|
مهاڳ
اسماعيل راهو هڪ عام وڏيرو نه
پر پڙهيل لکيل، سياسي سمجهه ۽
شعور رکندڙ سياستدان آهي. هن
جو عوامي سياست سان لاڳاپو
ننڍي هوندي کان رهيو آهي.
سندس والد شهيد فاصل راهو هڪ
سچو ۽ مخلص، انقلابي ۽ عوامي
سياستدان هو جنهن سنڏ جي غريب
ماڻهن، هارين ۽ پورهيتن جي
حقن جي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي
هئي. اهڙي عظيم شخص جي اثر
هيٺ اسماعيل راهو جي ذهني ۽
سياسي ترتيب ٿي. شهيد فاضل جي
بي وقتائتي موت جتي سنڌ ۽ سنڌ
جي غريب ماڻهن جي حقن لاءِ
هلندڙ تحريڪ کي وڏو ڌڪ هنيو،
اتي اسماعيل راهو تي ننڍي عمر
۾ ئي ڳوٺ، راڄ ۽ سياسي وراثت
جو بار اچي پيو.
اسماعيل راهو جو سياسي سفر
انقلابي ۽ عوامي سياست کان
هلندو ملڪ جي دستوري سياست تي
اچي پهتو جنهن جي منزل مقصود
اقتدار جو حصول ئي هوندو آهي.
اسماعيل راهو اقتدار جي
ايوانن تائين ته پهتو پر هن
کي اقتدار جو ذائقو مهانگو
پيو جنهن کيس ڪراچيءَ جي
سينٽرل جيل ۾ آڻي پهچايو.
هيءَ ڊائريءَ 18 جون کان 31
ڊسمبر 2001ع تائين گهڻو ڪري
باقاعدگي سان لکي وئي آهي.
سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ افسانن
سان گڏ آتم ڪٿائن، سفر نامنن
۽ جيل لاءِ چيو ويندو آهي ته
جيل هنن جو ٻيو گهر آهي، پر
سنڌ جي سياستدانن سان گڏ سنڌي
اديبن ۽ شاعرن پڻ جيل يا
ترائون ڪيون آهن. هنن جو ته
ڪم ئي آهي لکڻ ان ڪري جيل ۾
به هو لکڻ کان سواءِ رهي نه
سگهيا، پر ڪجهه سياستدانن جن
کي لکڻ پڙهڻ سان ٿوري گهڻي
دلچسپي رهي آهي، تن به جيل
جون ڊائريون ۽ يادگيريون
لکيون آهن. جيڪڏهن جيل ۾
سهولتون حاصل هجن ته پوءِ لکڻ
پڙهڻ وقت گذارڻ جو بهترين
مشغلو آهي. مون کي نٿو سمجهي
ته ڪنهن عام ماڻهوءَ، جيڪو نه
سياستدان هجي نه شاعر ۽ اديب
هجي، ڪڏهن ڪا جيل جي ڊائري
لکي هوندي لکڻ ته پري جي
ڳالهه آهي، عام ماڻهوءَ جي
لاءِ جيل ۾ زندگي گذارڻ ئي هڪ
ڀيانڪ تجربو آهي.
اسماعيل راهو جيل ۾ عام ۽
مسڪين قدين کي ويجهڙائي کان
ڏٺو آهي. هن جيل جي ان
زندگيءَ کي هيئن بيان ڪيو
آهي:
”هن ملڪ ۾ ٻن قسمن جي ماڻهن
لاءِ جيل آسان آهي: هڪ ته
پئسي ۽ اثر رسوخ وارو ماڻهو ۽
ٻيو ڏوهاري جيل ۾ توهان کي
قيدين جي زندگي گذارڻ جا
ڪيترائي معيار ڏسڻ ۾ ايندا،
جيڪي تمام هاءِ ڪلاس کان
ويندي انتهائي هيٺ ۽ پست حالي
تائين آهن. ان اعليٰ
۽ پست حال ڪلاس جي وچ ۾
زندگيءَ جا ڪئين رنگ آهن.“
اسماعيل راهو عام ۽ مسڪين
قيدين جي رهڻي ڪهڻي جي جيڪا
تصوير چٽي آهي اها انتهائي
ڏکوئيندڙ آهي جيلن جي
انتظاميه طرفان جيڪو کاڌو ڏنو
ويندو آهي، اهو جيل کان ٻاهر
ماڻهو کي ڇڏي ڪنهن پينو فقير
کي ڏجي ته کائڻ پري جي ڳالهه
هو ان کي ڏسڻ به گوارا نه
ڪندو. ڪراچي جيل جي قيدين ۾
وڏو تعداد اهو آهي جن کي سمهڻ
جي لاءِ ٻن فوٽن جي جڳهه به
نه ملندي آهي جنهن تي هو هڪ
پوتڙو يا چادر ۽ ويهاڻو رکي
سگهن. باريڪن جي وچ ۾ اگهاڙي
فرض تي قيدين کي هڪ ٻئي جي
پاسي کان سٿي سمهاريو ويندو
آهي. ان ۾ قيديءَ کي ايتري
جاءِ به نه هوندي آهي، جو هو
سڌو سمجهي سگهي! سپاهي هڪ
قيديءَ کي پاسيرو سمهاريندا
آهن. وري ان کي لتن سان پريس
ڪندا، ائين پوري سٿي لڳندي
آهي جنهن کي جيل جي زبان ۾
ٿپي چئبو آهي.“
اها حالت سنڌ جي سمورن جيلن
جي آهي، جن کان اسماعيل راهو
اڳ ۾ واقف هو. اهو ان ڪري جو
فاضل راهو جي شهادت کان اڳ
تقريباً
ڏهن سالن تائين ملاقات ڪرڻ جي
لاءِ اسماعيل راهو مختلف جيلن
تي ايندو رهيو هو. وري جڏهن
هو پاڻ جيل ۾ ويو ته هن جيل
جون اندروني حالتون وڌيڪ
ويجهڙائي کان گهرائي سان
ڏٺيون جن کيس مسڪين قيدين سان
همدردي جي احساس سان گڏو گڏ
اهو به سوچڻ تي مجبور ڪيو ته
”پر ڇا، انسان جون لاچاريون،
بيوسيون ۽ بي اختياريون فقط
جيل ۾ هونديون آهن، يا ٻاهر
به هونديون آهن؟ اسان جي ملڪ
جي ٻاهرين ۽ آزاد سڏجندڙ
ماحول ۾ ذلتن، تنگدستين ۽
مايوسين جي عالم ۾ خود ئي
پنهنجي زندگيءَ جا ڏيئا گل
ڪرڻ تي مجبور ٿينديون آهن
..... ڪڏهن ته ائين محسوس
ٿيندو آهي ته جيل جي هنن
ديوارن جي اندر بند هزارين
قيدين کي جيڪا دال ۽ لنگر جي
روٽي (ماني) ملندي آهي، ٻاهر
جي آزاد دنيا ۾ لکين انسان
پنهنجو پاڻ کي ان دال ماني
لاءِ ڪيترو نه لاچار، مجبور ۽
بيوس محسوس ڪندا آهن ....“
جيل پنهنجي ليکي هڪ وڏو جهان
آهي، جنهن جا طور طريقا الڳ
آهن ۽ اتي ڳالهائجندڙ ٻوليءَ
۾ هڪڙا خاص لفظ استعمال ٿيندا
آهن جن بابت اسان کي اسماعيل
راهو ٻڌايو آهي ته ”هڪ ڳالهه
ٻي به محسوس ڪرڻ جهڙي آهي، ته
هتي (گهڻو ڪري سنڌ جي پراڻن
سڀني جيلن ۾) جيل جي ٻولي ۾
ڪي اهڙا ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال
ٿين ٿا، جيڪي هر زبان سان
تعلق رکندڙ قيدي استعمال ڪندو
آهي. قيدين کان علاوه جيل
انتظاميه وٽ ان ڪم يا شيءِ جي
لاءِ اهي ئي لفظ استعمال
ٿيندا آهن، پوءِ آفيسر ڀلي
هڪڙي به زبان ۾ ڳالهائي رهيو
هجي يا ان جي مادري ٻولي ڪهڙي
به هجي، اهي سنڌي لفظ آهن:
ماڙي، هڊيوال واڍ خانو ڪوٽ
موڪو، ملاقات وغيره.“
هن ڊائريءَ جو هڪ اهم پهلو
اهو آهي ته شهيد فاضل راهو
بابت گهڻيون يادگيري طور
لکيون ويون آهن جن سان اهم
معلومات ۽ ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي.
اي آر ڊي جي 1983ع واري تحريڪ
۾ شهيد فاضل راهو سنڌ ۾ تمام
وڏو ڪردار ادا ڪيو هو. شهيد
سڄي سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي تنظيم
ڪرڻ ۽ عوام جي جدوجهد کي
متحرڪ ڪرڻ لاءِ جلسا ۽ ڪارنر
گڏجاڻيون ڪري رهيو هو ۽ نيٺ
هن کي گرفتار ڪري جيل ۾ بند
ڪيو ويو. پر ان کان به اڳ
پاڪستان جي بدترين آمريت يعني
جنرل ضياءَ جي 1978ع ۾ صحاين
جي تحريڪ کي زور وٺائڻ ۾ شهيد
فاضل راهو وڏو ڪم ڪيو هو.
عوامي تحريڪ جي ڪيترن ڪارڪنن
رضاڪارانه طور گرفتاري ڏني
تان جو شهيد جي وڏي ۽ نوجوان
پٽ صديق راهو صحافي بنجي
گرفتاري پيش ڪئي. 1979ع ۾
جڏهن جنرل ضياءَ جي مارشل لا
جوڀن تي هئي، ته راهوڪي جهڙي
ننڍڙي ڳوٺ ۾ تڏهن جي سياسي
گهٽ ٻوساٽ واري ماحول ۾ راهو
ڏهه هزار ماڻهن جو جلسو ڪري
ڏيکاريو ۽ ان وقت جا آمر
حڪمران ڇتا ٿي پيا هئا. نتيجي
۾ راهوڪي مٿان فوج چڙهائي ڪئي
۽ شهيد جي گهر تي ڇاپو هڻي
تلاشي ورتي. صديق راهو به
پيءُ وانگر انقلابي هو. هن هر
تحريڪ ۾ حصو ورتو. هن جي بي
وقتي ۽ دکدائڪ وفات 28 سالن
جي ڄمار ۾ ٿي. اسماعيل راهو
ان واقعي سان لاڳاپيل يادگيري
هيئن لکي آهي:
”شهيد کي لانڍي جيل مان پئرول
تي وٺي آيا. پاڻ جيئن ئي
پوليس موبائل مان هيٺ لٿو ته
ڪجهه نوجوان ساڻس روئندي گلي
ميلا. انهن کي آٿت ڏيندي
چيائين ته صديق اڪيلو منهنجو
پٽ نه آهي، پر توهان سڀ مون
کي پٽن وانگر آهيو، روئڻ جي
بلڪل ضرورت نه آهي.“
جيلن جي ڊائرين ۾ عام طور اهو
لکيو ويندو آهي ته فلاڻي
تاريخ تي ڏينهن ڪيئن گذريو،
ملاقات تي ڪير ڪير آيو يا جيل
۾ رونما ٿيندڙ روزمره جا
واقعا اسماعيل راهو جي جيل جي
ڊائري ۾ ان قسم جو روايتي
بيان ته آهي، پر هڪ ٻي ڳالهه
جنهن هن جي ڊائري کي امتيازي
حيثيت ڏني آهي اها آهي
اسماعيل راهو جا ڪيل سياسي
تجربا پاڪستان جي سياسي
تاريخ، جنرل ايوب، جنرل يحيٰ،
جنرل ضياءَ الحق، جنرل پرويز
مشرف جون آمرانه غير جمهوري
حڪومتون، موجوده حڪومت طرفان
لوڪل باڊي يا مڪاني ادارن جو
منجهيل نظام ۽ 1990ع جي ڏهاڪي
۾ مشرقي بلاڪ جي ختم ٿيڻ ۽
سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ
دنيا ۾ طاقت جو توازن ختم
ٿيڻ، آمريڪا ۾ 9 سيپٽمبر جو
واقعو ۽ ان جا دنيا تي اثر،
افغانستان جون سياسي حالتون،
جهاد ۽ دهشتگردي، ڪشمير جو
مسئلو ۽ پاڪ هنڌ تعلقات جهڙن
موضوعن تي اسماعيل راهو جا
تجربا ڪنهن ذهين سياسي دانشور
جا لکيل تجربا لڳن ٿا، جن مان
هن جي چٽي ۽ صاف سياسي سمجهه
۽ شعور سان گڏ حالتن جي صحيح
جائزي وٺڻ جي صلاحيت نمايان
نظر اچي ٿي. اها ڳالهه سنڌ جي
عام سياستدانن ۾ نظر ئي ڪانه
ايندي اسماعيل راهو جي ان
تجربي سان هر ڪو سمجهو ماڻهو
اتفاق ڪندو ته”هن سڄي صورتحال
۾ هڪ ڳالهه صاف نظر اچي ٿي ته
1990ع کان اسٽيبلشمينٽ حڪومت
کي ڊآهڻ ۽ ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب
وئي آهي. ان لاءِ هنن هر
طريقو استعمال ڪيو آهي: مذهبي
فرقيواريت، فساد، قتل عام،
لساني نفرتون ۽ امن جي
صورتحال بگاڙڻ
target killing
۽ سڀ کان
وڌيڪ ته خود اسان جي
سياستدانن ۽ سياسي تنظيمن کي
وقت آهر پنهنجو مهور بڻائي هڪ
ٻئي خلاف استعمال ڪرڻ.“
ڪراچي سينٽرل جيل ۾ اسماعيل
راهو سان گڏ ڪجهه نوجوان سنڌي
قوم پرست پڻ بند هئا. هن
پنهنجي ڊائري ۾ انهن نوجوانن
جي قومي جذبي کي ساراهيو آهي،
پر ساڳئي وقت کيس ان ڳالهه جو
به ڏک آهي ته انهن نوجوانن جو
ڏوهي
(Criminal)
بڻجي وڃڻ هڪ قومي الميو آهي.
هيءَ رڳو جيل جي ڊائري ڪانهي،
پر پاڪستان ۽ سنڌ جي سياسي
تاريخ ۽ ان جو هڪ سياسي جائزو
پڻ آهي. پاڪستان جي موجوده
سيٽ اپ ۾ سنڌ سان شروعات کان
وٺي جيڪي ويساهه گهاتيون،
زيادتيون ۽ ڏاڍايون روا رکيون
ويون آهن ۽ انهن جي خلاف سنڌي
ماڻهن جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي.
هيءَ ڊائري ان جو هڪ اهم
رڪارڊ آهي.
اڳوڻو ڊائريڪٽر
شوڪت حسين شورو
اسنٽيٽيٽ آف سنڌ لاجي،
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
|