|
نومبر 16 کان 30، 2001ع تائين
16/11/2001
اڄ 30-11 وڳي ملاقات جي پرچي
آئي، ويس ته علي شير وساڻ
ديارام سيتل داس ۽ ڀوڄو مل
آيا هئا. علي شير ٻڌايو ته
صبح جو ڳوٺان نڪتا ۽ سڌس هتي
آيا آهن. ٿوري دير ۾ سيٺ ڪشو
به آيو. ملاقات کان واپسيءَ
تي ٿوري دير لاءِ ڊپٽي
سپرنٽينڊنٽ قاضي نذير وٽ ويس،
جنهن جي نئين آفيس مٿي ملاقات
هال جي پاسي ۾ ٺاهي وئي آهي.
قاضي نذير ان وقت ڪيرن
آرمسٽرانگ
(Karen Armstrong)
جو لکيل ڪتاب
History of God
(خدا جي تاريخ) پڙهي رهيو هو.
15-2 وڳي پنهنجي وارڊ تي آيس.
ماني کائي اڃا ستوئي مس هوس
ته پرچي آئي، ويس ته مٿي
اقبال عنايت آيو هو:
گولاڙچيءَ کان ويرومل ۽ فتن
مل به آيل هئا، جن وٽ ڪشو
ويٺو هو، انهن سان حال احوال
ڪري وري اقبال عنايت وٽ ويٺس،
ٿوري دير کان پوءِ گهر وارا
به آيا. 50-5 تي پنهنجي وارڊ
تي آيس.
30-6 ڌاري 16 وارڊ ۾ ويس، جتي
سيٺ ڪشو، فضل الله صديقي،
وريام فقير ۽ الهڏنو ڏاهريءَ
سان چڱي دير ڪچهري ٿي. ساڍي
اٺين وڳي پنهنجي وارڊ تي آيس.
اڄ رمضان شريف جو چنڊ ڏٺو هو
۽ پهرين تراويح هئي. جنهن سبب
دير سان بند ٿيڻو هو. جيل
انتظاميا فيصلو ڪيو هو، ته
رمضان ۾ قيدي تراويحون ڀلي
باجماعت پڙهن. پورو جيل
تراويحون ختم ٿيڻ کان پوءِ
بند ڪيو ويندو. اهو فيصلو
شايد گذريل رمضان جي مهيني
کان ڪيو ويو هو.
17/11/2001
اڄ مون ۽ ذڪريا غني کي سول
اسپتال وڃنو هو. ڏهين وڳي
پرچي آئي. اسان مٿي ماڙيءَ تي
ويا سين. آئون امان الله
نيازي سان ملي سپرنٽينڊنٽ جي
آفي ۾ ويس، جتي عثمان فاروقي
به ويٺل هو. ان چيو ته اسان
توهان جو انتظار ڪري رهيا
آهيون. ساڍي ڏهين وڳي آئون،
ذڪريا غني ۽ عثمان فاروقي
اسپتال لاءِ نڪتا سين. اسپتال
۾ شاهد عليءَ جي آفيس ۾
شاهنواز ويٺو هو. ذڪريا غنيءَ
جو ڊينٽسٽ ڏانهن ليٽر ٺهيو جو
ان کي ڏندن ۾ تڪليف هئي. اسان
ليٽر ٺهرائي فزيو ٿراپي ڪرائڻ
ويا سين. اتان ٿي حافظ صفدر
جي آفيس ۾ اچي ويٺا سين، جتان
چئين وڳي جيل لاءِ نڪتا سين.
اسپتال ۾ اقبال عنايت ۽ احمد
علي ڀٽي به آيا.
آئون پنهنجي وارڊ تي پهتو ئي
مس هوس ته خان محمد آيو.
چيائين ته جلدي ۾ توهان جي
دوست سيٺ کي گهرائي وٺو. آءِ
جي صاحب پنهنجي وارڊ ۾ ويٺو
آهي، جتي
I.G
نثار مهر ۽ خان محمد ويٺا
هئا. اسان ڪجهه وقت اتي ويٺا
سين، جنهن کان پوءِ آءِ جي
ويو ۽ اسين پنهنجي وارڊ تي
موٽي آيا سين.
18/11/2001
هينئر صبح جا 00-8 ٿي رهيا
آهن. دائود خان وارڊ کان ٻاهر
نڪتل آهي. ذڪريا غني ۽ وريام
فير سُتا پيا آهن. برداشتي
فياض به ستل آهي. ذڪريا غني ۽
فيصاض رات جو 3 وڳي اٿندا آهن
جو اهي روزو رکندا آهن. هونئن
به ذڪريا غني روزانو رات جو
30-4 وڳي ٻه ڪلاڪن لاءِ نماز
پڙهندو ۽ تلاوت ڪندو آهي.
هاڻي ڪجهه برداشتي اچي چڪا
آهن، بورچي عثمان ڪچن ۾ ڪم
ڪري رهيو آهي. عمران ٿانو
ڌوئي رهيو آهي ۽ ٻيا ٻاهر ڪم
ڪري رهيا آهن، جن جا نالا مون
کي به ڪو نه ٿا اچن. انهن مان
هڪ ٻوٽن ۽ وڻن کي پاڻي ڏئي
رهيو آهي ۽ هڪ اڱڻ جي صفائي
ڪري رهيو آهي. اڃا مقدم ۽
ذڪريا غني جو برداشتي خالد نه
پهتا آهن، عام ته اهي جلد
پهچي ويندا آهن، پر رمضان جو
مهينو آهي ۽ اڄ موڪل جو ڏينهن
به آهي. ڪجهه برداشتين جا
نالا مون کي انهيءَ ڪري ياد
نه آهي جو انهن مان ڪجهه ڇڏي
باقي ايترا تيزي سان تبديل
ٿيندا آهن جو اڃا انهن جو
نالو ياد ٿيندو ئي مس آهي ته
همراه هيلو ويندو آهي.
منهنجو ذاتي برداشتي ڇڏي ٻين
کي رکڻ ۽ ڪڍڻ جو ڪم دوائود
خان پاڻ سنڀالي ورتو آهي،
انهن سان سڄو ڏينهن مغز ماري،
سامان ۽ هرشيءِ جو پڇاڻو به
پاڻ ڪندو آهي. پوءِ هڪڙا
برداشتي ايندا آهن ۽ ٻيا پيا
ويندا آهن. فقط منهنجو ذاتي
برداشتي فياض شروعات کان وٺي
ساڳيو آهي. منهنجي جيل اچڻ
واري ڏينهن ئي ان محمد مهر هن
کي منهنجي حوالي ڪيو هو. ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ ان جو ٽوٽل به
اسان جي وارڊ ۾ ڪرائي ڇڏيو
هئوسين. اهو ڪچن جي پويان
اسٽور طور استعمال ٿيندڙ جڳهه
۾ سمهندو آهي. ڪچن ۽ اسٽور کي
فقط 5 فوٽ جي پردي جدا ڪري
ڇڏيو آهي، باقي گڏيل آهن ۽
ٻئي ڪافي ڪشاده آهن.
اسان وٽ پهرين ٻه مهينا کن
يعقوب بورچي هو، هو سٺو بورچي
هو پر ناراض ٿي هليو ويو. ان
کان پوءِ چار بورچي آيا، پر
ڪنهن نه ڪنهن سبب ٽڪيا ڪو نه.
مون عثمان کي گهرايو جيڪو ڏيڍ
مهيني کن کان ڪم ڪري پيو.
ڪجهه وقت کان ذڪريا غني خالد
کي رکيو آهي، جيڪو هن جو ذاتي
ڪم ڪار ڪندو آهي. اسان پنهنجي
وارڊ ۾ جيڪي چار هنڊيوال رهون
ٿا، انهن جي پاڻ ڪا گهڻي قربت
نه آهي، ته ويڙهه به نه آهي.
ميس جي حوالي سان ذڪريا غني
اسان جو هنڊيوال نه آهي جو
انهيءَ جو گهر جيل جي پاسي ۾
آهي. ان ڪري هن جي ناشتي کان
وٺي رات جي ماني تائين هر
شيءِ گهران ايندي آهي. منهنجي
رات جي ماني گهران ايندي آهي،
پر منهنجي وريام فير ۽ دائود
خان جي گڏيل ميس آهي، جيڪا
دائود خان هلائيندو آهي. شام
جو ٻئي ڏينهن لاءِ سامان
وغيره اهو لکائيندو آهي ۽
حساب ڪتاب به پاڻ ئي ڪندو
آهي.
جيل ۾ هفتي جي اندر لکين
ورپين جو سامان ٻاهران ايندو
آهي، جيڪو قيدي پنهنجي خرچ تي
ٻاهران گهرائيندا آهن. جيل
انتظاميا پاران اهو ٺيڪو خاص
منٿلي يا هفتو مقرر ڪرڻ تي
ڪنهن سپاهي يا هڪ کان وڌيڪ
سپاهين کي ڏنو ويندو آهي. اهو
روزانو مختلف وارڊن مان قيدين
جي ضرورت مطابق سامان جون
چٺيون گڏ ڪندا آهن ۽ ٻئي
ڏينهن صبح جو اهو سامان انهن
کي پنهنجي وارڊن تي پهچائيندا
آهن. انهيءَ ۾ گوشت، مرغي،
سبزي ۽ ٻي هر قسم جي روزمره
جي ضرورت جو سامان شامل هوندو
آهي. ان سامان تي قيدين کان
عام مروج شين تي مارڪيٽ جي
اگهه کان ويهه پنجويهه سيڪڙو
مٿي وصول ڪيو ويندو آهي. ڪن
شين تي ڏيڍوڻا ٻيڻا پئسا به
وصول ڪيا ويندا آهن، جن ته
ڪڏهن تر جو فرق به نه هوندو
آهي. البت اها سهولت آهي، ته
جن قيدين وٽ خرچ جي پهچ آهي،
انهن کي هر شيءِ تازي ملي
ويندي آهي.
اسان ٽنهي جي ميس جو سامان
لکائڻ، گهرائڻ، چيڪ ڪرڻ ۽
حساب ڪتاب ڪرڻ جو ذمو دائدو
خان جي حوالي آهي. هو اسان
سان هر ڏهين ڏينهن حساب ڪتاب
ڪندو آهي. مون فقير وريام سان
حساب ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پئسن جو
نه چوندو. اسان کان هن کي
پئسا ڏهين ڏينهن ملن يا ويهين
ڏينهن يا ان کان به دير ٿي
سگهي ٿي، پر ڪڏهن به اسان کان
پئسا گهرندو نه، سواءِ ان جو
نوٽس ڏوڪڙ ختم ٿي وڃن. سامان
کان پئسا گهرندو نه، سواءِ ان
جي جو وٽس ڏوڪڙ ختم ٿي وڃن.
سامان آڻڻ وارن کي پاڻ هر
ڏهين ڏينهن پئسا ڏيندو آهي.
ڪجهه ڏينهن کان وٺي مون کي
چوي پيو، ته آئون هاڻي ٿڪجي
پيو آهيان، پوڙهو ماڻهو
آهيان، هاڻي هي ڪم تون سنڀال.
چيومانس، ”توهان وڏا آهيو،
وڏن هوندي ننڍن تي بار نه
هوندو آهي. هي ڪم اڳي جيڪا
پرچي ٺهندي هئي، انهيءَ تي
سندس نالو ئي هو. هاڻي منهنجو
نالو لکرائي ٿو البت صحيح پاڻ
ڪندو آهي. هو سامان لکائڻ ۽
مون سان رهندڙ همراهن جي پاڻ
۾ گهٽ لڳندي آهي، پر مون سان
سڀني جو رويو تمام سٺو ۽ مثبت
آهي. آئون ڪوشش ڪندو آهيان ته
همراه هڪ ٻئي کي ڪجهه سهن ۽
برداشت ڪن ته جيئن وقت سٺي
نموني سان گذري. پر ڪڏهن ڪڏهن
ننڍڙيون شيون به وڏيون
ڳالهيون ٿي وينديون آهن.
منهنجي هميشه دائود خان کي
ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش رهندي آهي،
هو به منهنجو گهڻو خيال ۽
احترام ڪندو آهي، پر منهنجي
هن سان ڳالهائڻ جي هڪ حد
هوندي آهي جو هو بابا ۽ ادا
صديق جو به هنڊيوال ٿي رهيو
آهي. انهيءَ ڪري آئون هن جي
گهڻي عزت ڪندو آهيان. آئون
ڏسندو آهيان ته ذڪريا غني ۽
وريام فقير به ڪنهن حد تائين
سهپ کان ڪم وٺندا آهن يا
منهنجي ڪري برداشت ڪندا آهن.
مون کي جيڪا ڳالهه هينئر لکڻي
هئي، اها ڇڏي ٻين ڳالهاين ۾
پئجي ويس. آئون ڊائري عام طرح
رات جو سمهڻ کان اڳ لکندو
آهيان. اڄ صبح جو ان ڪري اٿي
لکڻ ويٺس جو ڪالهه هڪ ڳالهه
مون کان رهجي وئي هئي. ڪالهه
جڏهن آئون ماڙيءَ تان اسپتال
جي لاءِ نڪري رهيو هوس ته هڪ
سول ڪپڙن ۾ همراه مون سان اچي
مليو، چيائين، سائين! توهان
اسماعيل راهو آهيو؟ مون چيو،
ها! چيائين فاضل راهو توهان
جو والد هو؟ مون چيو ها! مون
کي چيائين ته مون هتي هن جي
ڊيوٽي ڪئي آهي. پڇيومانس،
توهان ڪير آهيو ۽ بابا جي
ڪهڙي ڊيوٽي ڪئي هئي؟ جواب
ڏنائين ته منهنجو نالو مختيار
آهي ۽ آئون سپاهي آهيان.
1987ع ۾ جڏهن فاضل صاحب هتي
هو ته اهو ون وارڊ ۾ هو، جيڪو
هينئر زرداري وارڊ سڏجي و،
تڏهن منهنجي ان وارڊ تي ڊيوٽي
هئي ۽ جهن هو آزاد ٿيو هو ته
به ان وارڊ تي آئون ئي هيس.
مون کي درست ڪيو، ته بابا هتي
1986ع ۾ هو ۽ جون جي مهيني ۾
هتان آزاد ٿيو هو. وري مون
کان پڇيائين ته پاڻ ڪڏهن شهيد
ٿيو، مون کيس ٻڌايو ته بابا
کي هتان نڪرڻ کان پوءِ ڇهين
مهينن جي اندر ئي جنوري 1987ع
۾ شهيد ڪيو ويو. هن بابا
متعلق ڪجهه ڳالهيون ٻڌايون.
شهيد فاضل پنهنجي زندگيءَ جي
مختلف جيل ياترائن مان آخري
جيل ياترا کان پوءِ جڏهن جون
1986ع ۾ ڪراچي سينٽرل جيل مان
آزاد ٿيو هو، تڏهن پاڻ ايم آر
ڊي تحريڪ جو اسير هو ايم آر
ڊي تحريڪ شروع ٿيڻ وقت آگسٽ
1983ع ۾ گرفتار ٿيو هو. انهن
ٽن سالن ۾ کيس ملڪ جي مختلف
جيلن ۾ رکيو ويو، جن ۾ حيدر
آباد جا ناراجيل ۽ سينٽرل
جيل، مڇ جيل بلوچستان، سکر
جيل ۽ ڪراچي لانڍي جيل ۽
سينٽرل جيل شامل آهن.
انهن ٽن سالن جي عرصي دوران
کيس پنهنجي ٻن جگر جي ٽڪرن جو
وڇوڙو برداشت ڪرڻو پيو. ننڍڙو
سچل تڏهن گذريو، جڏهن بابا
ناراجيل ۾ هو. سنڌ ۾ تحريڪ ۽
برساتن ٻنهي جو زور هو ۽ ان
ئي زور سان اسان جي حيدر آباد
جي گهر تي سرڪاري اهلڪارن جي
ڇاپن جو سلسلو به جاري هو.
تنهن کان پوءِ کيس پنهنجي وڏي
۽ جواڻ جماڻ پٽ محمد صديق جو
موت جو غم برداشت ڪرڻو پيو.
14 آگسٽ 1983ع تي ايم آر ڊي
جي تحريڪ شروع ٿي. 15 آگسٽ تي
بابا کي حيدر آباد مان گرفتار
ڪيو ويو. گرفتار ڪرڻ کان پوءِ
کيس ڪجهه ڏينهن حيدر آباد جي
سٽي ٿاڻي تي رکيو ويو. جيترا
ڏينهن بابا سٽي ٿاڻي تي هو،
ته ٻنپهرن جي ماني آئون گهران
کڻي ويندو هوس. اي ايڇ او جي
آفيس جي پاسي ۾ ڪو ڪمرو هو،
جنهن ۾ بابا کي قيد رکيو
هئائون. پر آئون ماني کڻي
ويندو هوس ته ايس ايڇ او يا
ٻيا پوليس وارا ۽ ڪجهه ٻيا
ماڻهو به ويٺا هوندا هئا. پاڻ
ماني کائيندو ويندو هو، ته
تحريڪ جا حال احوال به وٺندو
هو ۽ ڪڏهن کيس جيڪي احوال
ڪرڻا هوندا هئا، ته اهي به
ٻڌائيندو ويندو هو.
ڪار گرما گرمي
(Excitement)
واري خبر هوندي هئي، ته ويٺل
پوليس آفيسرن ۽ ٻين ماڻهن کي
زور سان مخاطب ٿي ٻڌائيندو
هو. هڪ ڀيري ائين به ٿيو ته
منهنجي ويٺي ڪٿان خبر پهتس ته
مظاهرين ۽ فورسز ۾ جهڳڙو ٿيو
آهي ۽ هڪ آفيسر مري ويو آهي.
ويٺل پوليس وارن کي زور سان
چيائين، ”ابا مبارڪون هجنو،
فلاڻي جڳهه تي هڪڙو هلي
چريو.“ ائين ڪڏهن انهن کي
ڪنهن جي ”شهيد“ ٿيڻ جي مبارڪ
ڏيندو، ته ڪڏهن ڪنهن جي ان
وقت اتي ويٺل پوليس آفيسر جي
چهري تي عجيب تاثر هوندو هو.
انهن جي اندر ۾ ته خدا ڄاڻي
ڇا هوندو هو، پر سندن چهري تي
هڪڙا پگهر لهندا هئا ۽ ٻيا
چڙهندا هئا. آئون سوچيندو هوس
ته هي دل ۾ چوندا هوندا ته،
”ڪهڙي بلا مان اچي ڦاٿا
آهيون، هي اسان جو مٿو به
وڃائيندو.“
سٽي ٿاڻي کان بابا کي ماتليءَ
جوڊيشل لاڪ اپ تي کڻي ويا،
جتي ايم آر ڊي جي جلسي ڪرڻ جو
ڪيس داخل هو. هڪ ٻن ڏينهن کان
پوءِ کيس نارا جيل رکيو ويو.
جتان سينٽرل جيل حيدر آباد
شفٽ ڪيو ويو. اتان وري
بلوچستان جي مڇ جيل ڪڍيو ويو.
بابا سان گڏ ايم آر ڊي جي جن
ٻين ليڊرن کي مڇ جيل موڪليو
ويو، انهن ۾ مجتبـﻰ خان
جتوئي، مخدوم خليق الزمان،
ممتاز علي ڀٽو، پير مظهر
الحق، حاجي ظفر لغاري، منظور
وساڻ، آغا سيف الله، ڊاڪٽر
ابراهيم جتوئي، غلام قادر
ڀٽو، مير اعجاز ٽالپر ۽ ٻيا
شامل هئا.
بابا جي شهات کان گهڻو پوءِ
1992ع يا 1993ع ۾ ڪنهن دوست
وٽ مير اعجاز ٽالپر سان ڪچهري
ٿي، ان مڇ جيل جون ڪجهه
ڳالهيون ٻڌايون. چيائين، ”هڪ
دفعي منهنجي ملاقات آئي ته
منهنجو دوست ملاقات تي
ٻيسامان سان گڏ بليڪ ليبل
وسيڪءَ جي بوتل به کڻي آيو.
ان وقت اندران آيل ٻيا دوست
به ويٺا هئاسين. سڀني چيو ته
شيءِ ڀلي آهي، اندر پهچي، پر
هاڻي پهچائي ڪير ۽ اندر کڻي
ڪير وڃي. اسان سڀني پاڻ سان
گڏ اندر کڻي وڃڻ کان لهرايو
پئي، تيسين راهو صاحب به اچي
ويو. مون چيو مانس، ”فاضل
صاحب سنگت جي ڪم جي شيءِ اچي
وئي آهي، پر هاڻي هيءَ اندر
کڻي ڪير وڃي؟“ چيائين ته ”مير
صاحب هيءَ منهنجي ڪم جي ته
شيءِ ڪونهي، پر اوهين ماٺ ڪري
ويهو، پاڻهي پهچي ويندي.“
مير اعجاز چيو، ”مون پاڻ
سوچيو پئي ته فاضل صاحب هي
ڪنهن جي هٿان اندر موڪليندو؟
پر جيڏي مهل اسان سڀ اٿياسين
ته مرحوم فاضل کڻي بوتل ۾ هٿ
وڌو ۽ سڌو پنهنجي ور ۾ هنئين
۽ اسان سڀني کان اڳ ۾ ئي
ماڙيءَ مان اندر وڃڻ جي لاءِ
روانو ٿيو. اسان حيران ٿي ويا
سين ته، هي ڪري ڇا ٿو؟ جي
تلاشي ٿي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟
پر محمد فاضل سڌو اندر هليو
ويو. ڪا تلاشي ڪو نه ٿي. راهو
صاحب پيتو ڪو نه، پر آخر
تائين ويٺو اسان سان ڪچهري
ڪندو رهيو.“
مڇ جيل ۾ آندل ايم آر ڊي جي
قيدين مان ڪجهه ته اتان ئي
آزاد ٿيا، ٻين کي تحريڪ جي
ٿڌي ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۽
لانڊي جيل آندو ويو. بابا
جيستائين مڇ جيل ۾ هيو ته
آئون ٻه ٽي ڀيرا اتي ساڻس ملڻ
ويو هوس، جنهن ۾ هڪ دفعو
مرحوم يوسف سولنگي، عارب
ڪيڙانو ۽ آئون گڏجي ويا سين،
ان دفعي جيل وارن اسان کي
ملاقات جي اجازت نه ڏني.
چيائون ته ان لاءِ هوم
ڊپارٽمينٽ جي اجازت کپندي.
اسان ڪوئيٽا وڃي هوم
ڊپارٽمينٽ کان پرميشن وٺي وري
واپسي ۾ اچي ملاقات ڪئي. اهي
شروعاتي ڏينهن هئا ۽ جيل
انتظاميا ايم آر ڊي جي قيدين
تي گهڻي سختي ڪئي هئي. پر
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نرمي ٿي
۽ ملاقات عام ٿيندي.
مڇ جيل ۾ بابا جي طبيعت ٺيڪ
ڪو نه رهندي هئي، ان لاءِ کيس
ڪوئيٽا جي سول اسپتال ۾ به
داخل ڪيو ويو هو. جڏهن اسان
ڪوئيٽا اسپتال ۾ ساڻس ملڻ ويا
هئا سين ته مون سان پارٽيءَ
جا ساٿي ڊاڪٽر علي گل ميتلو
يا ڊاڪٽر بخت جمال ۽ عارب
ڪيڙانو به گڏ هئا. بابا اسان
کي چيو ته توهين هتي ڪوئيٽا
رهڻ دوران ٻين سياسي دوستن
کان علاوه نواب اڪبر بگٽي ۽
شير محمد مري (جرنيل شيروف)
سان ضرور ملجو.
اسين رات جو نواب اڪبر بگٽيءَ
سان مليا سين، جنهن اسان کي
ماني کائڻ لاءِ تمام گهڻو
چيو، پر اسين ماني کائي ويا
هئا سين ۽ اسان مهرباني چئي
معذرت ڪئي. نواب صاحب اسان کي
ڪوئٽا جي سياري جي يخ سردين ۾
آئيس ڪريم کارائي. هن سان ايم
آر ڊي جي هلندڙ تحريڪ بابت هن
جو پنهنجو الڳ نقطئه نظر هو.
بابا جڏهن مڇ جيل ۾ هو ته اتي
ادا صديق به وڃي ساڻس ملاقات
ڪري ايندو هو، جيڪو پنهنجي
روپوشيءَ سبب سنڌ جي جيلن ۾
بابا سان ملاقات نه ڪري
سگهندو هو. سنڌ جا مڇ جيل
وارا ڪجهه قيدي اڳواڻ اتان ئي
آزاد ٿيا، باقي ٻين کي
ڪراچيءَ لانڍي جيل پهچايو ويو
جن ۾ بابا به شامل هو. اتان
به آهستي آهستي سياسي قيدين
جي آزاديءَ جو سلسلو جاري
رهيو. بابا لانڍي جيل ۾ڪافي
عرصو رهيو، جنهن دوران هن کان
سواءِ اتي ايم آر ڊي جا
تقريباً
سڀئي سياسي قيدي آزاد ٿي چڪا
هئا.
لانڍي جيل ۾ بابا جي طبيعت
گهڻي خراب ٿي پئي ان لاءِ کيس
سول اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو
ويو. اسپتال مان جلد ئي کيس
وري لانڍي جيل موڪليو ويو. ان
وقت تائين پوري ملڪ جي اندر
ايم آر ڊي تحريڪ جي سلسلي ۾
جيڪي به ليڊر ۽ ڪارڪن گرفتار
ڪيا ويا هئا، اهي سڀ آزاد ٿي
چڪا هئا. ايم آر ڊي تحريڪ جو
واحد اسير شهيد فاضل راهو هو،
جنهن کي آزاد نه پئي ڪيو ويو.
حالانڪه ان دوران جنرل ضياءُ
الحق جي اعلان ڪيل شيڊول
مطابق غير جماعتي بنيادن تي
اليڪشنون به ٿي چڪيون هيون ۽
ملڪ جي اندر نام نهاد جمهوريت
بحال ٿي چڪي هئي.
شهيد فاضل کي آگسٽ 1983ع کان
جيئن گرفتار ڪيو ويو ته کيس
ايم ايل ايو تحت نظر بند رکيو
ويو هو. جيڪو وڌ ۾ وڌ ٽن
مهينن تائين جاري رکي سگهبو
آهي ان ڪري هر ٽي مهيني نظر
بنديءَ جو نئون آرڊر جاري ڪيو
ويندو هو. نظر بنديءَ جي ان
حڪم کي ملڪ جي ڪنهن به عدالت
۾ چئلينج نه ڪري سگهبو هو، جو
اهو مارشل لا آرڊيننس تحت
جاري ڪيو ويندو هو. لانڍي جيل
مان بابا سکر سينٽرل جيل
منتقل ڪيو ويو. اتان وري آخر
۾ کيس ڪراچي سينٽرل جيل آندو
ويو.
ايم آر ڊي تحريڪ ۾ عوامي
تحريڪ ڀرپور ڪردار سبب ملڪ جي
حڪمران اسٽيبلشمينٽ عوامي
تحريڪ کان زبردست خائق هئي.
ايم آر ڊي تحريڪ جو محور سنڌ
هئي ۽ اندر ٻهئي سياسي قوتون
هيون، تحريڪ ۾ بي مثال ڪردار
ادا ڪيو. هڪ پي پي پي ۽ ٻيو
عوامي تحريڪ. پي پي هڪ ملڪ
گير پارٽي هئي ذوالفقار علي
ڀٽي جا قيادت ۾ ٻه اليڪشنون
ڪري ۽ ملڪ تي ڇهه سال حڪمراني
ڪري چڪي هئي. ڀٽي جي شهادت ان
جي مقبوليت کي نئين قوت ۽ جلا
بخشي هئي. انهيءَ سبب پي پي
جي قوت ۽ انهيءَ جو رد عمل ته
حڪرمانن جي لاءِ قابل فهم هو.
بلڪ سنڌ کان سواءِ ٻين صوبن
جي اندر خاص طور پنجاب ۽ سرحد
۾ تحريڪ کي جيترو اڀار ملڻ
کپندو هو، اهو نه ملي سگهيو.
جيڪو ان وقت پي پي پي جهڙي
ملڪ گير پارٽيءَ جي لاءِ ڌچڪو
تصور ڪيو پي ويو ۽ حڪمرانن
لاءِ ڪنهن حد تائين اطمينان
جو باعث به هو.
سنڌ ان وقت ٻري رهي هئي.
گذريل سالن جي اندر سندن
محرومين، تڪليفن ۽ اذيتن جو
جيڪو لاوو پچي ۽ رجي رهيو هو،
اهو بارود بنجي ڦاٽي پيو هو،
جنهن جي ڌماڪي سان اسلام آباد
جي اقتدار جا ايوان لڏي ويا
هئا ۽ حڪمرانن جي ذهنن مٿان
سنڌ جو ڀوت سوار ٿي چڪو هو.
ملڪي اسٽيبلشمينٽ سڪتي ۾ هئي،
ته ڪٿي 1971ع وارو باب ٻيهر
ته نه دهرائبو. تاريخ ۾ اهو
پهريون ڀيرو هو جو ڪشمور کان
وٺي ڪيٽي بندر تائين سڄي سنڌ
جا سنڌي ظلم، ڏاڍ، جبر ۽
آمريت جي خلاف جنگ ۾ شامل ٿي،
پوري دنيا کي پنهنجي وجود جو
احساس ڏياري رهيا هئا. ائين
محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ سنڌ جي
هر ڳوٺ ۾ دودو، هيمون، هوشو
يا شاهه عنايت پيدا ٿي پيا
آهن، جن اڳواڻيءَ ۾ هي اٻوجهه
پيرين اگهاڙا ۽ هٿين خالي
ڳوٺاڻا نه رڳو پنهنجو پر
پنهنجي پرڙهين جو ليکو ۽ حساب
ڪتاب برابر ڪرڻ جي لاءِ سر
تريءَ تي رکي ميدان تي نڪري
آيا آهن.
حڪمران جنتا جي خلاف سنڌ جي
ماڻهن جي ان ڪاوڙ، ڪروڌ ۽
نفرت جي اظهار جي پويان
اسٽيبلشمينٽ جيڪي ڪارڻ ڳولي
ڪڍيا هئا، انهن مان هڪ عوامي
تحريڪ هئي. پيپلز پارٽي کڻي
ڪيڏي به وڏي پارٽي هئي يا
ڪيتري طاقتور هئي، اها جنرل
ضياءَ الحق جي دشمن ته ٿي پئي
سگهي، پر ملڪ تي سدائين
حڪمراني ڪندڙ اسٽيبلشمينٽ کي
ان مان ڪو ڪو وڏو خطرو نه پئي
لڳو. عوامي تحريڪ سياسي افق
جي منظر نامي تي ظاهر ٿي چڪي
هئي. عوامي تحريڪ جنهن جي
نڊر، بهادر، سچار، نه جهڪندڙ
۽ نه وڪامندڙ شهيد فاضل راهو
جي عوامي قيادت، قومي، عوامي
انقلابي ۽ قومي نظريو، منظم
تنظيم ڪاري، ضابطو ۽ سڄي سنڌ
۾ انقلابي ۽ قومي نظريي سان
هٿيار بند هزارين ڪارڪنن جو
وسيع ڄار، ان جي اصل طاقت جو
سرچشموهئا.
1983ع جي ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان
جي مخصوص جاگرافيائي حالتن ۾
عوامي تحريڪ جهڙي تنظيم جو
ملڪي سياسي افق تي نمودار
ٿيڻ، حڪمرانن جي لاءِ ناقابل
برداشت هو. حڪمرانن اهو ڀليءَ
ڀت سمجهيو ٿي ته هن پارٽيءَ
جي هڪ عام ڪارڪن کان وٺي مٿين
ليڊر شپ تائين نه ڪنهن کي
خريد ڪري سگهجي ٿو ۽ نه
جهڪائي سگهجي ٿو. شهيد فاضل
راهو جي قيادت سبب عوامي
تحريڪ وچولي ڪلاس جي ليڊر شپ
جي پيدا ڪيل ملڪ جي پهرين
قومي انقلابي پارٽي هئي، جنهن
کي عوامي پذيرائي به حاصل ٿي
رهي هئي.
ايم آر ڊي جي ٺهڻ کان وٺي
آگسٽ 1983ع جي تحريڪ شروع ٿيڻ
تائين، اهو شهيد فاضل راهو هو
جنهن هڪ ڏينهن به آرام نه
ڪيو. حالانڪه پاڻ تازو 1979ع
کان 1981 تائين مسلسل ٻه سال
جيل ڀوڳي آيو هو. ان جي ئي
محنت ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾
عوامي تحريڪ جنهن کي شروعات ۾
هڪ علائقائي ۽ ننڍي جماعت
سمجهي، ايم آر ڊي ۾ فقط مبصر
جي حيثيت ۾ ويهاريو ويو هو،
اها اتحاد جي هڪ اهم جماعت
بنجي وئي. پاڻ پورا ٻه سال
رات ڏينهن ايم آر ڊي جي تنظيم
سازيءَ ۾ لڳو رهيو. پوري سنڌ
جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ڪيترن
ئي ڳوٺن ۾ جلسا ۽ ڪارنر
ميٽنگون ڪيائين.
ايم آر ڊي جي ٻين پارتين جي
اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آماده ڪري
يا حجت ڪري ڇڪي پروگرامن ۾
وٺي ويندو هو. سندس حوصلو،
همٿ ۽ بيڊپائي ڏسي هزارين
ماڻهو سندس ڪڍ لڳي پوندا هئا.
سندس دليري، ايمانداري، سچي ۽
ارڏي قيادت ئي سنڌ جي اندر
ايم آر ڊي جي تحريڪ جو روح
ڦوڪيو. بيشڪ! ملڪن ۽ قومن جي
تقدير ۾ تبديلي، انقلاب يا
تحريڪن جي برپا ٿيڻ لاءِ
حالتن جو سازگار هئڻ لازمي
آهي. موافق ۽ پڇي راس ٿيل
حالتون ئي وڏين تحريڪن جو
ڪارڪڻ بڻبيون آهن، پر انساني
تاريخ شاهد آهي ته ڪا به
تبديلي يا تحريڪ ليڊر شپ کان
سواءِ وجود ۾ نه آئي آهي. اهو
تاريخ جو بحث آهي ته حالتون
قيادت پيدا ڪنديون آهن يا
قيادت حالتون پيدا ڪندي آهن.
اهي ٻئي لازم ۽ ملزوم آهن،
ڪنهن به هڪ کان سواءِ ٻي جو
پيدا ٿيڻ ناممڪن آهي.
ايم آر ڊي تحريڪ ۾ انهن سوين
ڪارڪنن جو خون شامل آهي، جن
شهيدن تي پنهنجي ڌرتيءَ جو حق
ادا ڪيو ان ۾ انهن هزارين
ڪارڪنن جي قرباني شامل آهي،
جن جيلن ۾ ڦٽڪن جي پرواه نه
ڪندي آمر حڪمرانن کي للڪاريو
ان ۾ انهن عورتن ۽ نياڻين جو
حصولو ۽ جذبو به شامل آهي، جن
سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو
روڊن ۽ رستن تي نڪري جيل ڀري
سنڌ جي سياسي تاريخ جو نئون
باب درج ڪيو. ان سڄي عمل ۾
ذوالفقار علي ڀٽي جو عدالتي
قتل به شامل هو، وڌيڪ ڪارڻ
اُهي ظلم، جبر، ڏاڍ، تشدد، نا
انصافيون ۽ محروميون هيون،
جيڪي ڪيتري عرصي کان سنڌ سان
روا رکيون ويون هيون.
ڪرڪيٽ مئچ ۾ ڪنهن ٽيم جي
ڪارڪردگي جو انحصار ٻين حالتن
کان سواءِ ٽيم جي سڀني
رانديگرن تي هوندو آهي، پر
مين آف دي ميچ
(Man of the match)
جو ايوارڊ ڪنهن هڪ سڀ کان
بهتر ڪارڪردگي پيش ڪندڙ
رانديگر کي ڏنو ويندو آهي.
تيئن جيڪڏهن ايم آر ڊي تحريڪ
جي مين آف دي مئچ جو فيصلو
ڪيو وڃي، ته فيصلو ڪندڙن آڏو
شهيد فاضل راهو کان سواءِ ٻيو
ڪو به نالو اڀري سامهون نه
ايندو. اهوئي سبب هو جو ايم
آر ڊي تحريڪ جي نتيجي ۾
گرفتار ٿيل ٻيا ليڊر ۽ ڪارڪنن
ڪيترو عرصو پهرين آزاد ٿي چڪا
هئا، پر حڪمران شهيد فاضل
راهو کي آزاد ڪرڻ لاءِ هر گز
تيار نه هئا.
ساڳيءَ طرح رسول بخش پليجو
1979ع کان وٺي مسلسل قيد ۾
هو. پليجو صاحب کي آڪٽوبر
1979ع ۾ راهوڪيءَ ۾ ڪرايل
هاري ڪانفرنس کان پوءِ گرفتار
ڪيو ويو هو ۽ کيس ڪوٽ لکپت
جيل سميت ملڪ جي مختلف جيلن ۾
رکيو ويو. پليجي صاحب کي به
شهيد فاضل سان گڏ 1979ع ۾
بدين جي سمري ملٽري ڪورٽ هڪ
سال قيد جي سزا ڏني. اها ختم
ٿيڻ کان پوءِ کيس مسلسل ايم
ايل او تحت نظر بند رکيو ويو.
جڏهن 1985ع ۾ جنرل ضياءُ الحق
جي ڄڻيل جمهوريت بحال ٿي ته
به ٻنهي رهنمائن کي آزاد نه
ڪيو ويو. ان وقت ملڪ ۾ ڪو هڪ
نظام نه هلي رهيو هو، يعني
جمهوريت به هلي رهي هئي ته،
مارشل لا به!
جنرل ضياءُ پنهنجي هٿ ٺوڪي
جمهوريت آڻڻ جي باوجود به
مارشل لا کڻڻ لاءِ تيار نه هو
۽ تقريبا
ڏهن مهينن تائين مارشل لاءِ ۽
جمهوريت کي گڏ هلائيندو رهيو.
ان دوران جيئن سياسي گرمين
تان پابندي ختم ٿي ته عوامي
تحريڪ سڄي سنڌ جي اندر ايم آر
ڊي جي پليٽ فارم تان احتجاجي
مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو.
انساني حقن جي ملڪي توڙي بين
الاقوامي ادارن ٻنهي رهنمائن
جي ڊگهي نظر بندي جو سخت نوٽس
ورتو ۽ پاڪستاني حڪومت وٽ
پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو.
پارٽي مختلف وفد تشڪيل ڏنا،
جن مختلف سياسي اڳواڻن ۽
چونڊيل نمائندن سان ملاقات
ڪري انهن کي ياد داشت نامه
پيش ڪيا، ته محمد فاضل راهو ۽
رسول بخش پليجو جي بي گناه
نظر بنديءَ خلاف آواز بلند
ڪن.
انهن پارٽي وفدن قومي اڳواڻن،
سينيٽرن قومي اسيمبلي جي
ميمبرن ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي
ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون.
انهيءَ جي نتيجي ۾ قومي
اسيمبليءَ جي ٻن ميمبرن ممتاز
تارڙ ۽ حاجي سيف الله ايوان
جي فلور تي پنهنجو آواز بلند
ڪيو، ته هن ايوان کي ٻڌايو
وڃي ته رسول بخش پليجو ۽ فاضل
راهو جو آخر ڪهڙو ڏوهه آهي،
جو انهن کي ايتري طويل عرصي
تائين نظر بند ڪيو ويو آهي ۽
اڃا تائين آزاد نٿو ڪيو وڃي؟
بعد ۾ 30 ڊسمبر 1985ع تي جنرل
ضياءَ الحق گڏيل پارليامينٽ
جي اجلاس کي خطاب ڪندي مارشل
لا کڻڻ جو اعلان ڪيو. مارشل
لا کڄي وئي پر رسول بخش پليجو
۽ محمد فاضل راهو اڃا تائين
ايم ايل او تحت نظر بند هئا.
مارشل لا کڄڻ جي باوجود انهن
کي ملڪ جي ڪنهن ڪورٽ ۾چئليج
نٿي ڪري سگهيو.
1986ع جي شروعات ۾ ٻنهي
رهنمائن جو ايم ايل او تحت
جاري ڪيل ٽن مهينن جي نظر
بندي جو مدو پورو ٿي ويو.
مارشل لا کڄي چڪو هو ۽ ان
صورتحال ۾ ٻنهي اڳواڻن کي قيد
۾ رکڻ لاءِ حڪمرانن مارشل لا
جو هٿيار وڌيڪ استعمال نٿي
ڪري سگهيا. ٻنهي کي آزاد ڪيو
ويندو. پر حڪمران انهيءَ لاءِ
قطعي طور تي تيار نه هئا. سنڌ
جي هوم سيڪريٽري ٻنيه اڳواڻن
لاءِ ايم پي او
(Maintenance of Public
Order)
تحت وڌيڪ ٽن مهينن جي نظر
بنديءَ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
ٽن مهينن جي مدت پوري ٿيڻ کان
پوءِ قانوني تقاضائن کي پورو
ڪرڻ لاءِ هوم ڊپارٽمينٽ سندن
نظر بندي وڌائڻ لاءِ ڪورٽ کان
اجازت طلب ڪئي. هاءِ ڪورٽ ٽن
ججن جي بينچ جوڙي جيڪا جسٽس
سليم اختر، جسٽس پيرزادو ۽
جسٽس عبدالرزاق ٿهيم تي مشتمل
هئي. هاءِ ڪورٽ ٻنهي قيد
اڳواڻن کي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ
لاءِ گهرايو.
ان ۾ بابا جو وڪيل قاضي امام
علي هو، جڏهن ته پليجي صاحب
پنهنجي وڪالت پاڻ ڪئي. هاءِ
ڪورٽ ۾هومسيڪريٽري کي به طلب
ڪيو ۽ ان کان وضاحت پڇي، ته
آخر هنن ٻنهي کي نظر بند رکڻ
ڇو ضروري آهي؟ حڪومت هاءِ
ڪورٽ کي ڪو به خاطر خواه
سبب يا مواد مهيا نه ڪري
سگهي جيڪو نظر بنديءَ وڌائڻ
لاءِ جواز بنجي.
شهيد فاضل خلاف ڪجهه پراڻن
ڪيسن جو رڪارڊ کڻي آيا، پر
اهي سڀ ڪيس سياسي هئا ۽ انهن
سڀني ۾ شهيد فاضل مارشل لاءِ
ڪورٽن جون سزائون کائي چڪو
هو. حڪومت جي تمام گهڻي دٻاءَ
کي وڌيڪ نظر بند رکڻ جي
حڪومتي درخواست کي رد ڪيو ۽
کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان
کان پوءِ رسول بخش پليجو کي
ته آزاد ڪيو ويو، پر شهيد
فاضل جي بغاوت جي هڪ مقدمي ۾
گرفتاري ڏيکاري کيس آزاد نه
ڪيو ويو.
جيئن ته شهيد فاضل لاءِ حڪومت
اهو پهه ڪري چڪي هئي، ته هن
کي آزاد فضائن ۾ ساهه کڻڻ نه
ڏيندا سين، تنهن ڪري جڏهن
انهيءَ کي قيد ۾ رکڻ جا ٻيا
سڀ رستا بند ٿيا ته اهو بغاوت
وارو ڪيس کڻي آيا. ان ڪيس مان
شهيد جي ضمانت ٿي ۽ هو 1986ع
جي جونَ مهيني جي ٽئين هفتي ۾
ڪراچي سينٽرل جيل مان آزاد
ٿيو. شهادت جي گهڙي تائين هو
ضمانت تي ٻاهرهو ۽ هن تان ڪيس
ختم نه ڪيا ويا هئا. ائين
شهيد فاضل جي زندگيءَ جو آخري
جيل، سينٽرل جيل ڪراچي هو.
جنهن ۾ هو (1) ون وارڊ ۾رهيو،
جتي مختيار سپاهي وارڊن طور
ڊيوٽي ڪئي هئي.
هونئن ته اسان جو موڪل وارو
ڏينهن گهڻو ڪري ڪچهرين يا پتي
راند ۾ گذرندو آهي. پر
منهنجواڄ گهڻو وقت لکڻ ۾
گذريو. ٻنپهرن جو سيٺ ڪشن
وارن وٽ ويس، جتي اسان ماني
گڏجي کاڌي. شامجو ڪشو منهنجي
وارڊ تي آيو. اسان گڏجي 16
وارڊ ۾ ويا سين، جتي ڪلاڪ کن
همراهن سان ڪچهري ٿي، وري
موٽي پنهنجي وارڊ تي آيس.
19/11/2001
صبح جو ڏهين وڳي سپرنٽينڊنٽ
جي پرچي آئي. ان وٽ ويٺو ئي
هئس ته 00-11 وڳي گهر وارا
ملاقات لاءِ آيا. 00-12 وڳي
وارڊ تي موٽي آيس ته هڪ وڳي
وري ماڙي لاءِ سڏ ٿيو. مٿي
ملاقات جي هال ۾ سيٺ ڪشو ويٺل
هو. وڏيرو صالح برهماڻي،در
محمد پالاري، بادل پالاري،
سيٺ ريوا چند (سري) ۽ ڊاڪٽر
ڀونداس (ٿاڻو احمد خان)
ملاقات لاءِ آيل هئا. ڪلاڪ کن
همراهن سان ڪچهري ڪري واپس
موٽي آيا سين. 00-3 وڳي وري
ماڙيءَ تي ويس، جو اسلم آيل
هو.
20/11/2001
00-11 وڳي اسپتال لاءِ نڪتا
سين، اڄ عثمان فاروقي ۽ ذڪريا
غني به هئا. ذڪريا غني جو
اهوئي ڏندن جو مسئلو هو ۽
عثمان فاروقي جو فزيو ٿراپي
ڪرائڻ جو شيڊول ٺهيل هو. اسان
ليٽر ٺهرائي فزيو ٿراپي ڪرائڻ
کان پوءِ آرٿوپيڊڪ وارڊ ۾ اچي
ويٺا سين، جتي ڊاڪٽر عطاءُ
الرحمان ۽ ڊاڪٽر ارباب
عبدالستار سان ڪچهري ٿي.
شاهنواز دير سان آيو، جو سندس
والده کي جناح اسپتال ۾
ڏيکارڻو هوس.
00-3 وڳي ٻار به ملڻ آيا.
00-4 وڳي جيل لاءِ نڪتا سين.
شاهنواز مون سائي پولي جي
گاڏي ۾ گڏ ويٺو. جيل تائين
آئون شاهنواز، سپاهي ڪامل
ٻانڀڻ ۽ سپاهي جاويد ڪچهري
ڪندا آيا سين. ماڙيءَ اندر
سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ ڪجهه
دوست پهرين کان ويٺا هئا.
راشد سعيد ٻڌايو ته ڪافي دير
کان توهان جو انتظار ويٺا ڪن.
اسان مٿي ملاقات جي هال ۾ وڃي
ويٺا سين، جيڪو ان وقت بلڪل
خالي پيو هو. روزي کولڻ جو
وقت ٿي وڃڻ سبب مون انهن لاءِ
افطاري پنهنجي وارڊ تان
گهرائي ورتي. 30-6 وڳي اهي
روانا ٿيا.
21/11/2001
صبح جو ڏهين وڳي اخبارون پڙهي
رهيو هوس ته هڪڙو ڇوڪرو
ورانڊي ۾ داخل ٿيو. هو پٺاڻ
لڳي رهيو هو. منهنجي پاسي ۾
دائود خان به ويٺو هو، مون
سمجهيو ته ڇوڪرو شايد دائود
خان سان ملڻ لاءِ آيو آهي. هٿ
ملائڻ کان پوءِ مون کي
ٻڌايائين، ته گولاڙچيءَ جو
ميمڻ آهيان. پاسي ۾ ويهاري
پورو تفصيل پڇيومانس. چيائين،
”منهنجو نالو مرتضيٰ
آهي. حاجي صاحبڏني ميمڻ جو پٽ
آهيان. اصل آسيلي جا آهيون.
هينئر گولاڙچيءَ ۾ ٿا رهون.
آئون فوج ۾ ڀرتي ٿيو هوس پر
ڀڄي آيس، جنهن سبب ڪورٽ مارشل
ڪري ڇهه مهينا سزا ڏنائون.
پندرهن ويهه ڏينهن ٿيا آهن ته
هتي آيو آهيان. هتي فيڪٽريءَ
۾ٽوٽل آهي. توهان کي ماڙيءَ
تي ڏٺو هئم، پر اتي ملي نٿي
سگهيس، هينئر توهان سان ملڻ
آيو آهيان.“
شام جو خان محمد ۽ حاجي ايوب
آفريدي افطار جي دعوت هئي.
30-5 وڳي اتي ويا سين. انهن
وٽ ٻيا به مهمان آيل هئا.
ساڍي ڇهين وڳي مون سان محمد ۽
حاجي صاحب کان اجازت ورتي. 23
وارڊ تي علي سونياري وارن ڏي
ويس، جتي شهيد ڀٽو جو دوستن
پاران شهيد شاهنواز ڀٽو جي
سالگره جي سلسلي ۾ افطار
پارٽي ڏني وئي هئي. آئون دير
سان پهتو هوس، ٻيا سڀ مهمان
هليا ويا هئا. اٺين وڳي تائين
علي سوناري ۽ ٻين دوستن سان
ملڪي صورتحال ۽ شهيد ڀٽو
پارٽي متعلق ڪچهري ٿيندي رهي.
علي سونارو جيڪو جيل ۾علي
ڀائي طور مشهور آهي،ان کان
منهنجو اهو سوال هو، ته توهان
ايندڙ سياسي عمل ۾ پنهنجي
پارٽيءَ جو ملڪ ۽ خصوصا
سنڌ جي اندر ڪهڙو پارلياماني
ڪردار محسوس ڪيو ٿا، اوهان جي
پاٽي 1997ع جي چونڊن کان گهٽ
پوزيشن ۾ ايندي يا ان کان
بهتر؟
علي جو خيال هو ته ”اسان
1997ع کان هينئر بهتر پوزيشن
۾ آهيون. لياريءَ جي بلدياتي
چونڊن ۾ اسان جي رلزٽ تمام
سٺي آئي آهي. 1997ع جي چونڊن
۾ ميرتضـﻰ ڀٽو جي تازي شهادت
جي نقصان کي اسان قيادت جي
حوالي سان پورو نه ڪري سگهيا
سين. اسان جي پارٽيءَ تي هڪدم
موقع پرست حاوي ٿي ويا ۽ اصل
ورڪر پويان ڌڪجي ويا. اسان وٽ
ڪا به اهڙي شخصيت نه هئي،
جيڪا مير جي قيادت جو خال کي
پُر ڪري سگهي. هنن پنجن سالن
جي اندر اسان ڪافي پرايو آهي
۽ محترمه غنوى ڀٽو ڪنهن حد
تائين قيادت جي مسئلي کي حل
ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي.“
منهنجو خيال ان کان ڪجهه
مختلف هو. ٿي سگهي ٿو ته شهيد
ڀٽو جي قيادت ۽ ورڪرن ۾ ملڪي
سياست کي سمجهڻ جي باري ۾
پختگي پيدا ٿي هجي، پر حالتن
۾ گهڻو فرق آهي. سڀ کان هرين
ڳالهه ته پي پي پي ۽ شهيد ڀٽو
ٻئي ساڳي ووٽ بئنڪ مان ڀاڱي
ڀائيوار آهن. يعني ذوالفقار
علي ڀٽي جي نعري جو ووٽ. شهيد
ڀٽو کي جيڪو ووٽ ملندو، ان ۾
90 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ پي پي
پي جو ئي هوندو. جيڪڏهن اسان
1997ع جي چونڊن ۾ پي پي ۽
شهيد ڀٽو جي مقبوليت ۽ گراف
کي ڏسندا سين ته صورتحال
سامهون نظر اچي ويندي.
1996ع ۾ تازو پي پي جو اقتدار
ختم ٿيو هو. پي پي پنهنجي دور
اقتدار ۾ عوام کي تمام گهڻو
مايسو ڪيو هو. ماڻهن جي تمام
اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو هو.
ايتري قدر جو سنڌ جو عوام به
پي پي جو سياسي متبادل
(Alternative)
سوچڻ تي مجبور ٿي چڪو هو.
هيڪاري مير مرتصـﻰ ڀٽو جو قتل
ماڻهن ۾ پي پي خلاف نفرت جو
جذبو پيدا ڪري ڇڏيو هو. پي پي
پنهنجي عوامي مقبوليت جي
تاريخ جي حوالي سان انتهائي
هيٺين درجي تي پهچي چڪي هئي.
جڏهن ته ٻي طرف پي پي شهيد
ڀٽو کي پي پي پي جو متبادل
ڪري پيش ڪيو پئي ويو ۽ خاص
طور مرتضيٰ
ڀٽو جي شهادت سبب سڄي ملڪ
اندر ۽ خاص طور سنڌ جي اندر
ان سان همدرديءَ جي وڏي لهر
پيدا ٿي وئي هئي ۽ سندس
مقبوليت جي گراف ۾ اچانڪ
زبردست اضافو اچي ويو هو.
اهوئي سبب هو جو سنڌ جي اندر
پي پي مخالف اميدوارن پي پي
شهيد ڀٽو جي جذباتي
(Sentimental)
ووٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڌڙا ڌڙا
ان ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ان
۾ ڪيترائي اهڙا اميدوار به
شامل هئا، جيڪي مير مرتضـﻰ جي
شهادت کان اڳ مسلم ليگ ۾ شامل
ٿيڻ جي تياري ڪري چڪا هئا،
اهڙي طرح ڪيترائي اميدوار ۽
سياسي شخصيتون پ پ ۽ مسلم ليگ
کي ڇڏي پي پي ش ڀ ۾ شامل ٿيا.
ان سبب سنڌ جي اندر پي پي
مخالف قوتون پي پي سان مقابلو
ڪرڻ جي لاءِ ڪا به گڏيل حڪمت
عملي جوڙي نه سگهيون. پي پي
جي عدم مقبوليت جي لهر کي
ڏسندي سنڌ اندر ان جي قوت جو
گهٽ ڪاٿو
(Under Estimate)
ڪيو ويو. جيڪڏهن سنڌ جي اندر
سموريون پي پي مخالف پارٽيون
۽ فرد هڪ گڏيل محاذ يا حڪمت
عملي تحت مقابلو ڪن ها، ته پي
پي صوبائي اسيمبليءَ جي ويهن
سيٽن کان وڌيڪ ڪنهن به صورت ۾
نه کڻي سگهي ها. جڏهن ته
هينئر پي پي جي اقتدار کي ختم
ٿئي ڪافي سال ٿي چڪا آهن. ان
کان پوءِ ٻه حڪومتون ٻيون اچي
چڪيون آهن ۽ نه ئي مير مرتضـﻰ
ڀٽو جي تازي شهادت آهي، جيڪا
پي پي خلاف نفرت ۽ پي پي شهيد
ڀٽو جي لاءِ همدرديءَ جي لهر
جو ڪارڻ هئي. ان ڪري شهيد ڀٽو
لاءِ چونڊن ۾ صورتحال اڳي جي
ڀيٽ ۾ مختلف هوندي.
22/11/2001
اڄ حاضري هئي. صبح جو ڏهين
بجي ڪورٽ تي پهتا سين. اڄ به
ڪيس نه هليو، فقط ڪشو ۽ راجو
تي چارج فريم ٿي. جج وري 8
ڊسمبر جي تاريخ ڏني. اڄ به
ڪافي همراه ملڻ لاءِ آيل هئا.
جن ۾ علي احمد جوکيو، جان
محمد انصاري، ظهور الدين
عباسي، مٺو مهيري، الهه بخش
ڪليار، علڻ راهو، حاجي خان
سمون، طالب سمون، گل محمد
راهو، غلام نبي راهو، خدا بخش
ميمڻ، ماما نيبين، آچر سميجو،
غلام مصطفيٰ
ميمڻ، عارف سمون، قادر ٻٻر،
علي احمد لنڊ، اياز جوکيو،
علي مير شاهه، پير امجد شاهه،
محمد خان رانجها، ڏاڏا سليمان
ڏاهري. ڊاڪٽر خليل اي اين پي
جا حاجي شبير زمان ۽ محراب
گل، لڇمڻ، ڊاڪٽر شام، هيرو
ڪنڊيڪٽر، ڪاڪو ڀيرومل، ڊاڪٽر
ويرسي، راجا آسر، وڪيل ڪي ايم
نديم، طارق، احسان ڀٽي،
شاهنواز راڄپر ۽ ٻيا دوست
شامل هئا. آئون جڏن به تاريخ
تي ويندو آهيان ته واپس اچي
ڊائري لکندو آهيان. ڪوشش ڪندو
آهيان ته ملاقات لاءِ آيل
سڀني دوستن جا نالا لکان، پر
هر تاريخ تي رش سبب ڪجهه نالا
ضرور وسري ويندا آهن. جن مان
ڪجهه پوءِ ياد به پيا ايندا
آهن.
00-4 بجي اسان ڪورٽ کان جيل
لاءِ نڪتا سين. اڄ تاريخ تي
اسان سان نصير مري ۽ وسطو
مينگهواڙ به هئا جيڪي فضل
الله صديقي جي چين ۾ آهن.
وسطي ۽ نصير ٻنهي کي گاڏي ۾
به گاڏيل هٿڪڙي لڳل هئي. وسطو
مينگهواڙ جيڪو احتساب جي
قانون جو شڪار بنيل آهي، ان
غريب جي عمر 80 سال آهي. پاڻ
هلڻ کان به لاچار آهي ۽ نه
کيس اها پهچ آهي جو وڪيل ڪري
سگهي. پويان ڪو به اوهي واهي
ڪونهيس سواءِ بيمار زال جي،
جنهن وٽ نه علاج لاءِ ڪو پئسو
آهي، نه ڀاڙو جو اچي هن جي
ملاقات ڪري وڃي.
ڪورٽ کان جيل ڏي واپس اچي
رهيا هئاسين، ته ڊرائيور تمام
زوردار بريڪ هنيو، جنهن ڪري
سڀ قيدي ۽ پوليس وارا هڪ ٻئي
مٿان اچي لڳا. انهيءَ جهٽڪي ۾
وسطي مينگهواڙ جي ٻانهن جنهن
۾ هٿ ڪڙي لڳل هئي، ڦٽجي پئي.
هن جي پوڙهي ۽ بيمار هڏ ۽ چم
۾ هٿ ڪڙيءَ جو لوهه جي زوردار
ڌڪ سهڻ جي طاقت ڪو نه هئي.
سندس ٻانهن مان رت ٺينڊيو ڪري
وهڻ لڳو. اسان گاڏي روڪائي
ٻنهي جي هٿڪڙي کولرائي ۽
پوليس واري وسطي جي ٻانهن تي
ڪپڙي جي پٽي ٻڌي.
جيل تي پهچي آئون پنهنجي وارڊ
تي آيس، شام جو 30-6 بجي 16
وارڊ ۾ ويس، جتي ڪلاڪ ڏيڍ
ويٺس. ڪشو سيٺ وارن جي اچڻ
کان پوءِ گهڻو ڪري اهو منهنجو
روٽن آهي ته شام جو ڪلاڪ ڏيڍ
لاءِ انهن وٽ ويندو آهيان.
23/11/2001
اڄ صبح جو اٿي اخبارون پڙهي
رهيا هئاسين. وريام فقير، فضل
الله صديقي ۽ ڪجهه ٻيا همراه
ويٺا هئا. ان ڏينهن اخبارن ۾
پير صاحب پاڳاري جي سالگره جي
خبر هئي، جنهن ۾ پير پاڳاري
صحافين سان ڳالهايئندي چيو
آهي، ته اميرالمؤمنين ۽
آمريڪا ٻنهي جو برو حشر
ٿيندو. اسان وٽ اها گفتگو هلي
رهي هئي ته اميرالمؤمنين ڪير
آهي؟ ڪن جو خيال هو، ته ملا
عمر لاءِ چيو اٿس، ڪن جو چوڻ
هو ته اهو اشارو جنرل پرويز
مشڙف ڏانهن آهي. اهي لفظ پير
صاحب پنهنجي 74 هين سالگره جي
موقعي تي چيا آهن، جيڪا هو
دستور موجب هر سال ملهائيندو
آهي. پير صاحب جنهن جا مزيدار
پر معنـﻰ خيز بيان اڪثر
اخبارن ۾ ايندا رهندا آهن، پر
اڄ ڪلهه سندس بيان ڪڏهن ڪڏهن
اچن ٿا ۽ جڏهن به اچن ٿا ته
انهن جو اهوئي اسٽائل هوندو
آهي.
پير صاحب جي ڳالهائڻ يا بيانن
اچڻ ۾ ڊگهي وٿيءَ کي هر ماڻهو
پنهنجي رنگ ۾ پيش ڪري ٿو. پير
پاڳاري جو اسان جي ملڪ ۽ خاص
طرح سنڌ جي پاور پاليٽڪس ۾
هميشه اهم ڪردار رهيو آهي.
خاص طرح 1971ع ۾ پي پي جي
اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ڀٽو
مخالف سياست جي حوالي سان
سندس سياسي ڪردار اڀري سامهون
آيو. هونئن ته پير صاحب پيري
مريديءَ جي حوالي سان شايد
برصغير جي وڏي ۾ وڏي گادي
هجي، جنهن جا هنڏ، سنڌ ۽
پنجاب ۾ پيروڪار ۽ معتقد
موجود آهن، ان ڪري پير پاڳاري
جي سياسي ڪردار کي سنڌ ۾
هميشه اهميت رهي آهي.
ذوالفقار علي ڀٽي جي اقتدار ۾
اچڻ کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين
ملڪ ۾ آيل حڪومتي تبديلين ۾
هن جو مک ڪردار رهيو آهي. پير
پاڳاري جي سياسي قوت ان وقت
وڌيڪ اڀري سامهون آئي، جنهن
جنرل ضيا کي، پي پي پي کي
ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ جي
اندر ۽ خاص طرح سنڌ اندر
سياسي قوت جي اشد ضرورت هئي.
ان جو اندازو 1985ع جي غير
جماعتي چونڊن جي نتيجي ۾
بنجندڙ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن
مان آسانيءَ سان لڳائي سگهجي
ٿو. فقط پير صاحب پاڳاري جي
ڪري جنرل ضياءُ الحق وزارت
عظمـﻰ جي باري ۾ ڪور ڪمانڊرن
سان طئي ڪيل فيصلي کي تبديل
ڪري پير پاڳاري جي نامزد ڪيل
مرحوم محمد خان جوڻيجي کي
وزير اعظم بنايو ۽ سنڌ حڪومت
به سندس مرضيءَ سان تشڪيل ڏني
وئي.
هي اهو دور هو جنهن ۾ حڪومتي
ڍانچي ۾ پير پاڳاري جو سياسي
وزن سڀ کان وڌيڪ ڳرو نظر اچي
رهيو هو. بهرحال ان کان پوءِ
به پي پي مخالف سياسي حڪومتن
۽ پي پي حڪومت خلاف بنجندڙ
سياسي محاذن ۾ پير صاحب جو
نمايان ڪردار رهيو آهي. 1990ع
۽ 1997ع جي چونڊن جي نتيجي ۾
سنڌ اندر بنجندڙ پي پي مخالف
حڪومتون پير صاحب جي حمايت
کان سواءِ ناممڪن هيون. 1988ع
۽ ان کان پوءِ جيڪي به جماعتي
بنيادن تي اليڪشنون ٿيون آهن،
انهن ۾ 1997ع جي اليڪشن کان
سواءِ سمورين چونڊن ۾ سنڌ
اندر پي پي ۽ ايم ڪيو ايم کان
پوءِ پير صاحب ٽين نمبر جي
قوت طور ايندو رهيو آهي. فقط
1997ع جي اليڪشن ۾ مسلم (ن)
جي 15 صوبائي اسيمبليءَ جون
سيٽون کڻڻ سبب پير پاڳاري جي
پوزيشن چوٿين نمبر تي بيٺي.
جنرل پرويز مشرف جي پهرين
فوجي حڪومت آهي، جنهن ۾ هن
وقت پير پاڳارو حڪومت کان
ڪجهه ڇڊو رهيو آهي يا کيس
رکيو ويو آهي. هن حڪومت ۾ پير
صاحب جا ڪجهه ماڻهو به عتبا
جو شڪار بنيا آهن. پي پي
حڪومتن کي ڇڏي باقي گهڻي وقت
کان پوءِ اها پهرين حڪومت
آهي، جنهن پير پاڳاري طرف
اهڙو رويو اختيار ڪيو آهي.
حالانڪه هميشه پير صاحب جو
ڳانڍاپو جي ايڇ ڪيو ڏانهن
سمجهيو ويندو رهيو آهي جنهن
جو هو پاڻ به برملا اظهار
ڪندو آهي. موجوده صورتحال ۾
جنرل مشرف حڪومت جي پير صاحب
ڏانهن ۽ پير پاڳاري جي حڪومت
ڏانهن رويي کي پاسيرو رکندي
جيڪڏهن ايندڙ وقت تينظر وجهڻ
سان اهو سوال ٿو اڀري ته ڇا
اها صورتحال گهڻي وقت تائين
هلي سگهندي!؟ ان جو دارومدار
ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ سياسي اٿل
پٿل تي آهي. جيڪڏهن حڪومت
طرفان جمهوريت جي بحاليءَ
لاءِ ڏنل روڊميپ تي عمل ٿيو،
جنهن جو قوي امڪان آهي، ته ان
صورتحال ۾ لازمي طرح اسيمبلي
وجود ۾ ايندي.
جمهوري عمل ۾ جڏهن به سنڌ جي
اندر پي پي مخالف حڪومت ٺهي
آهي، ته انهيءَ ۾ پير پاڳاري
جي ڪردار کي هر گز نظر انداز
نه ٿو ڪري سگهجي. خاص طور تي
جڏهن انتخابي عمل ڪي اصل طئي
شده ٽارگيٽ حال ڪرڻ جي لاءِ
هجي ته پوءِ ان ۾ مقبول
پارٽين جي جڳهه تي انفرادي
شخصيتون ۽ انهن جون قوتون
حڪومت لاءِ وڌيڪ آسان ۽
مددگار ثابت ٿين ٿيون. سنڌ جي
اندر پيپلز پارٽي ۽ پير صاحب
ٻنهي کي پاسيرو رکي ڪا منتخب
حڪومت ٺاهڻ ناممڪن نه، ته به
تمام مشڪل ٽارگيٽ ضرور آهي،
پر موجوده صورتحال ۾ ناممڪن
نظر ٿو اچي.
00-1 بجي ملاقات جي پرچي آئي،
ماڙيءَ تي ويس، ته سيٺ ڪشو،
ڊاڪٽر شام ۽ ٻيا همراه ويٺل
هئا. اتي ڪنهن اچي ٻڌايو ته
مٿي توهان جي فيملي آئي آهي.
ملاقات ڪري پنهنجي وارڊ تي
اچي سمهي رهيس. شام جو اٿي
روزو کولڻ جي تياري ڪئيسين.
اڄ مون روزو رکيو هيو. آئون
روزا ٻاهر به چنڊاڻي جماڻي
رکندو هوس، هتي به ائين رکندو
آهيان. البت ٻاهر جمعي جي
نماز به ڪڏهن قسمت سان پڙهبي
هئي. هتي انهيءَ ۾ ڪجهه اضافو
ضرور ٿيو آهي. منهنجا ٽئي
پارٽنر متقي نمازي آهن. ذڪريا
ته ان معاملي ۾ تمام گهڻو
پابند آهي جڏهن ته فقير ۽
دائود خان کان گهڻو ڪري فجر
جي نماز قضا ٿيندي رهندي آهي.
باقي نمازون هو به پابنديءَ
سان ادا ڪندا رهندا آهن. اسان
جي پاڙي وارو وارڊ 14 جنهن ۾
اسان جو گهڻو اچڻ وڃڻ آهي،
اتي حاجي ايوب، خان محمد ۽
اسلام الدين به مڪمل نمازي
آهن. حاجي ايوب ۽ خان محمد
مون کي نماز پڙهڻ لاءِ اڪثر
زور ڀريندا رهندا آهن.
ملاقاتن اچڻ جو سلسلو به گهڻو
ڪري ٻنپهرن کان وٺي شام تائين
هوندو آهي. اڪثر اهو ٿيدنو
آهي جو جمعي نماز وقت به ڪا
نه ڪا ملاقات اچي ويندي آهي.
ذڪريا غني مون کي چوندو
آهي،”تون ٻيون نمازون ته ڪو
نه پڙهين، پر جمعي جي نماز تي
به ڪنهن نه ڪنهن ملاقاتيءَ جو
بندوبست ڪريو ڇين. ته جيئن
نماز کان بچي وڃين. نماز جو
وقت ٿيندو آهي ۽ تنهنجي پرچي
پهچي ويندي آهي.“ ڪجهه وقت اڳ
جڏهن منهنجي گهران ٻئي سامان
سان گڏ مصلو (جاءِ نماز) آيو
هو، ته ان کي ڏسي وريام فقير
چيو، ”اسين ته سوچ ۾ پئجي ويا
آهيون، پر توهان جا گهر وارا
به سوچيندا هوندا، ته هي ڪهڙو
انقلاب اچي ويو آهي!؟“
24/11/2001
30-11 بجي ماڙي تان پرچي آئي،
پهتس ته، اسلم ۽ صادق راڄڙ
ملاقات لاءِ آيل هئا. صادق
ٻڌايو ته هينئر سندس گهوٽڪي
پوسٽنگ ٿيل آهي. سيٺ ڪشوءَ کي
به گهرايو سين، اسلم ۽ صادق
راڄڙ کي وري ڪنهن ماڻهو سان
ملڻ جي لاءِ وڃڻو هو. اسان
سڌا 16 وارڊ تي آيا سين، جتي
سيٺ وارن جي ڪمري تي مون، سيٺ
راجو، صديقي ۽ آشيرجان گڏجي
ماني کاڌي. ان کان پوءِ
الهڏنو ڏاهري وٽ ڪارڊ کيڏڻ
ويا سين، تيسين منهنجي ملاقات
جي پرچي آئي. ويس ته گهر ورا
آيل هئا.
30-5 بجي واپس وارڊ تي آيس ته
ٻاهر اڱڻ تي وريام فقير، نصير
مري ۽ لالو دائود ويٺا هئا.
نصير مري اڄ ڏاڍو پريشان لڳي
رهيو هو. مون کي چيائين ته
يار توکان ۽ فقير کان سواءِ
ٻي منهنجي واهه ڪونهي.
چيومانس، خير ته آهي، اڄ گهڻو
لٿل آهين؟ مون کي چيائين،
”سائين مسئلو وڏو ٿي ويو آهي،
هاڻي مون کي بچاءِ نه ته آئون
غريب مري ويندس.“ همراه جو
هڪڙو تسبيح تي زور، ٻيو
شوڪارن تي. پڇيومانس، آخر
ڳالهه ڇا آهي ٻڌاءِ؟ چيائين،
”سائين مون کي خبر ئي ڪو نه
هئي، اهو به چڱو جو اچ خبر
پئي ته توهان اميرن تائين
پهتس، نه ته آئون ته ڪيڏانهن
جو ئي ڪو نه ٿيان ها. هاڻي
يار وارو ڪري مون کي بچاءِ!
منهنجو گڙدو ٿو وڃي. آئون
بچندس ڪونه ... منهنجا سنها
ٻچا آهن ... انهن جو ڪير
ڪونهي.“
پڇيو مانس آخر ڇا ٿيو، تنهنجي
گڙدي کي؟ چيائين، ”سائين،
آئون ته ڇوڪرو آهيان ٽيهن
سالن جو پر مون کي کٽيءَ کنيو
جو مون جيل وارن کي پنهنجي
عمر 65 سال لکائي. مون کي
ڪنهن چيو ته وڏي عمر
لکائيندين ته توکي سزا ڪو نه
لڳندي ۽ معافي ملي ويندئي.
مون کي ڪهڙي خبر ته ههڙيءَ
هائيءَ ۾ ٿو پوان. هينئر مون
کي خبر پئي آهي، ته جيل جي
قانون ۾ جنهن جي عمر 65 سال
هوند ان جو هڪڙو گڙدو ڪڍي
وٺندا آهن. منهنجو نالو لسٽ ۾
هليو ويو آهي. هاڻ تون پيءُ
آهين، بچاءِ نه ته منهنجا ٻچا
رلي ويندا.“
دائود خان چيس ته” هاڻي
تنهنجو بچڻ مشڪل آهي. تنهنجو
نالو لسٽ ۾ داخل ٿي ويو آهي.
تو هڪڙي جي ڪري جيل وارا
پنهنجو قانون ٿوروئي
بدلائيندا.“ مون به کيس چيو
ته، ”ڪم تنهنجو ڏکيو آهي،
سڀاڻي موڪل جو ڏينهن آهي ڪو
به آفيسر ڪو هوندو، ڪيئن
ڪجي؟“ چيائين، ”سائين! اهو
صبح جو سويري ڪرڻو آهي، متان
مون تائين پڄي نه وڃن.“چيو
مانس، ”چڱو هاڻ تون وڃ، آئون
صبح جو اٿي پهرين اهو ڪم
ڪندس، جو ماڙيءَ تي وڃي
تنهنجو نالو ڪڍرائي ايندس.
تون فڪر نه ڪر توکي ڪجهه به
نه ٿيندو.“ تڏهن وڃي مڙس ۾
ڪجهه ساهه پيو ۽ چيائين، آئون
صبح جو سوير موٽي ايندس ۽ تو
ساڻ هلي پنهنجو ڪم ڪرائيندس.
مون نصير کي وري به خاطري ڏني
۽ هو پنهنجي وارڊ ڏانهن روانو
ٿيو. آئو سمجهي ويس ته، هن کي
سندس وارڊ اندر مذاق ۾ ڪنهن
ڦوڪ ڏيئي ڇڏي آهي. موجوده
حڪومت جي احتساب جي انصاف جي
ترازو به نصير مريءَ تي اچي
اٽڪي پئي آهي. جيڪڏهن هي غريب
۽ اٻوجهه نصير مري نه ٻڌجي
ها، ته ملڪ مان بد ديانتي ۽
ڪرپشن جو خاتمو نه ٿي سگهي ها
۽ شايد حڪومت جو احتساب به
اڌورو رهجي وڃي ها!
25/11/2001
اڄوڪو ڏينهن ائين عام رواجي
طرح موڪل جي ڏينهن وانگر
گذريو. جنهن ۾ اخبارون پڙهڻ،
ڪچهري ڪرڻ، ڪتاب پڙهڻ ۽ پتا
کيڏڻ وغيره اچي وڃي ٿو. اڄ
شام جو 16 وارڊ ۾ افطاريءَ جي
دعوت هئي، اتي اسان چار ئي
هنڊيوال گڏجي ويا سين. اتان
ٿي 00-7 بجي آئون 14 وارڊ ۾
ويس، جتان بند ٿيڻ جي ٽائيم
تي واپس آيس.
26/11/2001
اڄ اخبارون وغيره پڙهي ويٺا
هئاسين ايتري ۾ مقدم اچي
ٻڌايو ته منهنجي ۽ وريام فقير
جي اسپتال جي پرچي آئي آهي.
گاڏي ۽گارڊ اچي چڪو هو. اڄ
سيٺ ڪشوءَ کي به اسپتال وڃڻو
هو. اسان ٽيئي ۽ ڪجهه ٻيا
قيدي يارهين بجي اسپتال لاءِ
نڪتا سين، ٻه قيدي بچه جيل
تان کنيائون. هڪ ڇوڪرو ٽي بي
جو مريض هو ۽ ڪراچي جو لڳي
رهيو هو، ٻيو ڇوڪرو مولوي ٿي
لڳو. پوليس وارا کيس وچ ۾
ويهاري ساڻس مذاق ڪندا رهيا ۽
هو مولود ٻڌائيندو هليو.
پوليس وارن پڇيس ته هتي ڪهڙي
ڪيس ۾ آيو آهين؟ ٻڌايائين ته
ڪڍڻ (ضلع بدين) جي هڪ چانڊئي
سان وڻ وڍڻ تان منهن ماري ٿي.
مون ڪهاڙي هڻي ماري ڇڏيومانس.
ڪنهن پڇيس ته، آهين ڪير؟
چيائين، ذات جو خاڪي آهيان،
ويٺو ڪنڌيءَ تي آهيان، نالو
بي بقا آهي.
اسان پهرين سيٺ ڪشوءَ کي جناح
اسپتال لاٿو. اتان ٿي سول
اسپتال وياسين، جتي شاهنواز
آيل هو. گاڏيءَ مان لٿا سين
ته ڊاڪٽر لطيف سان ملاقات ٿي.
هو فقير سان ملڻ لاءِ آيل هو.
ڊاڪٽر لطيف ٻڌايو ته هو عوامي
تحريڪ ۾ رهيو آهي ۽ بدين ۾ به
سروس ڪئي اٿس. اسان فزيو
ٿراپي ڪرائي وري حافظ وارن وٽ
اچي ويٺا سين. جتي رڪن ميراڻي
به ملڻ آيو. شام جو 15-5 بجي
جيل لاءِ نڪتا سين.
آئون وارڊ تي اچي 30-6 بجي 14
وارڊ ۾ حاجي ايوب وارن ڏي
ويس. حاجي ايوب آفريدي تي ٽي
ڪيس داخل هئا. ٽنهي جي فتوى
اڄ رکيل هئي. جج وري ٻن ڏينهن
کان پوءِ يعني 28 تاريخ تي
فتوى رکي هئي. حاجي ايوب تمام
پر اميد هو ته هو بي گناه آهي
۽ انشاءَ الله آزاد ٿيندو.
27/11/2001
00-10 بجي ٻار ملاقات لاءِ
آيا. يارهين بجي وارڊ تي موٽي
آيس 00-2 بجي وري ماڙيءَ تي
ويس، ته اسلم ملاقات لاءِ آيل
هو، ساڻس علي نوحاڻي ۽ رمضان
ڊرائيور گڏ هئا. 00-7 بجي
ڪشوءَ وارن ڏي ويس ته سيٺ کي
سخت بخار آيل هو. ٿوريءَ دير
کان پوءِ ڊاڪٽر امبرت آيو،
جنهن دائود وغيره ڏنس. اتي
ڪافي دير ڪچهري تي ويٺا رهيا
سين.
28/11/2001
صبح جو 00-11 بجي ڪشو کان
طبيعت پڇڻ ويس. ٻارهين بجي
اسان گڏجي
C.M.O
ڏي ويا سين. ڊاڪٽر فضل الاهي
ميمڻ ڪشوءَ جو 32 فارم ڀريو.
ڊاڪٽر وٽ جماعت اسلامي جو
لياقت بلو به ويٺل هو. واپس
پنهنجي وارٽ تي آيس. 30-2 بجي
پرچي آئي ويس ته ايس ايس پي
سائين رکيو ميراڻي ۽ ڪجهه ٻيا
دوست ملاقات لاءِ آيل هئا.
اتي ممتاز منگي به ويٺل هو،
جنهن کي تازو بئنڪنگ ڪورٽ سزا
ڏني هئي. ميراڻي ٻڌايو ته
منگي صاحب تمام روحاني ۽ پهتل
ماڻهو آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ
سائين رکيو ميراڻي اجازت
ورتي. ڊاڪٽر شام ۽ لڇمڻ به
مليا، جيڪي سيٺ سان ملڻ آيا
هئا.
اڄ اها خبر سويري جيل ۾ پهچي
چڪي هئي ته حاجي ايوب آفريدي
کي ٻن ڪيسن ۾ ڪورٽ آزاد ڪيو
آهي ۽ هڪ ڪيس ۾ ست سال سزا ۽
پنجاهه لک ڏنڊ وڌو آهي. حاجي
ايوب کيس مليل سزا اڳ ۾ ئي
پوري ڪري چڪو هو، باقي ڏنڊ
ڀري اڄ آزاد ٿيو. حاجي ايوب
آمريڪا ۽ ڪراچيءَ جي جيل ۾
تقريبا
ساڍا ڇهه سال قيد ڪاٽيو. حاجي
ايوب سان گڏ رهندڙ دوستن کي
سندس آزاديءَ جي خوشي به هئي
ته سندس وڃڻ کان پوءِ هن جي
ڪمي هئڻ جو احساس ڏکارو به
ڪري رهيو هو.
30-4 بجي ماڙيءَ کان پرچي
آئي. ويس، ته اسلم آيل هو
ٻڌايائين ته سڌو حيدر آباد
کان پيو اچان وري حيدر آباد
ويندس. اسلم کي جمعي جي ڏينهن
اچڻو هو، پر ٻڌايائين ته اڄ
نواب شاه ۾ مرتضـﻰ راهو جو
اڪسيڊنٽ ٿيو آهي جنهن ۾ کيس
ڪجهه ڌڪ لڳا آهن. ان ڪري جمعي
جي ڏينهن اوڏانهن ويندس. اهو
به ٻڌايائين ته مرتضيٰ
ٺيڪ آهي. شام جو 00-7 بجي سيٺ
ڪشوءَ ڏي ويس، کيس بخار ته
ڇڏي ويو هو، پر پير جي آڱوٺي
۾ جيل جي ماڙيءَ جي دروازي جو
ڌڪ لڳو هو، جنهن ۾ پير جو نهن
لهي ويو هوس.
29/11/2001
اڄ سڄو ڏينهن وارڊ تي ئي
رهيس. 30-2 بجي ماڙيءَ تي ويس
ته گهر وارا ملاقات لاءِ آيل
هئا. چار بجي واپس وارڊ تي
آيس اڄ ڪشو دل جي اسپتال ۾
طبيعت ڏيکارڻ لاءِ ويل هو.
شام جو ساڍي ڇهين بجي سندس
وارڊ تي ويس جتي راجو ٻڌايو
ته ماڙيءَ تي چٺي آئي هئي ته
سيٺ کي اسپتال داخل ڪري ڇڏيو
اٿن.
30/11/2001
00-12 بجي ماڙيءَ تي ويس،
سپرنٽينڊنٽ کان اسپتال جو
ليٽر فارورڊ ڪرائڻو هو.
سپرنٽينڊنٽ ۽ ٻيا آفيسر اڄ
گهڻي رش ۾ هئا جو سڀاڻي گورنر
جو جيل وزٽ جو پروگرام هو.
گورنر جا اڳ ۾ ڏنل ٻه پروگرام
ملتوي ٿي چڪا آهن، پر شايد
سڀاڻي وارو پروگرام پڪو اٿس.
00-4 بجي ماڙيءَ تي ٻارن سان
ملاقات ڪري پنجين بجي موٽي
آيس. اسان وٽ ڏهن ڏينهن کن
کان بورچي يعقوب موٽي آيو
آهي. چوڌري احمد مختيار ۽
برگيڊيئر اسلم حيات قريشي جي
آزاديءَ کان پوءِ ون (1) وارڊ
خالي پيو هو، جنهن ڪري يعقوب
وري واپس اسان وٽ آيو. ٻه
ڏينهن اڳ ذڪريا جو برداشتي
خالد آزاد ٿي چڪو هو، ته
ذڪريا عثمان کي سندس ڪم ڪار
تي لڳايو هو.
|