شخصيتون آن لائن  

 

مظهر الحق صديقي

 

ڏيپلائي - دردوند دل وارو مجاهد

توهان محسوس ڪيو هوندو ته هتي ايندي ۽ هنن مقالن کي ٻڌندي، آءُ ڊڄي ڊڄي اڳيان وڌيو آهيا. ڏيپلائي صاحب سان عقيدت ۽ محبت جو جذبو مون کي اڳتي وٺي ته آيو، پر اها گهرائي، اهو عمق مون ۾ نه آهي،جو مان ايڏي وڏي مجاهد هڪ عظيم مجاهد،مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي اهڙي نموني خراج عقيدت پيش ڪريان، جهڙي نموني آءُ ڏيڻ چاهيان.

هتي تمام اعليٰ مقالا پڙهيا ويا آهن ۽ سٺن خيالن جوا ظهار ڪيو ويو آهي. ڏيپلائي صاحب سان منهنجوهڪ ٻيو تمام جذباتي تعلق پڻ آهي: آءٌ گاڏي کاتي مان آهيان ۽ ڏيپلائي صاحبپڻ گاڏي کاتي جو،۽ سنڌ يونيورسٽيءَ به گاڏي کاتي مان ئي حقيقي معنيٰ ۾ شروعات ڪئي. پوءِ انهي اڳتي هلي، ڄام شوري ۾ علامه آءِ . آءِ . قاضيءَ جو چونڊيل هڪ اعليٰ مقام، هڪ مٿاهين مقام تيموجوده صورت ورتي. سنڌ يونيورسٽيءَ وانگر اسان جي ابتدا پڻ گاڏي کاتي مان ٿي.

اسان جو بزرگ محمد عثمان ڏيپلائي وڏو عالم  محققق هو، پر جيئن مون چيو ۽ انهيءَ لفظ تي آءٌ وري زور ڏيندس ته هو هڪ عظيم مجاهد هو. آءٌ سمجهان ٿو ته ايڏو جري ماڻهو سنڌ جي سر زمين تي نه آيو، جيڏو محمد عثمان ڏيپلائي هو. سندس قلم ڄڻ ته وڄ جهڙا چمٽڪاٽ ڪندو هو. ڏيپلائي صاحب سچ پچ ته هڪ وڏو مجاهد هو. قلمسندس تلوار هو. انهيءَ مان نه صرف وڄ جا چمڪتاٽ ڪيا، پر ڄڻ ته خون جون ندديون وهايون. انهن جي خون جون نديون، جيڪي اسلام  ۽ سنڌ جا دشمن هئا! ڏيپلائي صاحب ”نور توحيد“ ۾ اسلام جي مختلف مجاهدن جا نالا ورتا آهن ۽ شاعرانه انداز ۾ انهن جي بهادريءَ ۽ تلوار هلائڻ جا قصا بيان ڪيا آهن.

اوهان ”نور توحيد“کي ڏسندئو  ته بنيادي طرح ته اها رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سوانح حيات آهي، پر انهيءَ ۾ ڏيپلائي صاحب جي دور جي حالتن جا حوالا ضني طور تي بار بار نهايت دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيل آهن. انهيءَ طرز کي انگريزيءَ ۾ ”انارڪزم“ (anarchism) چئبو آهي. ڳالهه هلي پئي رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي ۽ بيان پيو ٿئي ڪانگريس جي مسلم دشمن رويي جو، بيان پيو ٿئي سنڌ ۾ وڏيرن جي ظلم جو، بيان پيو ٿئي ”هاري حقدار پريس“ جو، جنهن تي ڪجهه تنقيدي جملا به لکيا اٿس!

جيئن غلام مصطفيٰ دادوي صاحب چيو، ڏيپلائي صاحب جي سوچ ۽ لکڻين جا ٽي دور ٿين ٿا: ”نور توحيد“ پهرئين دور جو ڪتاب آهي. ”هاري حقدار“ تي نڪته چيني ڪرڻ وارو دور ”انسانيت“ واري دور کان اڳ جو هو،جيڪو اسلامي جذبي ۽ جوش وارو دور هو. اسلام جي انسانيت واري نميءَ ۽ ملائمت جو دور بعد جي ڳالهه آهي. حيدربخش جتوئيءَ جون به پنهنجي نموني وڏيون خدمتون آهن،بلاشڪ هو به غريب لاءِ وڏو مجاهد هو.

جيئن مون عرض ڪيو، ”نور توحيد“۾ بنيادي طور تي ناول جي طرز تي نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم جي حيات مبارڪ جو بيان پيش ڪيل آهي، پر اهڙي نازڪ موضوع ۾ به عصري تقاضائن جو ڏاڍو اثر انگيز طريقي سان بيانٿيل آهي. مون کي اجازت ڏيو ته ڪجهه مثال پيش ڪريان:

اوهان صفحي 290 جو فوٽ نوٽ ڏسو. بابجو عنوان آهي: ظلم شهيد ڪرڻ ۽ انهي جي نتيجي ۾ سندس ڳوٺ تي پليڪ جو، خدائي ڏمر جي شڪل ۾ وارد ٿيڻ جو ذڪر آهي. ڏيپلائي صاحب انهيءَ واقعي جو سلسلو 1937ع ۾ هندستان ۾ ڪانگريسي حڪومت جي ظلمن ۽ پنجاب ۾ سڪندر حيات حڪومت طرفان خاڪسار تي ڪيل ظلم سان ملائيندي فوٽ نوٽ ۾ لکن ٿا:

”هندستان ۾ ڪانگريس پنهنجي چند روزه حڪومت تي مغروري ٿي غريبمسلمانن کي ستائڻ ۾ مٿن ظلم ڪرڻ ۾ نه گهٽآيو ته قدرت صاحبيءَ کي سڃ ڪري ڏيکاريو ۽ اهي شخص جي بيبانگ بلند هو ڪو ڏيندا هئا ته هندستان ۾ صرف ٻه طاقتون آهن: برطانيا ۽ ڪانگريس، سي اڄ تسليم ڪري رهيا آهن ته نه، ٽين طاقت مسلمان به آهن!

پنجاب ۾سڪندري حڪومت بيگناهه خاڪسارن جون اَنُ پاڻي بند ڪري کين مسجدن۾محصور ڪيو، ۽ 19 بيگناهه مسلمانن کي شهيد ڪرايو ته، عين پُٽ جي شاديءَ جي موقعي تي سر ڪندر حيات جي سڪندري ختم ٿي  انهي ئي بادشاهي مسجد جي ڪنڊ ۾ سڪندر حيات، بيوس ۽ بيجان ستل هو ۽ علامه مشرقي بيشمار ماڻهن کي مخاطب ٿي بلند آواز سان تقرير ڪري رهيو هو!“

اوهان ڏسندئو ته ڏيپلائي صاحب جي من ۾ پيغام ڏيڻ جو جيڪو جذبو آهي، سو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي هن سوانح ۾ به ظاهر آهي. ڏيپلاءِ صاحب جي دل ۾ مسلمانن جو ايڏو ته درد آهي، ايڏو ته جذبو آهي، جو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جهڙي عظيم شخصيت، جنهن جهڙي وڏي شخصيت الله تعاليٰ نه خلقي آهي، ان جو ذڪر لکندي به هو مسلمانن جي ڪانگريس واري دور جي مسئلن جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهي  انهءَ مقصد کي هن ڪاميابيءَ سان حاصل پڻ ڪري ٿو!

اهڙي نموني معاشري جي اصلاح جو پڻ ڏيپلائي صاحب جي دل ۾ درد آهي. هو ڏسي ٿو ته سنڌ ۾ گهڻا ماڻهو شرڪ ڏانهن مائل آهن ۽ پير پرستي وغيره ۾ ورتل آهن. حضور صلي الله عليه وسلم جي ”حيات طيبه“ جو ذڪر ڪندي کين هڪ واقعو ياد ٿو اچي. جيئن اوهان کي خبر هوندي، مسلمانن حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سرڪردگيءَ ۾ عمري جو قصد ڪيو، انهيءَ واقعي جو سورة فتح ۾ به ذڪر آهي. جڏهن اهو قافلو حديبيه جي مقام تي پهتو ته کين ڪافرن ڏانهن اماڻيو ويو، جن جي واپس نه اچڻ ڪري سندن شهادت جا خدشا پيدا ٿي پيا هئا. حضور جن هڪ ٻير جي وڻ هيٺ ويهي سڀني مسلمانن کان بيعت ورتي ته قريشين کان انهي جي بدلي وٺڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي ويندي. انهيءَ بيعت کي ”بيعت رضوان“ چئبو آهي. انهيءَ واقعي جي اسان سڀنن کي خبر هوندي، پر جيڪا ڳالهه آءُ اوهان کي ناول جي حوالي سان ٻڌائڻ چاهيان ٿو، اُها اِها آهي ته ٻير جو اهو وڻ، جنهن جي هيٺان حضور جن آرام فرمايو هو ۽ بيعت ورتي هئي، اهو وڻ اڳتي هلي ڪمزور عقيدي وارن مسلمانن وٽ تمام متبرڪ ٿي پيو. ماڻهو انهيءَ ٻير جا پڻ بيماريءَ وغيره واسطي کائڻ لڳا. حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه تمام سخت قسم جو ماڻهو هو،

تنهن انهيءَ ٻير جي وڻ کي پاڙئون پٽائي ڇڏيو! ڏيپلائي صاحب اهو واقعو اڄ ڪلهه جي جُڙتو پيرن ۽ فقيرن ۽ انهن جي جاري ڪيل شرڪ وارين ڳالهين جي حوالي سان ڪيو آهي. اهو واقعو نهايت دلچسپ انداز ۾ ناول جي صفحي 372-73 تي بيان ڪيل آهي. منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته ڏيپلائي صاحب، حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي سوانح مبارڪ بيانڪرڻجي اعليٰ مقصد سان ٻيا اعليٰ ضمني مقصد به سهڻي نموني ڳنڍيا آهن.

توهان سوچيو ته جنهن دور ۾ ڏيپلائي صاحب پنهنجي قلم جي تلوار بي نيام ڪئي، اُن وقت مسلمانن جي ڇا حالت هئي؟ متعصب هندو اسان کي جاهل ۽ ڄٽ سمجهندا هئا  پنهنجي ڪلچر کي ڪيڏو نه اعليٰ سمجهندا هئا. اهڙي وقت ۾ ڏيپلائي صاحب جون اهي لکڻيون وڏي جهاد جي ڳالهه هيون. اُن وقت هن جيڪا جنگ جوٽي، مون کي ياد نه ٿو اچي ته اسان جي، سنڌ جي تاريخ ۾ ايڏو وڏو مجاهد پيدا ٿيو هوندو، جنهن جي قلم جي تلوار ۾ ايڏو چمڪاٽ ۽ ايڏو اثر هجي. هو پنهنجي قوم جي دشمنن سان ويڙهاند ۾ ڄڻ ته ظالمن جي رت جون نديون وهائيندو ٿي ويو. مون وٽ سچ پچ ته مناسب لفظ نه آهن، جو ڏيپلائي صاحب جي خدمتن ۽ ڪردارن جو صحيح ذڪر ڪري سگهان، پر مون کي غالب جو هڪ شعر ياد ٿو اچي، جيڪو منهنجي عقيدت ۽ جذبي و اظهار ٿو ڪري:

زبــــــان پـــر بـــعــــدِ خدا يه کــــس کــــا نــــام آيــــــا،

ڪه ميرے نطق نـ بوسـ لئـ ميري زبان کـ

 

(19 مارچ 2001ع تي ڪراچيءَ ۾، ”نور توحيد“ جي مهورت جي موقعي تي ڪيل تقرير جو اختصار)

 

 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >