جون 2001ع

 

18/6/2001

ساجهر اک کلي ته گهڙي نه هئڻ ڪري وقت جو اندازو نه پئي ٿيو پر منهنجو خيال هو ته اڃا صبح جا 00-6 مشڪل سان ٿيا هوندا. مون پاسي ۾ پيل ٿرماس مان ٿورو پاڻي پيتو ۽ وري سمهي پيس. ٿوري دير کان پوءِ اُٿيس، دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪيم، سپاهي آيو. پڇيومانس ته ”ٽائيم ڇا ٿيو آهي؟“ چيائين ته ”00-8 ٿي رهيا آهن.“ پڇيومانس ڪورٽ ڪيڏي مهل وڃبو؟“ چيائين، ”اهو آءِ او تي منحصر آهي ته ڪيڏي مهل ٿو اچي. پر توهان ڏهين بجي تيار رهجو.“ مون چيو، ”در کول ته آئون باٿ روم وڃان.“ هن دروازو کوليو. آئون ٽوٿ پيسٽ ۽ برش کڻي باٿ روم مان ٿي آيس. مون وري ٺڪ ٺڪ ڪري سپاهي کي سڏيو ۽ چيو، مون کي منهنجو ٿيلهو آڻي ڏي جو مون کي تيار ٿيڻو آهي. چيائين ته ”ٿيلهو توهان کي نٿو آڻي ڏئي سگهيان، توهان کي ان مان ڪهڙي ڪهڙي شيءِ کپي ٻڌايو ته اها ڪڍي آڻي ڏيندس.“ مون کيس چيو ته ڪئنچي،اڳٺ، ڪپڙا ۽ شيو جو سامان کڻي اچ. هو ڪئنچي ۽ آفٽر شيو کان سواءِ ٻيو سڀ کڻي آيو. چيومانس، شيو ڪيئن ڪندس؟ توهان جي ٻنهي واش رومس ۾ آئينو ته آهي ئي ڪونه؟ مون کي چيائين، ”ننڍو آئينو توهان کي آڻي ٿو ڏيان، هڪدم شيو ڪري مون کي واپس ڪندا جو توهان کي شيشو يا آئينو رکڻ جي اجازت نه آهي.“ مون ڪپڙن ۾ اڳٺ وڌو، هڪ ڀڳل ٽٽل ننڍڙو آئينو ملڻ کان پوءِ شيو ڪري وهنجي آيس. وري ٺڪ ٺڪ ڪري سپاهي کي سڏ ڪري چيم ته آفٽر شيو لوشن وساري آئين. جواب ڏنائين، ته کڻي ٿو اچان، پر اها شيشي جي بوتل وساري آئين. جواب ته کڻي ٿو اچان، پر اها شيشي جي بوتل آهي، توهان کي ڏيئي نٿو سگهان. توهان اهو منهنجي سامهون لڳائي مون کي واپس ڪيو. آئون تيار ٿي ڪورٽ وڃڻ جو انتظار ڪرڻ لڳيس. تقريباً 30-11 ڌاري انچارج اچي ٻڌايو ته هلڻ لاءِ تيار ٿيو.

آئون ٻاهر آيس، ته سڪندر بلوچ انسپيڪٽر ۽ ٻيا پوليس وارا مون سان گڏ آيا. ٻاهر هڪ پوليس جي موبائل بيٺل هئي ۽ هڪ سوزڪي جيپ هئي، جنهن جو پويون دروازو کليل هو. سڪندر بلوچ ايف آءِ اي ۾ انسپيڪر آهي. کيس آئون سڃاڻندو نه هئس، پر سندس نالي جي خبر مون کي ڪورٽ تي پئي. مون کي سوزڪي جيپ ۾ پويان ويهاريو ويو، انسپيڪٽر اڳيان ويٺو. موبائل اڳيان ۽ سوزڪي جيپ پويان هئي. اسان مائي ڪولاچي روڊ کان ڪورٽ پهتا سين. ڪورٽ جي ٻاهران ئي اسان وارا همراه گهڻي تعداد ۾ ٻاهر بيٺل هئا. مون کي سڌو ڪورٽ ۾ وٺي ويا. آئون ويٺس ئي مس ته محمد يوسف لغاري، سليمان ڏاهري، حاجي خان ڪولاچي، شاهنواز، سلم ۽ ٻيا همراه ڪوٽ ۾ آيا.

انويسٽيگيشن آفيسر حاجي قدير به اچي پهتو. مون کي نيب جي ايڊمنسٽريٽر جج رحمت حسين جعفري وٽ وٺي ويا. ان جي ريڊر آئي- او حاجي قدير کي چيو ته هي ريفرنس اڳيئي ڪورٽ نمبر 2 ۾ هلندڙ آهي، تنهن ڪري توهان کي رمانڊ به ان ئي جج کان وٺڻو پوندو. جنهن ڪري اتان وري واپس رياض ڦلپوٽو جج وٽ وٺي آيا. ان وچ ۾ جنهن وقت به ڪنهن جج وٽ پيش ٿيڻ جي تياري ٿي ته مون کي هٿ ڪڙي لڳايائون ٿي. ڦلپوڙو جج وٽ پيش ڪيائون ته ان وقت به نيب جي پوليس هٿ ڪڙي لڳائڻ پئي چاهي، پر ريڊر جي منع ڪرڻ تي نه لڳايائون. ملڻ وارا ڪافي همراهه آيل هئا، پر جج کان فارغ ٿي سڀني سان ملڻو هو.

جنهن وقت انويسٽيگيشن آفيسر مون کي اندر وٺي ويو، ته يوسف لغاري ۽ پرازڪيوٽر اندر جج وٽ ويٺل هئا. ماما يوسف لغاري وڪيل ٿي، نه پر منهنجي ڪورٽ ۾ حاضري جو ٻڌي ملاقات لاءِ آيو هو ۽ نيب ڪورٽ ۾ منهنجي پهرين حاضري تي ذاتي تعلق جي حيثيت ۾ وڪالت ڪيائين. جج وٽ وڃڻ کان پهرين آئون ساڻس جڊيشل ڪسٽڊي، بي ڪلاس ۽ ملاقات جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري چڪو هئس. جڏهن حاجي قدير منهنجي جسماني رمانڊ (Physical Custody) لاءِ جج، کي درخواست پيش ڪئي ته جج چيو، آءِ- او صاحب هي ڇا کڻي آيو آهين؟ آءِ او حاجي قدير چيو، سر جسماني ريمانڊ جي لاءِ. جج چيو، ڇا جو ريمانڊ؟ انويسٽيگيشن ته مڪمل آهي. حاجي قدير چيو، سائين اُهو انٽرم ريفرنس هو. جج ڦلپوٽو پرازيڪيوٽر کي چيو ته هن کي ڪجهه پڙهايو، نيب آرڊيننس ۾ ڪٿي آهي انٽرم ريفرنس؟ جسماني رمانڊ نه ٿيندو. مون کان پڇيائين، توهان کي ڪڏهن گرفتار ڪيو اٿن؟ مون ٻڌايو ته ٽيون ڏينهن. جج 9 جولاءِ تائين جيل ڪسٽڊي جو آرڊر ڪيو. وڪيل کيس بي ڪلاس جو چيو، جيڪو پڻ آرڊر ڪري ڏنائين ۽ ڪورٽ ۾ سڀني همراهن کي تمام گهني خوشِ ئي. مون کي به ڪجهه گهڙيون اڳ، اهو تصور ۾ به ڪو نه هو، ته آئون هتان سڌو جيل ويندس. مون ٽن ڏينهن کان ئي ذهني طرح پنهنجو پاڻ کي تيار پئي ڪيو ته مون کي 90 ڏينهن ايم پي اي هاسٽل جي سرونٽ ڪوارٽر جي سيل ۾ ئي رهڻو آهي.

گذريل ڏيڍ سال جي اندر ڪو به اهڙو ڪيس نه ٿيو هو، جنهن ۾ نيب وارن ڪنهن قيديءَ کي پنهنجي ڪسٽڊي ۾ رکڻ چاهيو هجي ته انهن کي رمانڊ نه مليو هجي. اها ڳالهه جيتري قدر منهنجي لاءِ غير متوقع ۽ Surprising هئي، ايتريقدر ئي نيب آفيسرن جي لاءِ ڌچڪو (Shocking) هئي. هو منهنجو رمانڊ وٺي وڃڻ کان پوءِ پنهنج ڪم ڪرڻ لاءِ مڪمل تيار ڪري چڪا هئا. آءِ او حاجي قدير انتهائي بخيل ٿي ويو. سندس چهري تي بي وسي ۽ چڙجا آثار نمايان نظر اچي رهيا هئا. اسان ڪورٽ ۾ همراهن سان ملڻ لاءِ وڃي ويٺا سين چاچا پوڙهو، ڊاڪٽر خليل، مشتاق نظاماڻي، حاجي خان ڪولاچي، فدا، ڀٽي، يوسف جت، گل محمد، عبدالله، خيرو، ادي شهناز کانسواءِ ٻيا ڪافي همراه آيل هئا. جن سان ڪافي دير تائين گپ شپ ٿيندي رهي.

نيب ٿاڻي واري پوليس مون کي جيل لاءِ کڻي آئي. وچ ۾ پهرين ايم پي اي هاسٽل تي ويا سين، جتان ايس ايڇ او منهنجو اندر پيل سامان ٻاهر کڻائي آيو. سامان کڻي اسان سڌو جيل تي آيا سين. جيل تي ماڙيءَ جي اندر آيس، ته پهرين رزاق عباسي جيلر جي آفيس ۾ اچي ويهاريائون. مون کي چيائون، توهان ويهو، چانهه وغيره پيو پوءِ توهان کي صاحب وٽ وٺي ٿا هلون. ٿوريءَ دير ۾ خان محمد مهر آيو. مون کي ڏسي حيران ٿي ويو. چيائين، ”مون هاڻي هتي ٻڌو ته تون آيو آهين؟ آئون ته توهان ڏانهن نياپو ڪرڻ وارو هوس، اوهان ڪيڏا خوش نصيب آهيو جو هُن دوزخ (نيب جي ٿاڻي) مان جان ڇُٽيوَ.“ ٿوريءَ دير ۾ جيلر حسن سهتو به مون سان اچي مليو. خان محمد مون کي چيو ته فڪر بلڪل نه ڪجو، توهان جو سڀ بندوبست ڪري ٿا وٺون. رزاق عباسي مون کي سپرنٽينڊنٽ وٽ وٺي آيو، هتي سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر سرور جمالي آهي. اُن وقت سپرنٽنڊنٽ جي آفيس ۾ ستار ڏيرو، چوڌري شريف، خان محمد مهر ۽ ٻيا ڪجهه همراه ويٺا هئا. سڀني مون کي چيو ته ”توهان هتي ايترو جلد ڪيئن اچي ويا، اسان سمجهو پئي ته توهان کي گهٽ ۾ گهٽ مهينو ٻه ته ضرور اُتي رکندا.“

ڪجهه دير کان پوءِ مون جيل سپرنٽينڊنٽ سرور جمالي کان پڇيو ته مون کي ڪٿي ٿا رکو؟ چيائين ته ”هن وقت اسان وٽ بي ڪلاس جي وارڊن ۾ تمام گهڻي رش آهي. ر هنڌ گنجائش کان وڌيڪ قيدي آهن. مون وٽ جيڪا سڀ کان بهتر (Best available) جڳهه آهي، توهان کي اتي رهايون ٿا.“

مون سان حسن سهتو جيلر گڏي ڏنائين، جيڪو مون کي بي ڪلاس جي 17 ورڊ ۾ وٺي آيو. اتي مون کي عثمان فاروقي ۽ ستار ڏيرو جي ڪمري ۾ جڳهه ڏني وئي. انهن سان گڏ ٽيون مولچند به رهندو هو، مون اتي محسوس ڪيو ته هي ڪمرو وڌ ۾ وڌ ٻن ماڻهن جي رهڻ جو آهي، سو جي آئون چوٿون رهندس ته پاڻ به تنگ ٿيندس ۽ جيڪي اڳي رهن ٿا، اهي به تنگ ٿيندا. حسن سهتي کي چيم ته آئون هتي نه رهندس، مون کي ٻي ڪا صحيح جڳهه ڏيو؟ چيائين، ”سپرنٽنڊنٽ صاحب مون کي توهان جي لاءِ هتي ئي چيو آهي، في الحال هن کان وڌيڪ ٻي ڪا جڳهه آهي به ڪو نه،پر توهان هتي ويهو ۽ سامان رکايو، آئون سپرنٽنڊنٽ کي ٻڌايان ٿو.“

ٿوري دير ۾ جيلر سهتو واپس آيو، چيائين، هلو ته هلون. اسان واپس اچي رهيا هئاسين ته خان محمدمهرمليو،ان چيو ته توهان منهنجي وارڊ ۾ هلي ويهو، تيسين توهان لاءِ 16 وارڊ ۾ بندوبست ٿي رهيو آهي. آئون خان محمدسان گڏجي 14 وارڊ ۾ آي ته حاجي ايوب آفريدي سان ملاقات ٿي، جيڪو خان محمد سان گڏ رهندوآهي. حاجي ايوب جو نالو ته منهنجو ٻڌل هو، پر ساڻس ملاقات اڄ ٿي هئي. اُتي صوفي به ويٺو هو، جيڪو گهڻو چلتو ڦرتو لڳي رهيو هو. ٻڌايائين ته ”عوامي نيشنل پارٽي جو آهيان ۽ شهيد جيورسيءَ ۾توهان جي ڳوٺ به اچي چڪو آهيان.“

ٿوري دير کان پوءِ دائود پٺاڻ آيو، جيڪو پاسي واري 15 وارڊ ۾ رهندوآهي. دائود چيو، مون اڳ ۾ ئي هتي چيو پئي ته منهنجو ڀائٽيو ايندو، پر منهنجو خيال هو ته توکي الاهي ٽائيمهتي (ايم پي اي هاسٽل۾ نيب ٿاڻي تي) رکندا. اسان ڪافي دير تائين حال احوال ڪندا رهيا سين، ٿوريءَ دير ۾ اسلام الدين شيخ به آيو، جيڪو ان ئي وارڊ ۾ رهندو آهي.آخر منهنجو بندوبست 16 وارڊ ۾ ڪيو ويو. خان محمدمون سان وارڊ تائين گڏجي آيو. اتي آيس ته ڪافي همراهه لان ۾ ويٺا هئا. 16 وارڊ ۾ 5 ڪمرا آهن ۽ نئين ڪنسٽرڪشن هُئي. يعني جيل جي اصل عمارت نه هئي، پورو وارڊ هاسٽلوانگر ٺهيل آهي. سڀئي ڪمرا هڪ ٻئي سانمليل آهن. هر ڪمري کي ٻئي ڪمري ڏانهن دورازو آهي. منهنجي کٽ آخري ڪمري ۾ لڳل هئي،جنهن ۾ ٻه ڄڻا اڳ ۾ ئي رهندا آهن. هڪ ثناءُ الله ۽ ٻيو نديم، ٻنهي جو تعلق متحده سان آهي. نديم ”نديم ايس پي SP“ طور مشهور آهي. اسان جي پاسي واري ڪمري ۾ ڪياني ۽ اسد عباسي آهن. انهن کان پوءِ ٽئين ڪمري ۾ مصباح ۽ غلام نبي جت رهيل آهن.مصباح ڪراچي واٽر ۽ سيوريج بورڊ KWSB جو چيف انجنيئر به رهيو آهي. چوٿون ڪمرو الهڏنو ڏاهري ۽ قربان جتوئي جو آهي ۽ آخري ڪمري ۾ عبدالقادر توڪل ۽ عاشق علي رهندا آهن.

16 وارڊ ۾ ثناءُ الله، نديم، غلام نبي، ڪياني، اسد عباسي ۽ اقبال گل جي گڏيل هنڊي آهي،باقيهمراهن مان ڪن جي گهران ماني ايندي آهي ۽ ڪنهنجو الڳ سسٽم آهي. ثناءُ الله ۽ نديم وارن چيو ته اسين جيڪي پاڻ ۾ هنڊيوال آهيون،اڄ توهان جي رات جي ماني انهن جي پاران آهي. تقريباً 00-8 بجي ڪمرن جا ٻاهريان دروازا جيڪي ٻه هئا سي بند ڪيا ويا، باقي اندران ڪمرا هڪٻئي سان مليل آهن. بند ٿيڻ کان ٿوري دير ۾همراهن ماني جي تياري ڪئي. ماني برداشتي تيار ڪري اندر رکي وياهئا. جيڪا کائڻ وقت گرم ڪري لڳائي وئي. اهو ڪم غلامنبي ۽ نديم گڏجي ڪيو.

غلام نبي ۽ مصباح واري ڪمري ۾ گيس جو ڪنيڪشن به آهي، جنهن ۾ٽيبل تي هڪ ننڍو چلهو رکيل آهي. اسان سڀني گڏجي ماني کاڌي.مون محسوس ڪيو ته آئون ٽن ڏينهن کان پوءِ ماني کائي رهيو هوس. مون ڇنڇر جيرات گهر تي مانيکاڌي هئي. وري اڄ اڱاري جي رات هئي. وچ ۾جيڪي 48 ڪلاڪ نيب جي ڪسٽڊي ۾ رهيو هوس هڪ ڀيرو آصف بيگ ناشتي ۾ کير موڪليوهو، جيڪو مون پيتو هو ۽ هڪ ڀيرو حميد جي موڪليل ماني مان ٻه ٽي گرهه کاڌا هئا. گهٽ ان ڪري کاڌم جو آئون مرچن واري ماني کائي نه سگهندو آهيان.باقي سرڪاري ماني يعني رات ۽ ڏينهن ٻئي ويلا دال ۽ ٻه مانيون هر قيدي کي ڏيندا آهن. دال اهڙي هوندي آهي جيڪا مانيءَ تي چڙهندي ئي نه آهي.

 مون پوليس کي ماني ڏيڻ جي منع ڪري ڇڏيوهو. منهنجي ٻاهران ماني آڻڻ جي اجازت نه ڏني هئائون. مون جڏهن ايس ايڇ او کي چيو ته منهنجي ماني ٻاهران ماني اچڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڇو ته مون کي پيٽ ۾ السر آهي، آئون مرچ، مصالحا ۽ گيهه وغيره نه کائيندو آهيان ته مون کي چيائين اهو توهان ڊاڪٽرکي چئو. توهان جو ميڊيڪل چيڪ اپ ٿيندو ۽ انهن رپورٽن تي نيب اختياريون توهان کي اجازت ڏينديون،اسان ان سلسلي ۾ڪجهه نٿا ڪري سگهون.

ايم پي اي هاسٽل جي جنهن حي کي نيب جو ٿاڻو بنايوويو آهي، اتي پهرين سرونٽ ڪوارٽر هئا. انهن ڪوارٽرن مان دريون ڪڍي اوساري سان بند ڪيون ويون آهن ۽ دروازن تي لوهي گرلن جا گيٽ چاڙهيا ويا آهن مٿي هڪ فوٽ جو وينٽيليٽر Ventilator آهي. آئون جنهن ڪمري ۾هوس ان جي وينٽيليٽر پويان هڪ وڻبيٺلهو. نيب ٿاڻي ۾ قيد کي گهڙي رکڻ جي اجازت نه آهي،منهنجي گهڙي لهرائي ٿاڻي جي انچارج وٽ جمع ڪئي وئي هئي. نيب ٿاڻي جي ان سيل ۾ وقت جو ڪو به اندازو ڪو نه ٿيندو هو. سواءِ هڪ فوٽ جي روشندان جي، جنهن مان سج لهڻ ۽ اُڀرڻ جو اندازو ٿيندو هو يا وقت معلوم ڪرڻ لاءِ ڊيوٽي تي موجود سپاهي جو احسانمند ٿيڻو پوندو، اهو جيڪڏهن مهربان ٿئي ته اوهان کي پنهنجي گهڙي ڏسي ٽائيم ٻڌائي سگهي ٿو. اُتي ڪنهن سان به ڳالهائڻ تي مڪمل پابندي آهي. قيدي هڪ ٻئي سان نه ملي سگهن ٿا ۽ نه ئي ڳالهائي سگهن ٿا ۽ نه ئي هڪ ٻئي جي سيل جيدراڳيان بيهي سگهن ٿا، هڪ مڪمل قيد تنهائي آهي.

اتي قرآن پاڪ کان سواءِ ڪنهن به ڪتاب جي اجازت نه آهي. ڪا به اخبار، ڪاغذ، پين وغيره پاڻ سان رکي نٿي سگهجي. مون وٽ سيل ۾هڪ گدو، چادر،ويهاڻو، ٽوال ۽هڪ ٿرماس کان سواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ جي اجازت نه ڏنائون ٿرماس سان گڏ گلاس آيو هو ته اهو واپس ڪري ڇڏيائيون. ٻئي ڏينهن پلاسٽڪ جو گلاس آيو، تيستائين آئون ٿرماس جي ڍڪ ۾ پاڻي پيئندو هوس. سيل ۾مٿي ڇت وارو پکو لڳل هو، اهي به چون ٿا ته پوءِ لڳايا ويا. شروع ۾ جيڪي ماڻهو آيا،انهن کي اها سهولت به حاصل نه هئي. ڪمرا هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هئا. وچ ۾ 8-6 فوٽ ويڪرو لنگهه (Passage) هو، ڪوشش ها ڪئي ويندي هئي ته قيديءَ جي سامهون وارو سيل خالي رکيو وڃي ته جيئن انهن جي هڪ ٻئي تي نظر نه پوي لنگهه جي آخر ۾ ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ باٿ روم هو. ٻنهي باٿرومن ۾ ڪوبه آئينولڳل نه هو، هڪ قيدي واش روم ويندو هو ته ٻئي کي ان جي نڪري واپس پنهنجي سيل ۾ پهچڻ تائين انتظار ڪرڻو پوندو هو. حالانڪه واش روم ٻيو به هوندوهو،پر متان ايندي ويندي هڪ ٻئي سان ڳالهائين، تنهن ڪري هڪ کي پنهنجي سيل ۾ بند ڪري پوءِ ٻئي کي ڪڍيو ويندو هو. مون کي ٻڌايوويوهو ته توهان ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو وهنجي سگهو ٿا، ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪپڙا تبديل ڪري سگهو ٿا ۽ شيو هفتي ۾ فقط ٻه ڀيرا ڪري سگهو ٿا. آئون جڏهن پهتو هوس ته اتي ٽي قيدي اڳيئي موجود هئا. آصف بيگ، عبدالحميد ۽ طاهرصديقي. انهن ٻن ڏينهن ۾ مون سان حميد پوليس وارن جي نظر بچائي ٻه دفعا ڪجهه منٽ ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.

سڀني کي سخت حفاظت ۽ چوڪسي ۾ روانو شام جو صرف اڌ ڪلاڪ واڪ لاءِ سيل مان ڪڍيو ويندو هو. جڏهن، ته عام طور تي ڦاسي گهاٽ وارن قيدين کي به ڪلاڪ لاءِ ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي. اهو سڀني کي گڏ نه ڪڍيو ويندو هو، پهرين هڪ واڪ ڪري اچي تنهن کان پوءِ ٻيو. آئون جيڪي ٻه ڏينهن هيس انهن ۾ مون کي واڪ لاءِ ٻاهر نه ڪڍيو ويو. چيائون ته جيستائين مٿان کان اجازت ملي. اُتي پوليس وارن کي به ڪنهن سان غير ضروري ڳالهائڻ جي سخت منع ڪيل آهي. مطلب ته مڪمل قيد تنهائي Solitary confinement آهي ۽ قيد تنهائي دنيا جي خطرناڪ ترين سزا آهي، جيڪا موت کان پوءِ ٻيو نمبر وڏي سزا آهي ۽ ڪن حالتن ۾ ان جي پيڙا موت جي سزا کان وڌيڪ اذيت ناڪ آهي.

جيلن ۾ جتي هر قسم جا قيدي رهندا آهن،اتي جيل جي اندر جيڪڏهن ڪو قيدي ڏوهه ڪري ته ان کي بند وارڊ جي سزا ڏني ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن جيل انتظاميا ان سزا جو ناجائزاستعمال به ڪندي آهي. پر عام طرح يا قانون موجب جيل جي اندر جيڪي خطرناڪ قيدي رهندا آهن، ڌاڙا، ڦرون ۽ اغوا وغيره انهن جي زندگيءَ جو معمول هوندو آهي،جنهن ۾قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا ۽ جيل ٽوڙڻ وغيره جا ڏوهه به اچي وڃن ٿا، انهن کي به بند وارڊ (Solitary confinement) تيستائين نه ڪيوويندو آهي، جيستائين هو جيل جي اندر ڏوهه نه ڪن. ان قسم جا ڏوهاري جيڪي عادي مجرم ۽ خطرناڪ هوندا آهن، اهي سخت Rough and Tough زندگي جا عادي هوندا آهن ۽ جيل ۾ زندگي گذارڻ کي هو سزا نه سمجهندا آهن، انهن کي جيل انتظاميا سيکت ڏيڻ لاءِ بند وارڊ ڪندي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن جو بند وارڊ به ان قسم جي گهڻن قيدين لاءِ ناقابل برداشت هوندي آهي.

نيٺ اختيارين جن ماڻهن کي نشانو ٺاهيو آهي، انهن ۾ گهڻائي سياستدان، ڪامورا، بئنڪرس ۽ بزنس مينن جي آهي. يعني سڀني جو تعلق مڊل ڪلاس يا اپر مڊل ڪلاس سان آهي. انهن سڀني جي گهڻائي پُرآسائش ۽ لگزري زندگي گذارڻ جي عادي آهي. انهن لاءِ نيب ٿاڻي جي بند وارڊ ۾ ذهني اذيت (Mental Torture) جو مقابلو،ڪو ٻيو تشدد يا Physical torture نٿو ڪري سگهي.

 

19/6/2001

اڄ صبح جو جيل ۾ منهنجو پهريون ڏينهن هو. اُيس، ٿوري دير ۾ خان محمد وٽان ناشتو آيو. گهڻي وقت کان وٺي آئون صبح جو ناشتو نه ڪندوهئس ۽ چانهه بهنه پيئندو هوس. ناشتي کان پوءِ اخبارون پڙهيم پئي ته حاجي ايوب آفريدي جو ماڻهو آيو، چيائين ته توهان اڄ لنچ اسان سان گڏ ڪندا. آئون تيار ٿي ويٺو ئي هئس ته فضل سميجو ۽ غلام حيدر انصاري عرف دودو آيا. فضل کي ڏسي حيران ٿيس. پڇيومانس، تون هتي ڪڏهن کان آهين؟ ٻڌايائين، ته 23 وارڊ ۾ شهيد ڀٽو وارن سان گڏ ٿو رهان. ايتري ۾ منهنجي ملاقات جي پرچي آئي. ماڙيءَ تي ويس، منهنجا گهر وارا آيل هئا. ماني ۽ سامان کڻي آيا هئا. ملاقات کان پوءِ آئون سڌو حاجي ايوب وارن وٽ آيس، جيڪي S.W.14 ۾ هئا. ان وارڊ ۾ خان محمد مهر،حاجي ايوب آفريدي، اسلام الدين شيخ ۽ ان جو سالو اختر شيخ رهندا آهن. ان وقت اتي حاجي ايوب، خان محمد، صوفي ۽ گل محمد موجود هئا.

شام جو ڪمري تي آغا وزير ملڻ آيو.

 

21/6/2001

اڄ اسلم، ڏاڏو سليمان، شاهنواز ۽ ٻيا همراه ملاقات تي آيا. ساڻن ڪيس ۽ ٻين معاملن جا حال احوال ٿيا. هيٺ اسلم وارن کان موڪلايم ته مشتاق نظاماڻي آيو، ان سان ڪچهري هلي پئي ته راجه آسر، حق نواز جتوئي ۽ ڏيال آيا. انهن سان ملي آغا وزير عباس وٽ 21 وارڊ ۾ويس. اڄ جي ماني به انهن نوٽ هئي.

 

22/6/2001

صبح جو اٿي اخبارون ڏٺم، ان کان پوءِ آفتاب نبي جو سورهه بادشاهه تي لکيل ڪتاب پڙهيم، اهو ڪتاب خان محمد موڪليو هو. ماني جي ٽائيم تي صوفي آيو. چيائين، ”صاحب تيار ٿيو.“ اڄ ڏينهن جي ماني صوفي وٽ هئي. صوفي خان ولي خان جو پڪو پوئلڳ آهي ۽ مون سان گهڻي انسيت اٿس، سندس گهڻو وقت حاجي سان گڏ گذرندو آهي. صوفي سان گڏجي سندس سيڪيورٽي وارڊ 7 ۾ آيس. سندس ننڍي کولي آهي، جنهن ۾ ڪياني ۽ ڪجهه ٻيا همراه هيٺ پلٿي هڻي ويٺا هئا. صوفي ٻڌايو ته هن کوليءَ ۾ اسان 5 ڄڻا هيٺ سمهندا آهيون. 00-3 بجي واپس پنهنجي کوليءَ تي آيس.

ان کان پوءِ ماڙي تي آيس جتي ڪاڪا ڀيرو، موهن، ڊاڪٽر شامون ۽ ٻيا ملڻ آيا هئا. ٻڌايائون ته اهي ڪلهه به آيا هئا، پر ملاقات نه ٿي سگهي.

 

23/6/2001

اسلم، سليمان، شاهنواز ۽ ڪجهه ٻيا همراه ملاقات تي آيا. ان ڏينهن لالي دائود 15 وارڊ تي منهنجي دعوت ڪئي هئي. تقريبا 30-35 ماڻهن جي ماني ڪئي هئائين. ملاقات جي ڪري مون کي پاڻ ڪجهه دير ٿي هئي. 2-30 وڳي آيس ته سڀ همراهه پهچي چڪا هئا.

شام جو سپرنٽنڊنٽ سرور جمالي جي اعزاز ۾ 17 وارڊ ۾ چوڌري شريف جي دعوت هئي. سوا ڇهين بجي اتي پهتا سين اٺين بجي واندا ٿيا سين. آئون اتي ئي انجينئر شهمير وارن سان گڏ ويٺو هوس ته سپاهي اچي چيو ته توهان کي سپرنٽينڊنٽ آفيس ۾ پيو ياد ڪري. اتي پهتس ته ايوب آفريدي ۽ خان محمد اڳ ۾ ئي ويٺا هئا. ڪجهه دير کان پوءِ سپرنٽينڊنٽ ٻڌايو، ته توهان کي SW-15 ۾ شفٽ ڪيون ٿا ۽ توهان چاهيو ته هينئر ئي شفٽ ٿي سگهون ٿا. اتان جيلر حسن سهتو مون سان گڏ آيو. مون کيس چيو ته آئون اڄ رات 16 وارڊ مان شفٽ ٿيڻ نٿو چاهيان، صبح جو ويندس همراهن سان ڪچهري ڪندس. سهتي چيو ته اسان توهان جو ٽوٽل 15 وارڊ ۾ ڪري ڇڏيو آهي. پر وري حوالدار کي چيائين ته ڪو طريقو ڪر ته راهو صاحب اڄ 16 ۾ رهي. مون کي چيائون ته توهان ڀلي 16 ۾ ئي رهو. آئون واپس وارڊ ۾ ويس، اتي همراهن کي اڳ ۾ ئي خبر پئجي چڪي هئي. اڃا اُتي ٻاهر لان ۾ ئي ويٺا هئاسين ته جمعدار ۽ سپاهي آيا. چيائون، توهان لاءِ ٻيهر حڪم يو آهي ته توهان هينئر ئي 15 وارڊ ۾ ويندا.

مون پڇيو، ڪنهن چيو آهي، ته چيائون، جيلر صاحب چيو آهي مون چيو، آئون اڄ رات هتي ئي رهندس آئون هلي آفيس ۾ ڳالهايان ٿو. حوالدار چيو ته سائين! توهان ويهو، توهان جو اهو نياپو اسان اُتي پهچايون ٿا. 20 منٽن کان پوءِ وري اچي ٻڌايائون ته توهان ڀلي 16 ۾ رهو. ان کان پوءِ وارڊ بند ٿيو. ان ڏينهن اسان جو وارڊ به ٿورو ليٽ سان بند ٿيو. ان رات جي ماني وارڊ جي سڀني همراهن لاءِ مون گهران گهرائي هئي. سڀني ماني گڏجي کاڌي. ان رات آئون مصباح، عباسي. غلام نبي ۽ ڪياني تقريباً 2-30 بجي تائين ڪچهري ڪندا رهيا سين.

 

24/6/2001

صبح جو اُٿي اخبار پڙهڻ کان پوءِ آئون 16 وارڊ ۾ ويس، جتي لالا دائود ويٺو هو. ساڻس ڪچهري ٿي ۽ سامان ۽ کٽ وغيره رکڻ جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، وري واپس 16 وارڊ تي آيس، جتان اچي سڀ سامان کڻايم ۽ سڀني همراهن کان موڪلايم. 15 وارڊ ۾ دائود پٺاڻ ۽ سيٺ ذڪريا غني پهرين کان رهندا آهن. انهن سان گڏ وريام فقير خاصخيلي ۽ انتظار حسين زيدي جو ٽوٽل به هن وارڊ ۾ ئي ٿيل آهي، پر اڄ ڪلهه اُهي جيل کان ٻاهر اسپتالن ۾ داخل آهن.

 

25/6/2001

صبح جو صديقي مختيار ڪار آيو. ان ڏينهن تي اسلم، ذوالفقار ۽ سچل ملڻ آيا. انهن سان نظير سهتو ۽ ٻيا دوست به گڏ هئا.

ٻنپهرن جي ماني 16 وارڊ جي دوستن ڪئي هئي. ڪچهري جي ٻين موضوعن ۾ اُمت جي اها خبر به هئي ته چوڌري شريف جي پارٽيءَ ۾ شراب جو آزادانه استعمال ٿيو، رات جو اڍائي بجي تائين محفل جاري رهي ۽ تحفه ڏنا ويا، منهنجي ڄاڻ مطابق خبر بلڪل بي بنياد ۽ نسورو ڪوڙ هئي.

 

26/6/2001

صبح جو 11-00 ڌاري صديقي مختيار ڪار آيو، ان سان ڪچهري ٿي. ماني گڏجي کاڌائين. 3-00 بجي ڌاري گهر وارا ملاقات تي آيا.

شام جو 21 نمبر وارڊ ۾ آغا وزير عباسي وٽ ويس، ان ڏينهن سندس پٽيشن هائي ڪورٽ ۾ رکيل هئي جيڪا نه کنئي وئي. ان کان پوءِ 23 وارڊ ۾ علي سونارو، فضل سميجو، دودو انصاري ۽ ٻين سان ملڻ ويس. ساڻن موجوده صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

 

27/6/2001

اڄ هڪ بجي ڌاري ماڙيءَ کان پرچي آئي. مٿي ملاقات روم ۾ ويس ته، اسلم، يوسف لغاري، سليمان ڏاهري، مشتاق نظاماڻي ۽ منير ڀٽي ويٺل هئا. انهن سان ڪيس جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ڪجهه ٻيا حال احوال ٿيا. ٻڌايائون ته ٻاهر شاهنواز، ڀٽي ۽ خليل آيل آهن، پر وڌيڪ ماڻهن جي اجازت نه ڏنائون. منير ٻڌايو ته حاجي اشرف ۽ ڪجهه ٻيا همراه به ٻاهر آيل آهن.

آئون ملاقات ڪري جيئن ئي ماڙي تان نڪرڻ وارو هئس ته هڪ فوجي ورديءَ ۾ همراه مون سان اچي مليو. نالو عبدالناصر هئس. مون کي چيائين ته توهان اسماعيل راهو آهيو؟ مون چيو، جي ها! مون کي چيائين ته توهان ماڙيءَ تي ترسو، ڪجهه همراه توهان سان ملڻ چاهين ٿا. آئون ڊپٽي جي آفيس ۾ ويٺس.

سپرنٽينڊنٽ جي اچڻ کان پوءِ مون کي ٻڌايائون ته اوهان جا ملاقاتي آهن. چاڙهين تي مولوي شفيق مهيري، ماستر حسن مهيري، حاجي اشرف، فيض محمد مهيري ۽ ڊاڪٽر شامون سان ملاقات ٿي. مٿي ملاقات جي ڪمري ۾ ويٺا سين. ساڻن ڳوٺن جا ۽ هتي هُتي جا حال احوال ٿيا.

دائود خان تقريباً گذريل ڏهن سالن کان جيل ۾ آهي ۽ سندس هڪ پٽ حيدر آباد جيل ۾ آهي. هتي دائود خان لاءِ مشهور آهي ته ڳالهائيندو تمام گهڻو آهي ۽ ٻيو ته جنهن سان نه پوندي اٿس تنهن کي گاريون به دل تي ڏيندو آهي. هڪ گهڻي عرصي کان جيل ۾ آهي. 70 ورهه کان وڌيڪ عمر اٿس، مٿس منشيات جا ڪيس آهن، جيڪي نه هلن ٿا ۽ نه ئي انهن جي ضمانت ٿي ٿئي. دائود خان ۽ سندس وارڊ ميٽ ذڪريا غني ٻئي پاڻ ۾ گهٽ ٺهندا هئا، پر ڪجهه ڏينهن اڳي حاجي سندس ٺاهه ڪرائي ڇڏيو هو. همراهن ٻڌايو، ته هينئر توهان جي ڪري وري به ڪجهه ٿڌو آهي، گهڻو نٿو ڳالهائي ۽ گاريون به گهٽ ٿو ڏئي.

رات جو مون ڪجهه پڙهيو پئي ته بي بي سي BBC رحمت شاهه آفريدي جي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. هن کي چرس جي ڪيس ۾ موت جي سزا ڏني وئي هئي. ان کان پوءِ دائود خان ججن تي هڪ ٿي لاٿي تهٻي ٿي چاڙهي. ڪافي وقت تائين دائود خان جي گارين جي توپ خاني مان جنرل پرويز مشرف ۽ ججن تي بمباري جاري رهي.

 

28/6/2001

اڄ صبح جو اٿي ورانڊي ۾ اخبارون پڙهي رهيو هئس ته مختيار ڪار فضل الله صديقي ۽ امداد حسينجکرو آيا. ڪافي دير تائين ساڻن ڪچهري ٿيندي رهي. فضل الله صديقي جو ٽوٽل 18 وارڊ ۾ آهي،جيڪو پوليس وارن ڏوهارين لاءِ مخصوص آهي. صديقي هتي نيب جي ڪيس ۾ قيد آهي. امداد جکري جو اسان وارڊ وارڊ ۾ اچڻ روز جو معمول آهي. دائود خان سان سندس تمام گهڻي حجت آهي، کيس بابا ڪري چوندو آهي. جيل کلڻ کان بعد ٿيڻ تائين هو گهڻو وقت هتي ئي گذاريندو آهي. سندس تعلق جيئي سنڌ قومي محاذ سان آهي. پاڻ سندس ساٿي 12 وارڊ ۾ رهندا آهن.

امداد ۽ صديقي جي موڪلائڻ کان پوءِ آئون تيار ٿي 12 بجي ڌاري 14 وارڊ ۾ آيس، جتي حاجي ايوب آفريدي ۽ صوفي ويٺا هئا. منهنجو خيال هو ته اڄ ملاقات وغيره ڪو نه ايندي، تنهن ڪري هنن سان اچي ڪچهري ڪجي. انهن سان ڪچهري هلي پئي ته مٿان گل محمد آيو. هو جيل جو صوبيدار آهي، جنهن کي چيف وارڊ (Chief Warden) به چيو ويندو آهي. حاجي چيو ته هاڻي توهان ڪيڏانهن وڃجو نه،ڪچهري ٿا ڪريون ۽ ماني به هتي کائيندا سين.

خان محمد مهر جي پڇا ڪيم ته خبر پئي ته اسپتال ويل آهي.

تقريبا 1-30 بجي ڌاري آفيس جي پرچي آئي. مون حاجي وارن کي چيو، توهان ماني کائي ڇڏيو. آئون ماڙي تي ٿو وڃان، گهڻو ڪري ملاقات هوندي. حاجي چيو، ٺيڪ آهي، پر توهان اتان سڏا هتي اچجو. آئون ماڙي تي آيس ته سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ آءِ- جي جيل، غوث بخش مهر، پپو شاهه، غلام علي نظاماڻي، اسلم ۽ ميجر کوسو ويٺا هئا. دعا سلام کان پوءِ غوث بخش خان احوال ٻڌايا. ايتري ۾ آءِ جي ۽ سپرنٽينڊنٽ ٻئي اندار وزٽ تي ويا.

غوث بخش مهر مون کي چيو ته توهان اڳي به ڪڏهن جيل ۾ رهيا آهيو؟ مون چيو اڳي ڪڏهن به نه رهيو آهيان، توهان سان گڏجڻ کان پوءِ هتي اچي پهتا آهيون. ڪجهه وقت کان پوءِ غوث بخش مهر ۽ غلام علي نظاماڻي اجازت ورتي. ٿوري دير کان پوءِ آئون ۽ اسلم مٿي ملاقات واري هال ۾ ويا سين، جتي ادي ۽ خليل ويٺل هئا. انهن سان ڳپل وقت خبرون ٿيون. وري آفيس ۾ آيا سين، جتان اسلم ۽ پپو شاهه موڪلايو. ان کان پوءِ مون ميجر کوسي سان ڪچهري ڪئي. اتان سڌو حاجي وارن وٽ آيس ته اهي سڀ انتظار ۾ ويٺا هئا. گڏجي ماني کاڌيسين.

شام جو 30-5 بجي اٿيس ته خبر پئي ته انتظار حسين زيدي اسپتال مان واپس وارڊ ۾ اچي ويو آهي. ان پنهنجي کٽ وريام فقير جي جڳهه تي رکي. زيدي جي جڳهه تي منهنجي کٽ لڳل هئي. ان کان پوءِ مون ڪجهه خط لکيا. فارغ ٿي وهنجي ٻاهر آيس ته صديقي، امداد حسين، دائود خان ۽ اسد عباسي ويٺا هئا. آئون به اتي ويٺس ۽ ڪافي دير تائين جنرل پرويز مشرف جي هندستان جي دوري بابت بحث ٿيندو رهيو.

دائود خان جو چوڻ هو ته” جنرل صاحب ۽ واجپائي ٻنهي کي انڊيا ۾ هلائي ڇڏيندا. همراهه اتان واپس نه موٽندو.“ همراه دائود خان کي چيڙائيندو ۽ بحث ڪندا رهيا ته هڪ هيڊ آف اسٽيٽ کي ٻي اسٽيٽ ۾ ڪجهه نٿو ٿي سگهي. مون چيو ته موجوده تاريخ ۾ ائين نه ٿيو آهي. ته هڪ ملڪي سربراه کي ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي دوري دوران جتي هو مهمان هجي، ان کي ڪجهه ٿئي. بهرحال لالو پنهنجي موف تان ذرو برابر به هٽڻ لاءِ تيار نه هو.

منهنجي ذهن ۾ ائين هو ته هي دورو ڪو خاص نتيجي خيز نه هوندو. حالانڪه گذريل ٻن سالن دوران ٻنهي ملڪن ۾ آندل تبديلين کان پوءِ اصل ايجنڊا طرف هي پهرين پيش رفت هئي. هي دورو ان ايجنڊا جو پهريون نڪتو هو، جنهن ڪري هندستان ۾ واجپائيءَ کي اليڪشن کٽرائي وئي هئي ۽ پاڪستان ۾ هڪ چونڊيل حڪومت کي هٽرائي نئين لباس ۾ فوجي حڪومت آندي وئي هئي. ڪجهه وقت اڳ ڀارتي اختياريون پاڪستان سان اهو چئي ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هيون ته اتي هڪ غير نمائنده حڪومت آهي.

پاڪستان جي اڳوڻي حڪومت جي وقت ۾ جڏهن ڀارتي وزير اعظم اٽل بهاري واجپائي لاهور آيو هو ته موجوده پاڪستان حڪمرانن ان جي سڀني پروگرامن جو اڻ سڌي طرح بائيڪاٽ ڪيو هو. پر هاڻي ٻاهرئين دٻاءَ تحت ٻنهي ملڪن ۾ هيءَ پيش رفت ٿي رهي هئي.

پنهنجي ليکي هن پيش رفت ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جون نظرون هيون، ڇو جو هن مسئلي جو حل ٿيڻ نهرڳو ڪشميري عوام لاءِ، پر ٻنهي ملڪن جي استحڪام لاءِ به انتهائي ضروري آهي. پر بظاهر ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته دوري ۾ ٺوس حل طرف وڌڻ جا امڪان گهٽ نظر اچي رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن جون پنهنجون ترجيحات آهن. واپار، ثقافت، ويزا ۽ راندين توڙي ٻين ڪجهه معاملن تي عملي پيش رفت جا امڪان آهن. جيتري قدر هن دوري جي ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو سوال آهي ته بنيادي اشوز تي ڪنهن ميجر بريڪ ٿرو ٿيڻ جو امڪان گهٽ آهي.

هن دوري کي هر ڌر پنهنجي سوچ ۽ انداز سان پيش ڪندي ڪي حلقا هن کي ناڪام سڏيندا ته ڪي ڪامياب.

 

29/6/2001

اڄ صبح جو اُٿي اخبارون پڙهيم. ناشتي کان پوءِ وري سمهي پيس. ٿوري دير لاءِ ننڊ جو جهوٽو هڻي اٿس ۽ تيار ٿي وارنڊي ۾ ايس ته صديقي،لال دائود، زيدي، امداد ۽ هڪ همراه جيڪو مون کي نئون لڳو، ويٺا هئا. خير عافيت کان پوءِ پاڻ ئي ٻڌايائين ته ”آءُ روشن کوسو آهيان. مون ميرپور مان واڻيو اغوا ڪيو هو ۽ توهان جي ڪڙيو گهنور وٽان موهن مل کي به اغوا ڪيو هو.“ وڌيڪ ٻڌايائين ته ”مون تي 16 ڪيس هئا، ختم ٿي باقي هڪڙو بچيو آهي.“ چيائين ته ”اسان موهن کي اغوا ڪرڻ نه آيا هئا سين. اسان کي کڻوڪنهن ٻي همراه کي هو. ان لاءِ هڪ ڏينهن پهرين به چڪر ڏئي ويا هئا سين. پر اهو همراه نه مليو. اسين آسرو لاهي واپس ويا سين پئي ته موهن اسان کان متارا کان اوريان ڪراس ڪيو. اسان سان گڏ واري همراه ٻڌايو ته هي ان جو مائٽ آهي. اسان وري گاڏي واپس ورائي ۽ واڍن جي ڳوٺ وٽان اچي موهن کي کنيو سين.“

آئون جڏهن کان جيل پهتو هئس، اڄ پهريون ڏينهن هو جو منهنجي ملاقات نه آئي هئي يا ائين کڻي چئجي ته ملاقات نه ٿي هئي. وڌيڪ ملاقاتن تي جيل انتظاميا کي تڪليف  ٿي پوندي هئي. اها ان کي پنهنجي لاءِ مسئلو سمجهندي آهي.

جيئن ئي آئون جيل آيو هئس ته سپرنٽينڊنٽ سرور جمالي مون کي چيو هو، ”هفتي ۾ اڌ ڪلاڪ جي هڪ ملاقات جي اجازت آهي. گهر جي ماڻهن لاءِ ۽ هڪ ٻن ماڻهن لاءِ. اهي ڏينهن توهان پاڻ مقرر ڪري ڇڏيو.“ چيو مانس، ”اهو ٺيڪ آهي. ان کان سواءِ توهان جيڪي ملاقاتون ڪرائيندا اُهي منهنجي اڪائونٽ ۾ نه اينديون.“

اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ جڏهن انگريزن هي جيل ٺهرايو هو، ته ان جي گنجائش 950 قيدين جي رکي وئي هئي. هن وقت ان جيل ۾ پنج هزارن کان وڌيڪ قيدي واڙيل آه. جڏهن انگريزين هي جيل ٺاهيو هو، تڏهن ڪراچي شهر جي آبادي هڪ لک جي اندر هوندي، ورهاڱي وقت به شهر جي آبادي ٽن لکن جي لڳ ڀڳ هوندي ۽ هاڻي ڪراچي تقريبا هڪ ڪروڙ کان چڙهيل آهي. ڪراچيءَ جو جيل به ائين سٿيل آهي جيئن ڪراچيءَ جو شهر.

دائود ذڪريا غني، به سج لهڻ کان پهرين ماني کائي ڇڏيندو هو ۽ رات جو سوپ سان گڏ سلاد کائيندو هو. اڄ رات جو ماني کان پوءِ مون، ذڪريا غني، دائود خان ۽ زيدي ڪچهري پئي ڪئي. موضوع جنرل پرويز مشرف جو 16 جولاءِ تي ٿيندڙ هندستان جو دورو ۽ ان لاءِ ٻه ڏينهن اڳي حڪومت جي سڏايل اي پي سي (آل پارٽيز ڪانفرنس) هئا. جا اثر فقط ڪشمير جي معاملي تائين محدود نه هوندا. پر اها اي پي سي حڪومت جي ڊگهي مدي واري حڪمتِ عملي جو هڪ حصو هوندي.

کڻي جو ان ڪانفرنس کي ڪشمير ايشو جو ڪور حاصل هوندي، پر ملڪ جي موجوده حالتن ۾ يعني اسيمبليون ٽوڙڻ، چيف ايگزيڪيوٽو جو صدر ٿيڻ ۽ جلد عام چونڊن جي روڊ ميپ ڏيڻ جي کان قطعي مختلف ٿي وئي هئي. اهو اندازو اي پي سي سڏائڻ واري رکندي مختلف سياسي پارٽين ۽ سيسي شصيتن کي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جو سڏ ڏنو ويو هو. حڪومت به اهو سمجهيو ٿي ته هن سڏايل ڪانفرنس جي ايجنڊا کان سواءِ ٻيا به گهڻا ئي رخ ۽ پاسا آهن.

منهنجو اهو مطلب نه آهي ته ڪو ان ڪانفرنس دوران ڪشمير معاملي کان سواءِ ٻين مسئلن تي به ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي هوندي. يقيناً ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ سياسي پارٽيون ۽ شخصيتون به چڱي طرح واقف هيون ته هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جو مقصد يا ان جو تاثر، ان جي ڏنل ايجنڊا تائين محدود نه رهندو.

حڪومت، پ پ پ ۽ مسلم ليگ ”ن“ کان سواءِ ٻين سڀني پارٽين کي اي پي سي ۾ شرڪت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي. اي اين پي، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي اهڙيون پارٽيون آهن، جن جي ڪافي معاملن تي حڪومت سان محاذ آرائي هلندي پئي اچي. لڳي ٿو ته انهن پارٽين حڪومت سان پنهنجا اختلاف هڪ پاسي تي رکي ان جي دائمي حڪمتِ عملي جو حصو بڻجڻ قبولي ورتو آهي. هن وقت حڪومت جا ڪرتا ڌرتا ڪيترائي ڀيرا ان ڳالهه جو اظهار ڪري چڪا آهن ته بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف کي ملڪ جي سياست کان ٻاهر رکيو ويندو. هن ڪانفرنس ۾ به اهائي صورتحال ڏسڻ ۾ آئي آهي.

 

30/6/2001

اڄ 30-11 بجي ڪمپيوٽر سينٽر ويس. پاڪستان جي ڪنهن جيل جي اندر ڪمپيوٽر سينٽر جو تصور به وڏي ڳالهه آهي. اسان جي ملڪ اندر جيل جي زندگي ٻي دنيا کان مختلف آهي. يورپ ۽ آمريڪا ۾ جيل خانا ڏوهارين لاءِ اصلاحي مرڪز هوندا آهن. نه ڪي هتي اسان وارن جيلن وانر، جتي جيڪڏهن ڪو معصوم ڦاٿو ته اهو ننڍو ڏوهاري ٿي نڪرندو. ڪو ننڍو يا هلڪي ڦلڪي ڏوه ڪرڻ وارو جيل پهتو ته اهو وڏو ڏوهاري ٿي نڪرندو آهي. هتي جيل ۾ ڪنهن غريب ۽ بي گناهه ماڻهو لاءِ حياتي گذارڻ انتهائي مشڪل آهي. هن لاءِ اها وڏي آزمائش آهي ته پنهنجو وقت باعزت طريقي سان گذاري ۽ جيل جي اندر ٿيندڙ منفي سرگرمين کان به پنهنجو پاڻ کي بچائي.

هن ملڪ ۾ ٻن قسمن جي ماڻهن لاءِ جيل آسان آهي. هڪ ته پئسي ۽ اثر رسوخ وارو ماڻهو ۽ ٻيو ڏوهاري، جن جي ڏوهن جي دائري کان جيل جو اندريون ماحول به بچيل نه هوندو آهي. ٻاهر ماڻهو کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته جيل جي اندر قيدين جا فقط ٻه ڪلاس آهن، جيئن جيل مينوئل ۾ ڏنل آهي. هڪ عام (Common) يعني سي ڪلاس ۽ ٻيو بهتر (Better) يعني اي ۽ بي ڪلاس. پر جيل جي اندر توهان کي قدين جي زندگي گذارڻ جا ڪيترائي معيار ڏسڻ ۾ ايندا، آهن. ان اعلى ۽ پست حال ڪلاس جي وچ ۾ زندگي جا ڪئين رنگ نظر ايندا.

جيلن جي اندر لاوارث ۽ غريب قيدين کي جيل انتظاميا طرفان جيڪو کاڌو ڏنو ويندو آهي، اهو جيل کان ٻاهر ڪنهن پينو فقير کي ڏجي ته کائڻ پري جي ڳالهه آهي، هو ان کي ڏسڻ به گوارا نه ڪندو. جيل جي سڀني عام قيدين کي اهو ئي کاڏو کائڻ پوندو آهي. سواءِ رعايتون مليل ڪلاس جي قيدين کي ۽ انهن وٽ ڪم ڪندڙ برداشتين يا ڪنهن ٻين قدين جي، جيڪي پنهنجي سيڌي سامان تي ماني ٺاهڻ يا ٺهرائڻ کي پهچي سگهندا آهن.

ڪراچي جيل جي قيدين ۾ وڏو تعداد اهو آهي جن کي سمهڻ لاءِ ٻن فوٽن جي جڳهه به نه ملندي آهي، جنهن تي هو ڪو پوتڙو يا چادر ۽ ويهاڻو رکي سگهن. باريڪن جي وچ ۾ اگهاڙي فرش تي قيدين کي هڪ ٻئي جي پاسي کان سٿي سمهاريو ويندو آهي. ان قيدي کي ايتري جاءِ به نه هوندي آهي، جو هو سڌو سمهي سگهي! سپاهي هڪ ان جي ڀر ۾ پاسيرو سمهاري ان کي لت هڻي پريس ڪري ٻي قيدي کي ان جي ڀر ۾ پاسيرو سمهاريندا آهن. وري ان کي لتن سان پريس ڪندا، ائين پوري سٿي لڳندي آهي،جنهن کي جيل جي زبان ۾ ٿپي چئبو آهي. پوري رات قيدي جو پاسو ورائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. جيڪڏهن ڪو حاجت وغيره لاءِ اٿيو ته پوءِ سڄي رات بيهي گذاريندو. وري سمهڻ جي جڳهه نه ملندس.

جيل جي اندر قيد ڏوهارين جو ڪاروبار به اهڙوئي زور شور سان هلندو آهي، جهڙو ٻاهر. جيل ۾ اهڙا به ڏوهاري قيدي آهن، جيڪي هتي ايترو ڪمائن ٿا جو پنهنجي جيل جو خرچ ته ڪڍن ٿا پر ٻاهر به پئسا موڪلين ٿا.

حاجي ايوب آفريدي جيڪو چار سال آمريڪا جي مختلف جيلن سڌو آمريڪا وڃي پنهنجو پاڻ کي گرفتاريءَ لاءِ رضاڪارانه پيش ڪيو. مٿس اُتي ڪورٽ ۾ڪيس به هليو، سندس چوڻ آهي ته هن آمريڪين ۽ سندن جج کي چيو ته ”آئون بلڪل بي قصور آهيان، جيڪڏهن مون کي آمريڪا ۾ بي گناه ۽ غلط سزا ڏني وئي ته آئون پاڪستان ۾ آمريڪين جو ٻچو به زنده نه ڇڏيندس ۽ هتان ويٺي آمريڪي سفارتخانو بم سان اڏائيندس.“ آخرڪار کيس واپس پاڪستان موڪليو ويو ان کان پوءِ يڪو هتي قيد آهي.

حاجي ايوب آمريڪا جي جيلن بابت ٻڌايو، ته اُتي حڪومت طرفان سڀني قيدين لاءِ هڪ جهڙو کاڌو هوندو آهي. گهڻو ڪري رهائش به سڀني کي هڪجهڙي ڏيندا آهن. اتي سڀني قيدين کي بسترو يا بيڊ ڏنل هوندو آهي. جيل بند ٿيڻ جو وقت فقط سمهڻ وارو ٽائيم هوندو آهي. رات جو 00-11 بجي جيل بند ڪندا ۽ صبح جو پنجين ڇهين بجي کوليندا، ان کان سواءِ هر وقت جيل کليل هوندو آهي. جيل جي اندر سپر اسٽور، ريسٽورنٽ ۽ فاسٽ فوڊو سينٽر عام آهن. جيڪي جيل بند ٿيڻ تائين کليل رهندا آهن. جيڪڏهن ڪو قيدي جيل جي ماني نه کائڻ چاهي ته هوٽل تان جيڪو وڻيس اهو پنهنجي پسند تي خريد ڪري کائي سگهي ٿو.

حاجي ايوب جو چوڻ آهي، ته جيل جي ماني ايترو ته صحيح ۽ سٺي هوندي هئي جو ريسٽورنٽ ۾ کائڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿيندي هئي. البت ائين شوق ۽ ذائقي بدلائڻ خاطر، ڪنهن مهل ٻاهرين ماني کائي وٺبي هئي. هن ٻڌايو، ته جيل جي اندر مختلف جڳهين تي ڪيترائي ٽيليفون بوٿ ٺهيل هوندا آهن. انهن تي سڪن يا ڪارڊن ذريعي قيدي ملڪ اندر يا ٻاهر پوري دنيا سان رابطو ڪري ڳالهائي سگهن ٿا. جيل بند ٿيڻ تائين  پنهنجي وڪيل، گهر يا ٻئي ڪنهن سان فون جي ذريعي ڪنهن به وقت رابطو ڪرڻ ۾ توهان کي ڪو به مسئلو نه ٿيندو. آمريڪا جي جيل اندر مختلف راندين جا پلي گرائونڊ، ٽي وي لائونجز، ڪمپيوٽر ۽ ٻيا تربيتي مرڪز عام جام موجود هوندا آهن. اتي جيل جو تصور ڪنهن عام قيديءَ جي لاءِ به ڪو خوفناڪ ۽ ڀوائتو نه هوندو آهي. سڀني قيدين کي ملاقات لاءِ هڪجهڙيون سهولتون ميسر هونديون آهن. مطلب ته جيل انتظاميا طرفان سڀني قيدين کي برابر سهولتون مليل هونديون آهن. سواءِ ان جي ته فون، سپر اسٽورن يا ريسٽورنٽ تي ڪنهن قيدي جي جيتري پهچ هجي اوترو خرچ ڪري ٿو.

سو مون به جڏهن ٻڌو ته ڪراچي جيل ۾ ڪمپيوٽر سينٽر آهي، ته ڪنهن حد تائين مون کي حيرانگي ٿي. اهو سينٽر 1998 ۾ صوبائي وزير تعليم خالد علي جي ڪوششن سان ٺهيو هو. ان ڪمپيوٽر سينٽر ٺاهڻ ۾ جيل ڊپارٽمينٽ جو ڪو به خرچ نه هو، اهو مختلف سرڪاري ۽ نجي ادارن جي سرنديءَ وارن ماڻهن جي مالي مدد سان قائم ڪيو ويو هو. جيل جو اهو ڪمپيوٽر سينٽر هڪ وچولي هال تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 6 ڪمپيوٽر رکيل آهن، پرنٽر به آهي ۽ ٻه اي سي به لڳل آهن. سينٽر ۾ ڪمپيوٽر ڄاڻندڙ قيدين کي استاد ڪري رکيو ويو آهي. مون کي لڳو ته ٿورو به تعليم يافته قيدين جي سکڻ ۽ وندر لاءِ هي جڳهه موزون آهي.

 

 

جيل جا ڏينهن، جيل جون راتيون، هوم      

 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >