سيپٽمبر 2001ع

 

1/9/2001

30-2 وڳي ماڙيءَ تي ويس ته اورنگزيب پنهور ملاقات لاءِ آيل هو. اتان ٿي پنهنجي وارڊ تي آيس. 00-4 وڳي اسلم ملڻ لاءِ آيو. اتي فيصل سان به ملاقات ٿي. ڊاڪٽر شامون به آيل هو ۽ لڇمڻ به آيو. 00-6 وڳي تائين اتي هئا سين 30-7 وڳي پنهنجي وارڊ کان ٻاهر ويس. حاجي ايوب، خان محمد ۽ لالو دائود ٻاهر بيٺل هئا. ٿوري دير کان پوءِ دائود خان چيو ته آئون وڃانٿو، مون کي BBC ضرور ٻڌڻي آهي. مون پڇيومانس ته ڇا ڪا خاص خبر اچڻي آهي؟ چيائين، ضرو ڪو ڌڪ ٿيندو. هينئر جڏهن دائود خان اندر BBC ٻڌي رهيو آهي ته مون کي ٻڌائي پيو: اڄ هڪڙي ڪراچيءَ ۾ڦڙڪائي ڇڏيائون. مون پڇيومانس، ڪير ماريو؟ چيائين، ڪو رضوي آهي ۽ ٻه ٽي ٻيا به ڊزڪا ٿيا آهن.

 

2/9/2001

اڄ پنهنجي وارڊ تي ئي رهيس. ٻنپهرن جو ڊاڪٽر خالد ۽ ويزير عابس جو نياپو آيو، ته اسان جي لاءِ پرچي موڪليو تهاسان توهان ڏانهن اچون. مون پرچي ٺاهي پنهنجي مقدم کي ڏني ته هنن کي وٺي اچ. جيل ۾ ڪڏهن ايتري سختي ٿي ويندي آهي جو هڪ وارڊ جا قيدي ٻي ۾ نه وڃي سگهندا آهن ان لاءِ جيل انتظاميا کان پرچي وٺڻي پوندي آهي. تنهن کان اڳ ۾ لڇمڻ، امداد فقير، صديقي ۽ دائود خان ۽ آئون ڪچهري ڪر رهيا هئاسين. ڪجهه وقت ۾ وزير عباس، ڊاڪٽر خالد ۽ بدر بچاڻي آيا. ٿوري دير ۾ بچاڻي اجازت ورتي. اسان سڀني گڏجي ماني کاڌي. 00-4 وڳي ڊاڪٽر خالي ۽ آغا موڪلايو.

ٿوري دير ۾ ابوبڪر جت آيو، جنهن پنهنجي ڪاوڙ ذڪريا غني تي ڇنڊي. ابوبڪر کي احتساب عدالت پاران ست سال سزا آيل آهي. جيڪا معافيون ملائي تقريباً پوري ٿي چڪي آهي. پهرين ته 18 آگسٽ تي آزاد ٿيڻو هو. پر وري ٻه مهينا سزا بچي پيس. هاڻي همراهه جهڙو ٻاهر نڪتو ويٺو آهي، سندس هڪ پير اندر آهي ته ٻيو ٻاهر!

 

 3/9/2001

اڄ صبح جو مون کي جناح اسپتال وڃڻو هو. 30-10 وڳي سپرنٽينڊنٽ گهرائي ٻڌايو، ”توهان جو گارڊ نه اچي سگهيو آهي آئون ڪوشش ڪريان ٿو ته اچي وڃي.“ پاڻ ڪورٽ پوليس جي ايس پي سان ڳالهايائين، جنهن چيس، گارڊ سڀاڻي ايندو. مون کي ٻڌايائين ته سڀاڻي گارڊ ايندو ۽ توهان کي موڪليندا سين. چيومانس، توهان جي مرضي. هونئن ته جيڪڏهن اسپتال وڃنو هجي ته جيل وارا وڏي ٿوري سان فردي ڪڍندا آهن، پوءِ گارڊ اچي نه اچي، انهن جي مٿي جو سور نه آهي. پر جيئن ته هينئر ڪورٽ هنن کي لکيو آهي، ته منهنجو علاج جناح اسپتال (J.P.M.C) ۾ ڪرايو وڃي، تنهن ڪري اڄ مون کان جيل وارن کي تڪڙ گهڻي هئي، ته جيئن هو پاڻ تان لاهي اسپتال وارن تي وجهن.

30-12 وڳي ڌاري ماڙيءَ تان پرچي آئي. ويس ته ڪجهه مهمان ملڻ لاءِ آيل هئا. انهن کان ملي فارغ ٿيس، ته غلام علي نظاماڻي آيو، جنهن کان پوءِ ڀٽي ۽ اقبال عنايت آيا. واپس وارڊ تي اچي ماني کاڌم. وري ماڙيءَ تان پرچي آئي. ويس ته اسلم، نويد ڪاڇيلو، عثمان خان عالماڻي، علي ۽ ٻيا همراهه آيل هئا. لڇمڻ ۽ ان جا ملاقاتي به هئا. ڪجهه دير ۾ عثمان خان ۽ نويد اجازت ورتي. اتي ويٺي ئي ڪاڪو ڀيرو، دولو ۽ ٻيا همراه آيا، جن ٻڌايو، ته لڇمڻ جي ضمانت ٿي وئي آهي. ٻين همراهن موڪلايو، باقي اسلم ۽ علي ويٺا رهيا.

ٿوري وقت ۾ پڦي مريم، حسنه، فرزانه ۽ ڏاڏا وارا آيا. پڦيءَ جي مون کي طبيعت صحيح نه لڳي رهي هئي. پاڻ ٻڌايائين ته ڊاڪٽر کي ڏيکاريو اٿس ۽ ٽيسٽون وغيره به ٿيون آهن ۽ ڊاڪٽر چيو آهي ته ڪا خطري جهڙي ڳالهه ڪونهي. حسنه ٻڌايو، ته هوءَ حيدر آباد ئي رهي ٿي، مرتضيٰ جي خير ور بدلي ٿي وئي آهي. پڦي وارا ڪجهه دير تائين ويٺا، جنهن کان پءِ سڀني موڪلايو.

آئون سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ آيس، جنهن کان جناح اسپتال وڃڻ جو پروگرام سڀاڻي جي بجاءِ پرهين ڪرايم. وارڊ تي اچي اڌ ڪلاڪ لاءِ سمهي رهيس. ٿوري دير کان پوءِ صديقي آيو، انهيءَ کي قربان جتوئي نيب جي جوابدارن مان پهريون ماڻهو هو، جنهن کي ضمانت ملي هئي. ان کان اڳ ۾ آصف بيگ ۽ سائين غوث علي شاهه جون ضمانتون ٿي چڪيون آهن، پر انهن جي ضمانت جي نوعيت ٿوري مختلف هئي. غوث علي شاهه جي ضمانت طبي بنيادن تي هئي ۽ آصف بيگ تي اڃا ريفرنس داخل ئي ڪو نه ٿي سگهيو هو. قربان جتوئي جي ضمانت جي خبر نيب جي سڀني قيدين جي لاءِ خوشيءَ جو سبب هئي ۽ سڀني ان کي سٺو سوڻ ٿي سمجهيو.

قربان جتوئي ۽ صديق 18 وارڊ ۾ هڪ ئي کوليءَ ۾ رهن ٿا. 18 وارڊ جيڪو پوليس وارن جو آهي، هنن کان سواءِ ٻيا سڀ قيدي پوليس وارا آهن. ان وقت قربان جتوئي وارا 16 وارڊ ۾ ويٺل هئا. اسان تي وڃين کين مبارڪون ڏنيون. اتي الهڏنو ڏاهري، فقير وريام ۽ ٻيا همراهه به ويٺا هئا.

شام جو آئون ۽ امداد ٻاهر اڱڻ تي ڪرسيون رکيون ويٺا سين. امداد سدائين مون کي چوندو آهي، ته توهان سان ڪچهري ڪرڻي آهي. ساڻس پروگرام سان هڪ به ڪچهري نه ٿي آهي، پر بنا پروگرام جي اڪثر ساڻس ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون رهنديون آهن. امداد کي ڇهه سال جيل ۾ ٿي چڪا آهن، ان کان اڳ ۾ به ساڍا پنج سال جيل ڪٽي چڪو آهي. سندس 40 سالن جي عمر مان بالغ جوانيءَ جا 12 سال قيد جي نظر ٿي چڪا آهن. امداد وانگر ڪيترائي سنڌي نوجوان آهن، جيڪي قومي جذبي سان ته سرشار آهن، پر انهن پنهنجي زندگي گذارڻ جي اهڙي واٽ منتخب ڪئي آهي، جيڪا شايد قومي جدوجهد ۽ قومي سڃاڻپ کي ته ڪو به فائدو نه ڏئي سگهي، پر الٽو انهن جي پنهنجي زندگي، انهن جي خاندان ۽ انهن سان لاڳاپيل ٻين ماڻهن جي مستقبل کي به انڌيرن طرف کڻي وڃي ٿي. جنهن خطرناڪ رستي کي هو قوم جي آجپي جو رستو سمجهي کڻن ٿا، اهو رستو قوم جي آجپي جو سبب نه ٿو بڻجي، پر سندن ۽ سندن خاندان جي زنده رهڻ جا رستا به تنگ ڪري ڇڏي ٿو.

اسان جي نوجوان سياسي ڪارڪنن جو ڏوهن جي دنيا ۾ وڪوڙيجي وڃڻ، وڏن قومي المين مان هڪ آهي. هونئن ته هن وقت ملڪ جون تقريبن سڀئي سياسي پارٽيون ساڳي صورتحال جو شڪار آهن ۽ ان قومي ڏوهه ۾ برابر جون شريڪ آهن، پر ان جو  ۾ وڌ نقصان سنڌ کي ئي ڀوڳڻو پيو آهي.

اڄ پڦيءَ وارن کي ملاقات تي اهو ٻڌائي رهيو هئس، ته منهنجو وارڊ به ان پراڻي ليڊيز جيل جو حصو آهي، جنهن ۾ اوهان رهي رهيون هيون. ليڊيز جيل، جيڪو جيل جي اندر هڪ ننڍو جيل هو، اڄ به ان جي اوچي ديوار جيل جي اندر ننڍڙي جيل جو ڏيک ڏئي ٿي. فرق اهو آهي ته اڳي هن کي فقط هڪ مين گيٽ هوندو هو، هاڻي ان ۾ جيترا وارڊ آهن،اوترائي ننڍا لوهي دروازا آهن. ديوار مٿان ڪوٽ موقعي وانگر بجليءَ جون تارون وڇايل آهن.

وارڊ 11، 12، 13، 14، 15، 16، ۽ 17 ليڊيز جيل جو ئي حصو هئا ۽ اڄ به هڪ ئي ديوار جي اندر آهن، انهن کي وچان ٻيون ڀتيون ڏئي، وڏي ديوار مان الڳ دروازو ڏئي وارڊن جي ڌار ڌار شڪل قائم ڪئي وئي آهي. 1995ع ۾، جڏهن هن جيل جي پاسي ۾ ئي وومين جيل تيار ٿيو، ته هتان کان ليڊيز جيل اوڏانهن شفٽ ڪيو ويو.

 

4/9/2001

صبح جو 30-8 وڳي ٻار ۽ ڀٽي ملڻ آيا. 30-10 وڳي آئون وارڊ تي موٽي آيس. ڪجهه وقت کان پوءِ هڪڙي پرچيءَ تي منهنجو ۽ فقير صاحب جو نالو آيو. ان وقت اسان تاش کيڏي رهيا هئا سين. مون همراهن کي چيو، ته جيل وارن وٽ ڪاغذ کٽي ويا ملڻ وارو همراهه هڪڙوئي آهي. آئون وريام فقير ماڙيءَ تي ويا سين، ته مٿي خان محمد مهر، علي اڪبر نظاماڻي ۽ خدا بخش راڄڙ ويٺل هئا. انهن سان ڪچهريءَ ۾ ويٺا هئاسين، ته اسلم ۽ حمزو خان پليجو آيا. اسلم جلدي روانو ٿيو، جو کيس ڪنهن ڪم سان وڃڻو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ علي اڪبر نظاماڻي ۽ خدا بش راڄڙ به موڪلايو، ان وقت سيٺ ڌرم، شاهنواز ۽ محمد رحيم ملڻ لاءِ پهتا.

ملاقات کان پوءِ آئون سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ آيس. هن چيو ته توهان کي سڀاڻي اسپتال موڪليندا سين. اتان ٿي عبدالرزاق عباسي وٽ اچي ويٺس، جنهن کان امداد جکري جي ڪاغذن لاءِ پڇيم. عابسي امداد جي لاءِ پاڻ ئي ڪوشش وٺي رهيوآهي ته سندس انٽري ٿيل ڪيسن جي ڪورٽ مان جلد وضاحت (Clarification) اچي وڃي، جيئن همراهه تڪڙو ٻاهر وڃي سگهي.

شام جو مون صديقي، لڇمڻ، لالي يونس، امداد ۽ دائود خان ٻاهر اڱڻ تي ويهي ڪچهري ڪئي.

 

5/9/2001

اڄ اسپتال وڃڻو هو، پر گارڊ نه آيو. 00-12 وڳي سپرنٽينڊنٽ جي پرچي آئي. ويس ته مون کان پڇيائين، توهان اسپتال نه ويا؟ مون چيو ته گارڊ نه آيو، ان جي ڪري نه ويس. چيائين، آئون گارڊ گهرايان ٿو. مون چيو، هاڻ دير ٿي وئي آهي، اوي پي ڊي O.P.D بند ٿي وئي هوندي، وري ٻئي ڪنهن ڏينهن تي وڃبو. هن ايس پي ڪورٽ پوليس کي فون ڪئي ۽ کيس منهنجي نالي چيائين ته هن کي اسپتال وڃڻو آهي، ڪورٽ اسان کي لکيو آهي ۽ هو گهڻو ٺيڪ نه آهي. سڀاڻي اسان جي ذميواري ٿيندي، توهان گارڊ ضرور موڪليو. پوءِ مون کي چيائين ته اڌ ڪلاڪ ۾ توهان جو گارڊ اچي ويندو.

سپرنٽينڊنٽ فون تي ڳالهائي رهيو هو، ته سامهون هڪڙو همراه ويٺو هو، هن مون کان پڇيو، توهان اسماعيل راهو آهيو؟ منهنجي ها چوڻ سان مون سان اچي مليو ۽ تعارف ڪرايائين، ته آئون دارلقرآن جو ٽرسٽي آهيان، سمير نالو آهي. توهان هاڻ سگها ٿي ويا آهيو ۽ گنجا به ٿي ويا آهيو، ان ڪري مون توهان کي نه سڃاتو. توهان سان اڳ ۾ ملاقات آهي. منهنجي پڇڻ تي ٻڌايائين ته توهان سان 11-12 سال اڳ شعيب صديقي سان گڏ ملاقات ٿي هئي.

آئون سپرنٽينڊنٽ کي اهو چئي، ته اڌ ڪلاڪ ۾ وري اچان ٿو، وارڊ تي آيس. تقريبا مني ڪلاڪ کان پوءِ ماڙيءَ تي وڃي رهيو هئس ته رستي ۾ ئي همراهه ٻڌايو ته توهان جو گارڊ آيو آهي. 00-1 وڳي اسپتال لاءِ نڪتا سين، 30-1 وڳي جناح اسپتال پهتا سين. اتي ائڊمنسٽريشن بلاڪ وٽ ڊاڪٽر خليل ۽ ڀٽي بيٺل هئا. ٿوري دير ۾ ڊاڪٽر کيمچند ۽ ڊاڪٽر تارا چند آيا ۽ شاهنواز به آيو. اتان اسان کي ميڊيڪل يونٽ ۾ موڪليائون، جتي اسلم، لي ۽ چاچا خالقڏنو به آيا. ميڊيڪل وارن ايمرنسي موڪليو، اتان انهن انتهائي نگهداشت واري يونٽ (I.C.U) موڪليو. آءِ سي يو وارن جو خيال هو ته ائڊميشن کان سواءِ علاج نه ٿي سگهندو، پر پوليس چيو ته اسان کي جوابدار واپس کڻي جيل پهچائڻو آهي، ڇو ته هوم ڊپارٽمينٽ ۽ جيل انتظاميا جي اجازت کان سواءِ قيديءَ کي هتي رکي نٿا سگهون. ڊاڪٽر پنهنجي رپورٽ ٺاهي ڏني.

30-5 وڳي اسپتال کان نڪتاسين، ماڙيءَ تي پهتس ته ڊاڪٽر شام ۽ لڇمڻ مليا. لڇمڻ جو رليز آرڊر پهچايو هو. لڇمڻ آزاد ٿيو ۽ موڪلائي ٻاهر نڪتو.

 

6/9/2001

اڄ صبح جو 00-9 وڳي ماڙيءَ تان پرچي آئي. ويس ته ماڙيءَ تي مهمان آيل هئا. ڏيڍ ڪلاڪ تائين ساڻن ڪچهرين ٿيندي رهي. وري ٻنپهرن جو ماڙيءَ تي آيس، ته اسلم، شاهنواز، محمد بخش نوتڪاڻي ۽ خميسو آيل هئا. شام جو حاجي ايوب ۽ خان محمد سان ڪچهري ٿي.

 

7/9/2001

00-12 وڳي ماڙيءَ تان پرچي آئي. اتي اقبال عنايت آيل هو. اتي ئي مون کي ڪنهن ٻڌايو، ته توهان جا مهمان مٿي به ويٺا آهن. ويس ته پپو خواجه ۽ سندس ڀاءُ آيل هئا. شام جو الهڏنو ڏاهري، فقير، دائود خان ۽ مون ڪجهه ٽائيم پتا کيڏيا. شام جو حاجي ايوب ۽ خان محمد وارن وٽ ويٺو هئس، ته سپرنٽينڊنٽ جي مقدم مون کي اچي ٻڌايو ته صاحب توهان وٽ اچڻ چاهي ٿو. ڪجهه وقت کان پوءِ آئون نڪتس ته سپرنٽينڊنٽ ٻاهر ئي مليو، وري گڏجي اچي 14 وارڊ ۾ ويٺا سين.

شام جو بند ٿيڻ کان اڳ حاجي ايوب آفريدي ۽ خان محمد اسان جي وارڊ تي آيا. ساڻن هڪ نئون همراهه به گڏ هو. دائود خان کي ٻڌايائون ته توسان تنهنجو پاڙيسري ملائڻ لاءِ آيا آهيون. نئين همراهه پنهنجو نالو بابو مختيارٻڌايو ۽ ٻڌيائين ته هو جيلرر آهي ۽ هاڻي حيدر آباد بدلي ٿي آيو آهي. مختيار، دائود خان کي سڃاتو پئي، پر دائدو خان کيس نه پئي سڃاڻي سگهيو. مختيار جڏهن تفصيل ٻڌايس ته همراه گهڻا ويجها نڪري پيا. حاجي ايوب چيو ته هن کي هاڻي پاڙي جو ماڻهو ڪچهريءَ ۾ مليو آهي ته ڪجهه دماغ ٿڌو ٿيندس. بابو مختيار مون کان پنهنجو تعارف پڇيو. جڏهن ٻڌايومانس ته کلي پيو ۽ حاجي ايوب ۽ خان ممد کي چيائين ته هي اوهان کي پاڙي ۾ وٺي آيا آهيون. مون کي ٻڌايائين ته فاضل صاحب سان منهنجو گهڻو تعلق رهيو آهي، هڪ ته حيدر آباد جيل جي حوالي سان، ٻيو حيدر آباد ۾ اوهان جي جڳهه جي ويجهو ئي اسان جي جڳهه هئي. خان محمد ۽ وريام فقير پريان ڳالهايو پئي. مون کي پڇيائين ته هي همراهه ڪير آهي؟ ٻڌايومانس ته وريام فقير خاصخيلي آهي. پوءِ ٻڌايائين ته آئون هن کي به سڃاڻان ٿو، هي ڀٽي جي دور ۾ ڪجهه وقت هتي جيل ۾ هو.

 

8/9/2001

صبح 00-9 وڳي سپرنٽينڊنٽ وٽ ويس، جتان 00-11 وڳي وارڊ تي موٽي آيس. اتي لالي يونس، امداد، روشن کوسي سان ڪچهري ٿي ۽ ڪجهه ٽائيم پتا کيڏيا سين ۽ گڏجي ماني کاڌيسين. اڄ فقير ۽ دائود خان تاريخ تي ويل هئا. 00-3 وڳي ماڙيءَ تي ويس. لڇمڻ، ڊاڪٽر شام ۽ اسلم آيل هئا. اتان وارڊ تي آيس ته علي حسن ۽ صديقي ويٺل هئا. شام جو 17 وارڊ تي ويس، جتي ڪجهه دوستن سان ڪچهري ٿي.

 

9/9/2001

اڄ ٻنپهرن جو ٻن همراهن مانيءَ جي دعوت ڪئي هئي. هڪ جانو آرائين ۽ ٻيو حاجي ايوب خان محمد وٽ 30-1 وڳي، مون وريام فقير کي چيو ته هلون ٿا جان محمد وارن وٽ، اتان حاضري ڀري پوءِ خان محمد وٽ هلندا سين. اسان ٻئي پهرين جانو آرائين جي وارڊ ۾وياسين، جتان اڌ مني ڪلاڪ کان پوءِ اجازت وٺي 14 وارڊ ۾ آياسين، اتي ٻيابه ڏهه ٻارهن دوست آيل هئا. 30-3 وڳي پنهنجي وارڊ تي آيا سين.

اڄ رات جو مون کي بخار ٿي پيو آهي. بخار ڪالهه بهٿيو هو. ڪلهه ته مون سمجهيو خير آهي، ائين بخار ٿي پيو هوندو، پر اڄ لڳيٿو ته مليريا بخار آهن. ٻن ڏينهن کان ڊاڪٽر ميمڻ به اسپتال ۾نه اچي رهيو آهي، جو ان جي پنهنجي به طبيعت ٺيڪ نه آهي.

 

10/9/2001

اڄ 30-12 وڳي ماڙيءَ تي ويس. اسلم ۽ شاهنواز آيل هئا. اتان ٿي وارڊ تي آيس، وري ڊاڪٽر فضل ميمڻ ڏانهن ويس. 00-4 وڳي ڀٽي ملاقات تي آيو 00-6 وڳي وري سپرنٽينڊنٽ جي پرچي آئي. اتي خان محمد ۽ ڊائريڪٽر حسن مهدي اڳ ۾ ئي ويٺل هئا. جتان 30-7 وڳي حاجي ايوب ڏانهن ويس. اتي خبر پئي ته اڄ شام کان گئس جي سپلاءِ بند آهي.

اڄ سپاهي شبير سومرو وارڊ بند ڪرڻ لاءِ معمول جي وقت کان دير سان آيو. سبب پڇيومانس ته ٻڌايائين، ”گئس نه هجڻ ڪري حاجي صاحب وارن جي ماني نه ٺهي سگهي هئي، اها ٻاهران وٺڻ ويو هئس.“

اسان جي ماني هڪڙي ته گهران آئي هئي ۽ ٻي شام جو برداشتي ٺاهي رکي ويندا آهن. اڄ گئس نه هجڻ ڪري اها گرم نه ٿي سگهي. فياض ٿڌي ماني ٽيبل تي لڳائي. مون همراهن کي چيو، ته ڪجهه وقت انتظار ڪريون، ٿي سگهي ٿو، گئيس اچي وڃي. همراهن کي بک لڳي هئي، سو ٿڌي ماني کاڌيسين. اسان ماني کائي بس ڪئي، ته گئس جي سپلاءِ به شروع ٿي وئي.

اڄ ڪلهه جيل ۾ جتي به ڪچهريءَ ۾ ويهبو آهي ته”ڇا ٿيندو؟“ جو سوال گهڻو ڪري هر زبان تي هوندو آهي ته هر ماڻهو پنهنجي ذهن مطابق ان جو منطقي جواب ڏيندو آهي يا ان تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو آهي. اهو هڪ اهڙو سوال آهي، جيڪو نه رڳو اڄ ڪلهه جي حالتن ۾ پر اسان جو ملڪ هميشه”ڇا ٿيندو؟“ ۽ ان جي پويان لڳل سواليه نشانيءَ واري صورتحال ۾ رهيو آهي. پنهنجي 54 سالن جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪي اهڙا ٻه چار سال رهيا هجن، جن ۾ ملڪ جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪي اهڙي ٻه چار سال رهيا هجن، جن ۾ ملڪ سياسي عدم استحڪام جي ان مخمصي (Dilema) جو شڪار ٿيل نه هجي. هونئن ته جيل ۽ جيل کان ٻاهر سياست ۽ ڪنهن حد تائين ملڪ، جنهن اقتدار جي بظاهر تبديليءَ مان گذرڻ وارو آهي، اهو اڄ ڪلهه نه فقط ڪچهرين، پر قومي توڙي علائقائي اخبارن جي تجزيه نگارهن جي لکڻين جو پڻ گرم عنوان بڻيل آهي. سو ٻن ٽن ڏينه کان وٺي مون کي به دل ۾ پور اچي پي ويو، ته ان موضوع تي پنهنجي اڻ گهڙي ذهن مطابق قلم کي ڊوڙائي ڪي ٻه ٽي سٽون لکان، پر ڪڏهن وري همراهن سان ڪچهريءَ ۾ هوندا آهيون، يا وري همراهن سان تاش کيڏڻ لا رانديگر کٽل هوندو آهي، ته انهن سان راند ۾ ويهي رهندو آهيان. هونئن به  جيڪو نڀاڳ ۾ مزو آهي، اهو چڱي ڪم ۾ ڪٿي؟ تاش ۾جيترو آساني ۽ مزي ۾ ٽائيم پاس ٿو ٿئي، اهو لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڪٿي ٿو ٿئي.

آئون جڏهن ڳوٺ جي همراهن کي راند ڪندي ڏسندو هئس تڏهن سوچيندو هئس، هنن ڇورن کي ڪم ئي ڪونهي، سڄو ڏينهن ٿا هوٽلن ۽ دڪانن تي ويهي پتا ڪٽي پنهنجو وقت برباد ڪن، وڏا نڀاڳا آهن هي ڪو نه سڌرندا. واقعي تاش ڪڏڻ ۾ وقت بنا احسان جي برباد ٿي ٿو وڃي. آئون همراهن کي چوندو آهيان، ته يار جڏهن به راند ڪيون ٿا، ته ماڻهو ڪم کان رهجيو وڃي.

وريام فقير چوندو آهي ته ”توهان جو گهڻو ٽائيم ملاقاتن ۾ هليو وڃي ڪو آيو، ڪنهن وٽ ويا ۽ ڪجهه لکڻ، پڙهڻ ۽ وقت گذري وڃي. ذڪريا سڄو ڏينهن دارالقرآن حوالي، دائود خان برداشتين سان مغز ماريءَ ۾، آئون صبح جو ڪلاڪ کن اخبارون پڙهڻ کان پوءِ سڄو ڏينهن ڇا ڪريان؟“ فضل الله صديقي پهرين راند نه ڪندو هو، ٻه ٽي ڀيرا همراهن چيو هئس پر انڪار ڪري ڇڏيو هئائين. چيائين، ٻيو هر ڪم ڪبو پر اهو نه ڪبو. مون پڇيومانس ته ڇو؟ چيائين، مون کي منع ٿيل آهي. پر هاڻي صديقي شوق سان راند ڪندو آهي. شايد پنهنجي مرشد کان مخصوص حالتن تحت اجازت ورتي هوندائين. جيل ۾ جن به قيدين وٽ ڪو ڪم ڪار يا وقت گذارڻ جو ڪو به ٻيو ذريو نه هوندو آهي، پتا، شطرنج ۽ لوڊو انهن جو وندر جو بهترين ذريو هوندا آهن، ان حد تائين جو چوڪين تي ويٺل پوليس وارا به قيدين سان گڏ انهن ئي راندين سان پنهنجو وقت گذاريندا آهن. آئون جڏهن به راند ڪندو آهيان، ته پيش ڪوٽ (چوباز) کان وڌيڪ راند جو اصل مزو انهن ڪمينٽس ۾ هوندو آهي، جيڪي دائود خان اڪثر امداد جي لاءِ ڏيندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن وريام فقير وري صديقي جي لاءِ. مون سوچيو ته اڄ ڪجهه لکان، نه ته وريام فقير ٻيو نه، ته به اهو ضرور چوندو ته، ”ابا ڏٺان، راهو وارو رسالو پورو ٿي ويو.“

ايندڙ سال اليڪشن تائين ۽ ان کان پوءِ ملڪ جو سياسي منظر ڇا وڃي بيهندو ۽ ان جي شڪل ڇا هوندي، ان تان ڪي پردا گذري 23 مهينن اندر کڄي چڪا آهن ۽ ڪي آهستي آهستي ايندڙ 13 مهينن ۾کڄندا رهندا. نه ان جي شڪل ڪالهه واضع هئي ۽ نه اڄ واضع آهي، پر گذريل 23 مهينن دوران حڪمرانن جي کنيل قدمن ۽ آئيندي امڪاني کڄندڙ قدمن مان ان جو ڌنڌلو عڪس ڪنهن حد تائين واضع ٿي ويو آهي.

12 آڪٽوبر 1999ع تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو نه ئي هن ملڪ جي تاريخ ۾ نئون ۽ ڇرڪائيندڙ واقعو هو ۽ نه ئي هن ملڪ جي عوام لاءِ ڪا نئين ۽ تعجب خيز ڳالهه هئي. ها البته پاڪستان جي مختصر تاريخ ۾ اهڙن ئي واقعن ۾ هڪ وڌيڪ باب جو اضافو ضرور هو. پاڪستان جي عوام لاءِ نه جنرل پرويز مشرف جي حڪومت ڪا پهرين فوج حڪومت آهي ۽ نه ئي ڪو اهو پهريون واقعو آهي، جنهن ۾ ڪنهن جنرل يا ڪنهن ماتحت پنهنجي سربراهه يا محسن جو تختو اونڌو ڪري ان کي پنهنجي انتظامي ڪاررواين جو شڪار بنايو هجي. ملڪي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي.

جنرل پرويز مشرف ميان نواز شريف سان اهو ئي ڪيو، جيڪو غلام محمد سان، ايوب خان اسڪندر مرزا سان، يحيٰ خان ايوب خان سان، جنرل ضيا الحق ذوالفقار علي ڀٽي سان ۽ فاروق لغاري بينظير ڀٽو سان ڪيو پاڪستان تي سدائين اصل حڪمراني سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسي ڪندي رهي آهي. ملڪ جي شروعاتي تاريخ ۾ ئي آهستي آهستي انهن اقتداري ايوانن ۾ پنهنجون پاڙون پختيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون هيون.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سست ئي، قائد اعظم جي رحلت بعد، سياستدانن جو موقعو پرستي اقتدار پرستي ملڪ جي سياسي بنيادن کي کوکلو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ان وقت اقتدار ماڻيندڙ سياستدانن ۽ اقتدار جي لاءِ واجهائيندڙ سياستدانن پنهنجي اقتدار کي برقرار رکڻ يا حاصل ڪرڻ لاءِ پاٽي، جمهوري ادارن يا عوام تي ڀاڙڻ بجاءِ ڊرائنگ روم سياست، سازش ۽ بيورو ڪريسي تي انحصار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ووٽ ذريعي قائم ٿيل ملڪ کي سياسي حڪمراني اٺن سالن تائين ڪو به آئين نه ڏئي سگهيا. پاڪستان جي شروعاتي سالن ۾ ئي سياسي حڪمرانن سياسي تنظيم، جمهوري ۽ ملڪي ادارن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ بجاءِ انهن کي پنهنجي سياسي حوس پرستيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن سياسي حڪمرانن ملڪي بيورو ڪريسي کي پنهنجي سياسي مفادن خاطر استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن انهن رياستي ادارن تي پنهنجي سياسي ڪمزوري ظاهر ڪري ڇڏي. پهرين ته بيورو ڪريسي سياستدانن جي مفادن جي تڪميل لاءِ استعمال ٿيندي رهي، پر آهستي آهستي حڪومت ۽ سياسي تنظيم ۾ بيورو ڪريسي جو اثر رسوخ وڌندو ويو ۽ ڪجهه سالن جي اندر ئي اهو وقت اچي ويو بيورو ڪريسي سياستدانن کي پنهنجي آڱرين تي هلائڻ لڳي.

ملڪ غلام محمد ان ئي طاقتور بيورو ڪريسي جي نمائندن طور سامهون آيو، جيڪو نظام حيدر آباد دکن جي مال خاني جي نگراني مان ملڪ جي گورنر جنرل جي عهدي تي اچي پهو ۽ لڳ ڀڳ چار سال پوري ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جو ڌڻي رهيو. سندس حڪم کان سواءِ پکي به پر نه هڻندو هو. اڌ رنگ جي مرض ۾ ورتل ان گورنر جنرل، جنهن جي ڳالهه به سندس ليڊي سيڪريٽري کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي سمجهه ۾ نه ايندي هئي، ان جي آڱرين جي اشاري تي ڪيئن حڪومتون ڊهيون ۽ ٺهيون.

محمد علي بوگره، جيڪو آمريڪا ۾ سفير جا فرائض انجام ڏئي رهيو هو، ان کي تان کڻي اچي رات جو پيٽ ۾ وزير اعظم جي گاديءَ تي ويهاريو ويو. تنهن کان پوءِ چوڌري محمد علي جيڪو آڊٽ ائنڊ اڪائونٽ سروس آف انڊيا يا ملازم هو، ان کي وزير اعظم بنايو ويو، جنهن جي وقت ۾ ملڪ جي عوام کي ون يونٽ جو ڳٺ ڳچيءَ ۾ وڌو ويو. مٿان وري سون تي سهاڳ ٿي جنرل اسڪندر مرزا آيو، جنهن سياست ۾ فوج جي ڪردار کي زبردست هٿي ڏني ۽ سڌو سنئون فوج جي حڪمراني قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.

12 آڪٽوبر 1999ع تي ٿيل واقعن تي جيڪڏهن ٿورڙي به نظر ڦيرائي، ته اهو صاحب نظر ايندو ته ان ڏينهن جيڪو ڪجهه به ٿيو، اهو فقط 12 آڪٽوبر جي تاريخ تي ٿيندڙ واقعن جو نتيجو ۽ رد عمل نه هو ڇا جيڪڏهن  جنرل پرويز مشرف کي ان ڏينهن تي وزير اعظم برطرف نه ڪري ها ته، اهو فوجي انقلاب نه اچي ها؟

هاڻي اڳ ڳالهه عالم آشڪار آهي، ته انهن ڏينهن تي جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ان کان گهڻو ڪجهه اڳي بنجندڙ حڪمت عمليءَ جو ڊراپ سين هو. 12 آڪٽوبر تي ٿيندڙ واقعن ۽ ان جي پس منظر ۾ گهڻو اڳ بنجندڙ حڪمت عملي جون جيڪڏهن ڏوريون سيرڻ شروع ڪبيون ته انهن جو ڇيڙو گهٽ ۾ گهٽ گذريل ٻن ڏهائين ۾ ٿيندڙ سياسي اُٿل پٿل ۽ ان ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار ۽ حڪمت عملي جي چوڌاري گهمندو نظر ايندو. اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن به عوامي قيادت کي حڪمرانن قبول نه ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪن حالتن تحت عوامي قيادت کي اقتدار منتقل ڪيو به ويو، ته اهو به اڻ مڪمل ۽ لولو لنگڙو اقتدار آهي.

پهرئين ڏينهن کان وٺي ان جي خلاف سازش جو سلسلو شروع ڪيو ويندو آهي. ايوب خان جي طويل آمريت جي نتيجي ۾جيڪو سياسي بحران پيدا ٿيو ۽ جڏهن اصل طاقتن محسوس ڪيو ته هاڻي ايوب خان جي چهري اقتدار کي بچائڻ ناممڪن آهي، ته پنهنجي وقت جو فيلڊ مارشل جنرل جنهن جو نالو ۽ وزنائتي شخصيت ڌر ڌڻين جي اقتدار لاءِ 10 سالن تائين ڇٽيءَ (Umbrella) جو ڪم ڏيندي رهي، پر جڏهن انهيءَ جي شخصيت انهن جي اقتدار لاءِ استحڪام ڏيڻ بجاءِ نقصانڪار ثابت ٿيڻ لڳي، ته ان جو نعم البدل جنرل يحـﻰ خان ٿي ويو ۽ معزول ٿيل صدر ۽ اڳئين فيلڊ مارشل جنرل، جنهن 11 سال پوري ملڪ تي تن تنها حڪمراني ڪئي هئي، تنهن کي آخري چند ڏينهن ايوان صدر ۾ رهڻ جي اجازت به نه ڏني وئي ۽ کيس جنرل يحـﻰ خان جي اسٽاف آفيسر جنرل پيرزاده ذريعي آگاهه ڪيو ويو ته سندس ايوان صدر ۾ موجودگي عوام ۾ اشتعال جو سبب بنجي سگهي ٿي، ان ڪري هڪدم ايوان صدر خالي ڪيو وڃي.

جنرل يحـﻰ ۽ ان جا حواري آخري دم تائين به انهن سازشن ۾ مصروف رهيا، ته ڪنهن حالت ۾ اقتدار حقيقي عوامي نمائندن ڏانهن منتقل نه ٿئي. جنرل يحـﻰ، جيڪو محض چونڊون ڪرائي اقتدار عوامي نمائندن جي حوالي ڪرڻ لاءِ آيو هو، اهو مختلف بهانن ذريعي پوڻ ٻن سان تائين چونڊون ڪرائڻ کان لنوائيندو رهيو ۽ ان دوران بيورو ڪريسي جي مدد سان اهي سازشون ڪندو رهيو، ته عوامي سياسي پارٽيون اليڪشن کٽي نه سگهن، پر سندس نام نهاد حمايتي ۽ مدديافته اميدوار ڪاميابي ماڻين ته جيئن سندس شڪل ۾ اسٽيبلشمينٽ جو اقتدار قائم ۽ دائم رهي.

جڏهن ڊسمبر 1970ع ۾ پاڪستان جون بالغ راءِ دهي جي بنياد تي پهريون عام چونڊون ڪرايون ويون، ته نتيجا حڪمرانن جي لاءِ حيران ڪندڙ ثابت ٿيا. مشرقي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي 169 اسيٽن مان مجيب الرحمان جي عوامي ليگ 167 سيٽون کڻي آئي، جڏهن ته مغربي پاڪستان جي قومي اسيمبليءَ جي 131 سيٽن مان ذوالفقار علي ڀٽو جي پاڪستان پيپلز پارٽي 81 سيٽون کڻي آئي ۽ جنرل يحـﻰ کي پنهنجي اقتدار جو ٻيڙو ٻڏندو نظر اچڻ لڳ. جنرل يحـﻰ ۽ انهي جي ٽيم پنهنجي ٻڏندڙ اقتدار کي بچائڻ لاءِ هٿوراڙيون هڻن شروع ڪري ڏنيون ۽ ان ۾ هو ان حد تائين اڳتي وڌي ويا، جو پنهنجي بادشاهت کي بچاڻ لاءِ پنهنجي هم وطن ۽ هم مذهب بنگالي عوام جو ايترو ته قتل عام ڪيو، جو انهن جو خون پاڻي کان سستو وهڻ لڳو.

اسٽيبلشمينٽ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته اقتدار ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جي مقبول اڳواڻن (Popular Leadership) جي حوالي نه ڪيو ويندو. نيٺ ملڪ کي ٻه اڌ ڪيو ويو. جڏهن ملڪ جي ٻاهرن ڪروڙ عوام تي حڪمراني ڪرڻ جي ڪا به صورت باقي نه بچي تڏهن مغربي پاڪستان جي 5 ڪروڙ عوام تي پنهنجي بادشاهت قائم دائم رکڻ لاءِ ست ڪروڙ بنگالين کي علحدگي جو رستو ڏيکاريو ويو. پاڪستان جي مقتدر قوتن کي ملڪ جي پيدائش کان ئي اهو احسان شدت سان هو، ته ملڪ جي اندر جڏهن به عوام جمهوري راڄ آيو ته انهن جي لاءِ اقتدار تي پنهنجي بالادستي قائم رکڻ ناممڪن بنجي پوندي.

جيڪڏهن اوڀر پاڪستان ۽ مغربي پاڪستان جا ننڍا صوبا پاڻ ۾ گڏجي پون ها ته اسان جي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ، جنهن جو گهڻو تعلق اسان يج هڪ صوبي سان آهي، ان کي ملڪ تي تاحيات حڪمراني ڪرڻ جو خواب ڪڏهن به پورو ٿيندو نظر نٿي آيو. جنهن جو اندازو رڳو ان ننڍي مثال مان لڳائي سگهجي ٿو، ته جڏهن اپريل 1949ع ۾ ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي باڊي جون اليڪشنون ٿي رهيون هيون، ته ان ۾ چوڌري خليق الزمان کي چيف آرگنائيزر ۽ صدر چونڊيو ويو ۽ نائب صدر عبدالله باقي کي چونڊيو ويو. مٿئين ٻنهي رهنمائن جو تعلق بنگال يعني اوڀر پاڪستان سان هو. هڪ هڪ جوائنٽ سيڪريٽري اوڀر پاڪستان ۽ سنڌ مان کنيو ويو، سرحد جي يوسف خٽڪ کي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ۽ پنجاب جي واحد گڏيل نمائندي عبدالباري کي سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي ڳري شڪست آئي. مسلم ليگ جي پوري باڊي ۾ پنجاب کي ڪا به نمائندگي نه آهي.

اها ٻي ڳالهه آهي ته اقتداري قوتن کان اها صورتحال گهڻو ڏٺي نه ٿي ۽ ڏيڍ سال جي اندر مهاجر عنصر کي استعمال ڪندي چوڌري خليق الزمان کان سازش ذريعي استعفيٰ ڏياري وئي ۽ وزير اعظم لياقت علي خان ملڪ، عوام ۽ پارٽيءَ جي مفادن ۾ پارٽي جي صدارت جو بار به پنهنجي نازڪ ڪلهن تي کڻڻ جي تڪليف ڪرڻ جو اعلان فرمايو.

1971ع ام ڀر پاڪستان ۾ اسان جي پنهنجي عملن جي نتيجي ۾ باغي ٿيل بنگالين ۽ هندستان هٿان، اسان جي ملڪ جي عسڪري وقت شڪست کائي چڪي هئي. ملڪ ٻه ٽڪرا ٿيڻ کان پوءِ بچيل پاڪستان جي ڪامورا شاهي جي چيلهه چٻي ٿي چڪي هئي. قويم معيشت تباهه ٿي چڪي هئي. ملڪ بين الاقوامي طور اڪيلائپ جو شڪار هو. ان وقت فقط ڪا عوامي طاقت ئي ٿي سگهي ٿي، جيڪا ملڪ کي ان خطرناڪ ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿي يا وري پٽ پيل مقتدر قوتن جي وجود جو وسيلو بنجي سگهي ٿي. بالادستي قوتن کي اها چمڪ فقط ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪرشماتي شصيت ۾ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن کي نيو يارڪ مان سڏي اقتدار جي مسند تي ويهاريو ويو ۽ ان کي ملڪ جو پهريون سويلن مارشل لا ايئڊمنسٽريٽر هئڻ جو اعزاز به بخشيو ويو.

ان کان سوا3 هنن وٽ ٻي ڪا چونڊ يا رستو به نه هو. 1970ع ۽ 1971ع دوران ٿيندڙن ڪيترن ئي موقعن ۽ واقعن جي ڪار فرما ٿيڻ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو موقف اڪثريتي جمهوري قوتن بدران مقتدر قوتن سان هم آهنگ رهيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي شروعاتي دور ۾ ڪجهه سالن تائين اسٽيبلشمينٽ ڪمزور ۽ دٻيل رهي ۽ ڀٽو انهن تي حاوي رهيو. پر آهستي آهستي اها پنهنجو پاڻ مضبوط ڪندي رهي ۽ ڀٽي جو گهيرو تنگ ٿيندو ويو.

1974ع ۾ سرحد ۽ بلوچستان ۾ چونڊيل حڪومت ختم ڪري، مري ۽ مينگل سردارن ۽ بلوچ قبيلن جي خلاف فوج ڪشي ڪئي وئي. جنرل ضيا الحق جو ٽولو ذوالفقار علي ڀٽو جي لاءِ استعمال به ٿيندو رهيو، پر آئيندي جي لاءِ پنهنجو رستو به صاف ڪندو رهيو. مارچ 1977ع جي عام چونڊ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ايتري مقبوليت هئي، جو هو سادي اڪثريت آرام سان کڻي اچي پئي سگهيو. پر انهن چونڊن ۾ ڀٽو حڪومت جي هٿان ايتريون ته ڌانڌليون ۽ زبردستي ڪرائي وئي، جو پاڪستان اليڪشني تاريخ ۾ انهيءَ جو مثال ملڻ محال آهي. پي اين اي P.N.A جي تحريڪ جا خالق ئي اهي اصل حڪمران قوتون ۽ آمريڪا هئا. ڀٽي تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ مخفي قوتن جي مشوري تي آئين ۾ ترميم ڪري جبري مارشل لاءِ لڳائڻ جو بل قومي اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو ۽ ائين خود ئي مڪمل مارشل لاءِ جو رستو صاف ڪري ڏنو.

ذوالفقار علي ڀٽي جو وفادار، خامد ۽ پيارو جنرل ضياءُ الحق، جنهن کي، ڇهن جنرلن کان مٿي کڻي ڀٽي چيف آف آرمي اسٽاف بنايو هو، اهو ڀي کي برطرف ڪري ملڪ جون نئون سربراهه ٿي ويٺو ۽ ڀٽو فقط، (بروٽس تون به) جا لفظ ئي چئي سگهيو ٿي.

مسلسل عوامي دٻاءَ ۽ 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ جي نتيجي ۾ جنرل ضيا ۽ ان جي ٽيم لاءِ اڪيلو حڪمراني ڪرڻ ناممڪن بنجي ويو، ته انهن اقتدار ۾ حصداري (Power Sharing) جو فارمولو تيار ڪيو، جنهن تي 1985ع جي نام نهاد غير جماعتي چونڊن ذريعي عمل ڪيو ويو، پر اصل اقتدار تي جنرل ضيا ئي قابض رهيو.

جڏهن 1980ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ افغان صورتحال ۾ ايندڙ تبديلي آئي، ته نين حالتن ۾ جنرل ضياءَ جو ڪردار انهن جي لاءِ غير ضروري ٿي پيو. پهرين ته پاڪستاني حڪومت آمريڪي پاليسي جي مزاحمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي، پر نيٺ کيس آمريڪي مفادن اڳيان گوڏا کوڙڻا پيا.

مئي 1988ع ۾ اوجهڙي ڪئمپ وارو واقعو ڄڻ ان سلسلي جي ڪڙي هو. افغانستان ۾ سوويت يونين ۽ افغان حڪومت سان وڙهڻ لاءِ آمريڪا افغان مجاهدين کي پاڪستان ذريعي بي پناهه هٿيار ۽ بارود ڏيندو رهيو هو. ان بارود جو ايترو ته سستو ۽ کلي عام وڪرو ٿيو، جو اهو نه رڳو پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتو، پر ان جو ايران عراق جنگ ۾ به کلي عام استعمال ٿيو. ان دور ۾ هٿيارن، منشيات ۽ آمريڪي امداد جو ڌنڌو ايترو ته چوٽ چڙهيل هو، جو نه رڳو ڪيترائي افغاني پناهگير امير ٿيا، پر ان وقت جنرل ضياءَ ۽ ان جي ڪجهه ساٿين جو شمار به ارب پتين ۾ ٿيڻ لڳو.

جنرل ضياءَ الحق جي حياتيءَ ۾ آمريڪي رسالي ٽائيم پنهنجي هڪ شماري ۾ انڪشاف ڪيو، ته پاڪستاني انتظاميا جا ڪجهه اعليٰ عهديدار هٿيارن ۽ منشيات جي ناجائز ڪاروبار ذريعي ارب پتي ٿي ويا آهن. رسالي پنهنجي رپورٽ ۾ انهن جا نالا کڻي انهن کي دنيا جا امير ترين عهديدار ليکيو ۽ انهن جي ملڪيتن جا تفصيل ڏنا. پاڪستاني حڪومت ٽائيم رسال جي ان شماري جون ملڪ جي اندر آيل تمام ڪاپيون ضبط ڪري ڇڏيون ۽ ان تي پابندي مڙهي ڇڏي

1988ع ۾ نين حالتن جي نين تقاضائن موجب آمريڪا ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ جنرل ضياءَ هڪ بوجهه کان وڌيڪ ڪجهه به نه هو. نيٺ يارهن سالن تائين ملڪ تي بدترين ڊڪٽيٽر شپ مڙهندڙ ”مرد حق، مرد مؤمن ۽ اميرالمؤمنين“ کي الله کي پيارو ڪيو ويو.

جنرل ضياءُ الحق ته موڪلائي ويو پر انهي پنهنجي يارهن سالا دور ۾ جيڪو سياسي ڪلچر پئدا ڪيو، اهو زنده رهيو ۽ ان ئي فارمولا تحت گذريل يارهن سالن جي نيم جمهوري دور تي ملڪي اسٽيبلشمينٽ اصل حڪمراني ڪندي رهي. جڏهن 1988ع جون اليڪشنون ٿيون، ته چونڊ جي نتيجين ۾ بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽي ملڪ جي وڏي پارلياماني پارٽي ٿي سامهون آئي، پر کيس پارليامينٽ ۾ سادي اڪثريت به نصيب نه ٿي سگهي ۽ حڪومت ٺاهڻ لا پي پي کي ٻين پارٽين ۽ گروپن تي ڀاڙڻو پيو. ان کان پوءِ به بينظير ڀٽو کي مشروط اقتدار جي آڇ ڪئي وئي، جيڪا هن خوشيءَ وچان ٻنهي هٿن سان قبول ڪئي.

هڪ ڳالهه واضع هئي، ته ان وقت ملڪ جي مقتدر قوتن بينظير ڀٽو کي اقتدار خوشي سان به، پر حالتن ۽ مصلحتن جي پيش نظر ڏنو هو، ڇو ته انهن وٽ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هو ۽ ٻيو ته پي پي جي عوامي قوت کي به ٽوڙڻ جو اهوئي رستو هو. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي ۽ جنرل ضياءَ الحق جي يارهن سالا جبر ۽ تشدد جي نتيجي ۾ پي پي پي جي مقبوليت ۾ جيڪو زبردست اضافو ٿيو هو، ان ۾ جنرل ضيا جي حڪومت سڀني ڪوششن جي باوجود به ڪا گهٽتائي آڻي نه سگهي هئي.

هاڻي اهو ئي طريقو هو ته پي پي کي حڪومت ڏئي ان جي اثر کي گهٽايو وڃي. اصل قوتون ان وقت وڏي بحران جو شڪار ٿين ها جيڪڏهن بينظير ڀٽو صبر کان ڪم وٺندي مشروط اقتدار وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ها، پر بينظير ڀٽو جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي چڪو هو، هوءَ 11 سال اقتداري قوتن سان مقابلو ڪندي ٿڪجي پئي هئي ۽ ان وقت هن جي منزل اقتدار هئي، چاهي اهو ڪهڙي به شرط تي ملي! ان جي لاءِ هن انهن قوتن ۽ فردن سان ٺاهه ڪيو، جن جو ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح هٿ سمجهيو ٿي ويو.

بهرحال 1988ع جي چونڊن کان پوءِ بينظير ڀٽو ۽ اصل حڪمران قوتن هڪ ٻئي کي مصلحتاً قبول ڪيو ۽ اقتدار ۾ حصيدار ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ صدر، وزير اعظم ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي ٽرائيڪا نمودار ٿي، جيڪا پنهنجي پنهنجي حدن جي اندر حڪمراني ڪندي رهي. گذريل ياهن سالن وارو جمهوري دور در اصل ان ٽرئيڪا جي وچ ۾ اقتداري ڇڪتاڻ جو دور آهي ۽ ان ڇڪتاڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ مختلف وقتن تي پنهنجا مختلف ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. جڏهن بينظير ڀٽي جو پهريون دور آيو، ته ان وقت اقتداري ساهمي ۾ بينظير جو پڙ هلڪو ۽ جڏهن ته سامهون وارو پڙ ڳرو هو، ڇو جو وزير اعظم جي مقابلي ۾ ساهميءَ جي سامهون واري پڙ ۾ اقتداري ٽرائيڪا جي ٻن ڪردارن يعني صدر ۽ آڙمي چيف جو وزن هو. ستت ئي بينظير ڀٽو کي اهو احساس ٿيو هوندو ته سندس ورتل مشروط اقتدار، جنهن ۾ هن ڪامورا شاهي جي مضبوطي نمائندي غلام اسحاق خان کي صدر ۽ اٺين آئيني ترميم سميت جنرل ضياءَ جون تمام آئيني ترميمون قبول ڪيون هيون، گهڻو جٽادار ثابت نه ٿيندو.

وڏي صوبي پنجاب ۽ بلوچستان جون حڪومتون بينظير ڀٽو جي هٿن مان نڪتل هيون ۽ آهستي آهستي حالتن ان طرف رخ ڪيو جو ٿوري ئي وقت ۾ وفاقي حڪومت بلڪل بيوس نظر اچڻ لڳي. پي پي پي جي طاقتن جو بنيادي مرڪز سنڌ هو ۽ ان جي خلاف ميدان جنگ به سنڌ کي بنايو ويو. ان وقت P.P.P سياسي طرح اڪيلائپ جو شڪار ٿي چڪي هئي. آمريت جي دور ۾ جيڪي پارٽيون جمهوري جدوجهد ۾ پي پي جو ساٿ ڏينديون رهيون هيون، بينظير انهن مان هٿ ڪڍي چڪي هئي ۽ هاڻ سندس اقتدار اسٽيبلشمينٽ تي منحصر هو.

اندروني سنڌ جي اندر ڌاڙيلن ۽ ڪراچيءَ ۽ حيدر آباد جي اندر دهشتگردن جون جهڙوڪر متبادل حڪومتون قائم ٿي چڪيون هيون. عوام جنهن جمهوريت جي لاءِ ضيائي مارشل لا جو 11 سال مقابلو ڪيو هو ۽ قربانيون ڏنيون هيون، ان جو ايڏو ڀيانڪ تصور ڪڏهن سوچيو به نه هو. بينظير ڀٽو اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجو 11 سالا جمهوري ڪردار يڪسر تبديل ڪري ڇڏيو ۽ ان ئي اسٽيبلشمينٽ جي هڪ اوزار بنجي  وئي جنهن جي جي خلاف لڙائي جي هوءَ هڪ علامت (Symbol) بنجي چڪي هئي. ملڪ جي عوام کي جمهوريت جو ڪو به ثمر نصيب نه ٿيندو. سنڌ جو عوام ته ان حد تائين بدظن ٿي ويو، جو هن حڪومت ۽ عوامي نمائندن کان نوڪريون، ترقياتي ڪم ۽ ٻين روزمرهه جي مسئلن جي حل جي گهر ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني. سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن جي ماڻهن جي فقط هڪ ئي گهر وڃي بچي، ته امن امان ٿئي ۽ جان جي پناه ملي. جنهن پارٽي ۽ ليڊر جي مقبوليت ۾ جنرل ضياءُ الحق جي يارهن سالن جون پاليسيون ڪا به ڪمي نه آڻي سگهيون، پنهنجي دور ۾ هڪ پي پي مان جنرل ضياء چار پيپلز پارٽيون ٺاهيون، پر اهي سڀ حربا، سندس تشدد، جبر ۽ لالچون، بينظير ڀٽو جي مقبوليت ۾ گهٽتائي جي بجاءِ اضافي جو سبب بنجنديون رهيون ۽ هن جي صحت تي ڪو به اثر نه ڪري سگهيون، ان کي ملڪ جي مخفي قوتن پنهنجي نئين حڪمت عملي تحت ناڪام حڪمران ۽ غير مقبول اڳواڻ بنائي ڇڏيو ۽ فقط 18 مهينن جي اندر کيس اقتدار جي ڪرسيءَ تان هٽائي هيٺ اڇلايو ويو، ته پوري ملڪ جي اندر ڪٿي به ڪنهن مزاحمت ۽ احتجاج جو ڪو ڏس پتو به نظر نه آيو.

ٻيو ته ٺهيو پر سن، جيڪا پي پي پي جي قوت جو محور هئي، اتي به ڪنهن قسم جو احتجاج نه ٿيو. مرڪز ۽ صوبن ۾ نگران حڪومتون قائم ڪري، 1990ع جي اليڪشن ۾ پنهنجون من پسند اسيمبليون آڻڻ جي تياري شڙوع ڪئي وئي. چونڊ جي نتيجي ۾ مرڪز ۾ آءِ جي آءِ جي حڪومت قائم ٿي ۽ صوبن ۾ ڪٿي آءِ جي آءِ، ته ڪٿي مخلوط حڪومتون قائم ڪيون ويا ته ايندڙ اليڪشن ۾ نواز شريف ڪڏهن به اقتدار ۾ نه ٿو اچي سگهي ۽ کيس اچڻ ئي نه ڏنو ويندو. اهي دوست ڳالهه ٻولهه ۾ جيڪڏهن نواز شريف تي وڏا مهربان ٿيندا هئا ته ان کي وڌ ۾ وڌ 50 سيٽن تائين آڻي بيهاريندا هئا، پڪ سان چيو ويندو هو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪا به اڪثريتي پارٽي نه ايندي پر ننڍن ننڍن گروپن جي شڪل ۾ اسيمبلي سامهون ايندي. جڏهن 1997ع جي چونڊن جا نتيجا سامهون آيا، ته انتهائي حيران ڪندڙ هئا. نواز شريف جي مسلم ليگ اڪيلي سر قومي اسيمبليءَ ۾ (ٻه ڀاڱي ٽي) اڪثريت کڻي آئي.

1997ع جي اليڪشن ۾ ميان نواز شريف جي ايڏي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ ڪجهه حلقن ۾ ان وقت به زير بحث هو ۽ اڃان تائين آهي. ڪن جو اهو خيال هو، ته اهو هٿرادو ڏياريل ڳرو مينڊيٽ آهي، ته ڪن ان کي انجنيئرڊ اليڪشن جو نالو ڏنو. حالتن مان اها ڳالهه صاف هئي ته نواز شريف ان وقت اسٽيبلشمينٽ جو پسنديده نه هو. ان جو تجربو هو پهرين ڪري چڪا هئا ۽ هنن سمجهيو ٿي ته جيڪڏهن پنجاب جي ليڊر کي ايتري اڪثريت ملي وئي، ته هو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو.

ميان نواز شريف جي ايتري اڪثريت ۾ اچڻ جا جيڪي ڪجهه سبب ٿي سگهن ٿا، انهن مان هڪ مک سبب ملڪ جي وڏي پارٽي پي پي پي جو مڪمل ناڪام ٿيڻ هو. وڏي صوبي پنجاب کي پاڪستان جي تخليق کان پوءِ پهريون ڀيرو اهڙو ليڊر مليو هو، جنهن کي ننڍن صوبن ۾ به پذيرائي حاصل هئي ۽ پنجاب 1997ع جي چونڊن ۾ ميان صاحب کي زبردست ڪاميابي ڏني. ان صورتحال ۾ سندس مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي و، ته سنڌ ۾ 1988ع ۽ 1990ع جي چونڊن ۾ پنجاب جي ڪنهن ليڊر جو پوئلڳ هجڻ به حرام ۽ اميدوار جي لاءِ هڪ گار سمجهيو ويندو هو. اندرون سنڌ ۾ اهڙا اميدوار جن جو تعلق جيڪڏهن آءِ جي آءِ سان هو، ته اهي وڏي واڪ ان جي ترديد ڪندا هئا ۽ ان جي حمايت يافته  اميدوار هجڻ جو اعلان ڪرڻ جي همت نه ڪري سگهندا هئا. ان ئي پنجاب جي ليڊر کي 1997ع جي اليڪشن ۾ سنڌ جي اندر ٽيون نمبر پوزيشن حاصل ٿي ۽ کيس 10 قومي اسيمبلي جون ۽ 15 صوبائي اسيمبليءَ جون سيتون حاصل يون. سنڌ جي چونڊن جي اندر نه ته نگران حڪومت جي پاران ۽ نه ئي طاقتور ڌرين جي پاران نواز ليگ کي ڪا حمايت حاصل رهي ۽ نه ئي ان قسم جي ڪا به سرگرمي ڏسڻ ۾ آئي.

جيڪڏهن اڃا به ڪنهن صحيح حڪمت عملي تحت چونڊ لڙي وڃي ها، ته صوبائي اسيمبليءَ ۾ پي پي پي جون 15 کان 20 سيٽون وڌيڪ گهٽجي سگهيون ٿي، اِهي سيٽون آهن جتي پي پي پي جي کٽيل اميدوارن جي کنيل ووٽن کان ان جي مخالفت ۾ پيل ووٽن جو تعداد زياده آهي، پر ووٽ هڪ کان وڌيڪ اميدوار ۾ ورهائجڻ سبب پي پي پي کي ڪاميابي حاصل ٿي. مختصر ته 1997ع جي چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي نه چاهيندي به اقتدار نواز شريف جو مقدر بنجي ويو!.

هن سڄي صورتحال ۾ هڪ ڳالهه صاف ظاهر اچي ٿي ته 1990ع کان وٺي اسٽيبلشمينٽ حڪومتون ڊاهڻ ۽ ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. ان جي لاءِ هنن هر طريقو استعمال ڪيو آهي: مذهبي فرقيواريت، فساد، قتل عام، لساني نفرتون ۽ امن امان جي صورتحال بگاڙڻ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ سڀ کان وڌيڪ ته ملڪ جي سياستدانن ۽ سياسي تنظيمن کي وقت آهر پنهنجو مهرو بنائي هڪ ٻئي خلاف استعمال ڪرڻ. اصل قوتون ملڪ جي مقبول ليڊرن کي سندن حڪومتن دوران انهن جي ساک (Image) کي تباهه ڪري کين عوام جي اندر ذليل ۽ خوار ڪري اقتدار جي مسند تان دستبردار ڪرڻ ۾ ڪامياب وينديون رهيون آهن.

ان سڄي عمل ۾ انهن سازشن ۽ جوڙ توڙ جا شڪار ٿيندڙ سياستدان پاڻ به برابر جا شريڪ رهيا آهن. اقتدار پرستي جو حوس کين سندن ئي خلاف ٿيندڙ عمل جو حصو بنائيندي رهي آهي. بينظير جا ٻئي دور، پر خاص طرح سندس پويون دور ان جو واضع مثال آهي. جڏهن ته نواز شريف پهريون دفعو جڏهن اصل قوتن جي نمائندي طور وزير اعظم ٿي آيو، ته سندس پهرئين دور جي خاتمي وقت سندس سياسي ساک ۽ مقبوليت پهرين کان وڌيڪ هئي، پر جڏهن ٻيو دفعو عوامي طاقت جي زور تي عوامي نمائندو ٿي حڪمران بنيو، ته سندس لهڻ وقت صورتحال قطعي مخالف هئي. ڪجهه پاليسين ذريعي کيس ايترو ته نقصان پهچي چڪو هو جو ايتري مثالي اڪثريت کڻي ايندڙ ليڊر کان جڏهن اقتدار کسيو ويو، ته ڪو وڏو عوامي رد عمل سامهون نه آيو! جنهن کي جنرل پرويز مشرف جي ٽولي پنهنجي عوامي حمايت جو نالو ڏنو. پر صورتحال ائين نه هجي. بجا طور تي جمهوريت جو تختو اونڌو ڪرڻ وقت عوام ڪنهن فوري غصي ۽ ردعمل جو ته اظهار نه ڪيو، پر ڪٿي ائين به نه ٿيو، ته لک ته ٺهيو پر ڪنهن جڳهه تي ڪو هزارن جي تعداد ۾ به ماڻهن ٻاهر نڪري قابض حڪمرانن کي ڀليڪار به ڪيو هجي يا خوشيءَ جو اظهار ڪيو هجي، سواءِ چند سياسي جماعتن جي ڪجهه ڪارڪنن جي، جن جون خوش فهميون جلد مايوسيءَ تي نظر ثاني ڪري، تبديل ڪرڻي پئي.

هڪ طرف ته اصل قوتون اهو کيل ڪاميابيءَ سان کيڏنديون رهيون، پر ٻئي طرف هر نين چونڊن جي نتيجي ۾ کين ناڪاميءَ جو منهن ٿي ڏسڻو پيو. سندس مرضيءَ مطابق چونڊ نتيجا نه اچڻ سبب سندس خواهش مطابق حڪومتون تشڪيل نه ٿي رهيون هيون. سندس تمام هيرا ڦيريون، فساد، ڊراما ۽ سازشون عوام جو رخ تبديل ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ويون هيون. اهوئي سبب  آهي جو گذريل يارهن سالن جي نيم جمهوري دور ۾ نئين جمهوري حڪومت جي سلي ڦٽڻ کان ئي اصل طاقتون ان حڪومت جي پويان ڪات ڪهاڙا کڻي پئجي ٿي ويون. حالانڪه پورا 11 سال پردي پويان اهي قوتون ئي حڪومت ڪنديون رهيون آهن.

1988ع ۽ 1993ع ۾ بينظير کي اقتدار ڏيڻ جي وقت کان ئي کيس لاهڻ جي تياري شروع ڪئي وئي هئي. ساڳيءَ طرح نواز شريف جي پهرئين دور ۾ شروعاتي سال سوا ڇڏي، تنهن کان پوءِ کيس اقتدار مان ڪڍڻ جي پروگرام جو هوم ورڪ شروع ٿي چڪو هو. ساڳيءَ طرح فيبروري 1997ع ۾ نواز شريف جي ڪرسيءَ تي ويهڻ سان ئي سندس خلاف سازشون شروع ٿي چڪيون هيون. اڃا نواز شريف کي وزير اعظم ٿئي ٽي مهينا مشڪل سان ٿيا هوندا، ته اسان ڪجهه دوست ڪٿي ڪچهريءَ ۾ ويٺا هئاسين، اتي مسلم ليگ سان لاڳاپيل هڪ ٻه دوست ٻيا به گڏ هئا. اتي هڪ دوست، جنهن جو تعلق ڌر ڌڻين سان گهڻو آهي، ان سان ليگين کي مخاطب ٿيندي چيو ته، ”توهان جي حڪومت ته سيپٽمبر آڪٽوبر ۾ ختم ٿي ويندي!“ هن انتهائي اعتماد سان اها ڳالهه ڪئي.

مون پڇيومانس، ته ڇا ايم ڪيو ايم حڪومتي اتحاد مان الڳ ٿي ويندي؟ اسان سڀني دوستن جو توجهه سنڌ حڪومت طرف ويو، جو اها اسيمبليءَ ۾ متحده قومي مومينٽ جي آڌار تي هئي. هن دوست جواب ڏنو ته”ايم ڪيو ايم جي وڃڻ يا نه وڃڻ جو ڪو مسئلو آهي ئي ڪو نه!“ اسان مان ڪنهن دوست چيس: ٻيو ته سنڌ حڪومت کي ڪو به خطرو ڪونهي. هن همراهه هڪدم وراڻيو ته ”اوهان سنڌ حڪومت جي ڳالهه پيار ڪريو، توهان جي سڀ کان پهرين ته اسلام آباد جي حڪومت ويندي!“ هن ذڪر ڪرڻ جو مقصد فقط ايترو آهي ته با اثر حلقن ۾ ان وقت ئي اهي ڳالهيون شروع ٿي چڪيون هيون. جيتوڻيڪ ان وقت عام طرح اهو سمجهڻ ڏکيو پئي لڳو ته پنجاب جو وزير اعظم جيڪو هيڏي وڏي اڪثريت کڻي آيو هجي، ان کي هڪدم گهر ڀيڙو ڪيو ويندو! پر پوءِ دنيا ڏٺو ته 1997ع جي آخر ۾، جڏهن ميان نواز شريف کي اقتدار آئي اڃا 8-9 مهينا مشڪل سان ٿيا هئا ته هن خلاف زبردست عدالتي بحران کڙو ڪيو ويو، جنهن ۾ هن جي حڪومت جو تختو ويندي ويندي بچيو. ان سڄي واردات ۾ ميان نواز شريف جي مخالف قوتن پنهجن ٻن مهرن يعني صدر فاروق احمد لغاري ۽ چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه کي استعمال ڪيو. ان وقت ملڪي ۽ سياسي حالتون نواز شريف جي ايترو خلاف نه هيون، جنهن سبب هنن جو اهو عمل بيوقتو ثابت ٿيو ۽ ناڪاميءَ جي صورت ۾ هنن کي پنهنجي ٻنهي مک ڪردارن جي قرباني ڏيڻي پئي.

ميان نواز شريف پنهنجي ٻئي دور ۾ ڪجهه جرئت مندانه (Bold decisions) فيصلا ڪيا، جن مان ڪي منفي، ته ڪي مثبت هئا. هڪ ته آئين جي آرٽيڪل 52/B جي خاتمي ذريعي صدر جي اسيمبليون ٽوڙڻ جا آئيني اختيار ختم ڪري هن ملڪ ۾ مضبوط ۽ مستحڪم پارلياماني ۽ جمهوري نظام قائم ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم کنيو. ٻيو فلور ڪراسنگ جو قانون پاس ڪرايو، جيڪو سياسي پارٽين کي موقعي پرست لوٽا ڪريسي کان آجو ڪرڻ طرف هڪ مثبت قدم هو. اهي ٻئي اهڙا هٿيار هئا، جن کي اصل قوتون پنهنجي چڱ مڙسي ۽ بالادستي قائم رکڻ جي لاءِ ڪجهه سياسي ڌرين جي حمايت ۽ مدد سان مخالف سياسي پارٽين خلاف استعمال ڪنديون رهيون هيون.

نواز شريف جي ڪچن ڪئبينيٽ انهن ماڻهن تي مشتمل هئي، جن مان گهڻن جو پس منظر سياسي نه پر ٽيڪنوڪريٽ هو ۽ ميان صاحب جا اهي ئي ماڻهو Policy Makers (ڪرتا ڌرتا) هوندا هئا. تجربي ثابت ڪيو ته ”اهي ماڻهو نواز شريف کان وڌيڪ ٻين جا وفادار هئا. انهن نواز شريف کان اهڙائي فيصلا ڪرايا، جيڪي هن جي نقصان جو سبب بنيا. شريعت بل جو نفاذ، ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائڻ، سنڌ جي اندر گورنر راڄ، فارين ڪرنسي اڪائونٽ بند ڪرڻ، ملڪ جا ڪيترائي سول ادارا سڌو سنئون غير سولين جي نگراني ۾ ڏيڻ ۽ فوجي ڪورٽون قائم ڪرڻ کان علاوه ٻيا ڪيترائي اهڙا مسئلا هئا، جن ميان نواز شريف جي عوامي ۽ سياسي ساک کي ڌڪ رسايو. عين رٿابندي مطابق نواز شريف آهستي آهستي سياسي طرح مڪمل اڪيلائپ جو شڪار ٿيندو ويو ۽ ٿورڙي ئي وقت ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ متحده قومي مومينٽ جهڙا سندس مک اتحادي کانئسن پنهنجي راهه ڌار ڪري چڪا هئا. سنڌ جي اندر پير صاحب پاڳارو صوبائي حڪومت سان اتحاد ۾ گڏ هو، پر وفاقي حڪومت کان هن شروعات کان ئي پنهنجي وڇوٽي برقرار رکي هئي. سنڌ حڪومت جي خاتمي کان پوءِ اهو ٿورو سياسي ڳانڍاپو به ختم ٿي ويو ۽ پير صاحب پاڳارو، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ ڪجهه ٻيا ننڍا گروپ به حڪومت مخالف ڪئمپ جو حصو بنجي ويا. ان کان اڳي بلوچستان جي اندر مخلوط حڪومت ختم ڪري، مسلم ليگ جي حڪومت قائم ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ کيس مينگل گروپ (بي اين ايم) ۽ ٻين اتحادين جي حمايت تان هٿ ڌوئڻا پيا. ميان نواز شريف جيترو جلد پنهنجو پاڻ کي سياسي تنهائي ۾ آندو، اوتروئي جلد سندس حڪمت عمليءَ سندس مخالفن کي تڪڙو هڪ پليٽ فارم تي جمع ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪيو. يعني عوامي نيشنل پارٽي، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جهڙيون هڪ ٻئي جون ازلي ويري پارٽيون به تمام جلد ميان نواز شريف جي خلاف هڪ ئي ميدان تي جمع ٿي ويون.

ميان نواز شريف جي پوئين دور ۾ معاشي بدحالي جي ڪري نه ئي ته ڪو ترقياتي ڪم ٿيو ۽ نه ئي ڪو نيون ملازمتون ڏنيون ويون. آمريڪا جي ناراضگي سبب آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي پابندين سبب معيشٽ جي حالت ڳنڀير رهي. ان کان علاوه ميان نواز شريف کي جيترو اڪثريتي مينڊيٽ مليو هو اوترو ئي ماڻهن جون اميدون به تمام گهڻيون هيون ۽ اهي پوريون نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ عوام ۾ مايوسي به اوترو جلد پکڙجڻ شروع ٿي. ملڪ جي غير سياسي حڪمرانن قوتن جي پيداوار هوندي به نواز شريف پنهنجي ٻنهي دورن ۾ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هن پنهنجو ڪردار ڪٺ پتلي (Puppet) وزير اعظم طور ادا نه ڪيو. هو ملڪ جو پهريون ليڊر هو، جنهن انتظاميا جي سڀني ڪوارٽرز سان سڌ ويڙهه کاڌي. هن سان ويڙهه جي نتيجي ۾ ئي ملڪ جي ٻن صدرن، هڪ چيف جسٽس ۽ هڪ آرمي چيف کي گهر ڀيڙو ٿيڻو پيو.

اسان جي ملڪ جي ٻن قوتن يعني مقتدر يعني مقتدر قوتن ۽ عوامي سياسي قوتن جي وچ ۾ هميشه کان ٽڪر هلندو پيو اچي. ميان نواز شريف ملڪ جي اصل طاقتن سان ته ٽڪر ۾ هئو ئي پر هو ان کي (Counter) ڪرڻ جي لاءِ سياسي طاقت کي پاڻ سان گڏ نه رکي سگهيو. سياسي طاقت جا ٻه حصا هئا، هڪ هن جي پنهنجي عوامي مقبوليت ۽ اڪثريت ۽ ٻيو سياسي اتحادي قوتون. 1997ع جي آخر ۾ نواز شريف جي خلاف آندل عدالتي بغاوت جي ناڪام ٿيڻ جا ٻيا ڪهڙا به سبب ڏنا وڃن، پر انهيءَ جو مک سبب نواز شريف جي اڃان عوامي مقبوليت جو برقرار رهڻ ۽ سندس اتحادي قوتن خاص طرح اي اين پي، ايم ڪيو ايم، پي اين پي ۽ بي اين ايم جو پوري عدالتي بحران دوران هڪ جسم هڪ جان وانگر نواز شريف سان گڏ هجڻ هو.

ان عدالتي بحران دوران، جنهن کي پس پرده ٻين قوتن جي مڪمل تائيد ۽ حمايت حاصل هئي. ڪيترائي اهڙا لمحا آيا جن ۾ اهو سمجهيو پئي ويو، ڄڻ نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي چڪي آهي. صدر مملڪت جيڪو آئين جي تيرهين ترميم جي ذريعي 58/2B جي خاتمي کان پوءِ فقط رسمي سربراهه مملڪت وڃي بچيو هو ۽ ايوان صدر ويران ٿي چڪو هو. ان بحران دوران ايوان صدر جون رونقون ٻيهر بحال ٿيڻ شروع ٿي ويون ۽ اهم ادارا اهو تاثر ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا هئا ته طاقت جو مرڪز هڪ ڀيرو وري ايوان صدر بنجي ويو آهي.

ان غير يقيني واري صورتحال ۾ به انتظاميا نه ته نواز شريف جي پارٽيءَ جي اندر ذرا برابر به ڦوٽ وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪنهن حڪومت جي اتحادي کي ٽوڙڻ ۾ ڪامياب وڃي سگهي. نتيجي ۾ ناڪامي ۽ رسوائي جي صورت ۾ ان مهم جي ٻن مک ڪردارن کي استعفائون ڏيڻيون پيون. پر ان جو مطلب اهو هر گز نه هو ته ڪو اصل طاقت پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري، خاموشي اختيار ڪري ورتي هئي. پر هنن پنهنجي ڪم جاري رکيو ۽ آخر ٻن سالن کان پوءِ يعني آڪٽوبر 1999ع ۾ پنهنجي مشن Mission کي ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪيو.

1999ع جي شروعات کان ئي اهي افواهه هلندا رهيا ته نواز شريف اڄ ٿو وڃي يا سڀاڻي. باخبر ماڻهو ڪچهرين ۾ بي ڌڙڪ اهو اظهار ڪندا هئا ته نواز شريف جي حڪومت ضرور هن سال ويندي. پوءِ ڇا ٿيندو يا نواز شريف ڪهڙي ڪهڙي طريقي سان ڪڍيو ويندو، ان جو جواب انهن ماڻهن وٽ به نه هوندو هو. البت ايترو ضرور چيو ويندو هو ته مارشل لا نه لڳندي. پير صاحب پاڳاري ته 12 آڪٽوبر کان ڪيترا مهينا اڳ چئي ڇڏيو هو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي آخر جولاءِ 1997ع (77-7) هئي ۽ جنرل ضياءَ الحق جي آخر آگسٽ 1988ع (88-8) هئي ۽ نواز شريف جي سيپٽمبر 1999ع (99-9) آهي. مطلب ته 12 آڪٽوبر 1999ع تي جيڪي ڪجهه ٿيو، اهو ڪو اچانڪ ۽ بحالت مجبوري نه هو، پر ان تسلسل جو هڪ حصو هو، جيڪو پاڪستان جي اندر جمهوري حڪومتن يا مقبول عوامي قيادتن سان ٿيندو آيو آهي.

اسان جي ملڪ ۾ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيندو رهيو آهي جو اسان وٽ شروعات کان ئي ادارن کي مستحڪم نه ڪيو ويو، بلڪ اسان وٽ جيڪي به سياسي ۽ غير سياسي حڪومتون آيون، اهي پنهنجي ۽ پنهنجي حڪومتي مفادن خاطر ادارن کي ڪمزور ڪري استعمال ڪنديون رهيون. ڪا به اهڙي حڪومت نه آئي، جنهن پنهنجي شخصي يا حڪومتي مفادن کي بلاءِ تاڪ رکي پارليامينٽ، جمهوريت، عدليه، پريس ۽ ٻين ادارن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جو سوچيو هجي يا ان طرف ڪي قدم کنيا هجن. اسان جا ادارا حڪومت وقت جي گهر جو لونڊي جو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن ۽ وقت جي حڪومتن جو توجهه فقط پنهنجو اقتدار بچائڻ ۽ انهيءَ کي ڊيگهه ڏيڻ طرف رهندو آيو آهي.

اسان جو ملڪ اڄ جنهن سياسي ۽ معاشي عدم استعمال جو شڪار آهي ۽ جن ٻين انيڪ مسئلن جو شڪار بڻيل آهي، انهي جو مک ڪارڻ يقينا اسٽيبلشمينٽ آهي پر انهيءَ ۾ سياستدانن ۽ عدليه کي به بري الذمه (ذميواري کان آجو) قرار ڏئي نٿو سگهجي. ملڪ تي جڏهن سياسي حڪومتن کي موقعو مليو ته انهن به جمهوريت ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪم نه ڪيو. رڳو پنهنجي شخصيت حڪومت کي بچائڻ لاءِ عوام ۽ ملڪ جي مستقبل کي داءَ تي لڳائيون رهيون. سياسي جماعتون پنهنجي اقتدار کي بچائڻ ۽ ڊگهو ڪرڻ يا اقتدار حاصل ڪرڻ جي جدوجهد کي ئي پنهنجو اصل مقصد سمجهنديون رهيون ۽ ان مقصد خاطر اصولن سميت، جمهوري، عوامي ۽ ملڪي مفادن کي به قربان ڪنديون رهيون.

سياستدان ۽ سياسي پارٽيون اقتدار حاصل ڪرڻ يا اقتدار بچائڻ جي ڪشمڪش ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ايجنڊا تحت ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي ۾ هڪ ٻئي جي خلاف استعمال ٿينديون رهيون ۽ ان صورتحال ۾ مون کي اڄ به ڪو وڏو فرق محسوس نٿو ٿئي. پاڪستان جي تاريخ ۾ ملڪ جي شروعات سياسي تاريخ کي ڇڏي پوءِ سياسي قوتن کي چند اهڙا موقعا ميسر ٿيا آهن جو اهي ملڪ جا سياسي بنياد مستحڪم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ رهيون آهن ۽ اهي فيصله ڪن مرحلا هميشه ملڪ تي ڊگهي آمريت جي خاتمي جي وقت ئي پيدا ٿيا آهن.

مثلاً: ملڪ جي شروعاتي سياسي دور جو اختتام ڊگهي ايوبي آمريت جي شروعات تي ٿيو، جنهن جو انجام ملڪ ٽٽڻ جي صورت ۾ سامهون آيو. جنهن جي نتيجي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ هو ان پوزيشن ۾ هو جو باقي بچيل پاڪستان کي سياسي استحڪام ڏياري سگهي ها. ان وقت پاڪستان ٻه اڌ ٿي چڪو هو. ملڪ جنگ ۾ شڪست کائي چڪو هو، هڪ لک فوجي هندستان وٽ يرغمال بنيل هئي. اولهه پاڪستان جا ڪيترائي علائقا دشمن فوج جي قبضي ۾ هئا. ملڪ سياسي، معاشي ۽ معاشرتي بحران مان گري رهيو هو. جنهن تي فقط سياسي قوتون ئي فتح حاصل ڪري ٿي سگهيون.

ان دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي اڇي ڪاري جو ڌڻي ۽ ملڪ جي اقتدار جو بنا ڪنهن شرڪت جي مالڪ رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو مڪمل طرح ان پوزيشن ۾ هو جو هو اهڙا فيصلا ۽ پاليسيون اختيار ڪري سگهيو پئي، جو ملڪ جي عسڪري قوت توڙي انتظاميا هميشه سياسي قوتن جي تابع رهي، پر هو ائين نه ڪري سگهيو يا ڪرڻ ۾ ناڪام ويو. ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي غير معمولي صلاحيتن، عوامي قيادت واري قدرتي ڏات ۽ کيس ميسر سازگار حالتن کي ملڪ جي جمهوري سياسي استحڪام لاءِ استعمال نه ڪري سگهيو يا ائين کڻي چئجي ته هو پنهنجي اقتدار جي استحڪام کي ئي ملڪي سياسي استحڪام سمجهندو رهيو. ڀٽي اقتدار سنڀالڻ کان پوءِ تڪڙو ئي جمهوري اصولن کي نظر انداز ڪندي ملڪ جي ٻين سياسي قوتن سان جهيڙو شروع ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ هن کي انتظاميا ۽ عسڪري ادارن جو سهارو وٺڻُ پيو.

اهوئي ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ اهم موڙ (Turing Point) ثابت ٿيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڀٽو ڪمزور ۽ انتظاميا ۽ ٻيا ادارا مضبوط ٿيندا ويا. تان جو سندس آخري وقت ۾ سندس اقتدار انهن جي مرهون منت وڃي بچيو ۽ هو پاڻ به عوامي قوتن بجاءِ انهن تي ڀاڙڻ لڳو. ايترقدر جو ”عوام طاقت جو سرچشمو آهي“ وارو عوام جون دليون کٽيندڙ نعرو لڳائيندڙ ذوالفقار علي ڀٽو اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويو ته ”آئون ته ڪمزور آهيا، پر منهنجي ڪرسي ڪمزور نه آهي.“

ٻيو موقعو ان وقت آيو، جڏهن جنرل ضياء جي ڊگهي ڊڪٽيٽر شپ جو انت آيو. 1988ع واريون عام چونڊون اهو معرڪو هو جيڪو مسلسل يارهن سال عوامي حڪمراني جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ قوتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ٿيڻو هو، ان جي نتيجي ۾ ٺهندڙ حڪومت فيصله ڪن مرحلو هئي. انهن چونڊن جي نتيجي ۾ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزير اعظم ته بڻجي وئي، پر اهو مرحلو اسٽيبلشمينٽ جي فتح ۽ عوامي قوتن جي شڪست ثابت ٿيو. ان وقت جيڪڏهن بينظير ڀٽو اسٽيبلشمينٽ جي شرطن تي اقتدار قبول نه ڪري ها ته ٿوري عرصي جي لاءِ ته اقتدار کان محروم رهي ها، پر ان طويل فيصلي ڪن جدوجهد جو خاتمو ائين نه ٿئي ها.

1988ع جي چونڊن ۾ بينظير ڀٽو کان سواءِ جيڪا حڪومت ٺهي ها، اُها شايد چند مهينا ئي هلي سگهي ها ۽ اقتدار وري گهمي ڦري بينظير ڀٽو جو مقدر بنجي ها ۽ اهو وڌيڪ جٽادار ۽ با اختيار هجي ها پر بينظير ڀٽو مقتدر قوتن جي تمام شرطن تي اقتدار قبول ڪري جمهوري سياسي قوتن جي پاران انهن جي حق حاڪميت کي هميشه جي لاءِ تسليم ڪري ورتو ۽ پوءِ اهو کيل مسلسل يارهن سال جاري رهيو.

ٽيون مرحلو هاڻي آيو آهي، جڏهن سياسي قوتن کي فيلو ڪرڻو آهي، ته آيا اهي آخري قطعي فيصلو (Once for all) ڪرڻ چاهين ٿا ته هن ملڪ تي عوامي سياسي قوتن کي حڪمراني ڪرڻي آهي يا پردي پويان لڪل غير سياسي حڪمران طاقتن کي يا هو ڪئي ٻلي وارو کيل جاري رکڻ چاهين ٿا. سياستدانن کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي، ته آيا هو اقتدار جي لاءِ عوامي قوتن تي ڀاڙڻ چاهين ٿا يا اسٽيبلشمينٽ جو ٽول (Tool) بنجي ان جي وسيلي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. اها ذميواري هونئن ته سڀني سياستدانن تي عائد ٿئي ٿي، پر ان ۾ مک ڪردار عوامي پذيرائي رکندڙ ليڊر (Mass Popular Leadership) کي ئي ادا ڪرڻو آهي. غير مقبول پارٽيون، اڪثر پريشر گروپز ۽ شخصي قوتون ته يقيني طور تي اسٽيبلشمينٽ جي بي گروپ وارو ڪم ڪنديون رهنديون، پر جيڪڏهن عوام ۾ مقبوليت رکندڙ پارٽيون پاڻ ۾ متحد ٿي وڃن ته عوامي قوتن جي حق ۾ فيصلي ڪن ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.

ايندڙ سال جي آڪٽوبر اليڪشن جي حوالي سان حڪومت انهيءَ ساڳئي مسئلي ۾ ڦاٿل ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جيئن اڳئين اليڪشن ۾ رهي آهي: يعني چونڊ دوران پنهنجا گهربل نتيجا حاصل ڪري سگهڻ. اها ڳالهه ته بلڪل واضع آهي ته موجوده حڪومت کي ڪو به اهڙو فوري خطرو ڏسڻ ۾ نه اچي رهيو آهي، جيڪو سندس اقتدار جي خاتمي جو سبب بنجي. حڪومت کي سندس وفاداريءَ جو مدو پوري ڪرڻ ۾ ته ڪا وڏي مشڪل سامهون نه ايندي، پر آيا ان کان پوءِ سندس تسلسل جي لاءِ بنايل حڪمت عملي ڪامياب ٿيندي يا نه. ان جو سڄو انحصار ملڪ جي سياسي قوتن تي آهي. هيستائين جا جيڪي 23 مهينا گذريا آهن انهن ۾ حڪمرانن کي ڪي قدر ته ڪاميابي حاصل ٿي آهي، پر مجموعي طور تي سندن حڪومتي پاليسين کي ڪا خاص اڳڀرائي حاصل نه ٿي آهي. ننڍين ننڍين پارٽين، ننڍن پريشر گروپز ۽ شخصي انفرادي قوتن جي حڪومت کي حمايت ڪرڻ ته هونئن (Under Stood) آهي. ان کان علاوه جن ٿيندڙ سياسي تبديلين کي حڪومت جي حق ۾ چئي سگهجي ٿو، انهن ۾ هڪ ته حڪومت اي آر ڊي کي ڪافي ڪمزور ڪري چڪي آهي.

پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ”ن“ جي اتحاد سان اي آر ڊي جو جيڪو اڀار (Momentum) پيدا ٿيو هو، ان کي ان وقت ڌڪ لڳو، جڏهن عالمي دٻاءَ تحت حڪومت ميان نواز شريف کي اڻ اعلانيل فيصلي تحت ملڪ کان ٻاهر سعودي عرب موڪلي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ متحده جي اي آر کي کان علحدگي به حڪومت جي ڪاميابي قرار ڏيئي سگهجي ٿو. تنهن کان پوءِ عوامي نيشنل پارٽي جا رستا به الڳ ٿيندا ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. محترمه بينظير ڀٽو اڳيئي خود ساخته جلا وطني تحت ٻاهر آهي. ميان نواز شريف جيستائين ملڪ جي اندر موجود هو تيستائين اڪيلي عوامي قوت طور سياسي جنگ ۾ حڪمرانن لاءِ خطرو بنيو رهيو. ان کي حڪمران ”ڇڏ ته ڇڏئين“ جي فارمولي تحت ملڪ کان ٻاهر ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ميان نواز شريف جي ملڪ جي قيد خاني اندر موجودگي حڪمرانن جي لاءِ سندن بنايل گهٽ نه هئي، جنهن کي لاهڻ کان سواءِ حڪمرانن جي لاءِ سندن بنايل حڪمت عليءَ جي ڪاميابي ناممڪن ٿي پئي ها. حڪمرانن في الوقت پنهنجي ڳچيءَ مان اهو طوق ڪڍڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. ميان نواز شريف جي جلا وطن ٿيڻ کان پوءِ مسلم ليگ ”ن“ جي ٻي  ٽين نمبر جي قيادت کي حڪومت ڪنهن حد تائين ٽوڙڻ ۾ ڪامياب وئي آهي.

ٻي طرف حڪومت پنهنجي غلط پاليسين سبب عوام ۾ غير مقبول ٿي رهي آهي. عوام جي جن به پرتن کي هن حڪومت کان ڪجهه آسرا اميدون هيون. اهي مايوسيءَ ۾ تبديل ٿي رهيون آهن. گذريل تقريباً ٻن سالن جي عرصي کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو، ته اها حالت اڳتي اڃا به وڌيڪ خرابي ڏينهن ئي راغب رهندي. حڪومت جي ان ناڪاميءَ جي نتيجي ۾ بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جي مقبوليت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو.

حڪومت ميان نواز جي پارٽيءَ ۾ مٿين سطح تي ٽوڙ ڦوڙ ڪرڻ ۾ته ڪجهه ڪامياب وئي آهي پر ورڪر ڪيڊر کي ان کان ٽوڙي نه سگهي آهي ۽ نه ئي ان جي عوامي مقبولي کي وڌڻ کان روڪي سگهي آهي. حڪومت جي پاران مقبول عوامي اڳواڻن جي خلاف ڪورٽ ٽرائل، ميڊيا ٽرائل ۽ ٻين انيڪ الزام تراشين ۽ بهتان بازين جي باوجود اهي انهن جي عوامي مقبوليت کي گهٽائي نه سگهيون آهن، الٽو موجوده غير سياسي آمريت انهن جي مقبوليت ۾ اضافي جو سبب بڻي آهي. موجوده حڪمرانن اهو سمجهي ورتو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو کي سڌيءَ طرح چونڊن ۾ حصو وٺڻ ڏنو ويو ته هنن جي حڪمت عملي ڪامياب نه ٿيندي. حڪمرانن جي مجبوري آهي، ته هنن کي چونڊون به ڪرائڻيون آهن، جمهوريت به بحال ڪرڻي آهي ۽ ان ۾ پنهنجا پسند جا نتيجا حاصل ڪرڻا آهن.

 

11/9/2001

30-8 وڳي ڀٽي ۽ گهر وارا ملڻ آيا. ٻنپهرن جو شاهنواز آيو. شام جو 00-5 وڳي ماڙيءَ تان پرچي آئي. ڊاڪٽر مصطفـﻰ سهاڳ ملڻ لاءِ آيل هو. شام جو 14 وارڊ ۾ ويٺا هئا سين ته حاجي ايوب آفريدي آيو ۽ ٻڌايائين ته آمريڪا ۾ جهازن سان حملو ٿي ويو آهي. اسان اتي ئي ان وقت ٽي وي کولي. سي اين اين، بي بي سي ۽ پي ٽي وي ورلڊ ٽريڊ سينٽر ۽ پينٽاگون تي جهازن ٽڪرائي تباهي آڻڻ جي نشريات ٽيليڪاسٽ ڪري رهيون هيون. ان وقت آئون، حاجي صاحب ۽ اسلام الدين شيخ اتي ڪافي ٽائيم تائين ٽي وي ڏسندا رهيا سين. 30-8 وڳي آئون پنهنجي وارڊ تي آيس ته دائود خان بي بي سي ٻڌي رهيو هو. پر هو اڄ تمام گهڻو خوش هو ۽ چيائين ته آمريڪا جي تباهي ٿي وئي ۽ هاڻي پاڪستان جي به تباهي ٿي ويندي. بهر حال آمريڪا ۾ اڄوڪن واقعن آمريڪا ۽ باقي دنيا جي لاءِ گهڻا سوال اڀاري ڇڏيا هئا، جن جو جواب ايندڙ وقت ئي ڏيندو. خاص طور تي آمريڪا انهن واقعن جو ذميوار ڪنهن کي ٿو سمجهي ۽ ان لاءِ ڪهڙو رد عمل ٿو اختيار ڪري.

 

12/9/2001

اڄ ڪورٽ هئي. اڄوڪي تاريخ تقريبا ڏيد مهيني جي وقفي کان پوءِ هئي. ايتري ڊگهي تاريخ جو سبب حج جو هڪ مهيني جي موڪل تي وڃڻ هو. اڄ مون وارو وڪيل محمد يوسف لغاري نه اچي سگهيو هو، جو هو لندن ويل هو. لغاري صاحب چئي ويو هو، ته اڄوڪي تاريخ تي ڪيس جي سلسلي ۾ ڪا به پيشرفت نه ٿيندي، جو مون جج کي Adjournment جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. هونئن اڄوڪي تاريخ تي چار فريم نه ٿي سگهندي. بهرحال جڏهن سڏ ٿيو ته جج صاحب چيمبر ۾ ئي مون تي ۽ وزير عباس تي چارج فريم ڪئي ۽ آئيندي ڪيس هلائڻ لاءِ 27 تاريخ رکيائين ۽ ٽن شاهدن جي لاءِ نوٽس به جاري ڪيا ويا.

اڄوڪي تاريخ تي به ڪافي ماڻهو ملڻ لاءِ آيا هئا، جن ۾ بشير احمد مالح، اقبال عنايت، نور محمد ڏاهري، جان محمد انصاري، غلام مصطفﻰ ميمڻ، مصري ميمڻ، علي احمد جوکيو، چاچا عبدالله راهو، احسان گلاهه، قاسم سميجو، وحيد قادري، خدا بخش ميمڻ، محمد حنيف ميمڻ، رمضان سميجو، عبدالسلام، عزيز ميمڻ منو نظاماڻي، گل محمد آچار سميجو، حاجي لطف، عبدالله راهو، بشير کرل، راجه غلام شبير، عمر شاهاڻي، بلاول خاصخيلي، يوسف جت، ملڪ جاويد، ملڪ فضل، بچل حجام، قربان کوکر، نور محمد، غلام محمد ڀٽي، اسماعيل سميجو، رمضان سميجو، قائم سومرو، اسلم شاهنواز، ڀٽي ۽ ٻيا همراهه آيل هئا.

30-4 وڳي ڪورٽ تان نڪتا سين، ماڙي تي پهتا سين ته اتي I.G نثار مهر، ميجر کوسو، A.S اقبال ديوان ۽ آفتاب کتري اڳ ۾ ئي ويٺل هئا. انهن سان اتي ئي ملاقات ٿي ۽ ڪجهه وقت اتي ويهڻ کان پوءِ سڌو پنهنجي وارڊ تي آيس. ڪورٽ ۽ ماڙيءَ تي يا جيل جي اندر هر جڳهه تي اهوئي بحث هلي رهيو هو، ته آمريڪا تي دهشتگردن جي حملن جي نتيجي ۾ ڇا ٿيندو، سڄي صورتحال ڪهڙو رخ اختيار ڪندي ۽ ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا!؟

 

13/9/2001

وڳي ماڙيءَ تان پرچي آئي، اتي گهر وارا ۽ ڀٽي آيل هئا. 00-1 بجي غلام حيدر انصاري عرف دودو ۽ ٻيا ڪجهه همراهه ملڻ لاءِ وارڊ تي آيا. 30-2 وري ماڙيءَ تي ويس، ته اسلم آيل هو. شام جو 00-5 وڳي وري پرچي آئي. سپرينٽينڊنٽ جي آفيس ۾ ميجر کوسو، D.I.G محمد بچل سانگري، عارب مهر، خان محمد مهر ۽ سپرينٽينڊنٽ راشد سعيد وٺل هئا. ڪجهه وقت انهن سان ڪچهري ٿي. اتي ئي خان محمد ٻڌايو ته انتظار زيدي جو ڪيس ختم ٿي ويو ۽ هو ان مان باعزت بري ٿي ويو آهي. آئون جڏهن ماڙيءَ تان نڪتس ته سڌو 17 وارڊ ۾ ويس، اتي زيدي کي مبارڪباد ڏنم. هن مون کان اهو ئي پڇيو ته توهان کي ڪيئن خبر ملي؟ مون ٻڌايو ته مون کي ماڙيءَ تان خبر پئي، خان محمد ٻڌائي، پرزيدي اڃان به غير يقيني جي صورتحال ۾ هو، ته واقعي خبر صحيح به آهي يا غلط! اتي رئيس ۽ رميش اديسي به هئا. مٿان مصباح ۽ ڪريم به زيدي کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ پهتا. انهن کان نڪري ستار ڏيري ۽ عثمان فاروقي سان مليس، اتي ئي پگانوالا ۽ رئوف قادري به مليا. ساڻن ملي آئون پنهنجي وارڊ تي آيس. وري 14 وارڊ ۾ ويس ته سپرينٽينڊنٽ راشد سعيد، اسلام الدين شيخ، خان محمد حاجي ايوب ۽ ذڪريا غني ويٺل هئا. ڪافي دير تائين اتي ڪچهري ٿيندي رهي.

 

14/9/2001

صبح 30-12 وڳي اقبال عنايت ملڻ لاءِ آيو. جنهن کان پوءِ شاهنواز ۽ لڇمڻ آيا. شام جو 14 وارڊ جو چڪر لڳايم، جتي حاجي ايوب، خان محمد ۽ اسلام الدين سان ڪچهري ٿي.

 

15/9/2001

30-8 وڳي ٻار ۽ ڀٽي آيا. سپرينٽينڊنٽ مون کي ٻڌايو ته توهان کي اڄ اسپتال موڪليندا سين، جتي توهان جي داخلا ٿيندي. آئون وري ڊپٽي امان الله نيازي وٽ آيس، جنهن ٻڌايو ته مون C.M.O کي توهان جو چئي ڇڏيو آهي، اڄ توهان اسپتال ويندا. آئون وارڊ تان ٿي وري فضل الاهي ميمڻ C.M.O وٽ ويس، جنهن اسپتال جي لاءِ منهنجا ڪاغذ ٺاهي سپرينٽينڊنٽ کي موڪليا. شام جو 00-4 وڳي اسلم آيو، جنهن ٻڌايو ته اسان توهان کي اسپتال مان ڳولي وري هيڏانهن آيا آهيون. مون ٻڌايومانس ته گارڊ نه آيو آهي، جنهن ڪري نه وڃي سگهيا سين. هاڻي ايندو ته ٺيڪ آهي، نه ته وري سومر تي اسپتال وڃڻ ٿيندو. شام جو واڪ ڪرڻ کان پوءِ ٻاهر ئي حاجي ايوب آفريدي ۽ خان محمد سان ڪچهري ٿي.

 

16/9/2001

اڄوڪو ڏينهن موڪل جو هو، حسب دستور ڪيڏانهن وڃڻ ڪو نه ٿيو. سڄو ڏينهن وارڊ تي پتا کيڏيندي يا اڄ ڪلهه جي گرم موضوع يعني آمريڪا، پاڪستان ۽ افغانستان جي مسئلن تي ٽيڪا ٽپڻيءَ ۾ گذريو. هن سڄي معاملي ۾ هونئن ته ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون اچي رهيون هيون. 11 سيپٽمبر تي آمريڪا ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي حوالي سان هر گهڙي نيون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ۽ ماڻهن جي توجهه جو مڪرز فقط هو موضوع ئي هو. ماڻهو پنهنجي ٽي وي تي مووي چينلز يا اسپورٽس جا چينلز نه، پر فقط BBC ۽ CNN ئي ڏسي رهيا هئا. هن سڄي مسئلي ۾ بنياد پرست ملن جون همدريون ته لازمي طرح افغانستان ۽ اسامه سان هيون، پر ان کان علاوه ٻي شيءِ جيڪا هڪدم واضع ٿي سامهون آئي، اها ته جهيڙي ۾ ”پٺاڻ“ جون همدرديون ڪلي طرح ”افغانستان“ سان هيون، چاهي اهو ڪهڙي به سياسي جماعت يا مذهبي فرقي سان تعلق رکندو هجي.

ساڳيءَ صورتحال جيل ۾ به هئي. هتي موجود پختونن ۾ به افغانستان لاءِ همدردي ۽ آمريڪا جي لاءِ نفرت جو اهوئي جذبو جهلڪي رهيو هو، جيڪو ڪنهن تمام بنياد پرست ملان ۾ ٿي سگهيو ٿي. هتي ان ڪيفيت ۾ مون ڪيترائي اهي پٺاڻ ڏٺا، جيڪي مسلمان ته ضرور آهن پر انهن جو بنياد پرستي ۽ ڪٽرپڻي ۾ ملان ازم سان ڪو پري جو واسطو به ڪونهي.

 

25/9/2001

17/9/2001 کان 24/9/2001 تائين جناح اسپتال ۾ رهيس. ڪلهه شام جو آئون جيئن ئي اسپتال کان جيل پهتو هئس، ته مون جلدي محسوس ڪيو ته هاڻي وري هڪ اڌ ڏينهن ضرور معمول بحال ٿيڻ ۾ لڳندو حالانڪه آئون اسپتال ۾ ڪو گهڻو عرصو نه رهيو هئس، فقط 8 ڏينهن لڳڻا هئا ۽ اسپتال به اڌ جيل جي برابر هوندي آهي پر ڪيترين ئي ڳالهين ۾ اسپتال کان وڌيڪ جيل بهتر محسوس ٿيندو آهي. اسپتال جي بن ماحول کان جيل جي رهائش ۽ کلي هوا گهڻي بهتر آهي. جيل ۾ مختلف وارڊن ۾ ماڻهو سڄو ڏينهن پيو گهمي يا مختلف وارڊن ۾ سڄو ڏينهن پيا ماڻهو اچن ۽ وڃن. ائين پورو ڏينهن ڪچهريون ۽ ڊاڙ ٺڪاءَ پيا هلن ۽ ڪنهن به وقت ماڻهو بور نٿو ٿئي، جيڪا شيءِ اسپتال جي ماحول ۾ مهيا نٿي ٿي سگهي. اسپتال ۾ قيدي کي جيڪي ٻه وڏا فائدا ٿين ٿا، اهي هڪ ته ڪيڏيءَ مهل به ڪنهن سان ملي سگهجي ٿو ۽ ٻيو فون ذريعي ڪيڏي مهل به ڪنهن سان به رابطو ڪري سگهجي ٿو، انهن ٻن آزاديءَ جي احساسن ڪري اسپتال ۾ جهڙوڪر اڌ جيل جون پابنديون گهٽجيو وڃن.

اڄ 30-2 وڳي اسلم ملڻ آيو، جنهن ٻڌايو ته ضمانت جي درخواست، جيڪا اڄ رکيل هئي، وري 2/10 تي رکي وئي آهي، جيڪو سرڪاري وڪيل وقت گهريو. 00-4  وري ٻيا مهمان ملڻ لاءِ آيا، جن سان ڊپٽِ جي آفيس ۾ ئي حال احوال ٿيا. شام جو ذڪريا غني ٻڌايو ته سندس ڪمپيوٽر آيو هو، پر ڊپٽي سپرينٽينڊنٽ واپس ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ هن وٽ ڪورٽ جو اجازت نامو به آهي. مون پڇيومانس، تو ڳالهايو ڪنهن سان هو؟ چيائين ته سپرينٽينڊنٽ سان. مون چيومانس، ”پوءِ ڪيئن پهچندو؟ جنهن سان توکي ڳالهائڻ کپوندو هو، ان سان تو ڳالهايو ڪو نه، سڀاڻي ڊپٽيءَ سان ڳالهائجانءِ.“ ذڪريا غني چيو، مون سپرينٽينڊنٽ سان ڳالهائي ڇڏيو آهي. ان چيو آهي ته، سڀاڻي گهرايو، توهان کي پهچي ويندو. چيومانس، اهو وري به نه پهتو.

 

26/9/2001

00-11 وڳي وزير عباس ملڻ آيو. ٻئي ڏينهن تي ڪيس رکيل هو، سو ڪجهه ڪاغذن بابت ڳالهائڻ آيو هو. 30-2 وڳي ٻار ملڻ آيا. ذڪريا غني جو ڪمپيوٽر آيو، جيڪو ڊپٽي سپرينٽينڊنٽ ڪمپيوٽر روم ۾ رکائي ڇڏيو. ۽ ذڪريا کي چورائي موڪليائين، ته توهين استعمال ڪرڻ چاهيو ته اتي يعني ڪمپيوٽر روم ۾ استمال ڪري سگهيو ٿا، باقي وارڊ ۾ ڪمپيوٽر رکڻ جي اجازت ڪو نه ڏيندس.

جنهن کان پوءِ ذڪريا وڃي ڊپٽي سپرينٽينڊنٽ امان الله نيازي سان ڳالهايو، ته ان شام جو ڪمپيوٽر اسان واري وارڊ تي پهچي ويو. ٿوري دير ۾ ذڪريا غني جي ”ڪميڻي ٽيم“ يعني ڪريم الله ۽ حسن ڪميپوٽر انسٽال (Install) ڪرڻ لاءِ پهچي ويا.

اڄ ڪورٽ هئي. 30-10 وڳي ڪورٽ تي پهتا سين. اڄ ڪيس هلڻو هو، پر يوسف لغاري جي نه پهچڻ سبب ڪيس نه هلي سگهيو. جج رياض ڦلپوٽو وڏي تياريخ نه ڏني ۽ پهرين تاريخ تي وري ڪيس رکيو. اڄ ڪورٽ تي سليمان ڏاهري، پرويز رانجها، شاهنواز، ڀٽي، دودو ڏيانگ، خير مهيري،، چانڊيو، منو نظاماڻي، شيرل نظاماڻي، جان محمد انصاري، علي احمد جوکيو، نور محمد، عبدالله، فدا، نور محمد ڏاهري، مرتضـﻰ راهو، خدا بخش ميمڻ، سرور جويو، اسلم سائينداد سمون، لڇمڻ، منشي ابراهيم، قاسم مير جت ۽ ٻيا همراهه آيل هئا.

اڄ اسان جڏهن شام جو قيدي کڻڻ واري ڪورٽ موبائل ۾ واپس اچيرهيا هئا سين، ته اسان سان گڏ فضل الله صديقي جي ساٿ ۾ ٽي همراهه گاهي خاصخيلي، نصير محمد مري ۽ هڪ ميگهواڙ به گڏ هئا. اهي ٽيئي احتساب جي ڪيس ۾ هئا. ٽنهي جي اها حالت هئي جو نه ته کين سولو ڪپڙو پهريل هو، نه ئي پيرن ۾ ڪا جتي، تمام مسڪين ماڻهو هئا. انهن ٽنهيءَ تي الزام ٻن ٻن لکن جي اندر هو. هو مٿن الزام لڳايل رقم ڀري آزاد ٿي سگهيا ٿي، پر ويچارن جي اها سگهه نه هئي جو پئسا ڀري سگهن. هنن ويچارن وٽ ايترا ٻه ٽي هزار به نه هئا جو ڪو اڀرو سڀرو وڪيل ڪري عدالت کي قسطن ڪرائڻ جي درخواست ڏئي سگهن.

اسان جي ملڪ جو احتساب هاڻي اتي اچي پهتو آهي جو اربن ۽ کربن جي ڦر لٽ ڪرڻ وارا ته هنن کي ڏس ۾ نٿا اچن، اتي احتساب جون اکيون بند ۽ ڪن ٻوڙا آهن، پر هنن مسڪينن ۽ غريبن کي، جن سان خود ٺڳي ٿيل آهي، تن کي ٻڌي ڪراچيءَ جي جيل اندر اچي واڙيو ويو آهي. ٻڌجي ڪراچيءَ کڄي اچڻ کان اڳ هنن ماڻهن ڪڏهن ڪراچيءَ جو شهر به ڪو نه ڏٺو هو. ڪاش! بين الاقوامي ۽ اسان جو ملڪي ميڊيا هنن اٻوجهه، مسڪين ۽ نماڻن چهرن کي ڏسي سگهي ها، جيڪي پوليس جي موبائل ۾ پنهنجي سامهون موجود هئا، ته انهن جو ضمير به شايد ڪجهه جهنجهوڙجي ها ۽ ملڪ توڙي دنيا جو عوام ڄاڻي سگهي ها ته جنهن احتساب جو ايترو ڍنڍورو پٽيو پيو وڃي، ان جو شڪار ڪهڙا نه بيوس ۽ لاچار ماڻهو ٿي رهيا آهن. حڪمران دنيا کي پنهنجا انگ اکر ڏيکارڻ لاءِ مسڪين ۽ مصيبت جي ماريل ماڻهن تان به نه ٿا ٽرن. هنن جي ڪل چار چار ايڪڙ زمين هئي، جنهن مان ٻه ٻه ايڪڙ ته ايل بي او ڊي (LBOD) کائي وئي، باقي سندن ٻه ٻه ايڪڙ زمين هي وڪڻندا، ته به حڪومت ۽ نيب جو پيٽ ڀرجي نه سگهندو، جو هي ماڻهو آزادي ماڻي سگهن.

شام جو ٻاهر اڱڻ تي آئون، وريام، فقير، دائود خان، لالو يونس، امداد ۽ صديقي ويٺا هئاسين، ته دائود خان نئون برداشتي رکڻ جو چيو ۽ ٻڌايائين ته ڏاڍو سٺو بورچي آهي. کانئس پڇيو سين ته ڪير آهي؟ ٻڌايائين ته ذات جو ڦلپوٽو آهي، ان تي فقير صاحب رڙ ڪري چيو، لا لا! جي اهو رکيئي، ته راهو صاحب جيڏي مهل به ڪورٽ تان ايندو ته ان بورچيءَ تي جوتن جو زيپٽ هوندو، ان ڪري ان کي ڇڏي ڪو ٻيو ڳولهه.

بند ٿيڻ کان اڳ ۾ 14 وارڊ مان چڪر ڏئي وري 16 ۾ الهڏني ڏاهري سان ملڻ ويس، جنهن سان سندس ضمانت جي باري ۾ حال احوال ٿيو.

 

28/9/2001

30-10 وڳي ماڙي تان پرچي آئي. ويس ته اسلم آيل هو. جمعي نماز کان پوءِ وارڊ تي ويٺو هئس. 00-3 وڳي وري پرچي آئي. ماڙيءَ تي اقبال عنايت سلام ملاقات ٿي، وري جبار سان گڏجي آئون ۽ اقبال عنايت فيڪٽري ۾ امان الله نيازي وٽ ويا سين. شام جو واڪ تي مصباح سان ڪچهري ٿي. مصباح روزانو واڪ ڪندو آهي، جڏهن ته منهنجي واڪ ۾ وچ ۾ بريڪ ٿيندو رهندو آهي. آئون جڏهن به واڪ تي ويندو آهيان، ته مصباح سان گهڻو ڪري ملاقات ضرور ٿيندي آهي. نت نئين صورتحال تي اڪثر منهنجي ۽ مصباح جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي.

مصباح ڪراچيءَ جي واٽر بورڊ جو چيف انجنيئر رهيو آهي، جيڪڏهن سندس سروس بچي وئي (جنهن جا قوي امڪان آهن) ته اڃا 19-18 سال سروس ڪندو. روزمره جي مسئلن کان وٺي قومي ۽ بين الاقوامي مسئلن تي ساڻس تمام سٺي ڪچهري ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي آهي.

 

29/9/2001

صبح جو 30-9 وڳي سپرينٽينڊنٽ وٽ ويس، ساڻس ڪچهري ٿي ۽ طبيعت جو پڇيومانس، جو ڪجهه ڏينهن کان پاڻ چاڪ ڪو نه هو. 00-12 وڳي گهر وارا ملڻ لاءِ آيا. جنهن کان پوءِ غوث بخش مهر ۽ اسلم آيا، انهن سان سپرينٽينڊنٽ جي آفيس ۾ ئي ملاقات ٿي. 00-4 وڳي 16 وارڊ ۾ اسلام الدين وٽ ويس، جو اڄ هن جي ريفرنسز جو فيصلو اچڻو هو. اتي ئي ماڙيءَ تان پرچي آئي، ويس ته لڇمڻ ۽ اسلم آيل هئا. اتي ئي خليل سهتي ۽ احسان ڀٽي سان ملاقات ٿي، جن ٻڌايو ته هو سميع مڱريو کي هتي ڇڏڻ آيا آهن. سميع نيب جي ڪسٽڊي ۾ هو ۽ ٽن مهينن کان پوءِ اڄ کيس جيل ڪسٽڊي ۾ ڪيو ويو هو. اتي سميع به اچي ويو.

00-6 وڳي 18 وارڊ ويس، اتي شعيب بخاري ۽ محمد حسن سان مليس. آئون 17 تاريخ اسپتال ويو هئس، ته ان ڏينهن تي متحده وارن جيل ۾ الطاف حسين جي سالگره جو پروگرام رکيو هو. ان کان پوءِ 20 تاريخ شهيد ڀٽو وارن مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسيءَ جو پروگرام رکيو هو. ٻنهي ڌرين شرڪت جي دعوت ڏني هئي، پر آئون اسپتال جي ڪري نه وڃي سگهيو هئس سو اجھ ان ڪري پهرين متحده جي دوستن وٽ ويس، ان کان پوءِ 22-23 وارڊ ۾ علي سوناري وارن وٽ ويس. اتان حاجي صاحب وارن وٽ 14 وارڊ ۾ آيس، جتان آئون ۽ خان محمد 15 وارڊ ۾ آيا سين. ڪجهه ڏينهن کان خان محمد اهو روٽين ٺاهيو هو، جو 00-8 وڳي ڌاري ذڪريا غني سان سوپ پيئڻ تي ڪمپني ڪندو هو.

 

30/9/2001

اڄ موڪل جو ڏينهن هو، صبح جو ڪيڏانهن وڃڻ ڪو نه ٿيو. ٻنپهرن جي مانيءَ کان پوءِ ڏاهري آيو، ته پتن ڪڏڻ جي ٽورنامينٽ شروع ٿي وئي. ڪجهه وقت کان پوءِ سپرينٽينڊنٽ آيو، جيڪو اندر ڪمري ۾ ذڪريا غني ۽ اسان سان ڪلاڪ ڏيڍ ويٺو رهيو. شام جو ابوبڪر جت ۽ عمر جت وارا آيا. ابوبڪر ٻڌايو ته هو صبح جو سويري آزاد ٿيندو، ان ڪري موڪلائڻ آيو آهي.

 

 

جيل جا ڏينهن، جيل جون راتيون، هوم      

 
 
 
 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >