شخصيتون آن لائن  

 

عبدالواحد آريسر

 

سنڌ جي قومي جدوجهد ۽ سنڌي اديب

1968ع جو زمانو هو، آءُ اُن وقت هڪ ديني مدرسي ۾ پڙهندو هوس،پرمون ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌ جي قومي جدوجهد سان بي پناهه لڳاءُ پيدا ٿي چڪو هو: انڪري سنڌي اديبن جي ڪابه سرگرمي ۽ جلسو هٿان نه وڃائيندوهوس. انهيءَ شوق ۽ جذبي جي ڪري آءُ هڪ اهڙي جلوس ۾ شريڪ ٿيس ،جنهن جي اڳواڻِ مهمد عثمان ڏيپلائي ، قاضي فيض محمد زرينا بلوچ ۽ ٻيا ناليوارا اديب ۽ دانشور ڪري رهيا هئا : ۽ اُن جلوس ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو شريڪ نه هو، جنهن جو واسطو علم ۽ ادب کان هٽي ڪري، ڪنهن احتجاجي سياست سان هجي. اهو جلوس“ روح رهاڻ  جي آفيس گاڏي کاتي مان نڪري شهيد هوشوءَ  جي قبر  جي حاضري ڀري، اُن وقت جي ڊپٽي ڪمشنر عثمالن علي عيساڻيءَ جي آفيس تي ختم ٿيو هو : جتي جلوس جي اڳواڻن، دي، سيءَ جي معرفت حڪومت پاڪستان وٽ نسڌ جي ٻن وڏن اديبن ـ شيخ اياز ۽ رسول بخش پليجي جي گرفتاريءَ خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرڻ ٿي چاهيو.

اُن وقت منهنجيءَ دل  ۾ سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن لاءَ اهو پهريون تاثر پيدا ٿيو هو ته سنڌ جو اهو باشعور حصو، نه رڳو ڪاغذ ۽ قلم جي دنيا جو ڌڻي آهي، پر هو سنڌواسين مٿان ٿيندڙ ظلمن خلاف احتجاج ۾ اهڙيءَ ريت شريڪ ٿي ٿو. جهڙيءَ ريت هڪ سياسي ورڪر . آُن وقت مون کي سيسي ورڪر ۽ سنڌ جي اديب ۾، احتجاج جي ميدان ۾ڪو به فرق نظر نه آيو هوـ ۽ اُها هڪ حقيقت به آهي ته سنڌ جي اديب انگريزن جي خلاف آزاديءَ جي هلچل کانوٺي انگريزن جي جانشينن طرفان سنڌ تي ٿيندڙ ڏاڍائيءَ  خلاف نه صرف پنهنجو قلمي جهاد جاري رکيو، پر اهي احتجاجي جدوجهد ۾ پڻ ڪٿي سيسي ورڪن جي رهنمائي ڪندا نظر اچن ٿا ۽ ڪٿي خود اهڙيءَ جدوجهد ۾ ڀرپور طريقي سان شريڪ ٿيندا رهيا آهن. ان سلسلي ۾ قيد، ڪئوڙا،زبان بنديون، ضلعي بدريون ۽ ڪڏهن سنڌ بدريون به برداشت ڪندا رهيا آهن.  

اهوئي سبب آهي، جو سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهوءَ کي پنهنجن اديبن ، شاعرن ۽ دانشورن تي سياسي ورڪرن ۽ قومي ڪارڪنن کان به وڌيڪ اعتماد پئي رهيو آهي.سچ پچ ته سنڌ جي اديبن ، سنڌ جي قومي جدوجهد ۾ جيڪي قربانيون ڏنيونآهن، انهن جو ملهه ۽ اهميت ڪنهن به طرح سيسي ورڪن جي قربانين کان گهٽ ناهي. ان سلسلي ۾ ڪيترائي مثال ڳڻائي سگهجين ٿا : جيئن سوڀي گيانچنداڻي جو طويل قيد وبند، ڏيپلائي صاحٻ جي ڪتابن ۽ رسلان جون بندوشون ، بار بار جيل ترائون، ابراهيم جويي جو سنڌ منا بدر ٿي ڪوهاٽ پهچڻ، شيخ اياز ۽ سندس ساٿين ـ رشيد ڀٽي۽ تنوير عباسيءَ جون گرفتاريون ۽ مرحوم طارق اشرف جون طويل ترم ياترائون ڳڻائي سگهجن ٿيون. 

اهو سڀ ڪجهه اُن ڪري ٿيندو رهيو، جو سنڌ جي اديب، ان سموري عرصي ۾ پنهنجو پان کي ، پنهنجي ادب کي، سپنهنجن ذهن ۽ ضمير کي، ڪڏهن به سنڌ جي سياست کان، سياسي مسئلن کان ۽ سياسي جدوجهد کان الڳ سمجهيو ئي ڪونه : پر ڪن ڪن مرحلن تي سنڌ جي سياسي جدوجهد ۽ سياست جي واڳ ئي سنڌڏ جي اديب جي ناقع سوار جي هٿ ۾ پئي  رهي ۽ هن اُن واڳ کي ڪٿي به اوجهڙ ۾ اڇلائڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ هو اُن پوري سفر ۾ ڪڏهن به جهڪيو، جهريو ۽ ٿڪو نه هو . هن عرصي ۾ سنڌي اديب جي جدوجهد کي اسان وڏي فخر ۽ مانسان دنيا جي مجاهدن ۽ لازوال اديبن جي قلمي ۽ عملي جدوجهد سان ڀيٽڻ ۾ ڪو به شرم محسوس نٿي ڪيو، پاڻ فخر طور اُهو چوڻ جا حقدار هئاسين ته ڏکڻ ايشيا جي پٺتي پيل محڪوماڻي نظام ۾ سوچيندڙ سنڌي اديب تخليقي جدوجهد ۾ لورڪا، ڊيوڊ گيسٽ، گهمنگوي، پابلو نرودا ۽ منشي پريم چند کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ ناهي.

ان ڪري، جو انهن کي ابلاغ جي سطح ۽ جيڪو تخليقي ماحول ميسر هو، سو  سنڌي اديب وٽ نه هڻڻ جي باوجود ، تخليق جي سگهه ۽ عمل جي وچائي هنن کان وڌيڪ هئي. اُن ڪري ، جو هنن  جو تڪليف ده سفر هفتن ، مهينن ۽ ڪجهه سالن جو هو، پر سنڌي اديب وٽ اُن جي ابتدا نه صدين تائين ڦهليل هئي ۽ انتها نامعلوم. ان سبب جي ڪري ئي سنڌ جي ادب ، جن ۽ جڪر ، جنهن ۾ شاعريءَ کي خصوصي اهميت حاصل آهي، تنهن نه رڳو برصغير، پر پوري چوٿين دنيا ۾ امامت وارو مقام حاصل ورتو هو.        

پر اڄ صورتحال ڪجهه مختلف آهي. سوويت يونين ڇا ٽُٽو، ڄڻ ته غلامي ، آزادي، استحصال ، جدوجهد جبر ۽ محڪوميت جا معيار ئي بدلجي ويا. نه رڳو انه  سياسي اصلطالحن ۽ انهن اصطلاحن ۾ موجود مواد جا قدر ئي بدلجي ويا، پر جماعتن ، طبقن ۽ فردن جا فرض ۽ عمل به تبديل ٿي ويا هن، ۽ ڄڻ ته محڪموم ملڪن ، غلام قومن پيڙيل طبقن ۽ تباهه شدهه جنسن جا، نه ڪي حق رهيا آهن ۽ نه فرض! اهو رجحان انتهائي خطرناڪ حد تائين جيترو ڏاکڻ ايشيا جي تاريخي طرح هن جي متواخي رهندڙ  ملڪ سنڌ ۾ ظاهر ٿيو آهي، اوتروآءُ سمجهان ٿو ته افغنستان جي پٺتي هٽندڙ قيادت ، پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي ( پي. ڊي. پي ) جي ڪارڪنن ۾ به نه ٿيو هوندو.        

اهڙي احساس جو عملي مظاهرو مون کي هن سال ٿيندڙ ايشيا جي سڀ کا منظم ادبي تنظيم، سنڌي، ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي چونڊن وارن منشورن مان ٿيو... هڪڙن جو خيال هو ته سنڌي ادب کي سنڌ جي سياست ۽ تاريخ سان ائين گڏيل هئڻ گهجر ، جيئن بقول پليجي جي : جي ايم سيد سنڌ جي ڪلاسيڪل ادب کي، سنڌ جي سياسي تاريخ سان ڳنڍي هڪ اتساهيندڙ ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، جيڪو ڪم سيد کان اڳ ڪوئي نه ڪري سگهيو آهي“ ۽ انهن اديبن جو يقينا سنڌ جي ادبي تارريخ تي ڳوڙهو اڀياس هو . ٻين جو خيال هو ته نڌي ادبي سنگت کي صرف اڪئڊمڪ مسئلن تي ئي توجهه ڏيڻ گهرجي ، ان کي سنڌ جي سياسي  ۽ قومي مس.ئلن ۾ ڦاسڻ نه گهرجي . انهن جو چوڻ هو ته سنڌي  ادبي سنگت کي اٽريٽ پاور، جو مظاهرو نه ڪرڻ گهرجي ، صرف ادب جي اڪئڊمڪ مئلن تي ئي ڏيان ڏيڻ گهرجي.       

هاڻ اسان کي ڏسڻو اهو آهي ته ادب جا اڪئڊمڪ مسئلا ڇا آهن۽ انهن اڪئڊمڪ مسئلن تي بحث ڪرڻ سان ئي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي جماعت ، منظم تنطيم بنجي سگهي آهي.

جيستائين مون سوچيو آهي ته ادب ۽ فن جا اڪئڊمڪ مسئلا هي آهن ته شاعريءَ جون مختلف صنفون ، اُنهن جا گهاڙيٽا، ڪهاڻيون ۽ اُنهن جا قسم ، مضمون ڇا آهي، مقالو ڇا کي ٿو چئجي، وائي ۽ ڪافيءَ ۾ فرق، غزل ۽ نظم ۾ تفاوت ۽ اهڙي ئي قسم جون ٻيون شيون جيڪڏهن سنڌي ادبي سنگت جو اهوئي ڪم آهي ته اهو ڪم جمعيت الشعراءِ سنڌ بزم طالب المواليءِ هاڪرپ ادبي سنگت، محمد بن قاسم ادبي سوسائٽِ يا ڪي بٻيون علائقائي يا ضللعي سطح جون ادبي تنظميون بهتر طريقي سان ڪري رهيون آهن۽ سموري پاڪستان سطح تي حلقئه ارباب ذوق وغيره جهڙا ادارا اهو ڪم سرانجام ڏئي رهيا آه. اُن ڪري، پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي ڪابه ضرورت ڪانه ٿي رهي، ڇو ته اڄ ڏينهن تائين سنڌي ادبي  سنگت پنهنجن ئي ڪلاسن مان اياز، جويو ، نياز پليجو، گرماي، حسام الدين،ڏيپلائي پيدانه ڪيو آهي: پر انهن سڀني، ادبي سنگت جي نصب العين ۽ جدوجهد کي ڏسي ، پاڻ کي ان ئي اداري جو فرد سمجهيو آهي.                                    

 (1992ع)

 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >