|

شاعري جي قلم مان ......
”ڏات ناهي ذات تي جو وهي سو
لهي.“
سنسار ۾ شاه عبداللطيف ۽
شيڪسپيئر جهڙا شاعر، ناٽڪ ڪار
توڙي ساهتيڪار سڀ نه هوندا
آهن. ٻين لفظن ۾ سڀ ڄمندي ڄام
نه هوندا آهن. ڪي. مذڪور
چوڻيءَ مطابق ڪوشس، محنت سان
فن سکي ماهر ٿين ٿا. ڪي
پنهنجا گروڪري پنهنجيءَ مليل
ڏات کي نکارين ٿا. اهڙن ۾ سدا
حيات شري هري دلگير، نارايڻ
شيام، ايم. ڪمل، ارجن حاسد
جهڙا انيڪ شاعر اچي وڃن ٿا،
جيڪي اُستاد طور مقبوليت حاصل
ڪري چڪا آهن. اُن بعد سرو شري
واسديو نرمل، واسديو موهي ۽
ڀڳوان نردوسش، کيمن موُلاڻي،
ڍولڻ راهي جهڙا شاعر پڻ اِن
ئي صف ۾ اچڻ جي قوت رکڻ لڳا
آهن. لڳاتار اڀياس ۽ سکڻ جي
ڀاونا انسان کي ڪاميابيءَ جي
بلندين تي پهچائي ٿي. ان ريت
نه صرف شاعر پر ناٽڪ ڪار،
مضمون نگار ۽ ڪهاڻيڪار،
آلوچڪ، کوجنيڪ، ڪي ڄمندي ڄام
هئا ته ڪي آزمودن ۽ اڀياس مان
اُڀري آيا اُتمچنداڻي، ليلا
رام رچنداڻي ترقي پسند دؤر جا
ماهر ساهتيڪ ملاح ليکيا ويا،
موهن ڪلپنا، شيام جئسنگهاڻي،
هريش واسواڻي، گنو ماتماڻي،
ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻي وغيره
۽ ٻيا ۽ اُنهن پٺيان ٻين
اديبن جي صف تيار ٿي.
ڊاڪٽرڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر
پريم پرڪاش، داڪٽر ستيش
روهڙا، لکمي کلاڻي وغيره
پنهنجي پنهنجي کيتر ۾ هاڪ ۽
ڌاڪ ڄمائي چڪا آهن. هاڻ ته
ڪوڏومل جانب ۽ شريڪانت صدف
جهڙا شاعر پڻ ڪافي اڳتي آيا
آهن. ”Practice
makes the man perfect“
واري اصول اڳيان رکي مان به
اڳتي وڌيو آهيان ۽ پٺتي نهارڻ
نٿو چاهيان. ٻه ڪتاب
انگريزيءَ مان ترجمو ڪيل ڇپجڻ
جي راهه ڏسي رهيا آهن. (1)
رشي ديارام گدومل- جيون ڪاريه
(2) سردار ولڀ ڀائي پٽيل-
جيون ڪاريه.
مون کي ساهتيه پڙهڻ جو شونق
آهي. شاه جو رسالو اُسر جونت
پڙهندو آهيان ڪويتا سنگره پڻ
مطالع ڪندو رهيس. پهرين مون
پرارٿنائون ۽ ڀڄن لکڻ شروع
ڪيا پوءِ آهستي آهستي گيت ۽
ڪوتائن جا ٻيا فارم پر هڪ
ڳالهه مون کي سو کٽڪندي هئي
ته منهنجون رچنائون گائڪ ڳائي
ڇو نه ٿا سگهن؟ آخرڪار منهنجي
ڏيٺ ويٺ شري ڄيٺي لالواڻيءَ
سان ٿي، جيڪو ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ
بعد ڊاڪٽر بڻيو. هو هڪ
نامڪٺيو ناٽڪ نويس، ناميارو
اديب آهي. ان صاحب منهنجون
رچنائون (نظم) ڏسي گنگنائڻ جي
ڪوشش ڪئي ته گنگنائي نه
سگهيو، تڏهن جهٽ پٽ چيائين،
”مسٽر گرناڻي! هڪ ڳالهه چوان
ته برو نه مڃيندا؟“ مون چيو ”
جيڪي چوڻ چاهيو ٿا.“ شاعر ڇند
وديا ۽ علم عروض جي اصولن ۽
بنيادي فن نه سکيو، تيسين ڀاو
پڪش سونو سونو بنا آتما، اچين
لڳندو آهي، پوءِ هن صاحب
مونکي شري ڀڳوان نردوش ڏانهن
موڪليو، جيڪو هڪ برکه ۽ اعليٰ
غزل گو شاعر ليکيو وڃي ٿو ۽
ساڳئي وقت اکل ڀارت سطح تي هڪ
مضمون نگار ۽ کوجنيڪ طور ڄاتو
سڃاتو وڃي ٿو. سائين ڀڳوان
نردوش کي پنهنجو گرو بڻائي
مان شاعري کيتر ۾ قدم ڌريو ۽
شروعاتي فني قاعدا، اصول
سکيس. ڇند وديا موجب 16
ماترائن واري ڪويتا، 14
ماترائن، 20 ماترائن، 24
ماترائن ۽ 28 ماترائن وارا
شعر لکڻ سکيس ۽ علم عروض ننڍا
ننڍا وزن. فعولن 4 رڪن، فعولن
3 رڪن ۽ هڪ فعو، مفاعلين- 4
رڪن ۽ ٻيا بحر وزن پڻ سکيس.
اڀياس لاءِ هن صاحب مونکي شري
اندر ڀڄواڻيءَ جو ”علم عروض
جو فن“ ڪتاب پڻ ڏنو. اڀياس
لاءِ موزون شاعري جا قائل
شاعر مليا، پنهنجن ڪتابن ۾
”جتي چاهه، اُتي راهه“ بس 2
سالن اندرمون 150 (ڏيڍ سئو
کن) شعر لکي، نردوش صاحب کان
نظر مان ڪڍائي ڇڏيا آهن، جن
مان ڪيترائي غزل ادبي ڪلاس ۾
چيا آهن.
ترجمو ٿيل ليکه اڪثر سڀني
اخبارن ۾ ڇپيل آهن. منهنجون
ڪوتائون ”سپون، ”مهراڻ“،
(ممبئي)، ”رهاڻ“ (راجسٿان)،
”سنڌي سمراٽ“، ”سنڌي احوال“،
(احمد آباد) ۾ ڇپجنديون رهن
ٿيون. هاڻ مون چونڊ 60 کن غزل
گڏ ڪري ”سپون دل جي درياهه
جون“ سري سان ڪتابي صورت ۾
ڇپايو آهي جو توهان جي مبارڪ
هٿن ۾ آهي. ڀاوپڪش ۽ ڪلا پڪش،
ٻنهي جو مون ڌيان رکڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي، پر ڪٿي ڪٿي روانيءَ
جي موهه ۾ ڪي فني نقص رهجي
ويا هجن سو پڻ ممڪن آهي. راين
جي دلي آجيان ڪندس. ”جان جيءُ
تان سکه“ منهنجو اصول آهي.
مون هي پهريون شعرن جو مجموعو
”سپون دل جي درياهه جون“
پنهنجي اُستاد کي ارپڻ ڪيو
آهي جنهن جو ثبوت آهي ” نردوش
صاحب شخصيت ۽ شاعر“ عنوان
واري هن مجموعي جو پهريون
نظمي غزل ”حال حبيبان، پيش
پرين“ وڌيڪ مان ڇا چوان؟ بس.
ٺارو سي - گرناڻي
|