|
ڊاڪٽر حميده کهڙو
منهنجو استاد
ـ منهنجو رهبر
اهو صحيح آي ته منهنجي ڏيپلائي صاحگھب
سان ڪڏهن ملاقات نه ٿي سگهي، پر تنهن
هوندي به آءُ چئي سگهان ٿي ته آءُ پاڻ
کي ڏيپلائي جنريشن مان سمجهان ٿي. اها
جنريشن، جيڪا ڏيپلائي صاحب کام تمام
گهڻو مٿاثر ٿي.
اسان جي وقت ۾ ٽي درجا سنڌي پڙهڻ کان
پوءِ انگريزيءَ ۾ تعليم شروع ٿيندي
هئي، سو مون به ٽي درجا سنڌي ڪراچيءَ
۾ پڙهيا. اهي ڏيپلائي صاحٻ جا ڪتاب
هئا ، جن اسان کي نه صرف سنڌي
سيکاري،بنلڪ تاريخ پڻ ڇڙهائي اسالمي
دنيا جو نظارو ڏيکايرو، مان ته ائين
به چونديس ته اڄ جو آءُ تاريخدان بني
آهيا، سو به ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن
پڙهڻ ڪريآ! اهي ڏيپلائي صاحب جا
تاريخي ناول هئا جن ج4ي ڪري مون کي
تاريخ ۾ دللچسپي پيدا ٿي. سندسن ڪتابن
جو مطلا0عو اسان لاءِ تمام وڏو تعليمي
۽ تربيتي عمل (educative
process)هو.
سندس ڪتاب تمام دلچسپ هوندا هئا اسان
۾ ان
وقت تنقيدي لاحيت ڪانه هئي، تنهنڪري
مان اهو ته چئي نه ٿي سگهان ته انهن
ڪتابن جي سنڌي اعليٰ
هئي يا نه ، پر اهو ضرور چونديس ته
اسان انه لکڻين جو هڪ هڪ لفظ تمام شوق
سانپڙهندا هئاسون . اتا ترڪ، انور
پاشا،
نورِتوحيد، ڏاهري رنگ محل، هر قسم جا
هر موضوع تي ناول ، اانس انهن جو
ڏاڍيي شوق سان انتظار ڪندا هئاسون :
تنهنڪري مان چئي سگهان ٿي ته مان ۽
منهنجي عمر جا گهڻائي سنڌي ، انهيءَ
تعليمي عمل مان گذرياسون..
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته پاڪستان
موومينٽ هڪ ليول تي ته سياستدان وڙهي
رهيا هئا. ڪانفرنسن ۾ ميٽنگن ذريعي،
پر اهو ڏيپلائي هو جنهن انهيءَ تحريڪ
کي عوام ۾ ايئن مقبول (popularize)
ڪيو هو، جو هر هڪ نوجوان، هر هڪ ٻار،
هرهڪ گهر انهيءَ کان متاثر ٿيو.
ڏيپلائيءَ جون لکيڻيون هڪ دريءَ مثل
هيون، جنهن مان هنن دنيا کي ٿي ڏٺو،
جنهنڪري هنن ۾ جذبو پيدا ٿيو ۽ سنڌ ۾
پاڪستان تحريڪ لاءِ هيڏي وڏي تائيد
(support)
پيدا ٿي.
مون کي انهيءَ ڳالهه جو بلڪل افسوس
آهي، جو منهنجي نظر ۾ ڏيپلائي صحب
لاءِ هيءَ ( وڏي پئماني تي ) پهرين
تقريب ٿي آهي. پاڪستان ٺهنم کانپنجاهه
سال پوءِ حلانڪ اسان سندسن ڪتاب
پاڪستان ٺهڻ کان گهڻو اڳ
پڙهنداهئاسون.
اها سنڌين جي گهڻين ڪو تاهيئن مان هڪ
وڏي ڪوتاهي آهي، جو پنهنجي وڏن ماڻهن،
اديبنن، علمن ۽ ليڊرن جو قدر ڪو نه
ڪندا آهيون جيڪڏهم محمد علي ڏيپلائي
هيءَ ڪوشش نه ڪري ها ته ڏيپلائي صآحب
کي اڃا به وسري ويٺ هجون ها. اوهان جي
مهرباني محمد علي صاحب ، جواوهان
پنهنجو فرض ادا ڪيو ۽ سنڌي قوم کي ياد
ڏياريو ته ڏيپلائي صاحب ان تي ڪيترا
آحسان ڪيا آهن . هن نه رڳو سنڌي قوم
کي سياسي طور اجاگر ڪيو ، پر پنهنجي
تعليم ، سنڌي زبان پڙهڻ ۽ تريخ جي ڄاڻ
جو شوق پيدا ڪيو... اميد ته هي سلسلو
جاري رهندو ۽ ڏيپلائي صاحب کي هر سال
ياد ڪيو ويندو .
( ڏيپلائي صاحب جي ورسي ته 2001ع ۾
ڪيل تقرير تان ) |