پنهنجي پاران

 

مون جڏهن جيل ۾ ڊائري لکڻ شروع ڪئي ته ان وقت منهنجي ذهن ۾ محض پنهنجي روزمره جي سرگرمين ۽ واقعن کي نوٽ ڪرڻ جو خيال هو ۽ ان سان گڏو گڏ وقت گذارڻ جو بهتر طريقو به.

اسان جي وارڊ ۾ ڪير آيو، آون ڪنهن وٽ ويس، جيل تي ڪهڙا ملاقاتي آيا، جيل جي اندر يا ٻاهر ڪي خاص واقعا يا معاملا نوٽ ڪرڻ جومقصد فقط پنهنجي رُٽينِ جي زندگي کي بيان هو. ريڪارڊ لاءِ جڏهن آئون ڪن خاص واقعن يا ٿيندڙ عمل کي نوٽ ڪندو هوس، پوءِ اهو واقعو منهنجي زندگيءَ سان لاڳاپيل هجي يا منهنجي مشاهدي ۾ ايندو هجي، اهو قومي يا بين الاقوامي سطح تي ظهور پذير ٿيندڙ تاريخي عملن مان هڪ هجي، انهن کي نوٽ ڪندي ذهن خود به خود انهيءَ جي سببن ۽ پس منظر متعلق لکڻ تي مجبور ڪندو هو. ائين مون جيل جي پنهنجي رومزره جي رُٽينِ سان گڏو گڏ ڪجهه ٻين ڳالهين تي به لکڻ شروع ڪري ڏنو.

ڪجهه ڏينهن جي اندر ئي روزانو رات جو ڪجهه پڙهڻ ۽ لکڻ منهنجي معمول بڻجي ويو. خاص طرح اهو ان ڪري به ٿيو جو شروعات ۾ منهنجا روم ميٽ رات جو جلدي سُمهندا هئا. گرمين جي وڏي سج هوندي به مون وارا هنڊيوال گهڻو ڪري رات جو ڏهين يا يارهين وڳي اندر وڃي بسترن ڀيڙا ٿيندا هئا. ان وقت اسان جي وارڊ ۾ ٽي وي به نه هئي. ان صورت ۾ پڙهڻ ۽ ٿورو گهڻو لکڻ ئي منهنجي مصروفيت ۽ پوءِ ته جهڙوڪر عادت بڻجي وئي. روزانو ٿوري وقت لاءِ سهي، پر پين  ڪاپي کڻڻ کان سواءِ مزو ئي نه ايندو هو. جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري ڪڏهن لکي نه سگهبو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ روزاني وارو شيڊول اڻ پورو يا اڌورو رهجي ويو هجي.

جڏهن آئون لکندو هوس ته ان وقت پنهنجي جيل ڊائري ڇپائڻ جو منهنجي تصور ۾ به ڪو نه هو. مون ڄاتو ٿي ته آئون نه اديب آهيان، نه دانشور جو اهڙو لکي رهيو هجان جو ٻاهر نڪري ڇپائڻ جهڙو هجي. هونئن به پنهنجي لکڻ پڙهڻ سان گهٽ ئي پوي.

جيل کان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ، جڏهن دوستن سان جيل ۾ ڪجهه لکڻ جو ذڪر نڪتو، ته انهن ان کي پبلش ڪرائڻ جي لاءِ اتساهه ڏياريو. جيتوڻيڪ انهن نه ته منهنجو لکيو پڙهيو ۽ نه ئي کين اها ڄاڻ هئي ته مون ڇا لکيو آهي. بهرحال اڄ جيڪو منهنجي جيل ڊائريجو پهريون حصو توهان جي هٿن ۾ آهي، اهو انهن دوستن جي همت افزائيءَ جو ئي نتيجو آهي جو آئون پنهنجي ان ڪچي ڦڪي لک کي ڇپائڻ جي لاءِ ذهني طرح تيار ٿيس. انشاءَ الله ان جو پويون حصو به جلد پڌرو ڪري توهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

هن ڊائريءَ ۾ منهنجي اها ڪوشش رهي آهي ته واقعا، حالات ۽ انهن جي بيان کي ائين رکا جيئن اصل مسودي ۾ آهن. گهڻو ڪري تمام واقعن، حالتن ۽ معاملن کي ساڳي صورت ۾ ئي رکيو ويو آهي. فقط ڪٿي ڪٿي جملي جي بيهڪ، گرامر، فل اسٽاپ ۽ ڪاما جي غلطين کي درست ڪيو ويو آهي. باقي مسودي کي جيئن جو تيئن برقرار رکيو ويو آهي. ڪن دوستن جو اهو به مشورو هو ته منهنجي لکڻيءَ تي نظرثاني ڪيان. وڌيڪ مطالعو ڪري خاص طرح اديبن، دانشورن ۽ سياستدانن جون لکيل جيل ڊائريون پڙهڻ پنهنجي لکڻي کي نئين حالتن پٽاندر ۽ اديباڻي معيار مطابق آڻيان. ٿي سگهي ٿو ته انهن جي ان تجويز ۾ ڪو وزن هجي، اها به حقيقت آهي ته منهنجون ڪي خاص جيل ڪٿائون پڙهيل به ڪو نه هيون.

ملڪ او فڪر (Malika Oufkir) جو لکيل ڪتاب Twenty years of stolen life  مون کي جيل ۾ مليو پر اهو پورو ئي ڪو نه ڪيم ته ڪو پڙهڻ لاءِ کڻي ويو ۽ واپس ئي ڪو نه ٿيو. بهر حال آئون دوستن جي ان تجويز سان سهمت ڪو نه ٿيس. مون کي اهو ئي مناسب لڳو ته جنهن وقت مون جيڪو لکيو، ان وقت منهنجي جيڪا سوچ خيال هئا، ان کي جيئن جو تيئن پڌرو ڪريان ۽ ڪنهن به خيال يا پنهنجي راءِ کي موجوده صورتحال مطابق يا پنهنجي هن وقت جي سوچ تحت تبديل نه ڪريان مثال طور جڏهن آئون هن ڪتاب جي ڇپائيءَ لاءِ مسودو ڏسي رهيو هوس يا جڏهن پروف ريڊنگ ڪري رهيو هوس ته مون نوٽ ڪيو نائن اليون کان اڳي لکيل ڊائري ۾ ڪافي اهڙا نقطا يا موقف هو جنهن ان کان پوءِ جي صورتحال ۾ بلڪل مطابقت نٿي رکي بدليل حالتن ۾ اهوس اڳيو نه رهيو هو.

جيئن بين الاقوامي تعلقاتن ۾ يارهين سيپٽمبر جي ٿيل دهشتگرديءَ جي واقعن کان پوءِ پاڪستان جي صورتحال يڪسر مختلف ٿي وئي ۽ پاڪستان عالمي تنهائي ۽ دٻاءَ مان هڪدم ٻاهر نڪري آيو. معيشت ۽ اقتصادي معاملي ۾ به ملڪ سان ساڳي صورتحال نه رهي.

يعني نائن اليون کان اڳ ۾ اهو بي انتها معاشي ابتري جو شڪار رهيو جڏهن ته ان کان پوءِ حڪمرانن جا رنگ ئي ٻيا ٿي ويا. 2001ع جي بلدياتي اليڪشن ۽ بدلياتي ادارن ۽ انهن جي معاشي صورتحال جي باري ۾ مون جيڪو لکيو، اهو نائن اليون جي واقعي کان اڳي جي صورتحال بيان ڪري ٿ. جڏهن ته ان کان پوءِ آمريڪي امداد، قرضن جي معافي، ريشيڊيولمنٽ ۽ عالمي ادارن پاران نون قرضن جي ڪري مجموعي طرح حڪومت جي مڙني ادارن جي معاشي صورتحال تبديل ٿي. جن ۾ خاص طرح ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جا ادارا به شامل آهن. بهر حال مون ڪٿي به ڪا تبديلي نه ڪئي آهي، غلط يا صحيح اهو طئي ڪرڻ پڙهڻ وارن تي ڇڏيو آهي.

مون لکڻ دوران ڪوشش ڪئي آهي ته ڪٿي به ڪنهن جي متعلق اهڙا ريمارڪ يا ڪمينٽس نه اچن جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿئي يا جنهن متعلق لکيو وڃي، اهو پنهنجي گهٽتائي محسوس ڪري، جيل ۾ رهندي اڪثر ڪي اهڙا معاملا ٿيندا رهندا هئا، جن کي ڊائري ۾ لکڻ سان ان ۾ وڌيڪ مزاح ۽ مرچ مصالحو شامل ٿي پي سگهيو ۽ پڙهندڙن لاءِ وڌيڪ دلچسپي وارو مواد مهيا ٿي پي سگهيو. پر ان جي لاءِ ڪن فردن جا منفي پهلو، کوٽون ۽ خاميون بيان ڪرڻيون پون ها. هونئن به انسان خطا جو گهر آهي، هر شخص ۾ مثبت ۽ منفي پهلو موود هوندا آهن. فرق صرف اهو هوندو آهي ته چڱي ماڻهوءَ جا مثبت پاسا منفي کان وڌيڪ هوندا آهن. جڏهن ته جنهن شخص ۾ منفي پاسن جو وزن وڌيڪ هجي ان کي معاشري ۾ برو سمجهيو يا سڏيو ويندو آهي.

جيتوڻيڪ لکڻ دوران مون کي پنهنجي ڊائري ڇپائڻ جو پروگرام ذهن ۾ ڪو نه هو، پوءِ به مون نٿي چاهيو ته ڪنهن اسنان جي فطري ڪمزورين يا اڻ وڻندڙ عادتن کي پنهنجن جيل جي يادگيرين ۾ شامل ڪيان. هونئن به خرابين ۽ سُٺاين، عيبن، ثوابن ۽ انهن جي پسند ۽ نا پسند جا معيار،ماپا ماڻا هر شخص ۽ هر معاشري ۾ عام، نارمل ۽ مُروج سمجهيون وينديون آهن. ته اُهي ئي ٻئي معاشري ۾ بريون ۽ غلط سمجهيون وينديون آهن. ساڳئي ڳالهه هڪ ئي هنڌ رهندڙ ماڻهن سان انفرادي طرح به لاڳو ٿئي ٿي. هڪڙي ئي معاشري ۾ رهندڙن ۾ پنهنجي جدا سوچ، سمجهه، پروڙ، پرورش ۽ ماحول سبب هر ڪنهن وٽ سٺي ۽ خراب، صحيح ۽ غلط جا پيانه به الڳ الڳ ٿين ٿا. جيڪڏهن ڪو انهي باري ۾ يعني ڪنهن به عمل يا شيءِ جي باري ۾ ان جي مثبت يا منفي هجڻ جو تعين ڪري ٿو يا پنهنجي راءِ ڏي ٿو ته اها قطعي ۽ آخري يار پوري معاشري طرفان نٿي ٿي سگهي.

منهنجي ان ڪوشش جي باوجود به جيڪڏهن ڪٿي ڪنهن کل، مزاح ۽ روٽين جي معاملن کي بيان ڪندي ڪو اهڙو ذڪر ٿي ويو هجي جنهن سان ڪنهن جي دل آزاري ٿئي يا پڙهندڙ ائين محسوس ڪري ته آئون مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان ته انسان غلطين جو گهر آهي. اهو پڙهندڙن جو حق آهي ته هو پنهنجي ڪهڙي راءِ ٿو قائم ڪري.

هن ڪتاب کي ڇپائي پڌرو ڪندڙ اداري سنڌيڪا جو آئون شڪر گذار آهيان. سنڌيڪا هن ڪتاب جي ڪمپوزن ڏيڍ سال پهرين ڪري چڪو هو. شوڪت شورو صاحب مهاڳ لکيو، ان کي به هڪ سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو. منهنجي پنهنجن مصرورفيتن ۽ ڪمن ڪارين سبب پروف ريڊنگ ۽ ڪتاب کي آخري شڪل ڏيڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويو آن لاءِ سنڌيڪا جيڪو تعاون ڪيو ۽ صبر کان ڪم ورتو، اهو قابل تعريف آهي.

 

محمد اسماعيل راهو

جون 2006ع

 

 

جيل جا ڏينهن، جيل جون راتيون، هوم     

 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >