ڊسمبر 16 - 31،  2001ع

 

16/12/2001

اڄ صبح سان ليٽر مليو، ته عيدالفطر جي پروگرام جي سلسلي ۾ 17 وارڊ ۾ 00-2 وڳي ميٽنگ رکي وئي آهي. مون ذڪريا غني کي ٻڌايو ته اها ميٽنگ اصل ۾ معافيءَ جي مسئلي تي رکي وئي آهي. گهڻن دوستن جو اهو خيال هو، ته اسان وٽ هاڻي عدالت کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه بچيو آهي ۽ عدالتن مان رليف ملي سگهي ٿو. بهرحال ان ۾ ته ڪو به شڪ نه آهي، ته عدالت ۾ وڃڻ اسان جو حق آهي. پر ان مان ڪيتري اميد رکي سگهجي ٿي، اها ٻي ڳالهه آهي. قيدين جي سزائن ۾ ڪمي يا معافي صدر يا گورنر جو ڪُلي اختيار (Discretionary Power) آهي. هو ڪنهن کي معافي ڏيڻ چاهين ٿا يا نه، ان ۾ هو قانوني طرح با اختيار آهن. پر انساني ۽ اخلاقي طور تي اها کلي نا انصافي آهي ته هيروئن، آفيم ۽ چرس جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن کي ته معافي ملي، جيڪي معاشري ۾ ڪيترن ئي برائين جي پيداوار جو ڪارڻ بنجن ٿا، ڦرون، ڌاڙا، اغوا ۽ ٻين سنگين قسم جي ڏوهن وارن ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن کي معافي لڳي يا نيب جي ساڳئي نوعيت جي ڏوهن ۾ ٻين ڪورٽن مان سزا يافته قيدين کي اها رعايت ملي، پر فقط نيب جي متاثرين کي ان کان محروم رکجي. اهي معيار اتي ٿي سگهن ٿا جتي بنيادي انساني حقن جي اهميت هجي.

موجوده حڪومت وٽ ان قسم جو ڪو به معيار ۽ قدر نه آهي، نه ئي ان جي وفادار عدالتن مان اها اميد رکي سگهجي ٿي ته ڪو اهي صدر پاڪستان کي اها هدايت ڏينديون ته اهو پنهنجي حڪم ۾ تبديلي يا ترميم ڪري هن ناانصافيءَ جي تلافي ڪري. 30-2 وڳي اسان جي گڏجاڻي 17 وارڊ جي ورانڊي ۾ شروع ٿي جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي نيب جا متاثرين شامل هئا ۽ ڪجهه ٻين ڪيسن ۾ ملوث قيدي به هئا. گڏجاڻيءَ ۾ اهو فيصلو ٿيو ته سڀ کان پهرين صدر کي اپيل موڪلجي، جنهن کان پوءِ اخبارن جي ذريعي اپيلن جي مهم هلائجي ۽ آخر ۾ عدالت سان رجوع ڪجي. ان سڄي ڪم جي لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي، جيڪا اپيلن جو مسودو ٺاهيندي، ڊرافٽنگ وغيره ڪندي ۽ انهن جو خرچ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سڀني متاثرن کان فنڊ گڏ ڪندي. چئين وڳي گڏجاڻي ختم ٿي، جنهن کان پوءِ آئون ڪجهه ٽائيم ڪشوءَ وارن جي ڪمري ۾ اچي ويٺس ۽ ساڻن ڪچهري ڪري واپس پنهنجي وارڊ تي آيس.

 

17/12/2001

اڄ عيد هئي. اسان کي صبح جو سوير اٿي نماز جي تياري ڪرڻي هئي. آئون اڃا ستو پيو هئس ته منهنجي ڪن تي خان محمد جو آواز پيو. خان محمد اسان جي ڪمري جي دروازي تي بيهي چيو، ”توهان کي نماز ڪانهي پڙهڻي ڇا؟ نماز جو وقت ٿي ويو اٿو.“ مون وقت ڏٺو، اَٺ ٿي رهيا هئا. وريام فقير اڃا ستل هو. مون کيس چيو، اسان تيار ٿي پهچون ٿا. ذڪريا غني پهرين تيار ٿيو ويٺو هو. اسان به تيار ٿي 30-8 وڳي ڪمپيوٽر سينٽر جي سامهون واري مسجد ۾ عيد  نماز پڙهڻ لاءِ پهچي وياسين. نماز پڙهڻ کان پوءِ اتي ئي هڪٻئي کي عيد مبارڪ ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. نماز پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي وارڊ ڏانهن ايندي آئون ۽ فقير وريام پهرين خان محمد سان گڏجي 14 وارڊ ۾ وياسون. جتي ڪجهه دير اسلام الدين ۽ خان محمد وٽ ويٺاسين، جنهن کان پوءِ پنهنجي وارڊ تي آيا سين، ته عيد ملڻ لاءِ آيل دوستن جو سلسلو شروع ٿي ويو. تقريبا 00-2 وڳي تائين هڪڙا دوست ويا ٿي، ته ٻيا آيا ٿي.

ڪشو ۽ راجو به عيد ملڻ لاءِ آيل هئا. انهن چيو ته ماني اسان وٽ هلي کائو. آئون ۽ وريام فقير سيٺ ڪشو جي ڪمري تي ويا سين، جتي رميش اديسي به هو، اسان سڀني گڏجي ماني. 30-3 وڳي اسان پنهنيج وارڊ تي آيا سين ته ماڙيءَ تان ملاقات جي پرچي آئي. ويس ته ڊاڪٽر خليل، ادي شهناز ۽ انهن جا چار ئي ٻار ملاقات لاءِ آيل هئا. اديءَ وارا حيدر آباد کان سڌو جيل تي آيا هئا. ادي جڏهن به ملاقات تي ايندي آهي، ته مون کي ڏسي ڏکاري ٿي پوندي آهي، پر پوءِ هڪدم پنهنجون پاڻ کي سنڀالي وٺندي آهي. اديءَ واري سان آئون ڪچهري ڪري رهيو هئس ته جبار اچي ٻڌايو ته توهان جا ٻيا به ملاقاتي آيا آهن. مون کيس چيو ته انهن کي سڏيو ۽ هتي ويهڻ جي جڳهه ڪريو. عيد جي ڪري ملاقات تي رش تمام گهڻي هئي. بينچن تي ويهڻ جي جڳهه به نه هئي. عيد جي ڪري سي ڪلاس جي ڪافي قيدين جا مائٽ به ڪجهه پئسا خرچ ڪري ماڙي تي ملاقات ڪري رهياهئا. هونئن ته “C” ڪلاس جي قيدين کي ماڙيءَ ۾ ملاقات ڪرائڻ جو سلسلو هتي ڪافي وقت کان شروع ٿي چڪو هو، پر عيد جي ڪري اڄ اهو مڙيئي سرس هو.

اڳ عام طرح عيدن تي جيلن ۾ ملاقاتون نه ٿينديون هيون. عيد جي موڪلن وارن ڏينهن ۾ جيل بند رهندو هو. فقط عيد جي ماني ۽ ٻيو سامان وغيره قيدين کي اندر پهچايو ويندو هو. عيد تي ملاقاتن وارو سلسلو ٻڌايو وڃي ٿو ته گذريل رمضان واري عيد کان شروع ٿيو آهي. گذريل رمضان ۽ حج واري عيد تي پوري سنڌ ي جيلن ۾ ٽي ٽي ڏينهن ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو. ٻڌايو پيو وڃي ته قيدين کي اها سهولت ڏيارڻ ۾ آءِ جي نثار مهر ۽ ڪراچي جيل جي اڳئين سپرنٽينڊنٽ جو ڪردار هو.

قاسم ميمڻ، عزيز ميمڻ، عثمان جلالاڻي، اقبال کوکر مٿي آيا. آئون اديءَ وارن کي روانو ڪري ساڻن سچي ويٺس. ڪجهه وقت تائين همراهن سان ڪچهري ۽ حال احوال ٿيا. جنهن کان پوءِ موڪلايائون. ستين وڳي خان محمد اسان جي وارڊ تي آيو. آئون، فقير ۽ ذڪريا ويٺل هئاسين. اڌ ڪلاڪ کن ساڻن ڪچهري ٿي. ايتري ۾ ڊاڪٽر امبرت آيو. ڊاڪٽر اسان وٽ هڪ نه ٻئي ڏينهن ضرور ايندو آهي، جو وريام فقير جو بلڊ پريشر چيڪ ڪرڻو هوندو اٿس.

00-9 وڳي وارڊن نذر لوهراڻي اسان کي بند ڪيو. اسان جو وارڊر شبير ڪلهه کان موڪل تي ڳوٺ ويو آهي. انهيءَ ڪري ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ ايندو. نذر 16 وارڊ جو وارڊر آهي. شبير ۽ پاڻ موڪل جي صورت ۾ هڪ ٻئي جو بار کڻندا رهندا آهن. نذر تمام ماٺيڻو همراهه آهي. اڄوڪي عيد جيل جي اندر منهنجي پهرين عيد هئي.

 

18/12/2001

00-12 وڳي تيار ٿي 16 وارڊ ۾ ويس، هتي ڪلاڪ کن همراهن وٽ ويٺس. ان کان پوءِ 18 وارڊ ۾ شعيب بخاري سان ملڻ ويس، ساڻس موجوده سياسي صورتحال تي سٺي ڪچهري ٿي. بخاري صاحب جيڏي مهل به مون کي ملندو آهي، ته اهوئي چوندو آهي، ”اوهان اندر ڇو ويٺا آهيو! هاڻي ٻاهر نڪرو.“ شعيب بخاري سان منهنجي واقفيت 1990ع کان آهي، جڏهن اسان ڄام صاحب (ڄام صادق علي) جي حڪومت ۾ گڏ هئاسين. پر ساڻس وڌيڪ ويجهڙائپ لياقت جتوئي صاحب جي حڪومت ٿي، جڏهن اهو اسان سان ڪابينا ۾ گڏ هو. تڏهن حڪومت ۽ متحده (ايم ڪيو ايم) جي وچ ۾ جيڪي مسئلا يا اشوز هئا، انهن لاءِ عملي ڪميٽي ۾ به اسان گڏ هئاسين. حڪومت طرفان چيف منسٽر لياقت علي جتوئي، سليم ضياءُ ۽ آئون هوندا هئاسين، جڏهن ته متحده پاران آفتاب شيخ، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ شعيب خاري هوندا هئا. ان ڪميٽي جون ميٽنگون اڪثر ٿينديون رهنديون هيون، جن ۾ متحده جي گهرجن ۽ شڪايتن جو جائزو ورتو ويندو هو. گهڻو ڪري اهي گڏجاڻيون سٺي ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ٿينديون هيون، جڏهن ته ڪڏهن گرمي ۽ تلخي به پيدا ٿيندي هئي، پر اها تلخي يا سرد مهري گهڻي وقت تائين نه رهندي هئي.

اهڙيءَ طرح هڪ گڏجاڻي، جيڪا چيف منسٽر هائوس جي ڪميٽي روم ۾ ٿي رهي هئي، ان ۾ شعيب بخاري ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي، جنهن تي لياقت جتوئي سخت چڙي پيو ۽ فائل کڻي ٽيبل تي اڇلايائين. اها گڏجاڻي اتي ئي برخاست ٿي وئي. ايم ڪيو ايم سان گڏجاڻين ۾ روزمره جي حڪومتي ڪار وهنوار ۽ ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل وزارتن جي مسئلن کان علاوه ڪجهه اهڙا مسئلا به هوندا هئا، جيڪي انهن جي معاهدي ۾ شامل هوندا هئا. انهن ۾ مک مسئلو ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تان سڀ ڪيس واپس وٺڻ جو هو، جيڪي گهڻو ڪري ميان نواز شريف جي دور ۾ 39-1992 واري آپريشن ۽ بيظير ڀٽو جي ٻئي حڪومتي دور ۾ ٺهيا هئا.

مسلم ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو هو، جيڪو اسلام آباد ۾ تيار ڪيو ويو هو. اهو معاهدو ايترو ته جلد بازيءَ ۾ ڪيو ويو هو ۽ ان ۾ ڪيترائي اهڙي نڪتا شامل هئا، جيڪي ڪافي بحث طلب هئا يا انهن تي عمل صورت ڪافي مونجهارا ۽ مشڪلاتون يا اشوز (Issues) سنڌ سان تعلق رکندڙ هئا. اهو معاهدو اسلام آباد ۾ طئي ٿيو، ٻنهي ڪميٽين جي وچ ۾ ڳالهيون به اتي ٿيون. مسلم ليگ جي جيڪا ڪميٽي ايم ڪيو ايم سان ڳالهائي رهي هئي، ان ۾ سنڌ جي نمائندگي نه هئي.

جيتري قدر مون کي ياد آهي ته مسلم ليگ پاران چوڌري نثار، اسحاق ڊار، حليم صديقي ۽ لياقت جتوئي ان معاهدي تي حصحون ڪيون. لياقت علي جتوئيءَ کي ته سڀ معاملا طئي ڪري، معاهدي جو ڊرافٽ تيار ڪري آخري وقت تي فقط صحيح ڪرڻ جي لاءِ گهرايو ويو. ڳالهين ۾ سنڌ مان حليم صديقي ته موجود هو، پر ان جو به تعلق ڪراچيءَ سان هو، هو سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۾ اختلافن ۽ تڪراري معاملن ۾ سنڌ جي موقف کان واقف نه هو. جنهن سبب ڳالهين واري ڪميٽيءَ ۾ سنڌ مان اهڙو ڪو به ماڻهو موجود هو، جيڪو معاهدي ۾ شامل نقطن يا طئي ٿيندڙ معاملن متعلق سنڌ جو صحيح موقف اختيار ڪري سگهي يا ان معاهدي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سياسي اثرن کان آگاهه ڪري سگهي.

سنڌ جي مسلم ليگ حڪومت بنيادي طرح مخلوط (Coalition) حڪومت هئي، جيڪا رڳو مسلم ليگ  ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ نه پر ٻين ڪيترن ئي گروپ ۽ آزاد ميمبرن تي ٻڌل هئي. جيڪڏهن اهي ڳالهيون اسلام آباد جي بجاءِ ڪراچيءَ ۾ ٿين ها ته ان ۾ وفاقي حڪومت جي نمائندن کان سواءِ مسلم ليگ جي ايم ڪيو ايم سان ڳالهين واري ڪميٽيءَ ۾ سنڌي ميمبر شامل هجن ها، ته اهو معاهدو وڌيڪ قابل عمل حقيقي بنيادن تي ٿي سگهي ها ۽ ان جي يڪطرفي هئڻ وارو تاثر قائم نه ٿي ها. اهو ئي سبب هو جو معاهدي کان پوءِ ڪيترن ئي تڪراري مسئلن تي ”وقت ڪڍڻ“ واري طريقي کان ڪم وٺندي انهن کي هميشه پوئتي رکيو ويندو هو. شروعاتي گڏجاڻين ۾ ته ايم ڪيو ايم اهو زور ڏيندي هئي ته هر حڪومتي عمل ان معاهدي مطابق ٿيڻ کپي، پر ڪجهه وقت گذرڻ سان اهي به سمجهي ويا ته معاملو جيئن هلي ٿو تيئن هلائڻو آهي.

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تان ڪيس واپس وٺڻ جو مسئلو انتهائي منجهيل هو. جيڪي ان سلسلي ۾ هلڪي نوعيت جا ڪيس هئا، اهي شروعاتي پنجن ڇهن مهينن اندر ختم ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا، پر اهڙا ڪيس جيڪي سنگين ڏوهه (Heinous crimes) جي دائري ۾ آيا ٿي، انهن کي واپس وٺڻ ۾ ڪيترائي مونجهارا هئا، جنهن ۾ قانوني مسئلا ته ضرور موجود هئا، پر انهن کان وڌيڪ ان جي پويان ٻيون قوتون ڪارفرما هيون، جن ان وقت نٿي چاهيو ته متحده کي سڀني ڪيسن مان آجو ڪري کين آزاد ڇڏي وڃي.

آئون انهن ڪيسن جي سلسلي ۾ ٺاهيل ڪميٽي ۾ به شامل هئس، ان ڪري ان سلسلي ۾ ٿيل ڪيترين ئي گڏجاڻين ۾ موجود هوندو هئس. شروعاتي گڏجاڻين ۾ ڪئپٽن حليم صديقي، قاضي خالد علي، آفتاب شيخ، آئون ۽ ڪجهه سرڪاري آفيسر هوندا هئاسون. قاضي خالد علي ۽ ڪئپٽن حليم صديقي جي وچ ۾ اڪثر گرما گرمي ٿيندي رهندي هئي. جنهن ڪري اهي ڪڏهن ته گڏجاڻيءَ مان اٿي هليا ويندا هئا.

مون لياقت صاحب کي چيو ته مون کي هن ڪميٽي تي نه رکو، هي قانوني ڳالهه يا ڪم ڪار جي باري ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي بيوس محسوس ڪري تڏهن احساس ٿيندو آهي، ته ماڻهو قيد ۾ آهي. مثلاً: آئون هن ئي ورانڊي ۾ پڙهي رهيو هئس ته منهنجي ڪنهن خيال ۾ به اهو نه هو ته هڪ سال ختم پيو ٿئي ۽ ٻيو اڄ نيو ييئر، نئون سال آهي. مون کي خيال آيو ته جيڪڏهن مون وٽ موبائل فون هجي ته ڪافي دوستن کي نئين سال جون مبارڪون ڏيان. ڪڏهن ڪڏهن جيل ۾ ماڻهو کي ان قسم جا خيال ايندا آهن، جن جو پورو ٿيڻ هن لاءِ عملي طرح ناممڪن هوندو آهي. هونئن به ٻاهرين دنيا هجي يا جيل، انسان سدائين هڪڙي پور ۾ نه هوندو آهي، جيئن شاهه سائين فرمايو آهي ته:

ڪڏهن من ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن،

سڄڻ سارو ڏينهن، هينئون نه هڪڙي هنڌ.

ڪڏهن ماحو درياهه به پار ڪري ويندو آهي، ته ڪڏهن ننڍڙي ناليءَ تي به اٽڪي بيهي رهندو آهي. پر ڇا، انسان جو لاچاريون، بيوسيون ۽ بي اختياريون فقط جيل ۾ هونديون آهن! يا ٻاهر به هونديون آهن؟ اسان جي ملڪ جي ٻاهرين ۽ آزاد سڏجندڙ ماحول ۾ هر روز گهٽ ۾ گهٽ هڪ درجن کان وڌيڪ حياتيون پنهنجي محرومين، ذلتن، تنگدستين ۽ مايوسين جي عالم ۾ خود پنهنجي زندگيءَ جا ڏيئا گل ڪرڻ تي مجبور ٿينديون آهن، خود ڪشي مايوسي، لاچاري ۽ بيوسي جي ڪيفيت جي انتها هوندي آهي. اسان ملڪ جي هن ”آزاد“ ماهُل ۾ ڪئين ٽڙندڙ گلن جهڙيون خوبصورت جوانيون پاڻ کي موت جي اوندهي کوهه ۾ اڇلائڻ پنهنجو مقدر سمجهنديون آهن. روزانو ڪيترائي پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪندڙ اڪيلا فرد، پنهنجو انت آڻي پنهنجي ڪٽنب ۽ گهر ڀاتين کي بي سهارو ۽ لاوارث ڪري، انهن کي بيرحم تقدير ۽ نصيب جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن.

اهو سڀ اسان جي آزاد دنيا جي زندگيءَ جو روز جو معمول آهي. ڪڏهن ته ائين محسوس ٿيندو آهي، ته جيل جي هنن ديوارن جي اندر بند هزارين قيدين کي جيڪا دال ۽ لنگر جي روٽي (ماني) ملندي آهي، ٻاهر جي آزاد دنيا ۾ لکين انسان پنهنجو پاڻ کي ان دال مانيءَ لاءِ ڪيترو نه لاچار، مجبور ۽ بيوس محسوس ڪندا آهن. جيل جي اسپتال ۽ ٽي بي وارڊ جي اندر بيمار قيدين تي رحم کائي ٻاهريان سرنديءَ وارا ماڻهو يا ادارا جيڪي دائون کين مفت مهيا ڪن ٿا، انهن ئي دوائن جي حاصلات ۾ ٻاهر جي آزاد ماحول جا ڪيترائي بيمار نهايت لاچار ۽ بيوس هوندا آهن ۽ انهن دوائن جي نه ملڻ سبب سڏڪي سڏڪي ساهه ڏيندا آهن.

اسان جو ٻاهريون ماحول هڪ وڏو قيدخانو آهي. اسان جي ملڪ جي عوام جي گهڻائي اڃا آزادي ڏٺي ئي ڪونهي، اهي آزاديءَ جي صحيح تصور کان ئي اڃا اڻواقف آهن. اسان جو معاشرو اڃ اڪيترن ئي قسمن جي غلامين ۾ قيد آهي ۽ ان ۾ قيدن جون ڪيتريون ئي شڪيون ۽ سطحون قائم آهن. مثلاً: هتي جيل جي اندر به جيل قائم ٿيل آهن. جيل جي اندر جنهن وقت شام جو قيدين کي سندن وارڊن جي اندر واڙيو ويندو آهي، ته ان کي بند ٿيڻ سڏيو ويندو آهي. تيستائين قيدي جيل جي چار ديواري (ڪوٽ موقع) جي اندر پنهنجو پاڻ کي آزاد محسوس ڪندو آهي. هتي جن قيدين کي بند وارڊ ڪيو ويندو آهي، اهي جيل جي اندر ٻي جيل ۾ هوندا آهن. ٻين قيدين سان سندن ملاقات تي بندش هوندي آهي. انهن جي لاءِ جيل جي ٻاهرين تازي هوا ۽ روشني هڪ خواب بڻجي ويندي آهي. بند وارڊ جي کوليءَ جون ڪاريون ديواريون چوويهه ئي ڪلاڪ انهن جي اکين اڳيان هونديون آهن. بند وارڊ وارو قيدي يا ڦاسي گهاٽ جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ پيل قيدي، جيل جي باقي قيدين کي ٻاهر يا آزاد سمجهندو آهي.

ائين اسان جو ٻاهريون معاشرو به تقريبا قيدي آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا بند ۽ قيد خانا آهن، جنهن ۾ ماڻهو جبر ۽ معاشرتي استحصال ۾ ڦاٿل آهن. اسان جي عوام جي گهڻائي اها آهي جنهن تي اهي مجبوريون، بي وسيون، بکون ۽ مفلسيون، زبردستي مڙهيون ويون آهن. معاشري جي مختلف شعبن جي مراعات يافته طبقن پاران ان عوام جو سڌي يا اڻسڌيءَ طرح ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان استحصال ٿيندو رهي ٿو، ان استحصال جي نتيجي ۾ ئي ٻاهرين دنيا وڌيڪ ڀوائتي قيدخاني ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي. اسان جي معاشري جو جيڪو مراعات يافته طبقو آهي، ان ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجو پاڻ تي هڪ رضاڪاراڻي قسم جي قيد جو خول چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ هو پنهنجي ان خول کان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي. اهي سياستدان هجن يا بيوروڪريٽ، بزنس مين، بينڪرس، اديب، دانشور، سياسي ورڪر، صحافي، انساني حقن جا علمبردار، اين جي اوز هلائيندڙ رضاڪار ۽ اسان جو ٻيو وچولو طبقو، اڪثر پنهنجي مخصوص خول جي اندر قيد آهن. پنهنجي مخصوص ڍنگ ۽ طريقيڪار جي زندگي تائين محدود آهن. پنهنجي ان اسٽيريو ٽائپ زندگي کان ٻاهر جي زندگيءَ سان هنن جو ڪو به تعلق نه آهي. سندس گهڻائي پنهنجي مشيني انداز جي زندگيءَ جي چوڌاري گهمندي رهندي آهي، گهاڻي يا کوهه تي ٻڌل پاڻي ڇڪڻ واري ان اُٺ وانگر جنهن جي اکين مٿي اکيا چڙهيل هوندا آهن ۽ اهو ساڳئي دائري جي چوڌاري گهمندو رهندو آهي. ان دائري کان ٻاهر جي دنيا جو کيس ڪو به واءُ نه هوندو آهي. اهو ان هڪ دائري اندر سفر ڪندي ڪندي هزارين ميلن جو فاصلو طئي ڪري چڪو هوندو آهي، پر سندس منزل ان گول چڪر جي اندر ئي هوندي آهي، هو سڄي عمر ان کان ٻاهر نه نڪري سگهندو آهي. انهن ۾ ڪي اٽي ۾ لوڻ جيترا مس هوندا، جيڪي پنهنجي ان مخصوص ڍنگ واري زندگيءَ کان ٻاهر جهاتي پائي سگهن، سندن عقل، ڏاهپ ۽ سمجهه، سندس روايتي زندگيءَ کان ٻاهر جي زندگيءَ جي حقيقتن ۽ ضرورتن جو به ادراڪ ڪري سگهي.

سنڌ جي جيلن جي حالت بي انتها خراب آهي. هتي هر روز بدترين تشدد جا وار ڪانڊرايندڙ واقعا ٿيندا رهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن جيل جي مسئلن تي انساني حقن جي ڪميشن يا ڪجهه اين جي اوز جا بيان ڏسڻ ۾ ايندا آهن. پر اهي بيان به روايتي ۽ ساڳئي رينگٽ وارا هوندا آهن، ۽ جيڪي ڪٿي ڪو احتجاج به ٿيندو آهي ته اهو رڪارڊ جي پورائي ڪرڻ وارو هوندو آهي. باقي ٻي دنيا جو ته جيل سان ڪو واسطو ئي نه هوندو آهي. آئون خود پنهنجي پوزيشن تي سوچيندو آهيان ته جڏهن اسان کي جيل ۾ رهندڙ قيدين جي مسئلن طرف توجهه ڏيڻ کپندو هو ۽ انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ کپوندو هو، تڏهن اسان ان تي توجهه نه ڏنو. حالانڪه آئون هن کان اڳ جيل ۾ نه رهيو آهيان ۽ نه ئي جيل جي اندروني معاملن کان ايتري واقفيت هئي، پر تڏهن به بابا جي شهادت کان اڳ تقريباً ڏهن سالن تائين ملاقاتن جي بهاني مختلف جيلن تي منهنجو لاڳيتو اچڻ وڃڻ رهيو آهي. جيلن تي وڃي ملاقاتون ڪرڻ ۽ ملاقاتن لاءِ ماڙيءَ جي ٻاهران گرمي ۽ سرديءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي انتظار ڪرڻ ڪيترو ڏکيو ۽ تڪليف وارو ڪم آهي، ان کان آئون چڱي واقف هئس. پنهنجي وزير رهڻ جي ٻنهي دورن ۾ آئون ڪنهن اهڙي وي مسند تي ويٺل نه هئس، جو جيڪو چاهيان اهو ٿي پوي ها پر اهو پاسو به ڌيان ۾ هجي ها ته ان سلسلي ۾ ڪوشش جي پوزيشن ۾ ضرور هئس.

اهو خول جنهن ۾ اسان جو مٿيون ۽ وچولو طبقو قيد آهي، يعني پاڻ کان ٻاهرين دنيا کان بلڪل بيخبر، پنهنجي دنيا ۾ غرق ۽ ان کي ئي ڪل ڪائنات سمجهڻ. جيڪڏهن ان ڪلاس سان تعلق رکندڙ ڪو ماڻهو، پوءِ ڀلي اهو زندگيءَ جي ڪهڙي به شعبي سان تعلق رکندو هجي، پنهنجي ان مخصوص دائري کان ٻاهر نڪري، ڪا سرگرمي ڪري به ٿو، ته گهڻو ڪري ان ۾ فلاح، بهبود ۽ سچائيءَ وارو پاسو گهٽ پر پنهنجو نماءُ ۽ ميڊيا جي زينت بنجڻ وارو پهلو وڌيڪ هوندو آهي. اهو مرض آهي، جنهن اسان جي معاشري کي اڏوهيءَ وانگر کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي.

هاڻي اسين ايترا بي وزن ۽ هلڪا ٿي ويا آهيون جو اسان مان ڪنهن کي به ڪو ڊپ نه ڊاءُ، نه ڪو خوف خطرو آهي. پراڻي چوڻي وانگر،”جڏهن ڪنهن سنڌڙي، توکي ڪنڌاران جوکو، هاڻي اهو جوکو سنڌ کي سنڌ جي ”ڪنڌاران“ مان پيو ڏسجي“ سو اهي قوتون جن کي سدائين سنڌ کان ڊپ محسوس ٿيندو هو، اهي هينرئ سنڌ کان بنهه بي اونيون ٿي پيون آهن، ۽ هئڻ به کپين، جو سنڌ جون مڙيئي قوتون پنهنجي مفاد پرستي خاطر انهن جي چوڌاري گهمي رهيون آهن. انهن پنهنجي اقتدار جو تڪيو عوامي قوت تي نه پر انهن پردي پويان وارين قوتن تي ڪيو آهي، جيڪي اڄ ڏينهن تائين ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جا ڌڻي رهيا آهن. حقيقت ۾ اصل طاقت عوام ئي هوندو آهي، پر بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ اقتدار جي ڀڃ ڊاهه ۽ جوڙجڪ ۾ عوامي طاقت کي ثانوي ۽ ٻين قوتن کي بنيادي حيثيت حاصل رهي آهي. ان صورتحال کي پيدا ڪرڻ ۾ هڪ ته بين الاقوامي تبديلين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، ٻيو ته اسان وٽ سچن، ايماندار ۽ قابل ماڻهن جو ڏڪار ٿي ويو آهي. اڄ ڪلهه لقب لقاب ته همراهن جي اڳيان ۽ پويان گهڻا لڳل آهن. پر انهن کي ڇڏي زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو جائزو وٺون ته ڳولڻ سان به شايد ئي ڪو اهڙو ماڻهو ملي.

 

جيل جا ڏينهن، جيل جون راتيون، هوم  

 
 
 
 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >