آڪٽوبر 2001ع

 

1/10/2001

اڄ 00-10 وڳي ڪورٽ پهتا سين. نئون وڪيل ڪي ايم نديم آيو. اڄ ڪيس نه هليو. نيب جي پراسيڪيوٽر فيروز ڀٽي خود ئي پنهنجي تياريءَ لاءِ ٽائيم ورتو. وري 13 تاريخ رکي وئي. اڄ جيڪي همراهه ملڻ آيا، انهن ۾ حنيف نهڙيو، ارباب علي شاهه، جبار گراڻو، علي محمد نوتڪاڻي، شاهنواز محمد بخش نوتڪاڻي، ڀٽي، صلاح هڱوريو، سلميان ڏاهري، صالح بلوچ، عبدالله ملاح، حاجي عبدالرحمان ملاح، تاج محمد ملاح، پروفيسر ملاح، قاسم ميمڻ، عزيز ميمڻ، صالح ميمڻ، ڊاڪٽر ميمڻ، غلام حيدر راهو، لڇمڻ، ڊاڪٽر خليل غلام رسول سوهو، سيٺ ڌرم، خميسو جت، فدا، اسلم ۽ ٻيا همراهه شامل هئا.

30-4 وڳي ڪورٽ تان نڪتا سين. جيل جي ماڙيءَ تي اقبال عنايت اڳ ۾ ئي ويٺل هو. اقبال سان ڪچهري ڪري واپس وارڊ تي پهتس. 00-7 وڳي 14 وارڊ تي ويس، جتي اسلام الدين شيخ وارڊ تي پهتس. 00-7 وڳي وارڊ تي ويس، جتي اسلام الدين شيخ به اڄ تاريخ تان ٿي آيو، اتي حاجي ايوب آفريدي ۽ خان محمد به هئا. ٿوريءَ دير ۾ رئوف قادري ۽ چوڌري شريف به آيا. سڀئي شيخ کان سندس ڪيس جي باري ۾ احوال وٺي رهيا هئا.

 

2/10/2001

اڄ 00-3 وڳي اسلم ملاقات تي آيو، جنهن ٻين احوالن سان گڏ اهو به ٻڌايو ته ضمانت جي درخواست جي تاريخ وري ڏهه ٿي وئي آهي. اڄ شام خبر پئي ته انظار زيدي آزاد ٿي ويو آهي. شام جو ٻاهر مصباح مليو جنهن ٻڌايو ته اڄ سندس اپيل تي بحث مڪمل ٿيو ۽ فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي.

 

3/10/2001

30-1 وڳي پرچي آئي، ويس ته اسلم آيل هو. واپس وارڊ تي آيس. 00-3 وڳي وري اسلم ۽ اقبال عنايت ملاقات لاءِ آيا. اتان ٿي سڌو اسپتال ۾ ڊاڪٽر ميمڻ صاحب وٽس، جتي ڊاڪٽر امبر راءِ ۽ رميش به ويٺل هئا. اتي ئي ويٺا هئاسين، ته 00-5 وڳي ماڙيءَ تان پرچي آئي، ويس ته لڇمڻ آيل هو. شام جو مصباح سان گڏجي واڪ ٿيو. جنهن کان پوءِ آئون ۽ وريام فقير اڌ ڪلاڪ لاءِ حاجي ايوب وٽ ويا سين.

 

4/10/2001

30-11 وڳي ٻار ملاقات تي آيا. ان کان وءِ ڀٽي آيو. ڪجهه وقت کان پوءِ سليمان ڏاهري ملاقات تي آيو. 30-1 وڳي وارڊ تي موٽي آيس، 00-4 وڳي C.M.O جي پرچي آئي، جتي غلام حسين ميمڻ آيل هو. اتان 00-6 وڳي وري واپس آي، ته ٻاهر سليم شيخ مليو، جنهن ٻڌايو ته آئون ڪڙيو گهنور جو آهيان، ڪاهيڪي موريءَ وٽ ڳوٺ آهي. ان کي آئون پنهنجي وارڊ تي وٺي آيس. ٻڌايائين ته آئون 3 سال پهرين به جيل تي رهي ويو آهيان ۽ هينئر 8 مهينن کان هتي آهيان. چيو مانس ته توکي مون سان پهرين ملڻ کپندو هو. ان کان پوءِ 16 وارڊ ۾ سميع مڱريو وٽ ويس، ان سان حال احوال ڪرڻ کان پوءِ ٻئي اسان جي وارڊ تي آيا سين. بعد ۾ سميع اجازت ورتي ۽ آئون وري 15 وارڊ مان چڪر ڏئي پنهنجي وارڊ تي آيس.

 

5/10/2001

اڄ 30-1 وڳي اسلم ملاقات تي آيو. ان کان اڳ ۾ صبح جو 00-10 وڳي خبر پئي ته مصباح الدين جي اپيل بحال ٿي ۽ کيس هاءِ ڪورٽ باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي. آئون وريام فقير کيس 16 وارڊ ۾ مبارڪ ڏيڻ ويا سين. 00-4 وڳي ڊاڪٽر شام ۽ لڇمڻ ملاقات لاءِ آيا. شام جو 15-7 وڳي آئون، خان محمد ۽ وريام فقير 16 وارڊ ۾ ويا سين، ته وارڊ بند ٿي چڪو هو. درين مان الهڏني ڏاهري ۽ مصباح سان سلام دعا ڪري وري واپس آيا سين.

 

6/10/2001

صبح جو 00-10 وڳي گهر وارا ملاقات تي آيا. 30-12 وڳي وارڊ تي موٽي آيس. 00-3 وڳي آئون ۽ وريام فقير سي ايم او ڊاڪٽر فضل الاهي ڏانهن ويا سين. اتان واپس اچي رهيا هئاسين، ته رستي ۾ ئي ملاقات جي پرچي آئي. ويس ته اسلم آيل هو. واپس وارڊ تي آيس ته علي حسن، نصيري مري، امداد ۽ لالو دائود اڳ ۾ ئي ويٺا هئا. شام جو 14 وارڊ ۾ حاجي ايوب آفريدي ۽ اسلام الدين شيخ سان ڪجهه وقت ڪچهري ڪري وري موٽي آيس.

 

7/10/2001

00-12 وڳي صديقي آيو. آئون، صديقي، لالو دائود ۽ وريام فقير ڪجهه دير جي لاءِ تاش کيڏياسين. ٻنپهرن جي ماني کائڻ کان پوءِ الهڏنو ڏاهري آيو، ته ان سان گڏ وري پتي راند جي محفل شروع ٿي. شام جو سپرينٽينڊنٽ راشد سعيد اسان جي وارڊ ۾ آيو، جيلر عثمان ملڻ به ساڻس گڏ هو. راشد سعيد سادو انسان آهي. صبح جو 00-7 وڳي جيل تي پهچي ويندو آهي ۽ اڪثر شام تائين هتي ئي هوندو آهي. پاڻ جيل جي مختلف وارڊن مان چڪر ڏيندو آهي. قيدين سان سندس رويو پنهنجائپ وارو هوندو آهي. جيڪڏهن ڪير کيس سڃاڻندو نه هجي، ته هي جيل سپرينٽينڊنٽ آهي، ته سندس اٿڻ، ويهڻ ۽ ڍنگ مان ڪڏهن به اهو نه سمجهيو ته ڪو هي سپرينٽينڊنٽ آهي.

راشد سعيد جي وڃڻ کان پوءِ آئون 14 وارڊ ۾ ويس، جتي حاجي ايوب سان ويٺو هئس، ته لالو دائود به اتي آيو. حاجي، دائود خان کي ٻڌايو ته مولانا فضل الرحمان کي گرفتار ڪري گهر ۾ نظر بند ڪيو اٿن. ڪجهه دير کان پوءِ خان محمد به آيو.

 

8/10/2001

صبح جو 00-9 وڳي جيل سپرينٽينڊنٽ جي آفيس ويس، جتي اسپتال وڃڻ جي لاءِ گارڊ معلوم ڪرڻوهو. رات آمريڪا افغانستان تي حملو ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري شهر ۾ سڀني فورسز کي هاءِ الرٽ ڪيو ويوهو.ڪورٽ پوليس به رڳو ڪجهه ضروري ڪورٽن جا قيدي کڻڻ آئي هئي. بهرحال سپرينٽينڊنٽ فون ڪر گارڊ گهرايو. جنهن کان پوءِ 00-10 وڳي آئون ۽ الهڏنو ڏاهري استپتال لاءِ نڪتا سين. پهريائين الهڏني ڏاهري کي سروسز اسپتال لاٿائون. جنهن کان پوءِ اسان سول اسپتال ويا سين. ڏاهري کي ميڊيڪل بورڊ جي حڪم تي ڪجهه ٽيسٽن لاءِ گهرايو ويو هو، جو سندس ضمانت جي درخواست ميڊيڪل گرائونڊ تي داخل ڪئي وئي هئي. سول اسپتال پهتا سين ته شاهنواز اڳ ئي آيل هو. ڪجهه دير کان پوءِ ڀٽي به آيو.

اسان ڊاڪٽر يونس سومرو جي وارڊ مان ٿي واپس ايڊمنسٽريشن بلاڪ ۾ اچي ويٺا سين. ڊاڪٽر يونس سومرو ان ڏانهن آيو ئي ڪو نه هو. ان ڏينهن اسپتال ۾ اسلم، مشتاق احمد راهو، ڊاڪٽر شام، اقبال عنايت ۽ لڇمڻ به آيا.

30-4 وڳي اسپتال مان نڪتا سين، شام جو 00-7 وڳي 14 وارڊ ۾ حاجي ايوب، اسلام الدين، صوفي ۽ مثل خان وارن سان ويٺا هئاسين، ته خبر پئي ته چوڌري احمد مختيار جي ضمانت منظور ٿي وئي آهي. ٿوري دير ۾ خان محمد مهر سان گڏ اڳوڻو سپرينٽينڊنٽ ڊاڪٽر سرور جمالي آيو، ڪجهه دير ڪچهري ٿي، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر جمالي موڪلايو ۽ اسان پنهنجي وارڊ تي آيا سين.

 

9/10/2001

اڄ 30-11 وڳي چوڌري احمد مختيار وٽ پهرئين وارڊ ۾ ويس. چوڌري صاحب کي سندس ضمانت تي مبارڪ ڏنم. واپسيءَ وقت پاڻ چيائين، آئون توهان جي وارڊ ۾ هلان ٿو، جو دائود پٺاڻ سان ملڻو اٿم. اچي رهيا هئا سين، ته رستي ۾ سندس پارٽي وارا ڪارڪن بيٺل هئا ۽ نعرا هڻي رهيا هئا. پاڻ چيائين ته آئون ڪجهه وقت هنن وٽان ٿي پوءِ توهان ڏانهن اچان ٿو. آئون 15 وارڊ ۾ آيس. ٿوريءَ دير ۾ چوڌري به آيو، ڪجهه وقت اسانوٽ ويٺو، پوءِ موڪلايائين. ان وقت فقير وريام، دائود خان ذڪريا غني ۽ صديقي به موجود هئا.

00-4 وڳي ملاقات جي پرچي آئي. ويس ته آفيس ۾ سپرينٽينڊنٽ، ميجر غلام حسين کوسو، عارب مهر، خان محمد مهر، رئوف قادري ۽ اشرف نظاماڻي ويٺل هئا. اسان اتي ڪچهري ۾ ويٺا هئاسين ته ڊپٽي سپرينٽينڊنٽ نيازي اچي ٻڌايو، ته توهان جي ڀاءُ جو هاڻي فون آيو هو، توهان جي چاچي جو انتقال ٿي ويو آهي. آئون سمجهي ويس ته حسن گذاري ويو هوندو، جو ان جي طبيعت گهڻي ڍيڪ ڪو نه هئي. مون عارب مهر کي چئي اسلم کي فون ڪرايو، ته هتي اچي.

00-6 وڳي اسلم آيو، ٻڌايائين ته اسان پئرول جي ڪوشش ڪئي آهي، ٿي سگهي ٿو ته ٿي وڃي. بهرحال اسلم احوال ڏيڻ کان پوءِ نڪتو ۽ چيائين، جيڪڏهن پئرول ٿيو ته آئون وري موٽي اينس. اسان سپرينٽينڊنٽ کي اهو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن چيو ته اوهان ڪيڏي مهل به اچي ملي وڃجو. حسن جيڪو بابا جو سڳو سؤٽ آهي، سندس عمر 45 سالن جي لڳ ڀڳ هوندي پر سندس گردا خراب ٿي ويا هئا. حسن ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ جيل ۾ رهي آيو هو. مون کي ياد آهي ته 17 جنوري 1987ع تي، جيڪو بابا جي شهادت جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن صبح جو سوير بابا مون کي چيو ته، ڪنهن کي موڪل ته حسن کي وٺي اچي.

حسن آيو، ته بابا اندر ڪمري ۾ ناشتو ڪري چانهه پي رهيو هو. ان وقت آئون ۽ شايد ٻيو ڪير به اتي ويٺل هو. اهو ڇنڇر جو ڏينهن هو، تلهار جي مال پڙي لڳل هئي. بابا، حسن کي چيو ته توهان ٻئي وڃو، وڃي مينهون وٺي اچو. بابا ٻئي ڪنهن جي لاءِ به چيس ته ان کي پاڻ سان وٺي وڃو. شايد ماما قاسو ڦل لاءِ چيائين. حسن چيو ته اسين مينهون پسند ته ڪري وٺندا سين، پر ان جي ملهه ڇڏائڻ ۽ ڏيتي ليتيءَ جي لاءِ ڪو ڌڻي به هجي، اوهان ٻئي ڪنهن کي به اسان سان گڏي ڏيو. بابا چيس ته اوهين پاڻ ڌڻي آيو. اوهان سان ٻئي ڪنهن جي ڪهڙي ضرورت آهي، ٻيو ڪير گڏجي هلندو؟ سڀ ڪم توهان کي ڪرڻو آهي.

بابا کي ڊيري فارم قائم ڪرڻ جو پهرين کان، يعني جيل کان ئي شوق هو. 1985ع ۾ جڏهن پاڻ لانڍي جيل ۾ هو، يا پوءِ وري سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل هو، ته مون کي پهريائين چيائين فش فارم لڳايو. پوءِ وري چيائين ته فش فارم آئون ٻاهر ايندس، پوءِ لڳائيندا سين، تون هينئر ڊيري فارم وڃي لڳاءِ. مون کي پورو تفصيل سمجهايائين ۽ اهو طئي ٿيو ته پهرئين فيز ۾ 100 مينهون جو فارم لڳائيندا سين، تنهن کان پوءِ ان کي وڌائبو. آئون ڳوٺ آيس ته ڪجهه ڏينهن ۾ وري مون کي ڪراچي گهرايائين ۽ چيائين ته في الحال ان کي ڇڏيو. توتي هينئر ٻيا ڪم به گهڻا آهن، هي ڪم صحيح طرح ڪري سگهندا، الائي نه، ان ڪري منهنجي ٻاهر اچڻ کان پوءِ ڪندا سين.

پاڻ جون 1986ع ۾ آزاد ٿيو، ته ايندي ئي شرط سياسي سرگرمين ۾ مصروف ٿي ويو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ شروعاتي 3-4 مهينن دوران سندس سياسي سرگرميون تمام تيز هيون. عوامي رابطه مهم ۾ گهڻا دورا ڪيائين ۽ اهوئي دور هو، جنهن ۾ ملڪ جي چئن ترقي پسند پارٽين ولي خان جي نئشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي، عوامي تحريڪ، پي اين پي ۽ مزدور ڪسان پارٽي جي انضمام جي نتيجي ۾ عوامي نيشنل پارٽي وجود ۾ آئي ۽ ايم آر ڊي نئين تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري چڪي هئي. جيئن ئي کيس ٿوري فرصت ملي، ته سيپٽمبر جي آخر ۾ ڊيري فارم جو شيڊ ٺهرائڻ جو ڪم شروع ڪرائي ڇڏيائين. نومبر ۾ زرعي بئنڪ کان قرض کڻڻ جي لاءِ پاس بوڪ جمع ڪرايائين. ان قرض منظور ڪرائي ڏيڻ ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ بدين جي ريجنل مئنيجر علي انور ميڻو جو وڏو ڪردار هو. بابا مون کي چيو ته ڊيري فارم جو ڪم في الحال پاڻ پٽ سٽ ڪري شروع ڪريون ٿا. پوءِ جي بئنڪ قرض ڏنو ته ڪم سولو ٿي پوندو، جي نه ته ڪجهه ڏکيائي ٿيندي.

سندس شهادت کان پوءِ ميڻو صاحب مون کي ٻڌايو ته جڏهن پهريون ڀيرو فاضل صاحب مون کي فون ڪيو، ته آئون پاڻ حييران ٿيو هئس ته فاضل راهو مون سان ڇو ٿو ڳالهائڻ چاهي ۽ ڳالهائڻ جي شروعات ان سان ڪيائين ته” بدنام زمانه ماڻهو آهيون ۽ اوهان سان ملندا سين!“ مون ساڻس ملڻ جو ٽائيم ته طئي ڪري ڇڏيو، پر مون سوچيو پئي، ته هي وڏو سرڪار مخالف ۽ خطرناڪ ماڻهو آهي، مون سان الله ڄاڻي ڇو ٿو ملڻ چاهي. منهنجي ذهن ۾ هن جي لاءِ حڪومت ۽ فوج جو وڏو مخالف هجڻ سان گڏو گڏ، هڪ ڏکيو، ارڏو ۽ خطرناڪ ماڻهو هجڻ وارو تاثر اڳئي قائم هو.

ميڻو صاحب ٻڌايو ته آئون ساڻس پهرين ملاقات ۾ ايترو ته متاثر ٿيس جو پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻئي ڪنهن به شخص کان نه ٿيو هوس. علي انور ميڻو شهيد فاضل جو ذڪر ڪندي چوندو آهي ته ڪنهن شخص جي حيثيت جو تعين انهي متعلق سندس هم خيال جي راءِ سان نه، پر غير جانبدار يا اڃا به وڌيڪ سندس مخالفن جي راءِ مان لڳائي سگهبو آهي چيائين، ته مون جڏهن شهيد صاحب جو ذڪر سيد علي مير شاه سان ڪيو، جنهن جو تعلق جماعت اسلامي سان آهي ۽ هو نظرياتي طرح فاضل صاحب جو وڏو مخالف هو، تنهن چيو ته فاضل راهو جي نطريي ۽ سياست سان ته اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر سندس اصول پسنديءَ سان نه! هو اهو ماڻهو هو، جنهن جي اڳيان دنيا جهان جي دولت جا انبار لڳائي ڇڏجن ته به هو ان تي Compromise (سوديبازي) نه ڪندو.

ڳوٺ ڊيري فارم جو ڪم هليو پئي اسان اڃ ستر اسي مهينون مس خريد ڪيون هيون جو سندس شهادت ٿي. ڊيري فارم جي ڪم ۽ مينهن جي خريداري ۾ حاجي قاسم ملاح گهڻو ڪري ساڻس گڏ هوندو هو.

حاجي قاسم واڙي جي ڪم ۽ مينهن جي خريداري متعلق شهيد جي هڪ ڳالهه جو ذڪر اڪثر ڪندو آهي.

حاجي ٻڌايو، ته هو ڊسمبر 1986ع جي ڪنهن ڏينهن تي راهوڪي آيو. جڏهن فاضل صاحب ماڻهن مان واندو ٿيو ته کيس چيائين، ته حاجي ويهه گاڏيءَ ۾، مينهون وٺڻ لاءِ مال جي پڙيءَ ٿا هلون. مون چيومانس ته هاڻي وري ڪهڙيون مينهون ملنديون؟ پڙيءَ وارو وقت ته توهان ماڻهن ۾ وڃائي ڇڏيو. اسين پڙيءَ تي پهتاسين ته ايتري دير ٿي چڪي هئي جو وڪرو تقريبن ختم ٿي چڪو هو. فاضل صاحب اتان ئي گاڏي حيدر ڏي واري. مون چيومانس ته سائين حيدر آباد ۾ ته فساد لڳا پيا آهن ۽ ڪرفيو به لڳل آهي،ايڏيهن ڪيڏانهن ٻرندي باهه ۾ ٿا وٺي هلو؟ پاڻ ورندي ڏنائين ته خير آهي هلي پهچندا سين. شام جو اسين گنجي ٽڪر وٽ پهتا سين ته گاڏين جون قطارون بيٺل هيون. شايد ڪرفيو ۾ وقفي جو ٽائيم ٿيڻ وارو هو. شهيد سڀني گاڏين کي ڪراس ڪندو، اڳيان جتي اڇي چُن جي آخري لائين لڳل هئي، اتي گاڏيءَ کي بيهاريو. ان کان اڳيان فوجي جوان ۽ انهن جون گاڏيون روڊ بند ڪريو بيٺيون هيون. اهلڪار اتي ڪجهه ماڻهن کي ڪڪڙ بنايو هيٺ ويهاريو بيٺا هئا.

اسان جي بيٺي هڪ ٻي گاڏي اچي بيٺي، جيڪا اسان کان به پوئتي هئي، ان مان همراهه لٿا جيڪي ٻهراڙيءَ جا لڳي رهيا هئا ۽ انهن سان ذائفون به گڏ هيون. اهلڪار انهن کي حڪم ڏنو ته هڪدم پوئتي هٽو، هن اڇي لڪير مٿي گاڏي ڇو بيهاري اٿو. هنن چيو ته وقفي ۾ باقي ٻه ٽي منٽ آهن. سپاهين انهن سان گهڻي بدتميزي ڪئي. هنن فورن گاڏي پوتي هٽائي. اسين اهو سڀ ڪجهه گاڏيءَ ۾ ويٺي ڏسي رهيا هئا سين. فاضل صاحب گاڏيءَ مان لٿو، ان کي ڏسي مون به دل ٻڌي ۽ هيٺ لٿس. اسان جي لهڻ شرط اهلڪار اسان ڏانهن متوجهه ٿيا. پهريائين هنن شايد اهو سمجهو پي ته پوئين گاڏيءَ کي هٽندو ڏسي، اسين پاڻ ئي گاڏي پوئتي ڪدان سين. همراهن اسان جي ويجهو اچي تحمڪانه انداز ۾ چيو ته ”گاڏي پويان هٽآيو، پوئين اڇي لڪير کان اڳتي گاڏي نٿا بيهاري سگهو.“ شهيد چين ته گاڏي جتي بيٺي آهي، اتي صحيح آهي، ان کان پوئتي نه هٽندي. هنن هڪدم کڻي اسان مٿان رائفلون تاڻيون ۽ چيو ته فوري پوئتي هٽو نه ته گولي هڻي ڇڏيندا سين. ايتري ۾ اهلڪارن جو تعداد زياده ٿي ويو. شهيد وري کين جواب ڏنو ته گاڏي نه هٽندي. ان گوڙ تي ماڻهو جيڪي پنهنجي گاڏين مان لهي هيٺ بيٺا هئا اهي به سڀ اچي گڏ ٿيا.

ان هل تي ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪارن جو آفيسر به اچي اتي پهتو. تمام جوانن هڪدم کڻي اسان جي سامهون پوزيشنون ورتيون. آئون دهلجي ويس. منهنجو پورو جسم ڏڪي رهيو هو. آئون ائين محسوس ڪري رهيو هوس، ڄڻ مون کي 104 ڊگري بخار اچي ويو هجي. مون فاضل صاحب کي چيو ته سائين پنهنجا آخري ڏينهن اچي ويا آهن. مهرباني ڪري گاڏي ٻه قدم پوئتي هٽايو. مون کي چيائين ته حاجي پريشان نه ٿي ڪجهه به ڪو نه ٿيندو. آفيسر تمام گهڻي ڪاوڙ، زوردار آواز ۾ حڪماڻي انداز ۾ گاڏي کي پوئتي هٽائڻ وارو حڪم ورجايو. ٻي صورت ۾ گولين جي وسڪاري جي ڌمڪي ڏني. محمد فاضل به ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيائين ته اوهين اهوئي ڪري سگهو ٿا جو پنهنجي ملڪ جي بي هٿيار ۽ پر امن شهرين کي گولين جي کاجھ بنايو، ٻيو اوهين ڪهڙو وڃي ڪشمير آزاد ڪرائيندا. معصوم ماڻهن جي انهن قاتلن دهشتگردن کي ڇو نٿا گوليون هڻو جن جي ڪري هي ڪرفيو لڳا آهن.

مون سمجهيو ته اجهو ٿا سڀ اسان جي مٿان ورن ۽ هاڻي بچڻ جو ڪو به آسرو ڪونهي. آفيسر چيو ته اوهين پنهنجو تعارف ڪرايو؟ شهيد وراڻين ته آئون هن وطن جو رهواسي آهيان، اسين هزارن سالن کان هن ڌرتيءَ تي رهون ٿا. اوهين ڪلهه جا آيل ڪيئن ٿا مون کان تعارف پڇيو؟ بلڪه خود تعارف ڪرايو. ان تي آفيسر بگڙي پيو، حڪم ڏنائين ته هنن کي گرفتار ڪريو. مون ڏٺو ته هاڻ معاملو هٿن مان ويو. مون شهيد کي منٿ ڪئي ته سائين ضد نه ڪريو تعارف ڪرائي جان ڇڏايو. مون کي چيائين ته تون ماٺ ڪري ويهه. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. مون وراڻيو ته سائين سڀ بلڪل ٺيڪ ڪونهي. پويان منهنجي سٿڻ کي هٿ لاءِ ڏسو. ان تي پاڻ کلي پيو. اسان کي چيو ويو ته اوهان پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويهو ۽ اسان سان گڏ هلو. اسين ٻئي پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺا سين، اڳيان پويان هنن جون گاڏيون هيون. اسان کي شهر ۾ هيڊڪوارٽر تي آندو ويو اسين هنن جي گهيري ۾ پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺا رهيا سين. ڪجهه وقت کان پوءِ انهن جو هڪ ٻيو وڏو آفيسر آيو. جنهن هڪ ئي سوال ۾ ڪيترائي سوال ڪيا. توهان قانون ٽوڙيو آهي؟ اوهان جو ڇا مسئلو آهي؟ توهين آهيو ڪير؟ توهان تي ڪيس داخل ڪري، جيل موڪليو ويندو. فاضل صاحب چيس ته قانون ۽ آئين توهان ٽوڙيو آهي. توهان جا اهلڪار ڏنڊي ۽ طاقت جي زور تي عام ماڻهن جي بي عزتيون ڪن ٿا ۽ انهن جي تذليل ڪري انهن کي ٻي درجي جو شهري ثابت ڪن ٿا. اهو تڪرار ڳپل دير هلندو رهيو. آخر هن چيو ته توهين پنهنجو نالو ٻڌايو. محمد فاضل جو ساڳيو جواب ته آئون هن ملڪ جو شهري آهيان. منهنجا حق اهي آهن جيڪي هڪ عام شهري جا آهن. آفيسرواپس اندر بلنڊنگ ۾ هليو ويو. اسين ساڳئي رائيفلن جي گهيري ۾ بيٺا رهيا سين. ڪجهه وقت کان پوءِ ڪمپائونڊ جي اندر سول سرڪاري گاڏي آئي. جنهن مان هڪ آفيسر لهي اسان ڏي آيو. فاضل صاحب کي چيائين ته سائين توهان آهيو ڇا، اسان کي ته هنن پريشان ڪري ڇڏيو آهي. شهيد کي چيائين ته توهان هتي بيهو، آئون اندر آفيس مان ٿي موٽي اچان ٿو. هن جي وڃڻ کان پوءِ مون فاضل صاحب کان پڇيو ته هي ڪير آهي؟ مون کي ٻڌايائين، هي ايس ڊي ايم آهي. ٿوري دير ۾ ايس ڊي ايم ۽ ٻيو آفيسر بلڊنگ مان ٻاهر آيا. آفيسر پنهنجي اهلڪارن کي هٽڻ جو حڪم ڏنو. فاضل صاحب کي چيائون ته توهان کي تڪليف ٿي، هاڻي توهان ڀلي وڃو. اسين گاڏي ۾ ويهي نڪتا سين ته مون شهيد کي چيو ته هاڻي سڀ کان پهرين گهر هلي مون کي ڪپڙن جو ڪو وڳو ڏيو ته آئون پنهنجا ڪپڙا مٽايان شهيد وري ٽهڪ ڏنو.

 

10/10/2001

اڄ هاءِ ڪورٽ ۾ منهنجي ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي رکيل هئي. آئون جيل تي ئي هوس ۽ دوست هاءِ ڪورٽ ويل هئا.11 وڳي ماڙيءَ تان پرچي آئي. ويس ته ڊاڪٽر شام ۽ شاهنواز آيل هئا. جن ٻڌايو ته ضمانت جي درخواست وري 12 تاريخ تي رکي وئي آهي. 30.3 بجي اقبال عنايت ملڻ لاءِ آيو، جنهن کان پوءِ ڀٽي ۽ گهر وارا ملاقات تي آيا.

 

11/10/2001

اڄ اسپتال وڃڻ جو پروگرام هو. گارڊ نه اچڻ ڪري اهو نه ٿي سگهيو. آئون صبح تيار ٿي ورانڊي ۾ آيس ته وريام فقير اخبارون پڙهي رهيو هو. پڇيو مانس ڪا ”خاص خبر؟“ حڪومت کي گار ڏيندي چيائين، ”هڪڙي خراب خبر آهي.“ ائين چوندي اخبار کڻي منهنجي هٿ ۾ ڏنائين، جنهن ۾ اها خبر هئي ته صدارتي آرڊيننس ذريعي سي آر پي سي جا سيڪشن 497 جو 4، ¼ ۽ 426 جو 1/1 ختم ڪيا ويا آهن. هي اهي سيڪشن آهن جن جي ڪري جيڪڏهن ڪنهن ڪچي قيدي جو ڪنهن مقرر وقت جي اندر ڪيس جو فيصلو نه ٿو ٿئي يا پڪي قيدي جي ڪنهن مقرر وقت جي اندر اپيل طئي نٿي ٿئي ته ان جي ضمانت جو حق ٿي ٿو وڃي، بشرطيڪ ان ۾ دير جو سبب خود جوابدار نه هجي. اهو مقرر وقت ڏوهه جي نوعيت يا مليل سزا تي منحصر هوندو آهي. ضمانت جو هي قانون ختم ڪري انڌير نگري جي انتها ڪئي وئي آهي. سي آر پي سي (Cr.P.C) جي هن قانون کي مارشل لا جي دور ۾ به ختم نه ڪيو ويو هو. مارشل لا جي دور ۾ به ملٽري ڪورٽن جي ڪيسن کان سواءِ باقي عام ڪورٽن ۾ هي قانون لاڳو رهيو. هونئن هن قانون تحت هڪ سال ۽ ٻن سالن کان پوءِ ضمانت جوابار جو حق هئي. هاڻي اهو حق کسيو ويو هو ۽ قانون ۾ اها تبديلي ڪئي وئي آهي ته ضمانت فقط ميرٽ جي بنياد تي ٿيندي، جيڪا طئي ڪرڻ جج جو پنهنجو اختيار آهي. هونئن به ضمانت ڏيڻ يا رد ڪرڻ ڪلي طرح جج يا ججن جو اختيار ئي آهي پر هن آرڊيننس سان حڪومت کي قيدين جي ضمانت واري حق تي اثر انداز ٿيڻ جو سبب ملي ويو آهي. وريام فقير جڏهن صبح جو اخبارون پڙهندو آهي ته انهن ۾ پهرين نيب جون خبرون ڳوليندو آهي. نيب جي قيدين جي حوالي سان ڪا مثبت خبر ملندي اٿس ته ٻڌائيندو آهي ته، چڱي خبر آهي ۽ جيڪڏهن ڪا منفي ڳالهه هوندي ته ٻڌائيندو، بري خبر آهي. پر جيڪڏهن نيب جي حوالي سان ڪا به خبر نه مليس ته چوندو، هيتريون اخبارون پڙهيون اٿم پر منجهن ڪجهه ئي ڪونهي.

200-7 بجي اسلم ملاقات تي آيو 30-4 بجي ڌاري ماڙيءَ تان اچي رهيو هوس ته نئين ڪمپيوٽر روم تي آءِ جي برگيڊيئر نثار مهر سان ملاقات ٿي. شام جو ڊاڪٽر امبرت راءِ وريام فقير جو بلڊ پريشر چيڪ ڪرڻ لاءِ وارڊ ۾ آيو هو. اتي فقير، صديقي، دائود خان بلڊ پريشر چيڪ ڪرايو. ڊاڪٽر سان ڪافي دير گپ شپ ٿي. شام جو 00-7 بجي 14 وارڊ ۾ ويس ته اتي خان محمد، حاجي ايوب، اسلام الدين، عثمان فاروقي، ستار ڏيرو، صديق گکڙ ۽ شفيع ويٺا هئا. ڪچهريءَ ۾ صدارتي آرڊيننس تي بحث هلي رهيو هو.

ڪن دوستن جو خيال هو ته هي آرڊيننس تمام خراب آيو آهي ۽ ان جو عام قيدين تي گهڻو برو اثر پوندو. جڏهن ته ڪن جو خيال هو ته هي آرڊيننس ضمانت جي لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو، جو ان مان مقرر وقت واري پابندي ختم ٿي وئي آهي. آئون ڪو قانون جو ڄاڻو ته ڪو نه هئس پر خيالن جي ڏي وٺ تائين آئون پهرين خيال وارن متفق هئس. اتان ٿي واپس پنهنجي وارڊ تي آيس ته فقير صاحب ٻاهر ئي بيٺو هو. چيائين، سائين ايڏانهن ايڏي وڏي ميٽنگ لڳي پئي هئي ڇا؟ چيومانس، اها سڄي توهان واري آرڊيننس تي پئي هلي.

اڄ آمريڪا ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جي واقعن کي هڪ مهينو گذري چڪو آهي. 11 سيپٽمبر جي دهشتگرديءَ جي واقعن دنيا جي واحد سپرپاور کي خوفزده ڪري ٿرٿلي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. 11 سيپٽمبر تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر (W.T.C) جي بلند عمارت کي چند گهڙين جي اندر مٽيءَ جي ڍير ۾ بنايو ويو. اها عمارت پنهنجي بلندي ۾ دنيا جي اندر آمريڪا جي معاشي ۽ تجارتي بلندي ۽ تسلط جي عڪاس هئي. ٻيو نشانو پينٽاگون (Pentagon) کي بنايو ويو، جيڪو پنهنجي طاقت ۾ دنيا تي آمريڪا جي مٿانهپ (Supremacy) جو نشانو (Symbol) آهي. آمريڪا جيڪو بظاهر دنيا جي اندر امن جو پيامبر بنجي دهشتگرديءَ خلاف جنگ لڙِ رهيو آهي. دنيا جو اهو طاقتور ترين  ملڪ، جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ هن وقت سندس دنيا تي قائم بادشاهت آڏو ڪو به چيلينج سامهون ڪونهي. ان جي اوليت دنيا تي پنهنجي حاڪميت قائم رکڻ کان پوءِ پنهنجي ملڪ اندر امن امان قائم رکڻ ۽ پنهنجي شهرين جي مڪمل حفاظت ڪرڻ آهي، آمريڪا جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهو انهيءَ مقصد لاءِ هر جائز ۽ ناجائز عمل ڪري سگهي ٿو.

11 سيپٽمبر تي ٿيل خوفناڪ ۽ لرزهه انگيز دهشتگرد حملن جو آمريڪا ڪڏهن تصور به نٿي ڪري سگهيو. آمريڪا جيڪو پنهنجي طاقت ۽ قوت جي استعمال لاءِ ٻين ملڪن جون سر زمينون منتخب ڪندو رهيو آهي ۽ پنهنجي سپر پاور ٿيڻ جي جدوجهد جون تمام جنگيون، فساد، خونريزيون ۽ تباهيون ٻين ملڪن اندر ڪرائيندو رهيو آهي، ان جي سر زمين تي اوڻوهين صدي جي خانه جنگي کان پوءِ ڪا به جگن نه لڙي وئي آهي ۽ نه ئي ان جي سرحدن اندر ڪو ٻيو ملڪ يا طاقت حملا آور ٿي آهي.

اوڻهين صدي جي خانه جنگي جيڪا (65-1960ع)  آمريڪا جي رياستن وچ وڙهي وئي، اها آمريڪا جي نئين علائقن ۾ غلاميءَ کي وڌائڻ يا ختم ڪرڻ جي مسئلي تي اترين رياستن (Union) ۽ ڏاکڻين ان خونخوار جنگ جي پڄاڻي غلامي ختم ڪرڻ جي حامي يونين Unionist جي فتح جي صورت ۾ ٿي، پر انهن جي ان فتح کي ابراهم لنڪن جي قتل غمگين بنائي ڇڏيو. ان خانه جنگي کان پوءِ آمريڪين ڪڏهن به پنهنجي سر زمين تي ڪا به جنگ نهوڙهي آهي.

آمريڪين جو آمريڪا جي ڌرتي تي ٻيو قتل عام تڏهن ٿيو، جڏهن ٻي عالمگير جنگ ۾ جاپان پرل هاربر تي حملو ڪيو. ٻي عالمي جنگ جيڪا يورپ، آمريڪا ۽ ايشيا جي ميدانن تي وڙهي پئي وئي ۽ آمريڪا شروع ۾ سڌيءَ طرح ان جنگ ۾ شامل نههو پر 2 ڊسمبر 1941ع تي جاپان جي پرل هاربر تي حملي آمريڪي کي ٻي عالمي جنگ ۾ سو سنئون گهڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. جاپان پرل هاربر تي حملو ڪري نه رڳو اتي آمريڪي فوجي تنصيباتن کي تباه ڪري ڇڏيو هو، پر انهن جي ئي سر زمين تي ڪيترن ئي سون آمريڪين کي خون ۾ رڱي ڇڏيو هو. جنهن جو بدلو آمريڪا آگسٽ 1945ع ۾ عالمي جنگ جي خاتمي وقت جاپاني شهرن هيرو شيما ۽ ناگاساڪي تي ائٽم بم اڇلائي ٻنهي شهرن کي هزارين جاپانين سميت نيست نابود ڪرڻ جي صورت ۾ ورتو. پرل هاربر تي ٿيل حملي کان پوءِ هي پهريون ڀيرو هو جو آمريڪين تي انهن جي زمين تي حملو ڪيو ويو هو ۽ هزارين آمريڪين سميت ڪيترن ئي انسان کي جيئري لکي ٽن ملبي ۽ مٽيءَ جي اندر دفن ڪيو ويو هو.

1941ع ۾ پرل هاربر تي ٿيل حملي ۽ 60 سال پوءِ ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ پينٽاگان تي ٿيل حملن ۾ گهڻو فرق هو. سٺ سال اڳ آمريڪادنيا جي تناه واحد طاقت ڪو نه هو. دنيا جي مٿان آمريڪي طاقت جوا ڃا ايڏو وڏو دٻدٻو ڄمايل نه هو. آمريڪي کي دنيا مٿان ايترو سياسي، معاشي ۽ اقتصادي تسلط حاصل نه هو. ان وقت پرل هاربر تي حملو ڪرڻ وارا جهاز اپاني هئا ۽ جاپان جي سر زمين تان اڏاڻا هئا، جڏهن ته ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ پينٽاگان کي تباهه ڪندڙ جهاز خود آمريڪي هئا ۽ آمريڪا جي پنهنجي سر زمين تان مختلف ايئر پورٽن تان اڏاڻا هئا. انهن ۾ گهڻا مسافر به آمريڪي هئا، ته بارود طور ڪم ڏيندڙ جهازن ۾ ڀريل تيل به آمريڪي هو ۽ ان کي هلائيندڙ پائلٽ به آمريڪي شهريت رکندڙ هئا.

آمريڪي ڪڏهن به ايترو خوفزده ۽ دهشت زده نه ٿيا هوندا، جيترو هنن واقعن کان پوءِ ٿيا آهن. انهن واقعن نه رڳو آمريڪا پر پوري والهه کي ڳڻتيءَ واري صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو. آمريڪا جيڪو هن وقت دنيا جو بي تاج بادشاهه بنيل آهي، جيڪڏهن ان سان سندس ئي ملڪ ۾ اهو سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو ته پوءِ يورپ ڪيئن ٿو محفوظ رهي ٿي؟ انگريز بادشاهه جنهن جو يونين جيڪ (برطانوي جهنڊو) ڪنهن زماني ۾ اڌ دنيا مٿان ڦڙڪندو هو ۽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي نو آبادياتي نظام جو مالڪ هو جنهن ۾ آمريڪا به شامل هو، اهو به هينئر آمريڪا جي آسري ۽ سهاري تي هلي رهيو آهي.

دنيا جي تاريخ ۾ مختلف دون ۾ ڪيترائي ملڪ سپر پاور رهيا آهن ۽ ڌرتي تي طاقت جا مرڪز (Power Centers) تبديل ٿيندا رهيا آهن وقت سان ڇت پٽن سان لڳندا رهيا آهن، هر ڪمال زوال جو مزو چکيندو رهيو آهي. مصر جا فرعون، بابل (Babylon) ۽ ميسوپوٽيما جون تهذيبون، يونان جي تهذيب ۽ شهري رياستون، ايران جو عظي دارا –I ۽ Gyrus the Great سڪندر اعظم، عظيم رومن امپائر، مسلمانن جي سلطنت عثمانيه Ottoman Empire، هندستان جا مغل، فرانس جا لوئز Louis، تاج برطانيه Great Brittian، روس جا زار، جرمنيءَ جا قيصر ۽ سوويت يونين پنهنجي وقت ۾ دنيا جون بي مثال طاقتون رهيون آهن. پر انسان تاريخ ٻڌائي ٿي، ته اهڙا وقت تمام ورلي آيا آهن، جو ڪنهن قوم يا ملڪ جي بي پناهه طاقت دنيا ۾ ناقابل چئلينج رهي هجي، جيئن هن وقت آمريڪا جي آهي.

1990ع واري ڏهاڪي ۾ سوويت يونين (U.S.S.R) جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا دنيا جي اقتدار جي ٻئي ڪنهن به شرڪت کان سواءِ اڪيلو مالڪ بنجي ويو آهي. سوويت يونين جيڪو نه رڳو هڪ وڏي عسڪري عالمي طاقت هو، پر دنيا جي ان عظيم ۽ پرڪشش نظريي جو پوئلڳ ۽ محافظ به هو جنهن ويهين صديءَ ۾ سامراج ۽ سرمائيدارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. لينن جي قيادت ۾ دنيا جي پهرين سوشلسٽ رياست سوويت يونين جي قائم ٿيڻ کان پوءِ فقط اڌ صديءَ جي اندر اهو نطريو دنيا جي آباديءَ جي ٽئين حصي کان وڌيڪ آبادي تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. آمريڪا روسين کان نه، پر ان نظريي کان خائف هو، جيڪو جيڪڏهن پنهنجي اصل روح سان عمل ۾ اچي ها ته اڄ دنيا جو نقشو تبديل ٿيل هجي ها ۽ دنيا مان طاقت جو توازن (Balance of Power) ائين ختم نه ٿي وڃي ها، جيئن اڄ آهي.

شايد برطانوي عظيم فڪر ائڊ امسٿ Adam Smith جي اها پيشن گوئي اڄ برحق نه لڳي ها جيڪا هن پنهنجي همعصر آمريڪي رياستدان مفڪر اليگزينڊر هيملٽن Alexander Hamilton کي نظر ۾ رکندي 1976ع ۾ ڇپجندڙ پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”قومن جي دولت“ ۾ ڪئي. هو لي ٿو ته، ”(آمريڪي) دڪاندارن ۽ واپارين مان رياستدان (Statesman) ۽ قانون ساز (Legislator) بنجي ويا آهن ۽ ان ڪوشش ۾ آهن ته هڪ وسيع مملڪت جي حڪومت جو نظام قائم ڪري وٺن. هو فخريه چون ٿا ته انهن جو هي ملڪ (آمريڪا) ايترو وڏو ۽ طاقتور هوندو جو ان جهڙو دنيا اڄ ڏينهن تائين نه ڏٺو هوندو ان ۾ عجب نه آهي ته هو ان ۾ ڪامياب به ٿي وڃن.“

جڏهن ائڊم سمٿ هي لفظ لکي رهيو هو، ته ان وقت آمريڪا آزاد به نه ٿيو هو ۽ اڃا اهو برطانيا جي ڪالوني هو. ان ئي سال آمريڪا کي برطانيا جي نو آبادياتي نظام مان آزادي ملي. اڄ ان کان سواءِ ٻه سئو سال پوءِ آمريڪا کي دنيا جي واحد طاقت واري حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي.

آمريڪا هن سڄي دهشتگردي جو ذميوار سلم انتها پسندن کي قرار ڏيئي چڪو آهي، جن جي اڳواڻي اسامه بن لادن ڪري رهيو آهي. آهي. آمريڪا ڪجهه ڏينهن کان افغانستان تي حملو به شروع ڪري چڪو آهي. هن وقت جيڪو سوال اڀري ٿو، اهو نه ته بن لادن يا افغانستان جو ڇا ٿيندو، پر اهو ته ڏکڻ ايشيا جي هن پوري خطي جي فوجي ۽ سياسي بيهڪ ڪهڙي وڃي بيهندي. طالبان حڪومت ختم ڪرڻ آمريڪا جي لاءِ ڪو مسئلو نه آهي پر طالبان جي لاءِ ته پاڪستان ئي ڪافي آهي. آمريڪا کي نه ته افغانستان کي پنهنجي نوآبادياتي ٺاهڻو آهي ۽ نه ئي اتي پنهنجون مستقل فوجون ويهارڻيون آهن. ها، البته اُتي پنهنجي ڪٺ پتلي افغان حڪومت ضرور قائم ڪندو. آمريڪي فوجون افغانستان ۾ زميني جنگ ۾ پنهنجو پاڻ کي سڌو سنئون گهڻي عرصي لاءِ نه ڦاسائينديون. پر اهو ڪم هو افغانين کان ئي وٺنديون. يعني اتر اتحاد ۽ ظاهر شاهه جي ڪلهي تي آمريڪي بندوق هلندي.

ڪي چون ٿا ته آمريڪا سان افغانستان ۾ اهو حشر ٿيندو جيڪو روس سان ٿيو، ان جو فيصلو وقت ئي ڪندو پر ان ۾ ڪوشڪ نه آهي ته افغاني جنگجو آهن. اهي پهاڙن جي پيداوار آهن ۽ سخت جان آهن، ڪيترن ئي سالن تائين پهاڙن ۾ رهي مزاحمتي جنگ وڙهي سگهن ٿا. قديم توڙي جديد تاريخ ۾ هو حملا آور سان مهاڏو اٽڪائيندا آيا آهن. پر 1980ع واري ڏهاڪي ۾ جيڪا روس خلاف افغانستان جي سر زمين تي جنگ لڙ وئي، ڇا اها فقط افغانين لڙِ هئي؟ آمريڪا افغان لڙائي ۽ روس افغان لڙائي ۾ جيڪڏهن رڳو ڪجهه شين جي ڀيٽ ڪبي ته صورتحال واضع طور سامهون اچي ويندي. جڏهن روس افغانستان جي اندر مداخلت ڪئي ته ان وقت خود روس معاشي طور عدم استحڪام جو شڪار هو. سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽي روس جو مراعات يافته طبقو بنجي چڪي هئي جيڪا پنهنجي 70 سالن کان وڌيڪ بادشاهت جي آخري ڏهاڪي ۾ داخل ٿي چڪي هئي. سوويت يونين جي اندر علائقائي ۽ قومي ڪشمڪش هڪ لاوي وانگر ٻري رهي هئي. رڳو افغانستان نه، پر سوويت يونين جو اجگر جيڏو دفاعي خرچ ان جي پوئتي پوندڙ ۽ ٽٽندڙ ڦٽندڙ معيشٽ لاءِ ناقابل برداشت هو، ان سڄي جنگ ۾ عالمي طرح روس تنها هو. ايتري قدر جو ڪميونسٽ چين به هن جو مخالف هو. باقي ٻيو اوڀر يورپ يا وارسا پئڪٽ جا ملڪ خود معاشي طرح روس تي بوجهه هئا.

جڏهن ته هن وقت آمريڪا پوري دنيا جي معيشت کي ڪنٽرول ڪري رهيو آهي. دنيا جا عالمي معاشي ادارا ان جي اشارن جا محتاج آهن ۽ پورو اولهه (Western World) هن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو بيٺو آهي ان کان علاوه عرب ملڪ ۽ انهن جي دولت به هن جنگ ۾ اسلامي انتها پسندن سان نه پر مغربي دنيا سان شامل آهن. جڏهن ته افغان روس جنگ ۾ اهي سڀ طاقتون، انهن جو ميڊيا، پئسو ۽ هٿيار افغان انتها پسندن سان گڏ هئا. اڃا به جيڪڏهن ان کي هيئن چيو وڃي ته افغانستان جي اندر روس کي شڪست افغان مجاهدين نه پر آمريڪا، مغربي دنيا، آمريڪي مفادن جي حامي عرب ملڪن ۽ پاڪستان پنهنجا تمام تر وسيلا ڪتب آڻي پوءِ ڏني ته ان ۾ ڪو به شڪ ۽ وڌاءَ نه ٿيندو. ان جو اندروني عنصر اهو هو ته روس افغانستان ۾ شڪست کائڻ کان اڳ پنهنجي اندروني نظام ۾ شڪست کائي چڪو آهي.

ان افغان جنگ دوران آمريڪا پاڪستان جي ذريعي ايترو ته هيٿار ڏنو جو ايڏو عرصو گذرڻ باوجود اڄ به پاڪستان، افغانستان جي اندر آمريڪا جا هٿيار ئي آمريڪا جي خلاف استعمال ٿي رهيا آهن. پاڪستان کي روس خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ اربين ڊالر امداد ڏني وئي، جيڪا تقريباً ان وقت جا حڪمران هڙپ ڪري ويا. جيڪڏهن ان وقت پاڪستان ان امداد مان قرض جي ادائگي ڪري ها ته ملڪ جو قرض لاهڻ ۾ ان مليل اربين ڊالر امداد جو چوٿون حصو به خرچ نه ٿئي ها ۽ ملڪ مڙني قرضن کان آجو ٿي وڃي ها. آمريڪا، روس ۽ ڪميونزم کي ڪفر قرار ڏئي، انهن جي خلاف مذهبي انتها پسندي جي هٿيار کي استعمال ڪندي مسلم ملان ميدان تي لاٿو، جيڪو افغانستان ۾ روس خلاف ته خوب استعمال ٿيو، پر هن وقت آمريڪا جي مٿي جو سور بڻيل آهي.

آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي مرضيءَ جي حڪومسلط ڪرڻ ۾ ته ڪامياب ويندو پر وڏا شهر ڇڏي اندرين علائقن ۾ ان حڪومت کي مسلسل مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو. دنيا جي فاتحين لاءِ افغانستان جي صورتحال نمودار ٿيڻ کان اڳ ۾ به هلي رهيون هيون. پر موجوده صورتحال جي نتيجي ۾ انهن ۾ تيزي پيدا ٿي آهي ۽ هاڻ اهي ڪنهن فيصلي ڪن موڙ تي پهتا آهن. اها ڳالهه ياد ڪرڻ کپي ته پي پي ۽ حڪومت جي وچ ۾ به ڳالهيون ان کان پوءِ شروع ٿيون، جڏهن نواز شريف کي ڪنهن دٻاءَ جي نتيجي ۾ ملڪ کان ٻاهر موڪليون ويون. ان کان اڳ بينظير جي کلي دعوت جي باوجود به حڪمران ساڻس بظاهر ڪا به ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. انهيءَ سبب جي ڪري ئي بينظير ڀٽو حڪومت مخالف محاذ ۾ ميان نواز شريف سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار ٿي. جنهن ۾ ٻنهي سياسي قوتن جو مقصد حڪومت تي دٻاءَ وڌائڻ هو.

جڏهن ميان نواز شريف جي ٽيم لاءِ بينظير ڀٽو کي ڪنهن معاهدي جي نتيجي ۾ ڪو رليف ڏيڻ ۾ ڪا قباحت محسوس نه ٿيڻ لڳي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو هلندو رهيو. حڪومت جي شروعات کان اها ڪوشش رهي آهي ته پي پي جي ٻيو نمبر قيادت (Secondary Leader Ship) بينظير ڀٽو کي ان ڳالهه تي راضي ڪري ته هوءَ پنهنجي خاندان کان سواءِ باقي پارٽي کي ملڪ ۾ سياسي ڪردار ادا ڪرڻ جي اجازت ڏي. يعني ڪنهن مخصوص مدت تائين بينظير ڀٽو پارٽيءَ جي اڳواڻي پارٽي جي ڪنهن ٻي حڪمرانن جي منظور نظر يا انهن جي لاءِ قابل قبول اڳواڻ جي حاولي ڪري يا گهٽ ۾ گٽ اقتدار جي صورت ۾ ڪرسيءَ تي بينظير ڀٽو کان سواءِ پارٽي جو ڪو ٻيو چهرو ويهاريو وڃي تيستائين بينظير ڀٽو عملي سياست کان ڪناره ڪش رهي. ان ئي ساڳي ايجنڊا تي نواز شريف سان به حومت جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي، پر ميان نواز شريف جي ڪيس ۾ ٻاهرين پريشر سبب ڪن ڳالهين جي طئي ٿيڻ کان سواءِ ئي حڪمرانن کي معاملو اڪلائڻو پيو.

منهنجي خيال ۾ پي پي جي معاملي تي حڪمران هينئر به پنهنجي ان ساڳي پراڻي فارمولا تي قائم آهن، جنهن ڪري آئون نٿو سمجهان ته بينظير ڀٽو پاڻ کان سواءِ پارٽي مان ٻئي ڪنهن کي وزير اعظم نامزد ڪري يا ڪن صوبائي حڪومتن ۽ ڪجهه وفاقي وزارتن تي ٺاهه ڪري. حڪومت چاهي ٿي ته پيپلز پارٽي محترمه بينظير ڀٽو کي الڳ ڪري اقتدار ۾ ڀائيوار ٿي جنرل پرويز مشرف جي ٽيم جو ڪردار ادا ڪري ۽ ان ۾ بينظير ڀٽو جي رضامندي (Consent) به شامل هجي. جڏهن ته محترمه جنرل پرويز مشرف سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ ته تيار آهي، پر هوءَ پاڻ کان سواءِ پارٽي جي اقتدار ۾ حصيدار جي فارمولا کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي.

هاڻ ڏسڻو اهو آهي، ته ڪير ٿو هيٺ لهي ۽ ڪنهن جا اعصاب ٿا ڪمزور ٿين. ان کان قطع نظر ته آئنده ڇا ٿو ٿئي، هن وقت حالتن تحت ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کي رعايتون ڏيڻ جي پوري موڊ ۾ نظر اچن ٿيون. حڪومت موجوده حالتن ۾ پي پي جي سياسي حمايت ۽ مدد جي عيوض بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ ٻين اڳواڻن کي ڪيسن جي سلسلي ۾ رليف ڏيئي سگهي ٿي ۽ آصف کي ٻاهر به موڪلي سگهي ٿي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته حڪومت انهن شين تي آهستي ۽ هڪ پراسز تحت عمل ڪندي ۽ اهو سڀ ڪم جڊيشري کان ورتو ويندو، ته جيئن ڪنهن سياسي ڊيل هجڻ جي تاثر کي گهٽائي سگهجي، جيڪو ٻنهي  ڌرينجي مفاد ۾ هوندو. اهو سڀ اندروني طور ٿيل ڳجهي معاهدي جي نتيجي ۾ ٿيندو.

بينظير ڀٽو جي وطن واپسي جي بازگشت به آهي، جنهن تي عمل ڪنهن حتمي معاهدي کان سواءِ مشڪل نظر ٿو اچي. اهو سڀ ٿيڻ جي باوجود به بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري تي ڪيسن کي بلڪل ختم نه ڪيو ويندو پر انهن کي التوﻰ ۾ رکيو ويندو ته جيئن ڏور حڪمرانن جي هٿ ۾ رهي.

 

 

جيل جا ڏينهن، جيل جون راتيون، هوم      

 
 
 
 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >