|
پبلشر جو نوٽ
محترم محمد اسماعيل راهو جي
جيل ڊائري ۾ پنهنجي دور جي
سياسي حالتن، شخصيتن، سماجي
قدرن ۽ روين جي ڀرپور اپٽار
ٿيل آهي. ان جي مطالعي سان هڪ
دور جو نقشو ذهنن تي اڀري اچي
ٿو، خاص طور تي جيل سان
لاڳاپيل داخلي ۽ خارجي دنيا
جا جيڪي تفصيل محترم راهڳ
صاحب بيان ڪيا آهن، اهي اکين
وارن لاءِ وڏي عبرت جو سامان
آهن.
هيءُ ڪتاب جيل جي ڊائرين ۾
وڏي عرصي کانپوءِ هڪ شاهڪار
اضافو آهي جنهن سان ” جيل
گهاريم جن سين“ ۽ ” ساهيوال
جيل جي ڊائري“، جهڙن شاهڪار
ڪتابن جي سڪ لهي پوندي.
سنڌيڪا اڪيڊمي اڪيچار موضوعن
تي ڪتابن جي اشاعت جو گذريل
سترنهن سالن کان جيڪو سلسلو
جاري رکيو آهي، انهيءَ ۾
ڪتابن جي انتخاب کي علمي ۽
ادبي حلقن جي پاران تحسين جي
نظر سان ڏٺو ويو آهي. بالڪل
ساڳئيءَ طرح اسان کي هن ڪتاب
لاءِ به پڙهندڙن جي مانائتي
راءِ جو انتطار رهندو.
نور احمد ميمڻ
چئرمين
سنڌيڪا اڪيڊمي
|