|
غلام رباني اڱرو
محمد عثمان ڏيپلائي:
سنڌي مشاهيرن ۾ هڪ اهم نالو
ويهين صديءَ جي مشاهير ۾ محمد عثمان
ڏيپلائي هڪ اهم نالوآهي. ڏيپلائي صاحب
سان منهنجو غالئبانه تعارف 1952ع
ڌاران ٿيو.ان کان ڇهه سال اڳ سن 1947ع
۾ پاڪستان ٺهيو ته ملڪ جي ٻين صوبن
وانگر سنڌ جا اڪثر هندو باشندا به
هندستان لڏي ويا. مان ساهتي پرڳڻي جي
محبت ديري جتوئي پنئچائتي مڊل اسڪول ۾
انگريزيءَ جو ٽيون درجو پڙهندوهئس
هندو ماستر هليا ويا، ته رڳو اسان جو
اسڪول بند ڪو نهٿيو، ساهتيءَ جا سڀ
انگريزي اسڪول بند
ڪو نه ٿيو، ساهتيءَ جا سڀ انگريزي
اسڪول بند ٿي ويا تر ۾ رڳو هڪ هاءِ
اسڪول وڃي باقي بچيو، ڊڀري واري سائين
الله آندي شاهه جو ، مسلمان ٻآرن جي
تعليم لاءَ ٺهرايل، مدرسه هاءِ
اسڪول، نوشهروفيروز، پر اهو اسان جي
ڳوٺ آڳرن کان ٻآرهن ڪو هه پري هو. ۽
منهنجي عمر ٻرهن وريهه هئي، سو منهنجي
پڙهائي مسئلو ٿي پيئي.
تن ڏينهن ۾ ڪنڊياري تعلقي ۾ پائمري
اسڪولن جي مٿان ٻه سپروائيرز هوندا
هئا: انهن ۾ هڪڙو منهنجو والد بزرگوار
عبداللطيف آگررو هوندو هو. بابا
سائينءَ کي تعليم جو ڏاڍو شوق هو. تن
ڏينهن ۾ هند سنڏ جي مسلامن باشندن ۾
اڃآ اِهو تاثرت هو ته جيڪو ٻار
انگريزي پڙهندو، سوڪرستان نه ٿيندو،
ته گهٽ ۾ گهٽ انهن واريون عادتون ته
پڪ پرائيدندو، مطلب ته دين ايمان
کانهليو وينود. بابا پڪو مسلمان هو،
پنجاهه سالن ۾ ڄاڻِ واڻي نماز قضا
ڪونه
ڪيائين، پر
تعليم جي باري ۾ سندس پڪو پختو عقيدو
هو ته تعليم هندو يا مسلمان يا ڪرستان
ڪانه ٿيندي آهي. انهيءَ تي ڪفر ۽
اسلام جو ٺپو هڻڻ۽ مذهبي خانن ۾
ورهائڻ غلط آهي، نه ته رسول پاڪ ائين
ڪو نه فرمائي ته علم حاصل ڪريو،پوءِ
توڙي چين ملڪ ۾ ملي، سو مان پنهنجي
اولاد کي هر حال ۾ انگريزي پڙهائيندس
منهنجي تعليم جو مسئلو انهيءَ ريت حل
ٿيو .مون وڃي نوشهري مدرسي هاءِ اسڪول
۾ داخل ورتي، جتي رهائش لاءِ بورڊنگ
هائوس موجود هو. منجهس پنجاهي کن
شاگرد رهندا هئا . هڪڙي شاگردن جو
نالو هو الله بخش ذات جو ڦُل هو. مون
وانگر کيس به اسڪولي ڪتابن سان
گڏ،ناولن ۽ قصن پڙهڻجوشوق هوندو هو،
پئسن تي ڪتاب خريد ڪندوهو،پر مون کي
پڙهڻ لاءِ مفت ڏيندو هو. گهڻي ۾ گهڻا
ڪتاب ڏيپلائي
صاحب جا لکيل هوندا هئا. هوندا ناول
يا قصي جي نموني ۾ هئا. پر اسلامي رنگ
۾ هوندا هئا. سندس ڪتابن جو اثر،
ٻآراڻيءَ اوستا ۾، جلدئي
منهنجي ذهن تي جادوءِ وانگر چڙهي ويو.
مون کي به الله بخش ڦل وانگر ڏيپلائي
صاحب سان ملڻ جو شوق ٿيو، پر ڪابه
صورت نظر ڪانه آئي. اڳتي هلي ڏيپلائي
صاحب، پيرن ۽ مرشدن خلاف ڪتاب لکيا.
الله بخش ڦُل چيو ته ڏيپلائي صاحب جا
پيرن جي خلاف لکيل ڪتاب دلچسپ ته آهن،
پر منجهانئن تبليغي انداز جي بوءِ اچي
ٿي.
پر ان جي باوجود اسان جي ذهن تي
ڏيپلائي صاحب جي برگزيده شخصيت جي عزت
۾ ڪو به فرق ڪونه آيو.
مان نوشهري فيروز مان مئٽر پاس ڪري،
حيدرآباد آيس، ته ٻه ورهيه ڦليليءَ
واري ڪاليج ۾ سائنس پڙهيم، پر ڏيپلائي
صاحب سان ملاقات نصيب ۾ ڪانه هئي.
حيدرآباد مان ڪاچيءَ هليو ويس، اتي
ايس. ايم ڪاليج ۾ آرٽس پڙهڻ لڳس
۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري ڪيم. رهڻ
لاءِ ميٺارام هاسٽل ۾ جاءِ ملي، پر
1958ع
۾
مارشل لالڳو، ته هاسٽل ڇڏڻي پئي.
گانڌي گارڊن جي ڀرسان، لارينس روڊ تي،
شو مارڪيٽ ۾ هڪ فلئٽ ۾ جوبي صاحب ۽
جمال رند سان گڏ رهڻ لڳس. اهو جلئٽ
اصل ۾ اسان جي دوست سراج ميمڻ ڪرايي
تي ورتو هو، پر ڪراچيءَ مان بدلي ٿيو،
ته فلئٽ اسان کي ڏئي ويو. جڏهن اسان
فلئٽ خالي ڪيو ته فلئٽ جي چاٻي مون
امانت با سلامت کيس وڃي ڏني. ان وچ۾
هڪ ڏينهن ڏيپلائي صاحب سان ملاقات ٿي
وئي جوبي صاحب سان دوستي هئس، سووٽس
ڏينهن ٻن لاءِ مهمان ٿي آيو.
مون کي ڏيپلائي صاحب سانملي ڏاڍي خوشي
ٿي، پر حيرت به لڳم، ڇو ته هي ڏيپلائي
صاحب انهيءَ سخص کان بلڪل مختلف هو ،
جنهن و تصورمون سالن جا سال ذهن ۾
سانڍيوهو. هيءُ ڏيپلائي صاحب سنڌي
سليمي ماڻهو هو. سنڌي سلوار قميص، مٿي
۾
ٽوپي
ڳالهائڻ
ٻولاهئڻ ۾ کل ڀوڳ. مون اسلامي رنگ جي
ناولن ۾ جيڪو ڏيپلائي صاب ڏٺو هو، سو
سراسر ٻيوهو.
هن ڏيپلائي صاحب ۾مون کي پيرن ۽ مرشدن
جي خلاف به چڙيا ڪاوڙ نظر ڪانه آئي
اڳتي هلي ” سنانگهڙ نالي هڪ ناول
ڇاپيائين ،جنهن ۾ به پير ن مرسڌشدن
خلاف ڪا ڳالهه ڪانه هٿئي البت ، سنڏ
جي هڪ تمام وڏيءَ گاديءَ جي مريدن جو
سٺو تذڪرو هو. اڃا به اڳتي هلي،
ڏيپلائي
صاحب جا خيال بلڪل مٽجي ويا. ترقي
پسند خيالن ۽ نظرين ڏانهن مائل ٿيو ۽
انهن جي پرچار لاءِ انسان
رسالوڪڍيائين.
ماڻهو
جڏهن پنهنجن خيالن ۽ نظرين جو
بيباڪيءَسان اظهار ڪري ٿو، تڏهن انهن
خيالن ۽ نظرين جي مخالف ماڻهن هٿان ڏک
ڏسي ٿو. ڏيپلائي
صاحب جڏهن اسلامي رنگ ۾ ناول لکيا
تههندن جي هٿان کيس ڪا خاص تڪليف ڏسڻي
ڪانه پئي. سندس هڪ اڌ ڪتاب تي، سو
سرڪار بندوش وڌي ٻئي طرف، سندس ڪتاب
عام مسلمانن ۾ ڏاڍو مقبول ٿيا ۽
تيزيءَ سان وڪاڻا سنڌ ۾ پيريءَ
مريديءَ جو ڏاڍو زور هو ( اڃا به آهي
) ڏيپلائي صاحب، پيرپرستيءَ
جي خلاف لکيو ۽ دل کولي لکيو، پر،
پيرن يا سندن مريدن به کيس ڪو نقصان
ڪو نه پهچايو. پر جڏهن انسان رسالو
ڪڍيائين، تڏهن جيل ۾به پيو ۽ مالي تنگ
دستيءَ جو عذاب الڳ ڏٺائين . سندس وڏي
فرزند مهمد علي ڏيپلائيءَ هڪ دفعي مون
سان انه ڏکين ڏينهن جو ذڪر ڪيو، جڪو
ڏاڍو دلپذير هو. ان کانپوءِ سندس
همشيره محترمه ثريا سوز ڏيپلائي
به
ساڳيءَ ڳالهه جي تصديق ڪئي ته بابا
اسان کي ڪڏهن احساس ٿيڻ ڪو نه ڏنو ته
هو مالي لحاظ کان ڏاڍن ڏکين ڏينهن مان
گذري رهيوآهي، پر اسان کي اندازو ٿي
ويو.
ڏيپلائي صاحب سڀ سور ڏٺا، پر هيڻي
ڪو نه ٻوليائين جڏهن،ون يونٽ، ٽهيو
تڏهن پنهنجيءَ عبرت اخبار کي ڪاري
بارڊر ڏئي، سنڌ اسيمبلي ۽ جي
وڏيرن ميمبرن تي اقبال جو هي شعر فتويٰ
وانگر ڇا پيائين:
دهقان و کشت و جُوي و خيابان فروختند،
قــــوم فرختـــند و چـــه ارزان
فــروخــــتند
ڏيپلائي صاحٻ پهريون دفعو سن 1958ع ۾
ايوب خان جي مارشل لاءِ جيل ۾ پيو.
نامور هاري اڳواڻ، حيدربخش جتوئيءَ کي
به ساڻس گڏ سلهاڙيائون، جڏهن آزاد
ٿيو، تڏهن اسان سان ڳالههڪندو هو ته
جيل ۾ 1958ع جي مارشل لا جي باري ۾
عام مشهور هو ته 1957ع ۾ تڏهوڪي ءَ
اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ون يونٽ کي
ٽوڙڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو هو. جنرل ايوب
خان، سڪندر مرزا جهڙن مهب وطن ماڻهن
سان ملي، مارشل لاءِ
۾ سنڌ ۾ رڳو اهڙا ماڻهو سرڪاري عتاب
جو نشانو ٿيا، جيڪي وطن دوست هئا، ڇو
ته ون يونٽ ٺاهڻ جو.
هڪ مطلب ته اهو هو ته اوڀر پاڪستان جي
اڪثريت واري پر ڳڻي ۾ پئرٽي (parity
) جو نسخو استعمال ڪري، بنگالين کي
منهن ڏجي، ۽ ٻيو ته اولهه پاڪستان ۾
ننڍن صوبن جو وجود ختم ڪجي ، ته جيئن
اتر ڦُرمار ۾ آساني ٿئي.“
ڏيپلائي صاحٻ مثال ڏنو ته ايوب شاهيءَ
جي وڏن ڪامورن ، فوجي عملدان ۽ خود
وڏين ڪورٽن جي ججن کي پهريائين ڪوٽڙي
بئراج جي ايراضيءَ
۾ زمينو الاٽ ڪيو ويو، پر اتي زمين ۾
ڪلر نڪري آيو، ته کين روهڙيءَ وٽ دبر
ٻيلو ڪاٽِ زرخيز زرخيز زرعي زمينون
الآٽ ڪيون ويون.هڪ طرف سرڪاري نعرو هو
ته وڻ پوکيو“ ٻئي طرف سرڪار پاڻ پئي
سنڌ جا سرسبز ٻيلا ڪاٽيا.
ڏيپلائي صاحب اهڙيون ٻيون به گهڻيون
ڳالهيون ڪندو هو. اسان گهڻو ڪري ڪراچي
هوٽل ۾ گڏ ٿيندا هئاسين. اتي ڪچهريءَ
جا ٻيامکيه ميمبر شيخ علي محمد، غلام
محمد گرامي ۽ سرائي اميد علي هوندا
هئا. ننڍيءَ عمر وارن ۾ مان ۽ تنوير
عباسي هوندا هئاسين. ٻيا به الاهي
دوست ايندا هئا.جيل ۾ ڏيپلائي صاحب جو
رات ڏينهن رفيق حيدربخش جتوئي صاحب
هوندو هو، جنهن جو مٿس وڏو اثر پيو.
جتوئي صاحب ڊپ ڊاءُ
ته سکيو ئي ڪو نه هو، ٻيو ته ٺهيو،
جسٽس منير جي خلاف به چوپڙي ڇپائي
هئائين، جنهن جو نالو هو:
injustice of the chief justice
حڪومت کي ان چوپڙيءَ
تي بندش وجهڻ جي جرئت ڪانه ٿي
ڏيپلائي صاحب جي اها راءِ
صحيح هجي يا نه هجي، پر اها ته حقيقت
آهت ته مهترمه بينظير ڀٽو صاحبه چڙهي
سنڌين جي ووٽن تي، پر هن به اڳوڻن
آمرن جي روايت قائم رکندي،سيد صاحب ک
ي سنڌ جي حقن جي حمايت ڪرڻ جي ڏوهه
ڪري، سمورو عرصو ڪاٺ ۾ رکيو. ٻيون ته
ٺهيو جڏهن سڪرات ۾ هو تڏهن به سندس
سرڪار جو سنتريم سيد صاحب جي سر تي
بندوق کنيو بيٺو هوته متان ڀڄي وڃي.
البت، جڏهن وفات ڪيائين، ته محترمه
وزيراعظم صاحبه سنس وارثن کي فاتح ڏيڻ
لاءَ بذات خود سندس گهر پير ڀري وئي،
۽ مرحوم جي روح جي مغفرت لاءَ باضابطه
نموني هٿ مٿي کڻي ، خدا کان داعا به
گريائين.
ڏيپلائي صاحب، حيدربخش جتوئي صاحب ۽
سيد صاحب ونگر جيسئن زندهه رهيو،
تيسين سنڌ تي ڪانه سوديباري ڪانه
ڪيائين. هنن ٻنهي وانگر ڏک به ڏاڍا
ڏٺئين،
پر انهن جي پرواهه ڪانه ڪيائين. سچل
شايد اهڙا اعليٰ
انسان خيال ۾ رکي چيو هو.
عاشقن کي شُور سختيون، محب
مهمانيونمُڪيون.
سنڌ ۽ بلوچستان م جاگيردارنه معاشرو
موجود آهي. ملڪ ۾ ٻه ٽي دفعا زرعي
سڌارا آيا آهن. هر ڀيري، زميندارن جي
زمين گهٽيجي ويندي آهي، پر سنڌ ۾
نوعيت نرالي آهي، ملڪ جي مشهور ٻاويهن
شاهوڪار خاندانن بابت انگريزيءَ ۾ هڪ
ڪتاب ڇپيو آهي، جنهن ۾ لکيل آهيت هن
سنڌ ۾ هڪ زميندار وٽ هڪ لک ايڪڙ زمين
آهي. ٻيو پنهنجيءَ محنت ۽ خداداد
ذهانت سان، اسي هزار ايڪڙ ڪري ويو آهي
.، ڪتاب ۾ بنهي جا نالا نشان سڀ لکيا
پيا آهن.
اهڙي قسم جي معاشري ۾ ماڻهن جي اڪثريت
، هارين نارين ۽ مهنت ڪش مزدورن تي
مشتمل هوندي آهي، جيڪي مسڪين جانورن
جي ليول تي نزدگي گذاريندا اهن.
بلوچستان ۾ ڪيئي
اهڙا ماڻهو آهن، جن وچارين کي سڄي عمر
جتي پائڻ نصيب ڪانه ٿي . سنڌ ۾ سوين
ماڻهو موجود آهن، جن اڃا ريل گاڏي
ڪانه ڏٺِ آهي. اسان جو پيرُ، ميرُ ۽
ڀوتار سنڌ جي ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڪُتي
جوقدر آهي.
ڏيپلائي صاحب سنڌ جي هڪ سردار صاحب جي
ڳالهه ٻڌائي ته نوابشاهه ضللعي ۾
پنهنجيڪنهن دوست وٽ دعوت تي ويو.
چاليهه ڪُتا ۽ ويهه نوڪر وٺي ويو.
سياري جي مند هئي. نوڪر رات جو هڪ هڪ
ڪُتي لاءِ اڍائي سير کير ڪاڙهي کڻي
ايندا هئا، جنهن ۾ مصري ۽ ڦوٽا پيل
هوندا هئا. ڪُتا جيڪو کير بچائينداهئا
، سو ڃمائي رکندا هئا صبح جو اهو
ڌؤنرو ڪتن کي ڏيندا هئا . منجهند جو
ڪتن کي چينيءَ جي پليٽن۾ پلاءُ ڏيندا
هئا . گرميءَ جي مند ۾ آبهوا بدلائڻ
لاءِ سردار صاحب پنهنجا ڪُتا
ڪوئيٽاموڪلي ڏيندو هو.
ڏيپلائي صاحٻ ان قسم جي انڌير خلاف
احتجاج ڪيو. سندس آواز بادلن جي گجگوڙ
هو يا واءِ بلبل، سا ڳالهه اڳتي هلي،
تاريخ نويس پرکيندا، پر هن جيئن
سمجهيو، تيئن ڪيو . ڏک ڏٺائين ، پر
دانهن ڪونه ڪيائين.اڄ سندس اولاد ڏک
ڏوالائي کان آجو آهي. عزت آبروءَ وارو
آهي. سکيو ٽڪر کائي ٿو. پيرن ،مرن ۽
ڀوتارنجي اولاد وانگر کريل ڪونهي. اها
ڳلاهه سنڌ جي عام ماڻهن لاءَ سبق آهي.
ڏيپلائي صاحب جي مون سان سڄي عمر مهبت
رهي. سٺيون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. اهي
مون کان وسرن ئي نٿيون. ڏاڍو شگفته
مزاج هو. پوين سالن ۾ پاڻ شيخ علي
محمد ۽ مان، ٽئي ڄڻا، حيدرآباد گاڏي
کاتي واريءَ سلطان هوٽل ۾ 31 ڊسمبر
تي، پوري رات جو ٻارهين بجي، ڪسٽرڊ
پڊنگ کائي، وات مٺو ڪندا هئاسين.
نيئين سال جو جشن ملهائيندا هئا سين.
هاڻي انهيءَ تاريخ تي ٻئي يار ڏاڍو
ياد ايندا آهن. منهنجون نگاهون هيڏي
هوڏي هنن لاءَ وجهائينديون آهن، پر
آخر رراس ٿي، مون وٽ ئي موٽي
ايندوينآهن. مير تقي مير ياد ايندو
آهي:
مت سول وميه سمجهو، پهرتا وه فلک
برسون
تــــب خاک کـــه پردٿ سٿ انسان نکلته
هيه
*** |