پيش لفظ

دنيا جي هر ملڪ، هر ٻوليءَ ۾ ادب جي شروعات شاعري سان ٿي آهي. شاعريءَ جو سلو وري سنگيت جي ٻج مان ئي ڦٽو آهي اسان جي سنڌي ادب جي ابتدا پڻ شاعريءَ سان ٿي آهي ۽ ڳائڻ مان ئي اُن جو سرجن ٿيو آهي.

شاعري جذبي ۽ فڪر جو فني اظهار آهي. هر ڪو تخليقي فن فنڪار جو اندروني تجربو آهي جنهن کي هُو جدا جدا مادي وسيلي سان ظاهر ڪري ٿو. شاعري به هڪ لطيف فنن جو روح ۽ سڀني کان اُتم آهي. شاعري جذبات ۽ محسوسات جي اڻ ڏٺل دنيا آهي. مئٿيو آرنلڊ شاعريءَ جي وصف هن ريت ڏني آهي، ”شاعري بهترين لفظن جي بهترين استعمال جو فن آهي.“ شاعر عوام کي سندن ڳالهايل لفظن ذريعي، جن سان اُنهن جي جذبن جي وابستگي آهي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جدا جدا وقتن تي شاعرن جا خيال، احساس جدا جدا ٿين ٿا ته وري شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظن جو ذخيرو، استعمال جو طريقو ۽ مفهوم به الڳ الڳ ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري شاعريءَ ۾ هر ڪو دور،نون دور، نئين تحرير لفظن جي ذخيري، علامتن ۽ استعارن سان سڃاتي ويندي آهي. شاعر جو ڪم پنهنجي تخليق ۾ تاثر پيدا ڪرڻ آهي. تاثر جذبي جي سچائيءَ تي منعصر آهي. شاعريءَ جو هيءُ پهلو ”هئيت“ سان وابسطه آهي جنهن مطابق نثر ۽ نظم ۾ فرق ڄاڻي سگهجي ٿو. پر اِها به هڪ حقيقت آهي ته شعر نثر کان اڳ جي پيدائش آهي. شاعري هڪ تخليقي فن آهي جيڪو جذبن احساسن، تصور ۽ تخيل کي اظهاري ٿو.

سنڌي نظم جي نج سنڌي لباس واري شاعري مهاڪوي ڪشن چند ”بيوس“ کان شروع ٿي آهي. سائين ڪشنچند تيرٿ داس کتريءَ ”بيوس“ تخلص سان سنڌي شاعريءَ ۾ جا ناموس ڪڍي آهي اها شايد ڪنهن ورلي ئي ڪڍي هجي. سنڌي شاعريءَ کي سنڌي نج لباس پهرائي بيوس شاعري عالم تي وڏو وڙ ڪيو آهي. بيوس شاعري اسڪول مان سرو شري هوندراج ”دکايل“، هري ”دلگير“، پروفيسر رام پنجواڻي وغيره جيڪي شاعر گهڙجي نڪتا اُهي هن فاني دنيا مان لڏي آدي انادي ديش ۾ ٿانئيڪا ٿيل آهن.رام پنجواڻي شاعري سان گڏ ناٽڪ نويس، ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ ناول نويس هو. هن شاعريءَ تي گهٽ قلم آزمائي ڪئي پر دکايل ۽ دلگير، بيوس واري صاف، سٿري سنڌي لباس واري شاعري عوام ۾ مروج ڪري، عام توڙي خاص، ٻنهي ساهتيڪ حلقن ۾ هاڪ ۽ ڌاڪ قائم ڪئي. هنن عوام جي ٻوليءَ جو استعمال ڪري، پنهنجي شعر کي سؤلو ۽ سليش بڻايو. نج سنڌي شاعريءَ کي وڌيڪ اؤج سدا حيات نارائڻ شيام ڏني جنهن کانپوءِ شري ارجن حاسد، ايم. ڪمل، گوورڌن ڀارتي، پرڀو وفا، واسديو موهي،واسديو نرمل، ڀڳوان نردوش ۽ ٻيا شاعر، سنڌي شاعريءَ کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪافي سرگرم رهيا آهن.

هند ۾نارايڻ شيام ۽ سنڌ ۾ شيخ اياز اهڙا شاعر آهن جي سنڌي ٻوليءَ جي سنڌي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف جي سڪ لاهين ٿا.

جيستائين سنڌي قومي شاعريءَ جو سوال آهي دکايل کي ڇڏي، سائين بيوس، دلگير وغيره اڳرا ته آهن پر سنڌ جي قومي شاعريءَ ۾ سائين جي. ايم.سيد، سنڌ جي شاعرن لاءِ اُتساهه جو جهرڻو هئو. انڪري ئي شيخ اياز کان وٺي تاجل بيوس تائين سنڌ، سنڌي ۽ سنڌيت کي کڻي پنهنجي ڌرتيءَ زمين لاءِ قومي شاعري تخليق ڪئي.شري تاجل بيوس سنڌ جي تمام وڏن شاعرن مان هڪ آهي. سنڌي ادب جي آسمان جو هڪ وڏو ستارو آهي سائين جي. ايم. سيد جي سنڌي سنڌوءَ کي ڏنل انوکي، لاجواب، بهترين ڀيٽا تاجل بيوس آهي، جيڪو هن وقت سنڌ جي قومي شاعريءَ ۾ سڀ کان اڳرو آهي. هو سنڌ جيان هند ۾ هاڪارو، لوڪپريه آهي.”سونهن تنهنجي مٿان، سنڌ منهنجي، امان، ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.“ هن جي هر هڪ سنڌي محفل ۾ شدت سان ڳايو ويندو آهي،ڪافي ڌوم مچائيندو آهي.

مذڪوره شاعرن جي نقشي قدمن تي هلڻ جو ساهس ٻين شاعرن به ڪيو آهي ۽ ڪافي ڪامياب به رهيا آهن. جيستائين سنڌي شاعريءَ جو واسطو آهي. سنڌ توڙي هند ۾ سنڌي شاعريءَ جو فصل تمام جهجهي انداز ۾ ٿي رهيو آهي نوان نوان چهرا ۽ نالا وقت به وقت سنڌي شاعريءَ سان جڙندا رهن ٿا.

هاڻي بلڪل ويجهڙائيءَ ۾ شعر و شاعري ڪرڻ وارن ۾، ٻين نون شاعرن ڪوين سان گڏ هڪ نئون نالو به جڙيو آهي سو آهي ٺاروسي گرناڻي. سندس جنم 1939-1-1 تي سنڌ پاڪستان جي نواب شاه ضلعي جي ڳوٺ سعد خان خشڪ ۾ ٿيو آهي.

شيخ اياز جي هڪڙو شعر آهي:

اڄ مون کي اڌ ماني ۽ پورو ڪتاب نصيب ٿيو ”تنهنجو شڪر آهي منهنجا رب!

اِنسان جي زندگيءَ ڪتابن کانسواءِ کوکلي ۽ بي معنيٰ آهي. اسان مان ڪيترائي شخص نوان اديب، شاعر اُها بي معنيٰ زندگي گذاري رهيا آهن. نوان ساهتيڪار،ڪوي سنڌي ادب ۾ گهڙيا ته ضرور آهن پر اُنهن کي ڪتاب، شاعريءَ جا ڪتاب پڙهڻ، اڀياس ڪرڻ جو وقت ئي ڪونهي، پر ٺارو گرناڻي اُنهن خوش نصيب اِنسانن مان آهي جنهن کي ڪتاب جو ساٿ سهڪار مليو آهي هن شدت سان محسوس ڪيو آهي ته ڪتابن قومن کي سڃاڻپ ڏني آهي. ليکڪن،ڏاهن ۽ دانشورن جي نسبت سان قومن جي عزت ۽ مهانتا رهي آهي. هن اديب، شعرن جا ڪتاب لکڻ، ڪوتا رچڻ کان اڳه پڙهڻ ۽ اڀياس ڪرڻ لاءِ ڪتابن کي نه صرف سهارو بڻايو آهي پر شاعريءَ ۾ اڳتي قدم وڌائڻ لاءِ، سنڌيءَ جي نامور شاعر ڀڳوان نردوش کي اُستاد بڻائي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هو اڳتي ۽ اڳتي وڌي رهيو آهي. هن کي پٺتي نهارڻ جي فرصت ئي ڪونهي.

هن اٽڪل ٻن سالن کان شاعري کيتر ۾ قدم رکيا آهن ۽ اندازي سؤ ڏيڍ کن شعر رچي راس ڪيا آهن جن ۾ گيت، غزل، ترائيل ۽ هائڪو اچي وڃن ٿا.پر هن سنڌيءَ جي نام ڪُٺين شاعرن جي غزلن جواڀياس گهرائيءَ سان ڪيو آهي اِن ڪري اڀياس ڪندي هن غزلن تي وڌيڪ قلم آزمائي ڪئي آهي جن کي گڏ ڪري غزلن جو هڪ گلدستو تيار ڪيو آهي جو ڪتاب جي صورت ۾ اوهان اڳيان ”سپون دل جي درياههَ جون“ عنوان سان رکيو آهي.

گرناڻيءَ جي هڪ غزل جو بند آهي،

”وڻي شاعري جا، ڇهي دل کي وڃي ٿي،

ائين شعر ڪيڏا نه شاعر چون ٿا.“

(ص 27)

شايد اِن ڪري ئي ٺارو گرناڻيءَ مؤزون شاعري چوندڙن شاعرن جي شاعريءَ جي اُن ۾ به خاص غزل سنگرهه ۽ ڪي جدا جدا صنفن جا گڏيل ڪوتائن جا ڪتاب پڙهيا آهن.

جن شاعرن کان هو متاثر ٿيل آهي ۽ اُنهن جي غزلن جا قافيه- رديف کڻي غزل رچيا آهن تن ۾ سرو شري ايم. ڪمل، ارجن حاسد، واسديو موهي، واسديو نرمل، ڀڳوان نردوش، کيمن مولاڻي ۽ ڪي ٻيا اچي وڃن ٿا. جن شاعرن کان شري ٺارو متاثر ٿيل آهي اُنهن جو ذڪر هن پنهنجي غزلن ۾ ڪيو آهي.

هن جي هڪ ٻئي غزل جا بند آهن:

”لڳي خوبصورت ٿي ڪيڏي بهار،

نظر دلڪشيءَ سان ملائي ته ڏس.“

”ڪري کير پاڻي جدا هنس جان،

سچائي اها آزمائي ته ڏس“ (ص- 24)

ٻٽا قافيا کڻي فن ۽ مفهوم سان نڀائڻ ۾ ايم. ڪمل ڪافي اڳرو رهيو آهي انهيءَ ئي طرز تي ڀاءُ ٺاروءَ جي غزل جو هي بند ڏسو، ڊبل قافيا نهايت چٽا ٿي بيٺا آهن:

”ڌرتي پياسي آهه يگن کان،

اُڀ سان ملڻ لئه ٿي سڪي سِڪي !“ (ص- 19)

”ڪوتا حاسد جي ڀاسي اِئن مونکي،

چاشنيءَ ۾ ٻڏل ٻڏل ٿي لڳي.“ (س-58)

ڪن غزلن ۾، ٺاروءَ اڄ جي اِنسان جي ٻهرو پن تي تکي طنز پڻ ڪئي آهي.

”هُنَ ماڻهوءَ کي ڏس، رنگ مٽائي،

سانڊي وانگر ئي ويٺو آ.“ (ص-23)

ڀڳوان جي ڪن مندرن جي وحشي ۽ جنسياتي ڦاٽ ڦاٽڻ تي ٺاروءَ کي هن ريت زهر اوڳڻو پيو آهي:

”مندر ۾ گيرو پائي،

ڪيئن چئون،هو ساڌو سچو آ.“ (ص-58)

اڄ جي ڍونگي، جنوني مذهبن ۽ ڀرمن جو پاٺ پڙهائيندڙ ڌرم خلاف سندس خيال هينئن اُڀري غزل جي شعرن ۾ شمار ٿيا آهن.

”يگن کان ٿي مذهب جي نالي ۾ يُڌُ،

ڌرم ماڻهپي کي بڻائي ته ڏس.“ (ص- 58)

جديد يگ ۾ سفارش، رشوت خوري، سٽي بازيءَ جي بول بالا آهي، ڏسو هي شعر:

”ڪم نه ڪڏهن راس ٿئي ٿو،

ڪين ڪو هڻندو مسڪو آهيان“(ص- 29)

ساڳئي غزل جي بند ۾ شاعر عياشي زندگيءَ کان پر هيز ڏانهن مائل ٿي چوي ٿو،

”مؤج مزي  لاءِ جيون ۾ مان،

وٺندو نه مان ڪو چشڪو آهيان.“ (ص- 29)

اڄ ماڻهواصولن کان ايڏو ته ومکه ٿيو آهي جو مردي جي ڪفن کان به نٿو ٽري، زلزلي جي ملبي مان مئل چاهي دٻيل انسانن جي بدن کان ڪيئن، انسانيت  جو قتل ڪري ماڻهو زيور، ڪپڙا لاهي ڀڳا هئا (ڪڇ- ڀڄ ۾ ٿيل زلزلي وقت) تنهن جي ياد تازي هيٺين بند مان ٿئي ٿي. انساني مجبوري- حيوانيت جو ذڪر هن ريت آهي:

”وقت وڃي ٿو نڪري هٿن مان،

وڃي سچائي ائين ٿي وطن مان !“

”ڪيڏي نه لاچاري ماڻهوءَ جي،

ڪڏهن ته هو نٿو ٽري ڪفن مان !“ ((ص- 32)

سونهن وڻڻ سڀاويڪ آهي پر سونهن تي پهرو سڀاويڪ، چالاڪ انسان سدائين راند کٽندو آهي پر سادو سودو ماڻهو فقط مهرو بڻجي رهجي ويندو آهي:

سندرتا قدرت جي آهي بخشش

ڪن وٽ سونهن تي پهرو لڳي ٿو.“ (ص- 58)

چوڻين کي پڻ شعرن ۾ ڦٻائڻ جو ڪم ڏکيو هوندي به شاعر پاران ڪوشش ڪيل آهي:

”سڌ پوي ڪا ٻئي کي ڪهڙي ؟

جت باهه ٻري اُت سيڪ آيو. “

”ڇو ٿا ٻٻر کان ٻير گهرو،

پنهنجيءَ محنت کي جرڪايو.“ (ص- 43)

بهر حال شاعر پنهنجي غزلن جا جيڪي ٻيا وشيه چونڊيا آهن انهن ۾ ڪجهه هن ريت آهن. سماج،دوستي ۽ دنيا جي موجوده حالات سنڌيت، سنڌي ڀاشا ۽ سنسڪرتيءَ ڏانهن جهڙوڪرَ، قدرت ۽ قادر جي سونهن، پنهنجي گرمک ستگرو راڌاسواميءَ ڏانهن سچو ۽ صادق جذبو، شرڌا، صدق، سمرڻ، ڌيان، پرڀو پائڻ جو رستو ۽ دهشت گرديءَ جي خلاف جهاد وغيره. جدا جدا شعرن جا قافيا ۽ رديف شعرن ۾اُٺاءُ آڻين ٿا.

جئن اڳـ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته شري ٺارو گرناڻي جن شاعرن جي شاعريءَ کان متاثر ٿيو آهي تن شاعرن جو ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن غزل جي بند ۾ ذڪر ڪيو اٿائين.

” آ حاسد به،موهي به، نردوش پڻ،

مگر شعر هن مان،هو گهايل لڳي ٿو.“ (ص- 18)

”وڻي شعر ۾سادگي ٿي اسان کي،

ڪوي مونکي ”دلگير“ جهڙاوڻن ٿا.“

”سلاست سدائين لڳي ڏاڍي سهڻي،

۽ نرمل مثل ڪي ته سلجهيل لڳن ٿا.“ (ص- 27)

آتمڪ نڪتو جيڪو ڪتاب جو عنوان بڻيو آهي ڏسو:

”دل جي درياهه ۾رهن سپون،

ڏئي ٽٻي لوچي لهون جي.“ (ص- 17)

شاعر جي جيون کي انڊلٺ سان ڀيٽڻ واري تشبيه پڻ ڌيان ڇڪائي ٿي.

”انڊ لٺ جان جي جيون هيءُ،

پر زم سان ورڇائي ڏس.“ (ص- 20)

شاعر جو لاڙو ڌارمڪ آهي ان کان هو بچي نه سگهيو آهي ان ڪري شاعر مان اُپديشڪ بڻجي پيو آهي.اُپديش ڏيندي روايتي شاعريءَ ڏانهن گهلجي ويو ٿو ڏسجي.

”ڌن جي نشي ۾ ڪيسين رهبو ؟

نشو اهو ڪي گهڙيون رهي ٿو !“ (ص-61)

”ڇڏي فرق مذهب ۽ جاتين سندو،

سدا ايڪتا گل کلائي هلو.“ (ص- 45)

ائين ته شري ٺارو گرناڻيءَ جا جدا جدا وشين تي انيڪ مضمون، ليک ۽ انواد ٿيل رچنائون رسالن، اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن. جن هن کي ڪافي ناموس ڏني آهي پر شاعريءَ جو هيءُ مجموعو هن جو پهريون پستڪ آهي جيڪو ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو آهي،جنهن ۾ هن پنهنجي پرايل فني قؤتن کي سنواري، سجائي، اڀياس جي آڌار تي پنهنجن خيالن، سوچ، تصور،آزمودن کي شاعري رچڻ وقت ڪم آندو آهي. ٺارو گرناڻي هن مجموعي ۾ شامل غزلن مان نئين شاعر نه پر هڪ سلجهيل، سرل ۽ آزمودگار شاعر لڳي رهيو آهي اهاڳالهه هن شعر مان پڻ ظاهر آهي.

”بم۽ باهيون اُف، چؤڌاري،

اَمن سان حيات گذارين ته چڱو.“

”ٺهي ”ٺارو“ ويندو غزل گيت ڪو،

کڻي تون قلم کي هلائي ته ڏس.“

بهرحال شري ٺارو گرناڻيءَ جي پهرين پيشڪش ”سپون دل جي درياهه جون“ توهان جي مبارڪ هٿن ۾ آهي. ڪتاب جي سنڌي ادبي کيتر ۾ آجيان ٿيندي اها پڪ اٿم ساڳئي وقت شاعرن طرفان پڻ آجياڻو ٿيندو.

 

 

ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي

1/31، نيو جي وارڊ، ڪٻيرنگر،

احمد آباد- 382340.

 

 

سپون دل جي دريا جون

 
 
 
 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >