|

پيش لفظ
شاعري اڀياس، مشادي ۽ تصور
جو نچوڙ آهي. اُن بعد سڄاڻ ۽
ذهين شخصن جي صُحِبتُنِ ۾
نکار ايندو آهي.
هي ڪتاب ”ڪڏهن به اچين“ سائين
ارجن حاسد صاحب سان ادبي
بئنڪن ۽ رهنمائيءَ جو نتيجو
آهي، جنهن جو ڪَٿَ پڙهندڙ
اديب ئي ڪندا.
شري واسديو موهي صاحب جي صحبت
مونکي ادبي ڪلاسن ۾ ڪيترن
سالن کان ملندي رهي آهي. مان
اُنهن جو پڻ گهڻو شڪر گذار
آهيان. سالن جا سال بئنڪون
پئي ٿيون آهن، جن ۾ ادبي بحث
پئي ٿيا آهن ۽ گهڻو ڪجهه
پرائڻ لاءِ مليو آهي. چوڻي ۾
ادبي بحث پئي ٿيا آهن ۽ گهڻو
ڪجهه پرائڻ لاءِ ميلو آهي. وڻ
آهي ”جان جيئين تان سکه ئي
سکه.“
هند سنڌ جي نامياري شاعر شري
ارجن حاسد صاحب، ۽ مون هڪ
اُسرندڙ شاعر جي وچـ۾، وڏو
فرق آهي. سَچ پَچ مان هڪ
خوشنصيب شخص آهيان جو مون کي
اهڙي اعليٰ
اديب جي صحبت حاصل آهي.
مان تهدل شڪر گذار آهيان ڀاءُ
ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ ۽
اُستاد برکه شاعر ڀڳوان
”نردوش“ جو جن جي رهنمائي سان
منهنجو پهريون غزلن جو ڪتاب
”سپون دل جون درياه جون“
ڇپيو، انهن ٻنهي صاحبن جو، جن
مون کي ادب جي عالم ۾ آندو
آهي.
مان شڪر گذار آهيان گجرات
سنڌي ساهت اڪاڊميءَ جو جنهن
جي ڪنهن مالي مدد سان هي غزلن
جو مجموعو ”ڪڏهن به اچين“
ڇپيو آهي.
ٺارو گرناڻي
|