”ليمو پاڻي“

 

ٺارو نگرناڻي به چڱو شعر ٿو چوي، شاعري ڀٽڪاءُ آهي، ڪجهه ڳولهڻ جي ڪوشش آهي. هن واتا ورڻ ۾ ڪٿي ڀٽڪبو. ڇا ڳولهبو. ڪنهن فلئٽ ۾ رهون ٿا. سک ئي سک آهن. ت0هن به ٿانئيڪو ته ڪو به ڪونهي. آهي ته هِن هُن جي لفظ لفظ کي تڪڻو ۽ پشيمان ٿيڻو. اِهو به ڳولهڻ ۽ ڀٽڪڻ آهي. پنهنجي آسپاس پير پير کڻبو ته ڪو چارو به بڻجي پوندو.

ڪجهه ته نئون ڪر، اڄ جي يگ ۾

 

پوي اثر جـئن دل تــــي گــــهرو.

شانت سمنڊ ڪو ورلي ملندو،

عمر وڏي، ٺارو خــــوش رهــڻو.

 

سانوڻ جون بونون پڄرن ٿيون،

ويٺي ويٺي مـــن ڀٽــــڪي ٿو.

ڳالهه به اچرج جـــــهڙي ٺارو،

اَنگَ اَنگَ جــــو ساز وڄـــي ٿو.

 

شاعري ڪيئن به چوي، نظر سان پروڙِيندو هلندو، ته پر ڪرتيءَ کي سمجهڻ ۽ ٽٽولڻ بلڪل ئي سـؤلو  آهي. پر ڪرتيءَ جي اڱڻ ۾ هر ڪنهن جا ڀاوَ، ڀاونائون به پکڙيون پييون آهن. پاڻ کي پسند هلندا، ته ڪنهن ساز جي لئه ۾ تار بڻجي وڄندا.

 

ٽاريءَ ٽاريءَ ٻورُ آيو،

اُرهن ۾ آئِي ڳـؤراڻِ،

 

ٺارو هِي ڪهڙو اسرارُ،

سَجُ ٻُيِ ڏئي ٿـــو لالاڻ.

پَنڌَ، ڪي موڙَ، ڍنگَ انيڪ، ڪهڙيءَ پر که سان پرکجي، مون کي به ڏانءُ ڪهڙو آهي، جتي ڪٿي ٿاٻڙجندو، لتاڙجندو هلندو آهيان.

شاعر کي سمجهڻ ڏکيو، ڪٿان کان ڪٿي ٿو وڃي پهچي، لفظ ۽ ٻولي سـؤئي اَٿس. ٺاروءَ جي عمر ته ڏاڏي کان ه مٿڀرو، پر ڏاڏي تائين به اجهو پهتو. اکه اُهائي، اَنب چوُسڻ جي.

 

چوسِ چپن کي، سواد وٺي ڏس،

ڪيسر اَنـــب جِي رَسُ آ دلبر.

 

نِميِ کِمِي هلندو ڪر ٺارو،.

ڏاڏي جــو ســـو ڏَسُ آ دلبر.

 

پاڻ سان ٺڳي ڇو ڪجي، وعظ ڇو ڏجن، من کي کولي هلجي، ته ڀلي هر ڪو ليئو پائي وڃي. زندگي فلاسافي نه آهي، درشن آهي. ماپ طور ٺڳي ته ٿيندي ئي ٿيندي، اِها ته آد کان هلندي آئي آهي، ڪنهن نه ڪئي آهي ؟ هِنَ هُنَ کي کوئيندين، يا پاڻ کان پڇندين ؟

مُرڪَ اُنهن جــي ماڻـــي واريِ،

جن جا سڀ ڪم ڪارا آهن.

 

شهر جا سڀ بدماعش ئي ٺارو،

هــــر هنــــڌ نـــــالي وارا آهـــن.

عمر پاڻمرادو ستگر جي در وٽ اچي ٿِي پهچي، اِن وکه کي به معنيٰ آهي، سنتوش ۽ سکه واريِي معنائن کان معنيٰ نه پُڇ.

 

قدرت جـــو قانون اِهـــو ئي،

ستگر جِي سڀ اوٽ وٺن ٿا،

 

ٺارو امرت ويـلو آهــي،

يوگِي پلٿي ماري ويٺا.

 

دلبر جي درشن جو پياسو،

ٺارو مان موڳومل آهيــان.

 

ٺاروءَ جي شاعريءَ جو هيءُ ٻيو مجموعو آهي، پهريون مجموعو اَٿس ”سپون دل جي درياهه جون“ اُن ۾ به غزل هئا. هن ”ڪڏهن به اَچين“ مجموعي ۾ به غزل آهن. سفر وو آهي، درجو ٻاراڻو، پيڙه پختي اَٿس. گهڻو تڻو هندي ماترڪ ڇند ۾ لکي ٿو. ڪي ٿورا غزل علم عروض ۾ به آهن.

 

لَڄَ کي پڻ ڪڏهن ته مغروري،

اَهم جــو ڀاوَ ٿو ڏئي رهنـــڊون،

 

سونهن آهي ڄمڻ مرڻ ٺارو،

پنڌ آهي، جتي وڃِي پهچون.

 

ٺاروءَ جي خوبي، سندس سـؤلي ۽ چست بندش آهي. حَرفَ حَذَفُ نٿو ڪري. لفظ ۽ ٻوليءَ جو ڪٿي به وڙوڪڙ ڪونهي. توهان شعر آرام سان پڙهي ويندا، کڙٻڙ نه، Smooth. ماترڪ ڇند ۾ محفوظ آهي. شعر لکڻ آهي، هر ڪنهن سان رامست ڪندو رهڻ” ڪهڙا ڪهڙا به ماڻهو، مُکڙا ملن. کيڪار سڀني سان ڪندو هلندو  شاعر، توهان به سندس واقف ٿا لڳو. ٺاروءَ کي پڙهندي، جي پنهنجي مُنهنِ مُرڪڪو به ٿعا، ته پوءِ ضرور توهان کي پنهنجي من سان به ڪا واقفت آهي.

 

ٿــــاڌل، رَسُ ۽ ليـــــمو پاڻـــي،

پيئندي مُرڪي ٿِي شرميليِ،

ماٺِ به سُمـــرڻَ وانگ""ر آهي،

گهڙيِ ڪا سُرهيِ ماڻي وٺبي.

 

                ارجن حاسد

 

 

ڪڏهن به اچين ها

 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >