|
مهاڳ

پاڪستان ٺهڻ وقت سنڌ جي ماڻهن
سمجهيو هئو ته انهن جي مسئلن،
مصيبتن ۽ مشڪلاتن ختم ٿيڻ جو
وقت پيو اچي. پر پاڪستان ٺهڻ
کانپوءِ ٿيو سڀ ڪجهه ان جي
ابتڙ. مسئلا ۽ مصيبتون ختم
ٿيڻ ته پنهنجي جاءِ تي الٽو
انهن ۾ واڌارو ٿيندو ويو ۽ نه
رڳو پراڻن مسئلن ۾ واڌارو
ٿيندو رهيو پر وقت گذرڻ سان
سنڌين لاءِ نوان نوان مسئلا
پيدا ٿيندا رهيا. ۽ اهي مسئلا
يا ته رياست جي مختلف فيصلن
جي نتيجي ۾ پيدا ٿيا يا انهن
۾ رياست جي آشيرواد، حمايت ۽
مدد شامل رهي آهي.
نئين ملڪ ٺهڻ شرط هزارين سالن
کان سنڌ وطن جي رهواسين کي بي
وطن ڪري انهن جي جاءِ تي غير
سنڌين کي ٻاهران آڻي آباد ڪرڻ
سان سنڌ ۽ سنڌين لاءِ اهڙن
مسئلن ۽ مصيبتن جي سلسلي جي
شروعات ٿي جن جو اڳ ۾ تصور به
ڪونه هئو. ڪراچيءَ کي سنڌ کان
ڌار ڪري مرڪز جي حوالي ڪرڻ
کان وٺي هينئر 2011 جي
آدمشماريءَ ۾ سنڌين کي اقليت
۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوششن تائين
سنڌ دشمن فيصلن، عملن ۽ حڪمت
عملين جو سلسلو جاري آهي.
ڪڏهن سنڌي ٻوليءَ سان بدسلوڪي
ته ڪڏهن ون يونٽ جي صورت ۾
سنڌ جي وجود تي وار، ڪڏهن سنڌ
جي قدرتي وسيلن تي قبضو ته
ڪڏهن ڌارين جي آباد ڪاري،
ڪڏهن پاڻيءَ جي ورهاست ۾
ٺڳيون ته ڪڏهن ڪالا باغ ڊئم ۽
گريٽر ٿل ڪئنال جا منصوبا،
ڪڏهن سنڌ جي ماليات تي ڌاڙا
ته ڪڏهن سنڌين جي ڪلچر تي
حملا، مطلب ته هر ڪجهه ڏينهن
کانپوءِ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾
سنڌ جي قومي تشخص تي حملو ٿئي
ٿو ۽ اهڙا مسئلا پيدا ڪيا وڃن
ٿا جيڪي سنڌي ماڻهن لاءِ
زندگي ۽ موت جي اهميت رکندر
هوندا آهن.
اها فطري ڳالهه آهي ته سنڌي
ماڻهو اهڙن مسئلن جي خلاف
آواز اٿاريندا آهن ۽ انهن کي
منهن ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪندا
آهن. سياسي پارٽيون، ادبي ۽
سماجي تنظيمون، اديب، دانشور
۽ ليکڪ سڀ احتجاج ڪندا آهن،
دانهن ڪوڪ ڪندا آهن، انصاف جي
نالي ۾ حڪمرانن کي اپيلون
ڪندا آهن. پنهنجا سياسي،
اقتصادي ۽ ثقافتي حق حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪڏهن ڪورٽن ۾ ڪيس داخل
ڪيا ويندا آهن ته ڪڏهن
اسيمبلين مان قانون ۽
قراردادون پاس ڪيون وينديون
آهن، پر حڪمرانن جو رويو
”جيئن ٿڌ تيئن وڌ“ وارو هوندو
آهي. اهي هڪڙو مسئلو اٿاريندا
آهن، اسان ان جي خلاف آواز
اٿاريندا آهيون ۽ احتجاج ڪندا
آهيون ته هو وري ٻيو مسئلو
آڏو آڻيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته
ائين به ٿيندو آهي ته حڪمران
هڪڙو مسئلو اڀاري، اسان جي
توجهه اوڏانهن ڪرائي، پٺيان
ٻئي ڪنهن سنڌ دشمن منصوبي تي
پنهنجي مرضي ۽ مفاد مطابق پيش
رفت ڪري ويندا آهن.
ٿلهي ليکي ائين چئجي ته مسئلن
جو تعين حڪمران ڪندا آهن،
اسان سنڌي ان تي احتجاج ڪندا
آهيون. ٻين لفظن ۾ ته ڪهڙي
معاملي تي ۽ ڪهڙي ميدان ۾ جنگ
وڙهجي ان جو تعين حڪمران ڪندا
آهن. سياسي اصطلاح ۾ چئبو ته
پيش قدمي جي واڳ
(Initiative)
حڪمرانن وٽ هجي ٿي ۽ سياسي
جنگ ۾ نتيجا حاصل ڪرڻ جي
حوالي سان ان ڳالهه جي وڏي
اهميت هوندي آهي ته پيش قدمي
يا
Initiative
جي قوت ۽ واڳ ڪنهن وٽ آهي.
سوچي ڏسجي ته گذريل ڪجهه عرصي
کان اسان بحيثيت قوم دفاعي
جنگ وڙهي رهيا آهيون ۽ هڪ
محدود ۽ مختص وقت کان وڌيڪ
دفاعي جنگ شڪست جو سبب بڻبي
آهي. دنيا ۾ جيڪي به انقلابي
اڳواڻ ۽ پارٽيون ٿي گذريون
آهن اهي مادي وسيلن جي حساب
سان حڪمرانن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور
هوندا آهن، پر پوءِ به اڪثر
حالتن ۾ اهي فتح مند ٿيندا
آهن. ان جو سڀ کان اهم ڪارڻ
اهو هوندو آهي ته اهي حڪمرانن
کان
Initiative
کسي وٺندا آهن. اهي رڳو
حڪمرانن جي عملن ۽ انهن جي
نتيجي ۾ پيدا ٿيل مسئلن تي
ردِ عمل ڏيکارڻ جي بجاءِ انهن
مسئلن جي بنيادي ڪارڻ جو
تجزيو ۽ تعين ڪرڻ کانپوءِ هڪ
مثبت سياسي پروگرام ڏيندا آهن
۽ ان سياسي پروگرام يا مقصد
کي حاصل ڪرڻ خاطر هڪ واضح
حڪمت عملي وضع ڪندا آهن. پوءِ
اهي انقلابي ماڻهو ان طئي ڪيل
مقصد ڏانهن متعين ڪيل حڪمت
عمليءَ تحت پيش رفت ڪندا آهن
جڏهن ته حڪمران ان پيش رفت ۽
پيش قدميءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ۾
جوابي قدم کڻندا آهن. اهڙي
طرح اهي دفاعي جنگ وڙهڻ تي
مجبور ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ
آخرڪار، سمورن مادي وسيلن جي
موجودگيءَ باوجود، انهن کي
شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو آهي.
1971 ۾ پارليامنٽ ۾ واضح
اڪثريت هئڻ جي باوجود بنگالين
کي انهن جا قومي ۽ سياسي حق
ڏيڻ بجاءِ انهن تي پاڪستان جي
حڪمرانن طرفان فوجي چڙهائي
ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جو قومي
اڳواڻ سائين جي.ايم.سيد ان
نتيجي تي پهتو ته سنڌ جي
سمورن مسئلن جي جڙ ۽ ڪارڻ
قومي غلامي آهي ۽ انهن بار
بار اٿندڙ زندگي موت جي مسئلن
جو حل قومي آزاديءَ ۾ آهي.
گويا هن سنڌ جي قومي جدوجهد
جي مقصد جو تعين ڪري ڇڏيو. ان
کانپوءِ اڳلو مرحلو هئو قومي
آزاديءَ واري ان مقصد کي حاصل
ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جو.
اهو ڪم ۽ اها ذميواري انهن
سڀني ماڻهن ۽ سمورين جماعتن
جي هئي جيڪي سيد جي ان متعين
ڪيل مقصد سان وابستگيءَ جو
اظهار ڪن ٿا، پر افسوس ته
تاريخ طرفان عائد ڪيل ان
ذميواريءَ جو ڪنهن به احساس
نه ڪيو. ڪجهه وقت اڳ ۾ سيد جي
ئي ٺاهيل جماعت جيئي سنڌ محاذ
وقت جي سڏ کي ورنائيندي سيد
واري قومي آزاديءَ جي مقصد
کي حاصل ڪرڻ خاطر حڪمت عملي
طئي ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو.
دنيا ۾ هليل ۽ هلندڙ قومي
آزاديءَ جي تحريڪن جو جائزو
وٺڻ ۽ قومي رياستن بابت مختلف
سياسي نظرين جو مطالعو ڪرڻ ۽
ايڪويهين صديءَ جي عالمي
سياسي منظر نامي کي غور سان
ڏسڻ کانپوءِ جيئي سنڌ محاذ جي
سينٽرل ڪميٽي ان نتيجي تي
پهتي ته تاريخي پس منظر ۽
اڄوڪين عالمي حالتن جي تناظر
۾ سنڌ جي قومي آزادي حاصل ڪرڻ
لاءِ صحيح حڪمت عملي ”قومي
حقِ خود اراديت“ جي واٽ آهي.
اها ان ڪري اڃا وڌيڪ صحيح ۽
ضروري ٿيو پوي ته سائين
جي.ايم.سيد عدم تشدد جي فلسفي
جو پيروڪار هئو ۽ عدم تشدد
ذريعي قومي آزادي حاصل ڪرڻ جو
واحد رستو اهو آهي ته عوام جي
اڪثريت کان فيصلو ورتو وڃي.
ٻين لفظن ۾ قوم جي اڪثريت کي
پنهنجي قسمت جو پاڻ فيصلو ڪرڻ
جو موقعو ڏنو وڃي.
ان پس منظر ۾ ۽ ان صورتحال ۾
تيار ڪيل سنڌ لاءِ ”قومي حقِ
خود اراديت“ جي ٿيسز
(Thesis)
هتي پيش ڪجي ٿي.
عبدالخالق جوڻيجو
وائيس چيئرمين
جيئي سنڌ محاذ

|