا يافته قيدي هئا، انهن
جي نالن کي ڪن اخبارن نمايان
طرح شايع ڪيو. انهيءَ جو
نوٽيس نيب اختيارين ضرور ورتو
هوندو. نيب پنهنجي قيدين جو
نه رڳو ايم پي اي هاسٽل ۾
قائم سندس ٿاڻي تي ”خاص خيال“
رکندي آهي، پر جيل ۾ به
انهيءَ جا قيدي سندس مسلسل
نظرداري ۽ چوڪسي کان بچيل نه
آهن. ڪنهن کي رهڻ لاءِ ڪهڙي
جاءِ مليل آهي، ڪهڙيون
سهولتون حاصل آهن يا ڪير ڪڏهن
ڪهڙي اسپتال ٿو وڃي اهو سڀ
هنن جي معلومات ۾ هوندو آهي ۽
انهيءَ تي هنن جو چيڪ به آهي.
قطع نظر ته ڪچا قيدي هجن يا
سزايافته. ڪي به هنن جي
”پَرَگهور“ کان بچيل نه آهن.
12/12/2001
30-11 وڳي ماڙي تي ويس ته
عبدالحميد ۽ ثناءُ الله
ملاقات لاءِ آيل هئا. ڪلاڪ
کان پوءِ پنهنجي وارڊ تي آيس.
ڏيڍ وڳي وري پرچي آئي، ماڙيءَ
تي فيملي ملاقات جي لاءِ آيل
هئي. 30-3 وڳي پنهنجي وارڊ تي
موٽي آيس ۽ سمهي رهيس. 30-4
وڳي ڊاڪٽر امبرت آيو، جنهن
لاءِ مون کي برداشتي اچي
اٿاريو. ڊاڪٽر دوائون ڏيڻ
لاءِ آيو هو. شام جو الهڏنو
ڏاهري جي افطار جي دعوت هئي.
سڀ ان ۾ گڏجي ويا سين. جيل ۾
رمضان جي ڪري اڪثر افطار
پاڙيون ٿينديون رهن ٿيون. هتي
جون افطار پارٽيون به اهڙيون
آهن، جهڙيون ٻاهر واريون.
کائڻ پيئڻ جون شيون اهي ئي
هونديون آهن. پڪوڙا، ڇولا،
کجور، فروٽ چاٽ، ڏهي بڙا،
کير، ڪباب، چڪن بروسٽ وغيره
وغيره.
کائڻ پيئڻ جون جيتريون مختلف
شيون مهيا هونديون آهن، ان ۾
اهو محسوس نه ٿيندو آهي ته ڪو
جيل جي اندر افطار پارٽي ٿي
رهي آهي. پر اندر ۽ ٻاهر
وارين افطار پارٽين ۾ فرق اهو
هوندو آهي جو ٻاهر هر افطار
پارٽيءَ ۾ ڪجهه ماڻهو ڇڏي
باقي نون ماڻهن سان ملاقات
ٿيندي آهي ۽ هتي هر روز اُهي
ساڳيائي چهرا هوندا آهن.
تقريباً
ساڳيون ئي ڳالهيون، ساڳيا
موضوع ۽ بحث، تاريخون ۽
شنوايون، ضمانتون، ميڊيڪل
گرائونڊ تي ضمانتون، اپيلون،
265K،
شاهديون، گواهيون، وڪيل،
ڪورٽن جا فيصلا، معافيون، ڏنڊ
جي سزا ۾ معافيون، پئرول ۽
وغيره وغيره عام طرح ڳالهه
ٻولهه جو موضوع هوندا آهن.
ڪڏهن ڀوڳ، چرچا، سياست،
حڪومتون ۽ ٻين روز مره جي
مسئلن تي به ڳالهه ٻولهه
ٿيندي رهندي آهي.
13/12/2001
اڄ صبح جو 00-10 وڳي پرچي آئي
ويس، ته مٿي ملاقات هال ۾
شهربانو، زينب، غزل ۽ بچل
آيال هئا. جيڪي اڌ ڪلاڪ کان
پوءِ روانا ٿيا. آئون ماڙيءَ
تي ئي هوس، ته جبار ٻايو ته
خليل توهان سان ملڻ لاءِ آيل
آهي. مون چيو ته سڏي مٿي
ويهاريوس. ڪجهه دير کان پوءِ
آئون مٿي ويس ته ڊاڪٽر خليل ۽
مجيد مانجهند ويٺا هئا. انهن
سان ڪچهري هلي پي ته اقبال
عنايت آيو. اقبال سان حال
احوال ڪري ان کي روانو ڪيم،
ڪجهه وقت کان پوءِ ڊاڪٽر خليل
۽ مجيد مانجهند به روانا ٿيا.
آئون ٽين وڳي پنهنجي وارڊ تي
موٽي آيس. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ
وري شبير سومرو آيو، جنهن چيو
ته توهان کي سپرينٽينڊنٽ ياد
پيو ڪري. آفيس ۾ سپرينٽينڊنٽ
۽ امان الله نيازي سان ملاقات
ٿي. پنجين وڳي واپس وارڊ تي
آيس.
اڄ جماعت اسلامي جي لياقت
بلوچ کي سندس نظر بندي ختم
ڪري آزاد ڪيو ويو هو. اڄ اسان
وٽ ٻه افطار پارٽيون هيون، هڪ
16 وارڊ ۾ عبدالقادر توڪل
پاران، ٻي 19 وارڊ ۾ ايم ڪيو
ايم (حقيقي) جي پاران افطاري
هئي، جنهن ۾ باقائدي ڪارڊ
ڇپائي دعوت ڏني وئي هئي.
قيدين جي شرڪت به گهڻي هئي،
هنن شايد پنهنجي ڪارڪنن کان
علاوه ڪافي عام قيدين کي
گهرايو ويو هو. اسان افطاري
ڪري اختر ۽ نعيم کان اجازت
ورتي.
آئون، ڊپٽي سپرينٽينڊنٽ امان
الله نيازي، ڊپٽي قاضي نظير،
جيلر محمد عثمان، وريام فقير،
ستار ڏيرو، جبار چيف وارڊر
حڪم داد ۽ ڪجهه ٻيا همراه
گڏجي 16 وارڊ ۾ توڪل وٽ آيا
سين، جتي اڌ ڪلاڪ ويهي کائڻ
پيئڻ جي رسم پوري ڪري اجازت
ورتي. آئون ذڪريا غني ۽ وريام
فقير ورانڊي ۾ ويٺا هئاسين،
ته 30-9 وڳي خان محمد ۽ ستار
ڏيرو گڏجي آيا. ٻڌايائون ته
هاڻي خبرنامي ۾ آيو آهي، ته
سپرنٽينڊنٽ سڀني ڦاسي وارن
قيدين جي سزا کي عمر قيد ۾
تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان ٽي
وي تي خبرنامو لڳايو جنهن ۾
آخري اهم خبرون هلي رهيون
هيون، پر ان ۾ اها خبر نه
ٻڌايائون.
14/12/2001
صبح جو ساڍي ڏهين وڳي پرچي
آئي. ماري تي شاهنواز ملاقات
لاءِ آيل هو. شاهنواز سال حال
احوال ڪري ان کي ڪجهه ڪم
سمجهائي واپس وارڊ تي آيس.
ساي ٻاهرين وڳي وري پرچي آئي،
گهر وارا ملاقات لاءِ آيل
هئا. آئون مٿي ملاقات روم ۾
ئي هوس ته 00-2 وڳي اسلم ۽
علي آيا، ساڻن گڏ بلاول
خاصخيلي به هو. 00-3 وڳي اسلم
وارا ويا، انهن کي وري موٽي
چڻو هو. ساڍي ٽي وڳي ماڻهو
آيو ته ڊپٽي نيازي گهرايو
آهي. آئون اتي ئي هيس ته اسلم
۽ سيٺ ڌرم آيا. ڌرم اڌ ڪلاڪ
کان پوءِ اجازت ورتي ۽ اسلم
اڃا اتي ئي ويٺو هو. اسلم
ٻڌايو ته حيدر آباد جيل وارن
همراهن جي ضمانت منظور ٿي وئي
آهي. سڀاڻي ضمانت جا ڪاغذ جمع
ٿيندا، جيڪڏهن اهي سڀاڻي ئي
قبول ٿيا ته همراه آزاد ٿي
ويندا، نه ته عيد کان پوءِ
آزاد ٿيندا. اهو به ٻڌايائين،
ته ڏاڏا احمد کي ننڍڙي ڄائي
آهي.
اسلم ان ڏينهن ستين وڳي تائين
ماڙيءَ تي رهيو هو جو ٻي
ڏينهن منهنجو اسپتال جو
پروگرام هو ۽ جيل وارن کي
ڪورٽ پوليس جي لاءِ فردي
موڪلڻي هئي. هونئن ته
انتظاميا وارا فرديون جيل تي
ڪسٽڊي ڇڏيندڙ ڪورٽ پوليس هٿ
ئي موڪليندا آهن پر هينئر دير
ٿي چڪي هئي ۽ ڪسٽڊي جيڪا اچڻي
هئي، سا اچ چڪي هئي. هونئن به
اڄ رمضان شريف جو جمعة الوداع
هو جنهن ڪري آفيس جلدي بند ٿي
چڪي هئي ۽ آفيس جو عملو به
تقريباً
وڃي چڪو هو، ان سبب فردي هٿو
هٿ ئي وڃي ٿي سگهي. افطاريءَ
کان پوءِ جيلر رزاق عباسي
آيو، جنهن فردي ڪڍي ڏني ۽
اسلم اها کڻي ويو.
حيدر آباد جيل وارن همراهن کي
لڳ ڀڳ سال ٿي ويو هو. اسماعيل
مهيري، حاجي مصطفيٰ
نظاماڻي، ڄام شاهاڻي، الهه
رکيو مهيري، قاسم راهو، قمبر
نوهاڻي ۽ مجيد مهيري جنوري
2001ع ۾ گرفتار ٿيا هئا. انهن
۾ ڪجهه همراه پوليس ڇاپا هڻي
گرفتار ڪيا ڪجهه پاڻ پيش
ٿيا.هئا. اسماعيل مهيري پوليس
ڇاپن دوران گرفتار ڪو نه ٿيو
هو. چاچي حاجي مهيري کيس حڪم
ڪيو هو، ته تون وڃي پيش ٿي.
اسين فاضل جا ساٿي آهيون،
فاضل جا ساٿي ڀڄندا ڪونهن،
اهي مڙس ٿي منهن ڏيندا آهن.
سو اسماعيل کي گهران ڪڍي ٿاڻي
تي موڪليائين ته وڃي گرفتاري
ڏي.
اهي سڀ همراه جنوريءَ ۾ تيل
ڪمپني ۽ پوليس سان ٿيل ڦڏي ۾
داخل مختلف ڪيسن جي نتيجي ۾
اندر هئا. ان ڦڏي جي شروعات
سروي ڪمپني جي نون ڏهن بيڙرين
جي چوريءَ سان ٿي، جيڪي ڊسمبر
جي مهيني ۾ تعلقه ايس ايف
راهو (گولاڙجي) جي مختلف
علائقن مان چوري ٿيون. ڊسمبر
جي مهيني ۾ انهن بيٽرين جي
ايف آءِ آر به ڪٽرائي وئي.
گذريل ويهن سالن کان يونين
ٽيڪساس ڪمپني
(UTP)
۽ انهن جي پيٽي ڪانٽسريڪٽرن
(ٺيڪيدارن) سان مقامي ماڻهن
جا زمين جي معاوضِ، فصل جي
معاوضي ۽ ملازم رکڻ جي معاملي
تي جهڳڙا، ڦڏا ۽ احتجاج هلندا
رهن ٿا. انهن ۾ ڪمپني ڪڏهن به
مقامي ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل
ڪرڻ جي حد تائين اڳتي نه وڌي
هئي.
سروي ڪمپني طرفان ڊسمبر 2000ع
۾ چوري ٿيل ڪجهه بيٽرين جي
ايف آءِ آر ته داخل ڪرائي
وئي، پر چون ٿا ته انهن کان
پوءِ هيستائين سروي وارن جون
90 بيٽريون چوري ٿي چڪيون
آهن، پر انهن لاءِ ڪو به ڪيس
داخل نه ڪيو ويو آهي. ڪجهه
سروي ڪمپني جي آفيسرن ۽ ڪجهه
لوڪل پوليس آفيسرن هن مسئلي
کي وڌائي وڻ ڪيو، جنهن ۾ ٻه
ڪيس ٻيا به داخل ڪيا ويا،
انهن مان هڪ اينٽي ٽيررسٽ
ڪورٽ حيدر آباد ۾ چالان ڪيو
ويو. اهو ڪيس ڪنهن به صورت ۾
اي ٽي سي جي شيڊول ۾ نٿي آيو.
ان ۾ نه ته ڪنهن پوليس واري
تي حملو ٿيو هو ۽ نه ئي ڪو
زخمي ٿيو هو. ڪا ڪلاشنڪوف،
رائفل، بندوق ۽ پستول وغيره
ته ٺهيو، پر ڪنهن ماڻهو وٽ ڪا
لٺ ڪهاڙي به ڪو نه هئي ۽ نه
ئي ان جو استعمال ٿيو.
اسلم کي، انتظاميا ۾ پوليس
ڳالهين ڪرڻ جي لاءِ ڪڙيو
گنهور ٿاڻي تي وٺي آيا. اها
خبر ٻڌي ڪڙيو شهر ۽ ڀر پاسي
جا هزار کن ماڻهو ٿاڻي تي گڏ
ٿي ويا، جن کي ڏسي پوليس بتال
ٿي وئي ۽ چيو ته، اسان اسلم
راهو کي گرفتار ئي نه ڪيو
آهي. پوليس ٿاڻو ڇڏي پاسيري
ٿي وئي ۽ ماڻهو اسلم کي وٺي
ڳوٺ هليا ويا.
ان کي حڪومت پنهنجي انا جو
مسئلو بنائي ڪيس داخل ڪيا ۽
راهوڪي، ڪڙيو گهنور ۽ آسپاس
جي ڳوٺن تي پوليس چڙهائي ڪئي،
جنهن ۾ حاجي مصطفيٰ،
اسماعيل مهيري، الهرکيو
مهيري، قمبر نوهاڻي، قاسم
راهو، مجيد مهيري ۽ ڄام
شاهاڻي گرفتار ٿيا. باقي
اسلم، چاچا پوڙهو، سلم،
عبدالله، گل محدم ۽ ڊاڪٽر
خليل سميت ڪيترائي همراه چار
مهينا روپوش رهيا. اهو سڀ ان
ئي سلسلي جي ڪڙي هو جنهن تحت
منهنجي خلاف نيب جي انڪوائري
شروع ڪئي وئي هئي، جنهن ۾
آئون اڳيئي روپوش هوس، مطلب
هو اسان کي تنگ ڪري سوڙهو
ڪرڻ.
يونين ٽيڪساس کي بدين ضلعي ۾
تيل جي ڳولا ۽ پيداوار جي ڪم
کي شروع ڪئي ويهه سالن کان
مٿي جو عرصو ٿي چڪو آهي. سندن
شروعاتي ڪم خاصخيلي آئل فيلڊ
کان شروع ٿيو. تيل ڪمپني جو
ڪم اڃا ابتدائي مرحلن ۾ ئي هو
ته شهيد فاضل 1981ع جي آخر ۾
ٻه سال قيد ڪاٽڻ کان پوءِ
ٻاهر نڪتو. ان وقت ڪمپنيءَ جو
گهڻو ڪم تلقي گولاڙجي ۾ ئي
هلي رهيو هو. ان وقت سروي
وارن جو اهو عام طريقهءِڪار
هوندو هو ته جنهن به زمين مان
سروي جي لائين گذرندي هئي ته
زمين جي مالڪ کان پڇندا به ڪو
نه هئا. پنهنجي مرضيءَ سان
جتان ايندو هو، اتان ڀيل ڪري
هليا ويندا هئا. زميندار کي
فصل جي نقصان جو ڪو به معاوضو
نه ڏنو ويندو هو ۽ جيڪڏهن
جيڪڏهن زور يا دٻاءُ يا اثر
رسوخ جي ڪري ڪنهن کي ڏنو به
ويندو هو ته اهو مڙني نالي
ماتر هوندو هو. زمينون جيڪي
ڪمپنيءَ جي مستقل استعمال ۾
آيون ٿي، انهن جي به زميندار
سان ڪا به اڳواٽ ايگريمينٽ نه
ڪئي ويندي هئي.
جيڪڏن جتي چاهيني هئي اتي
پنهنجو ديرو ڄمائي ويهي رهندي
هئي. زمين جو مالڪ انهن جي
پويان معاوضي لاءِ پيو ڌڪا
کائيندو هو ۽ مجبور ٿي
زميندار ڪمپنيءَ جي شرطن
شروطن تي ڀڳڙن مٺ جيترو
معاوضو قبول ڪرڻ تي راضي ٿي
ويندو هو. مقامي ماڻهو کي
ڪنهن به ملازمت يا نوڪريءَ تي
نه رکيو ويندو هو. ان ۾ ڪنهن
به ماڻهوءَ کي ڪمپنيءَ سان
مهاڏي اٽڪائڻ جي همت نه ٿيندي
هئي هڪ ته آمريڪا بدشاهه جي
ڪمپني، ٻيو جنرل ضياء جي فوجي
راڄ جو ڏهڪاءُ مٿان وري مقامي
انتظاميا ڪمپنيءَ وارن جي
اشاري تي اٿيندي ويهندي هئي.
ان ڪري سروي ۽ ڪمپنيءَ وارا
ڏيهه واسين سان بي خوف هر قسم
جي من مستي ڪري رهيا هئا.
ان وقت شهيد فاضل جو آزاد ٿي
ٻاهر اچڻ ڪمپنيءَ وارن جي
آزادي ۽ من مستيءَ ۾ رڪاوٽ
بنجي ويو. ان وقت شهيد فاضل
جي پنهنجي زمينن مان ته سروي
وارن جو ڪٿي به گذر ڪو نه ٿيو
هو. پر جيڪي ماڻهو دانهين ٿي
وٽس پهچي رهيا هئا، انهن کيس
بي چين ڪري ڇڏيو. پاڻ ڪمپنيءَ
جي اعلـﻰ عملدارن کي آگاهه
ڪيائين ته ”هيءَ داداگيري ۽
بدمعاشي هتي نه هلندي. جيڪڏهن
توهان کي هتي لانئون وڇائڻ
کان اڳ ۾ زمين جي مالڪ سان سڀ
شرط ۽ معاوضو پهرين طئي ڪرڻو
پوندو. ان سان ايگريمينٽ ٿيڻ
کان پوءِ ئي اوهان ڪم شروع
ڪري سگهندا. ڪمپني ۽ سروي
وارا سواءِ ان ٽيڪنيڪل اسٽاف
جي جيڪو هتي دستياب نه هجي،
باقي سڀ ڪم هتي جي مقامي
ماڻهن کان وٺندا. ان سان گڏو
گڏ ڪمپني تربيت جو اهڙو بندو
بست ڪندي جو مقامي ماڻهن مان
ئي ٽيڪنيشن ۽ هرمند، پورهيت
تيار ٿين، ته جيئن اڳتي هلي
انهن جڳهين تي به مقامي ماڻهن
جي ڀرتي ٿي سگهي. جيڪي زمينون
ڪمپنيءَ جي مستقل استعمال ۾
اينديون، انهن جو ساليانو
مقاطعو کاتيدارن جي مرضيءَ
سان طئي ڪري پوءِ ڪمپني
پنهنجو ڪم شروع ڪندي ۽ جنهن
زمين مان تيل نڪرندو، ان جي
مالڪ کي رائلٽي ڏني ويندي.“
پهريائين ته ڪمپنيءَ وارن
انهن ڳالهين طرف ڪو به توجه
نه ڏنو، هنن پنهنجو ڪم ائين
ساڳئي طريقي سان هلائڻ چاهيو
ٿي. شهيد فاضل ماڻهن کي همت
ڏيارڻ شروع ڪئي. ماڻهو پنهنجا
جائز حق وٺڻ جي لاءِ آمريڪين
تيل ڪمپنيءَ جي سروي ڪمپنين ۽
مقامي انتظاميا جي سامهون
مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار ٿي
ويا. شهيد فاضل جي ٻين خوبين
مان هڪ اها هئي ته هو نه رڳو
پاڻ دنيا جي ڪنهن به طاقت سان
ٽڪرائڻ جي همٿ ۽ حوصلو رکندو
هو، پر هو غير سياسي، عام،
مسڪين، اٻولهه ۽ سادن ماڻهن ۾
به اها جرئت ۽ همت پيدا ڪري
ڇڏيندو هو، جو هو ڪنهن به
طاقت سان ٽڪر کائڻ جي لاءِ
ميدان تي بيهي ويندا هئا.
شهيد فاضل ڪمپنيءَ کي اهو
مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته
جيڪڏهن هو ڪاميابيءَ سان تيل
جي ڳولا ۽ پيداوار حاصل ڪرڻ
چاهين ٿا ته اهو هتي جي
آبادگارن ۽ عام ماڻهن جي
تعاون کان سواءِ ناممڪن
ٿيندو. هو هتي جي ماڻهن کي
پنهنجو دشمن نه پر دوست ۽
مددگار سمجهن ۽ انهن جي جائز
گهرجن جو خيال رکن، ته انهن
جو ڪم آسان ۽ وڌيڪ بهتر نموني
سان ٿي سگهندو. جيڪڏهن هتي جو
ڪم آسان ۽ وڌيڪ بهتر نموني
سان ٿي سگهندو. جيڪڏهن هتي جي
ماڻهن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي
يعني زمينن جي معاوضي، مقاطعي
يا مقامي ماڻهن کي نوڪرين
ذريعي روزگار ڏيڻ جي صورت ۾
هنن کي اهو به احسان ڏياريو
وڃي ته هو ڪمپني جي حفاظت
ڪندا ۽ ان کي پنهنجي روزگار
جو وسيلو سمجهندا.
شهيد فاضل راهو عوام جي ساٿ
سان تيل ڪمپني جي من مستين ۽
مقامي ماڻهن کي سندن جائز حق
نه ڏيڻ خلاف عملي جدوجهد ڪئي.
شهيد فاضل جي ڪوششن جي نتيجي
۾ ئي تيل ڪمپني ۽ مقامي ماڻهن
جي وچ ۾ معاملو طئي ٿيو جنهن
۾ تيل ڪمپني رائلٽي کان سواءِ
مٿيون سڀ ڳالهيون قبول ڪيون.
شهيد فاضل اهو به سمجهيو ٿي
ته تيل جي پيداوار بدين ضلعي
جهڙي پوئتي پيل علائقي ۾
معاشي سرگرميءَ جو سبب
بنجندي. زمينون جيڪي تيل
ڪمپني جي استعمال ۾ اينديون،
انهن جو ساليانو مقاطعو جيڪو
ڪمپني ادا ڪندي. اهو سالياني
فصل جي اپت کان ڪيترائي دفعا
وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. يا زمين جو
معاوضو به ماڻهن کي مارڪيٽ جي
قيمت کان وڌيڪ ملي سگهي ٿو.
مقامي ماڻهو روزگار سان لڳندا
۽ ڪمپنيءَ جي ڪم سبب روڊ رستا
ٺهندا جنهن سبب ڳوٺن ۽ شهرن
جي وچ ۾ ڳانڍاپو ٿيندو.
انهيءَ سبب شهيد فاضل اهو به
نٿي چاهيو ته تيل ڪمپني کي
يترو دٻاءَ ۾ آندو وڃي جو اهي
ماڳهين هتان پنهنجا ٽپڙ ويڙهي
هليا وڃن يا ويڙهه ان حد
تائين به نه وڌي وڃي جو
انتظاميا ڪي اهڙا سخت قدم کڻي
جو مقامي ماڻهو دل برداشته ٿي
الٽو مايوسيءَ ۾ هليا وڃن ۽
خاموش ٿي ويهي رهن.
شهيد فاضل جيئن هميشه اهڙين
ننڍين مقامي ليول جي تحريڪن ۽
مسئلن ۾ پنهنجي خداداد صلاحيت
۽ ڀرپور ڪردار جي ذريعي فيصلو
عوامي مفادن جي حق ۾ ڪرائڻ ۾
ڪامياب ويندو هو، ائين تيل
ڪمپني سان ٿيل انهن فيصلن ۾
به مقامي ماڻهن جو پاسو ڳرو
رهيو. باقي رائلٽيءَ جو مسئلو
وفاقي حڪومت سان تعلق رکندڙ
معاملو هو، جنهن فيصلي ڪرڻ جو
اختيار نه ڪمپنيءَ کي هو، نه
ئي مقامي انتظاميا کي.
شهيد فاضل جي ڪوششن جي نتيجي
۾ ڪمپني سڌو سنئون به مقامي
ماڻهن کي ملازم رکڻ شروع ڪيو.
ڪمپني پنهنجي سڌو سنئون رکيل
ملازمن کي جيڪو پگهار ڏئي رهي
هئي اهو وڌيڪ هو پر جيڪي
ٺيڪيدارن جي ذريعي مزدور يا
چوڪدار وغيره ڪم ڪري رهيا
هئا، انهن جو پگهار ان وقت به
اڍائي هزار روپين جي لڳ ڀڳ
هو. زمين جو ساليانو مقاطعو
اٺ کان ڏهه هزار روپين تائين
ادا ڪيو ويندو هو، جيڪو 1980ع
جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ بدين
ضلعي جي پوئتي پيل ۽ ڪلراٺي
زمينن جي لاءِ تمام گهڻو هو.
ان وقت ڪمند جو اگهه نو رويه
في مڻ هو، اهو شوگر مل تي
پهتي. ڀاڙي ۽ ڪٽائي وغيره جو
خرچ ڪڍي آبادگار کي ڇهه روپيه
مڻ تي بچي رهيو هو. ان وقت
آمريڪي ڊآلر پاڪستاني ڏهن
يارهن روپين جي برابر هو.
مطلب ته ان وقت تيرهن چوڏهن
سئو مڻ ڪمند جي اپت يا اَٺ
–
نَوَ سئو ڊالرن جي قيمت برابر
في ايڪڙ ساليانو مقاطعو تيل
ڪمپنيءَ کان آبادگارن کي ملڻ
شروع ٿيو جيڪو اڄ جي حساب سان
تقريباً
پنجاهه پنجونجاهه هزار روپين
جي برابر ٿئي ٿو. ان کان پوءِ
اسي ۽ نوي جي ڏهاڪن ۾ جيترو
تيزيءَ سان مهانگائي عام ٿي
آهي ۽ رپئي جي قدر ۾ تمام
گهڻي گهٽتائي ٿي آهي ان تناسب
سان ڪمپنيءَ طرفان نه ته
پگهار وڌايا ويا، نه زمين جا
معاوضا وڌايا ويا ۽ نه ئي
زمين جي سالياني مقاطعي جي
قيمت ۾ ڪو خاص اضافو ڪيو ويو
آهي. ٿورو اضافو ته سڀني شين
۾ ٿيو، پر اهو هن ڳاٽي ٽوڙ
مهانگائي جي نسبت ڪا به حيثيت
نه ٿو رکي.
شهيد فاضل ايم آر ڊي تحريڪ
شروع ٿيڻ تائين جيترو عرصو
ٻاهر رهيو، ان وچ ۾ ڪمپني،
سروي ڪمپنيون ۽ انهن جا پيٽي
ٺيڪيدار، ملازم، مزدور ۽
زميندارن جي وچ ۾ ڪنهن نه
ڪنهن معاملي تي مسئلا پيدا
ٿيندا رهندا هئا ۽ شهيد انهن
معاملن کي سلجهائڻ ۾ پنهنجو
ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو
هو.
15/12/2001
اڄ صبح جو اسپتال وڃڻو هو.
ستار ڏيرو به اسپتال هلڻو هو.
ان جي پرچي آئي، پاڻ ويو ۽
مون کي چيائين ته آئون اسپتال
پهچي توهان جي گارڊ لاءِ فون
ڪيان ٿو ته اچي. ٿوري دير ۾
منهنجي پرچي آئي، ماڙيءَ تي
ويس ته ستار ڏيرو ۽ اي ايس
آءِ صداقت ويٺا هئا. ستار
ڏيري چيو، ”توهان جو گارڊ ته
پهتل آهي، پر گاڏي فاروقي ۽
ٻين کي اسپتال ڇڏڻ وئي آهي.
آئون ويهي رهيس ته پاڻ گڏجي
هلندا سين.“ ساڍي يارهين وڳي
گاڏي آئي، اسين نڪتا سين.
پهرين ڏيري کي سائوٿ سٽي
هاسپيٽل لاٿو سين، ان کي اڄ
اتي داخل ٿيڻو هو. آئون
تقريباً
هڪ وڳي اسپتال پهتس. شاهنواز
آيل هو.
پهرين اسان پي سي او تان ڪجهه
فون ڪال ڪيون. اسپتال ۾ جيڪو
منهنجو موبائل آيو هو، ان ۾
ڊائريڪٽ ڊائلنگ جي سهولت ڪو
نه هئي، جو اڄ ان جو ڪوڊ لاڪ
ٿي ويو هو. اسان فزيو ٿراپي
ڪرائي حافظ وٽ آياسين. گهر
وارا به اسپتال ۾ آيا ان
ڏينهن اسپتال مان روزي افطار
ٿيڻ کان پوءِ ستين وڳي نڪتا
سين. جيل پهتا سين ته ماڙيءَ
کان اندر ايندي ئي خان محمد
ميلو، جنهن ٻڌايو ته هن عيد
جون جيڪي معافيون آيون آهن،
اهي نيب جي جوابدارن کي نه
لڳنديون، صدر کان جيڪا سال جي
معافي آئي آهي، اها به نيب جي
قيدين کي نه ملندي.
آئون پنهنجي وارڊ تي آيس ته
اتي به اها معافي ڪٽجڻ جي
ڳالهه هلي رهي هئي. مون هٿ
منهن ڌوتو ته ايتري دير ۾ سيٺ
ڪشو ۽ راجو آيا. ڪشو اڄ ئي
اسپتال مان واپس جيل پهتو هو.
ڪجهه دير اسان ويٺاسين، جنهن
کان پوءِ ٻاهر نڪتاسين. ته
ماڙيءَ وٽ خان محمد مليو.
چيائين، ”هون ڪاڪي وارن ڏي.“
اسان 17 وارڊ ۾ ڪشو وارن جي
ڪمري تي وڃي ويٺاسين. خان
محمد اٿي فاروقيءَ وارن جي
ڪمري ۾ ويو. مون کي به اتي
سڏايائون. ڪمري ۾ عثمان
فاروقي، خان محمد مهر، چوڌري
شريف، رميش اُديسي، ميان
مُنير، عبدالله ڪلوڊي، وقار
پگانوالا ۽ ڪجهه ٻيا همراهه
ويٺا هئا. اتي ڪنهن ٻڌايو ته
عيد لاءِ گورنر جي معافي به
نيب وارن جي لاءِ نه آهي.
حڪومت پاران معافي ختم ڪرڻ
واري فيصلي جي سلسلي ۾ سڀئي
همراهه گڏ ٿيا ته هاڻي ڇا
ڪجي؟ ان سلسلي ۾ سڀني جي راءِ
اها ئي هئي ته جيڪي ماڻهو
معافي نه ملڻ ۾ متاثر ٿيا
آهن، انهن سڀني کي گڏ ڪري هڪ
ميٽنگ ڪجي، جنهن کان پوءِ
گڏيل لائحه عمل طئي ڪجي. نوين
وڳي آئون ۽ خان محمد پنهنجن
وارڊن ڏانهن آيا سين.
هي پهريون دفعو هو جو ڪا
اسپيشل رميش (ڪعافي) نيب وارن
کي نه ڏني وئي هئي. هن کان اڳ
۾ جيڪي به معافيون آيون هيون،
اهي نيب جي جوابدارن کي مليون
هيون. شروع ۾ معافيون غير
مشروط طور ڏنيون وينديون هيون
پر آهستي آهستي انهن ۾ شرط
شامل ڪيا ويا. دهشتگردي،
تخريبڪاري، ملڪ دشمن
سرگرميون، زنا ۽ اغوا براءِ
تاوان جي ڪيسن ۾ معافيون بند
ڪيون ويون هيون. گذريل آگسٽ ۾
پهريون دفعو 302 يعني قتل جي
ڪيسن ۾ معافي بند ڪئي وئي ۽
هاڻي ان نيب جو اضافو ڪيو ويو
هو. نيب جي جوابدارن تي جيڪي
ڏوهه مڙهيا ويا هئا، انهيءَ ۾
رشوت خوري، قرضن جي عدم
ادائگي ۽ ملڪيت ٺاهڻ جا الزام
شامل آهن.
حڪومت جو عجيب تماشو اهو آهي
ته انهن ساڳين ڏوهن ۾ ملوث
ماڻهن جن جا ڪيس اينٽي ڪرپشن
ڪورٽ، بئنڪنگ ڪورٽ ۽ ڪسٽم
ڪورٽ ۾ هليا هوندا يا هلندڙ
هوندا اهي انهن معافين جا
حقدار هوندا. حلانڪه مٿين
ڪورٽن ۾ به رشوت خوري بد
ديانتي، بئنڪ ڊفالٽ ۽ ٽيڪس
چورائڻ جا ڪيس هلن ٿا. انهن
ساڳين ڏوهن جا ڪيس نيب جي
ڪورٽن ۾ به هلن ٿا پر حڪومت
هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت
نيب جي متاثرين کي ان حق کان
محروم رکيو آهي. پهريائين ته
بي خياليءَ ۾ حڪومت ۽ نيب
اختيارين جو ان طرف توجه نه
ويو. هن وقت جن ماڻهن کي نيب
جي قيد ۽ ٻن سالن جو عرصو اچي
ٿيو آهي، اهي انهن معافين جي
صورت ۾ پنهنجي سزا ختم ڪرڻ تي
اچي پهتا آهن. ڪي ته پنهنجي
سزا پوري ڪري چڪا آهن ۽ ڏنڊ
نه ڏيڻ جي صورت ۾ قيد ڪاٽي
رهيا آهن. نيب ڪورٽن پاران
ڏنڊ تمام ڳرا يعني ڪروڙن کان
گهٽ ڪا ڳالهه نه آهي، جيڪي
ماڻهن جي لاءِ ڀرڻ ناممڪن
آهن. ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾
سزائون به وڏيون رکيون ٿيون
وڃن، عموماً
ٻن کان وٺي پنجن سالن تائين
جون سزائون ڏنيون ويون آهن.
سنڌ اندر ڏنڊ واري سزا ۾ ڪنهن
به معافيءَ کي لاڳو نه ڪيو
پيو وڃي، يعني اها سڪي سزا
ڪاٽڻي هئي. جڏهن ته ملڪ جي
ٻين صوبن ۾ ائين نه آهي تازو
گورنر پنهنجي جيل جي دوري
دوران قيدين جو اهو مطالبو
مڃي اعلان ڪيو، ته هتي به ٻين
صوبن وانگر ڏنڊ جي سزا ۾
معافي لاڳو ٿيندي پر ان اعلان
تي عمل در آمد اڃا رهيل آهي،
ان جو ڇا ٿو ٿئي، اهو ايندڙ
وقت ٻڌايئندو. هتي وڃڻ وقت
گورنر جي اعلان ڪيل سنڌ جي
قيديءَ لاءِ هڪ سال جي عام
معافي کي به ڇهن مهينن جي عيد
واري معافيءَ ۾ تبديل ڪيو ويو
آهي ۽ اها به شرطن شروطن سبب
چوٿون حصو قيدين کي مشڪل سان
ملي سگهندي.
نيب اختيارين اهو سمجهندي ته
متان سندن شڪار سندن مرضيءَ
کان سواءِ پنهنجو سزائون ڪاٽي
جلد آزاد ٿي ٻاهر نڪري وڃن،
صدر پاڪستان ذريعي انهن
معافين کي روڪايو. نيب وارن
جي مرضي آهي ته ماڻهو پنهنجا
مڙئي ٽپڙ وڪڻي سندن پوري ڪن
يا پوري عمر جيل ۾ سڙندا رهن
يا سياسي سوديبازي ڪن. معافي
رڪجي وڃڻ واري خبر في الوقت
نيب جي قيدين لاءِ ڪنهن
زبردست ڌچڪي کان گهٽ نه هئي.
خاص طرح انهن جي لاءِ جيڪي
ذهني طرح پنهنجو پاڻ کي تيار
ڪري چڪا آهن ته ڪا به ڊيل نه
ڪرڻي آهي، پر سزائون ڪاٽي
پوءِ نڪرڻو آهي يا هنن وٽ ان
کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن به نه
آهي يا معافين سبب جن جي سزا
پوري ٿيڻ تي آهي ۽ اهو پنهنجو
پاڻ کي آزاديءَ جي قريب سمجهي
رهيا آهن.
اڄ سڀني وارڊن ۾ ان ئي ڳالهه
تي بحث مباحثو ۽ ٽيڪاٽپڻي هلي
رهي هئي. 30-10 وڳي رات جو
اسان بند ٿيا سين. ستار ڏيرو
اسپتال کان واپس نه آيو هو.
اڄ ڏينهن جو جڏهن آئون اسپتال
۾ هوس، ته مون کي فون تي
ٻڌايو هئائين ته پاڻ اسپتال ۾
داخل ٿي ويو آهي. عيد کان
پوءِ ايندو.
|