|
محمد علي ڏيپلائي
موحدءَ کان مرشديءَ
تائين
سنڌي اديبن ۽ صحافين جي عملي زندگيءَ
جو قريبي مشاهدو ڪنهن به دردونديءَ دل
کي انهيءَ نتيجي تي پهچائيندو ته ڪم
از ڪم موجوده دور ۾ محرومين، پريشانين
۽ آزمائشن جي گهڻائيءَ ۾ اسان جي
معاشري جو ٻيو ڪو به طبقو ايترو نه ٿو
پيڙجي، جيترو سڄاڻ ۽ باضمير اديبن کي
پيڙجڻو ٿو پوي. باضمير سنڌي اديبن ۽
صحافين کي ڌارين جا ڏنگ ته مسلسل
لڳندائي رهندا آهن(۽ انهن کي برداشت
به ڪري ويندا آهن)، پر پنهنجن کان به
وري ۽ وقتي واه واه کان سواءِ ڪجهه به
حاصل ڪو نه ٿئينِ. اها ستائش به (جيڪا
گهڻو ڪري مٿاڇري ۽ منافقيءَ سان ڀريل
هوندي آهي) ڪن ڀاڳ وارن کي نصيب ٿيندي
آهي. اڪثر ڪري پنهنجن کان به عملي طور
تي حسد ۽ منافقت جا ڏنڀ نصيب ٿيندا
اٿس. انساني عظمت ۽ اهميت کي صرف
تونگريءَ ۽ اقتدار جي ڪسوٽيءَ تي
ڪٿيندڙ معاشري ۾ غريب مگر ايمانداري ۽
سچي سنڌي اديب جي حيثيت عملي طور هڪ
فقير کان به بدتر آهي،البت معاشري طور
تي خوشحال اديبن جو معاملو ڪجهه مختلف
آهي. پر سوال اٿي ٿو ته ڇا ڪري سگهي
ٿو؟ ڇا هو اسان جي معاشري جي پيڙيندڙ
قوتن ۽ رت چوسيندڙ آواز تي لبيڪ چئي
مصلحتن کان منهن موڙي سگهي ٿو؟ منهنجو
مشاهدو هن معاشري جي اصولن پٽآندڙ،
سماجي چورن سان ڪٿي نه ڪٿي، ٿورو يا
گهڻو ڪري ليوٽا لسٽاءِ جهڙو ٿئي ٿو،
جيڪو باوجود هڪ وڏي جاگيردار هجڻ جي،
پنهنجي ئي گهر وارن لاءِ ناقابل
برداشت ٿي پيو هو ۽ سندس موت نهايت
ڪسپرسيءَ واري حال ۾ٿيو. اديب جيڪڏهن
سچو ۽ باضمير آهي ته پوءِ کيس
ٽالسٽاءِ وانگر آڙام، آسائش ۽ رتبي
واري زندگيءَ تان هٿ کڻڻ ته گوارا
هوندو آهي، پر هو سماجي براين ۽ انهن
براين جي خالقن سان ڪنهن به قسم تي
ٺاهه يا سمجهوتو ڪرڻ قبول نه ڪندو
آهي. دنيا جا بيدار بخت معاشرا، اهڙن
باشعور ۽ باضمير شخصيتن جو قدر ڪندا
آهن ۽ کين ضروري تحفظ پڻ مهيا ڪندا
آهن، پر اسان جي معاشري، خاص طور تي
سنڌي معاشري ۾ هڪ باضمير اديب ۽
صحافيءَ جي زندگي، محرومين،مشڪلاتن،
ڏکن ۽ آزمائشن جي هڪ طويل ۽ دردناڪ
داستان ٿيو پوي ٿي.
حياتيءَ جي ابتدائي دور ۾، چؤطرف ادبي
ماحول هئڻ ڪري نهايت مختصر عرصي لاءِ،
مون ۾ شايد ڪجهه اديبانه جراثيم ظاهر
ٿيڻ لڳا هئا، پر والد صاحب (مرحوم) ۽
ٻين اديبن جي ڏکن ۽ ڏوجهرن واري زندگي
ڏسي، انهيءَ ڪنڊن ڀريل طويل پيچري تي
هلڻ جي همٿ ته نه ٿيم: البت اهو ارادو
ڪيم ته پنهنجيون سموريون صلاحيتون صرف
انهيءَ ڪري لائق ضرور ٿينديس، جو بابا
کي معاشي ۽ معاشرتي پريشانين کان
بچائي، جيتري قدر به ٿي سگهي، کيس
سندس مجاهدانه مشن جي تڪميل ۾ مددگار
ٿيندس. انهيءَ مقصد ۾ ڪيتري قدر
ڪامياب ٿس، اهو چوڻ ته مشڪل آهي، پر
والد صاحب منهنجي انهيءَ خطا کي آخر
تائين معاف نه ڪيو. سندس نظر ۾ منهنجو
اهو رويو ڪم همٿيءَ ۽ بزدليءَ جو
مظهرهو. هڪ پٽ جي شايد اها وڏي ۾ وڏي
تمنا هوندي آهي ته کيس پنهنجي پيءُ
کان ستائش ملي، پر هڪ سچي مجاهد جي
حيثيت ۾بابا منهنجي طرفان مليل معاشي
مدد ۽ تحفظ کي ڪڏهن به تحسين جي نگاهن
سان نه ڏٺو. مسلسل بيماريءَ ۽ شريڪ
حيات جي وفات سندس جسم کي ڪمزور ضرور
ڪري ڇڏيو هو، پر سندن روح ۽ ضمير
اڳئين کان بهاڳرا ٿيندا ٿي ويا. شديد
مجبوريءَ جي حالت ۾ مدد وٺندي به اها
وضآحت ضرور ڪندو هو ته اها مدد مٿس
قرض آهي، جنهن جي ادائگي هو حالتن جي
”درست“ ٿيڻ تي ضرور ڪندو. شديد مجبوري
به ڪهڙي؟ ڪو ڪتاب ڇپائڻ، پريس جي
ورڪرن جون بقايائون ادا ڪرڻ، قرض
خواهن کي وقتي طور تي منهن ڏيڻ، اهي
ئي هونديون هيون سندس ”شديد
مجبوريون“! ذاتي آرام ۽ ضرورتن خاطر
ڪڏهن به رقم نه گهريائين. البته
منهنجي ڪمزوريءَ کي سمجهندي، (آءُ کيس
ذاتي ضرورتن لاءِ بنا هٻڪ زور ڪري به
پئسا ڏيندو هئس. البته گذريل 8-10
سالن واري سياسي ۽ سماجي ماحول کي
ڏسندي، کيس ڪتابن يا رسالن جي اشاعت
کان باز رکڻ جي ڪوشش ڪندوهئس) ذاتي
ضرورتن جو بهانو ڪري، وقتاَ
پئسا کڻي ڪو نه ڪو رسالو يا ڪتاب ڇپي
ڇڏيندو هو ۽ گهڻو ڪري هر دفعي جيل يا
مقدمي ۾ ڦاسندو هو. هن مردار، انڌي،
ٻوڙي ۽ گونگي معاشري جو هڪ فرد هجڻ جي
باوجود کيس مستقبل ۾ اڻ کٽ ويساه
هوندو هو. بينادي طور تي هو هڪ
Optimistic
يا روشن نظر انسان هو. سندس بي انداز
عزم ۽ مستقبل ۾ اڻ کٽ ويساه ڏسي، مٿس
ڪڏهن پيار ايندو هو، ڪڏهن رشڪ ٿيندو
هو ته ڪڏهن وري رحم ايندو هو.
بابا جهڙا قانع ۽ خود ڪفيل به ڪي ٿورا
هوندا. صابر هجڻ هڪ پيغمبرانه خصلت
آهي. بيشڪ صابرين جو وڏو درجو آهي، پر
صبر جو تعلق جيڪو تڪليف ۽ محروميءَ کي
محسوس ڪرڻ جي باوجود انهيءَ کي الله
تعالى
ٰ
طرفان آزمائش سمجهي، سڪون سان برداشت
ڪري. پر جنهن واسطي هوند اڻهوند،
سڃائي ۽ فراواني، راحت ۽ رنج، سفر ۽
سڪوت ۾ ڪو به فرق نه هجي، جيڪو جيل کي
قدرت طرفان سانگهڙ، (ناول) لکڻ جو
موقعو سمجهي، اهڙي شخص کي ڇا چئجي؟
جهڙي به ماني ملي بسم الله، جڏهن به
ملي ماشاءَ الله، بسترو مليو ته ٺيڪ،
نه مليو ته به خير! پئسو آهي ته
ضرورتمندن تي بنا هٻڪ خرچ ڪرڻ، نه آهي
ته ٺهيو. سندس زندگي آرام، آسائش،
هوندو، اڻهوند، ۽ ڏک سک جي تصور کان
تقريباَ
خالي هوندو هئي. البت ٻين جي ڏکن
ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ هر وقت هر
قدم کڻڻ لاءِ بيتا. ذاتي دشمنيءَ جو
به سندس فلسفهءِ زندگي ۾ ڪو تصور ڪو
نه هو. ڪنهن سان جنگ ڪرڻي، ته به ٻين
مظلومن خاطر يا ڪنهن اجتماعي اصول
خاطر. اهڙن موقعن تي ذاتي دوستن کي ڪا
به اهميت ڪا نه هوندي هئي. ميرن،
پيرن، خوجن، مختلف مذهبي ۽ سماجي
گروهن سان اصولي جهاد هوندي به ساڻن
ذاتي طور تي بي انتها پر خلوص تعلقات.
اهڙا مثال ڪيترائي ملندا، جو اصولي
طور تي مخالف دوستن جون اخبارون ۽
ڪتاب (جن ۾ والد صاحب واسطي سخت ۽ اڻ
سهائيندڙ لفظ به شامل هوندا هئا) اسان
جي پريس ۾ ڇپبا هئا. دوستن جون گاريون
۽ بحث مباحثا به پيا هلندا هئا ته وري
کاڌي پيتي جون دعوتون ۽ چانهه جا دور
به جاري. ڪمپوزر ۽ ٻيا ورڪر اهي نظارا
حيرت سان پيا ڏسندا هئا ته فلاڻو سيد
سڳورو پريان ته وات مان گجي وهائيندو،
ڏيپلاءِ صاحب کي گاريون ڏيندو پيو
اچي، پر سندس اخبار يا ڪتاب ڏيپلائي ۽
چانهه به گڏ پيئڻ لازم!
نوجوان ٽهيءَ لاءِ بابا کان وڌيڪ شايد
ئي ڪو همٿائيندڙ شخص هوندو. ڪافي عرصو
ملڪ کان ٻاهر رهڻ ڪري مون کي والد
صاحب جي آخري زماني بابت گهڻي واقفيت
نه هئي. آگسٽ 1980ع ۾ واپسيءَ تي اهو
ڏسي حيران ٿي ويس ته مرحوم وٽ سڄو
ڏينهن گهر توڙي پريس تي نوجوانن ۽
جوانن جا ميڙا لڳل هوندا هئا. فالج جي
حملن ڪري والد صاحب کي ڳالهائڻ ۾ ڪافي
اٽڪ ۽ تڪليف ٿيندي هئي ۽ سندس اڪثر
لفظ سمجهه ۾ مشڪل ايندي هئا، خاص ڪري
نئين ماڻهوءَ واسطي سندس ڳالهين ۾ ربط
تلاش ڪرڻ ڪجهه ڏکيرو معاملو هوندو هو،
پر تنهن هوندي به نوجوانن جا وٽس ميڙا
لڳل هونداهئا. پراڻا سنڌي، نوان سنڌي،
مسلمان، غير مسلمان، همخيال، مطلب ته
مڙس ۾ خبر ناهي ڪهڙي مڻيا هئي، جو
پنهنجا پرايا، ننا وڏا سندس چڳ وڍيا
چاڪر ٿي رهندا هئا. سڄي عمر پيريءَ
مريديءَ خلاف جهاد ڪيائين، پر پڇاڙيءَ
۾ وري پاڻ اچي مرشديءَ جي درجي تي
پهتو.
مطالعو ۽ مسلسل مطالعو، سندس زندگيءَ
۾ عبادت جو درجو رکندو هو. اٿندي
ويهندي، کائيندي پيئندي، سفر ۾، ريل
۾، جيل ۾، شادي ۾، غميءَ ۾، مطلب ته
ڪهڙو به موقعو هجي، هڪ منٽ به هٿ ٿي
آيس مطالعو شروع. ڪتابن، رسالن ۽
اخبارن خريد ڪرڻ جو جنون، پئسا هجن نه
هجن پر تازي اخبار، رسالو يا ڪو نئون
ڪتاب ضرور ۽ بنا دير جي وٺبو. انهيءَ
حد تائين ته ”بابا فلاڻو ڪتابته اڳيئي
ورتل آهي ۽ ٻئي هفتي ڪراچيءَ مان
ايندي کنيو ايندس“، ته چوندو ته ”ايڏو
انتظار ڪير ڪري!“ رسالا ڪتاب وٺندو،
پڙهندو ۽ دوستن ۽ اوڙي پاڙي ۾
ورهائيندو. جيترا ڪتاببابا خريد ڪيا،
اهي جيڪڏهن محفوظ ڪجن ها ته ڪم از ڪم
سنڌ جي حد تائين اسان اسان وٽ جيڪر
وڏي ۾ وڏي لائبريري هجي ها. پر دوستن،
واقفڪارن، اوڙي پاڙي وارن انهيءَ
وهندڙ درياءَ مان خوب اڃون اجهايون.
سندس ذاتي خرچن جي لسٽ ۾ سڀ کان
پهريون خرچ ڪتابن جو هوندو هو. ٻين
ضروري ڪمن واسطي پئسا هجن نه هجن، پر
ڪتابن ۽ اخبارن جي خريداري هر حال ۾
ضرور ڪرڻي، حتاڪه ضرور دوائن، ويندي
کاڌي خوراڪ لاءِ ڏنل رقم جو تصرف اول
ڪتابن تي ٿيندو هو. گهر ۾ روزانو ڪم
از ڪم 6، 7 اخبارون اينديونهيون. هر
اردو، سنڌي هفتيوار توڙي ماهوار رسالو
۽ ڊائجسٽ ۽ انهن ٻولين ۾ ڇپجندڙ هر ڪا
پبليڪيشن باقاعدگيءَ سان گهر ۾ آڻبي
هئي. هتي اهو ذڪر ڪرڻ پنهنجو فرض ٿو
سمجهان ته بابا جي جاري ڪيل ”عبرت“
جڏهن کان قاضي برادران طرفان شايع ٿي
آهي، ان ڏينهن کان اڄ تائين بنا ناغي
جي تحفتاَ
اسان وٽ ايندي رهندي آهي. سندن اها
شفقت والد صاحب جي وفات کان پوءِ به
جاري آهي. اهڙي وضعداريءَ جا مثال به
گهٽ ملندا.
بابا جي مذهبي عقيدي جو معاملو گهڻن
سطحي نظر وارن وٽ منجهيل ۽ ڪڏهن ڪڏهن
قابل اعتراض پئي رهيو آهي. هن مختصر
مضمون ۾ سندس مذهبي ۽ ذهني ارتقا جو
جائزو ۽ تجزيو ڪرڻ ممڪن نه آهي، پر
ابو بن ادهم جو قصو شايد بابا جي
نظريه زندگي ۽ پڻ مذهبي عقيدي جي
فرشتي ٻڌايو ته هو اهڙن ماڻهن جي
فهرست ٺاهي رهيو آهي، جيڪي خدا کي
چاهيندا آهن. ابو بن ادهم کانئس پڇيو
ته ڇا انهيءَ فهرست ۾ سندس نالو اهڙن
ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪيو وڃي، جيڪي
خدا جي مخلوق کي چاهين ٿا. ٻيءَ رات
خواب ۾ ساڳيو فرشتو ڏٺائين پڇيائين ته
ڇا سندس نالو انهيءَ فهرست ۾ شامل ڪيو
ويو آهي، جيڪي خدا جي مخلوق کي چاهين
ٿا؟ فرشتي مرڪي جواب ڏنس ته تنهنجو
نالو هاڻ انهن خوش نصيبن ۾ شامل آهي،
جن کي الله تعالى
ٰ
خود چاهي ٿو! اهڙو معاملو والد صاحب
سان به هو. سندس زندگيءَ جو بنيادي
نظريو انسان ذات جي ڀلائي ۽ آزادي هو.
هو سندس زندگيءَ جي بنيادي نظريو
انسان ذات جي ڀلائي ۽ ذادي هو مختلف
علمي ۽ ذهني ارتقائي دورن ۾ کيس جنهن
به رستي اهو بنيادي مقصد حاصل ڪرڻ
ممڪن لڳو، هن اهو رستو بلڪل صاف نيت
سان اختيار ڪيو. ڪنهن زماني ۾ والد
صاحب ٺيٺ ملو هوندو هو. شريعت جي هر
حڪم جي پيروي ڪرڻ ۽ ٻين کي اهڙي
پيرويءَ لاءِ تلقين ڪرڻ سندس محبوب
مشغلو هوندو هو. زندگيءَ جو عملي
تجربو ڪندي ۽ مختلف طبقن جي عملي
زندگيءَ جو مشاهدو ڪندي، هو عرفان جي
اهڙي درجي تي پهتو، جنهن جي ماهيت کي
سمجهڻ ”ڊگري زنده“ ۽ ڪتابي علم جي
ڪيڙن جي وس جي ڳالهه نه آهي. مون کي
اڪثر چوندو هو ته قرآن شريف ۾ الله
تعالى ٻڻ قسم جي بندن جو ذڪر ڪيو آهي:
”مومن“ ۽ مقرب“، ”مومن“ اهي آهن، جن
جو علم ۽ عمل شرعي حڪمن جي پابندي
تائين محدود آهي، پر ”مقرب“ اهي آهن،
جيڪي خدا جي مخلوق جي محبت ۽ خدمت جي
ڪري الله تعالى جي قريب آهن. پاڻ اڪثر
کلي چوندا هئا ته ”بابا مقرب آهيون.
مومن جي درجي کان مٿي، ڇاڪاڻ ته اسان
مذهبي جي روح ۽ اصل مقصد کي سمجهون
ٿا“. يعني
روزا، نمازون اي پڻ چڱو ڪم،
اوڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرين کي.
(شاهه)
مون کي توڙي ٻين ڀائرن ڀينرن کي بابا
ڪڏهن به ڪنهن خاص تعليم، پيشي يا
طريقه زندگيءَ لاءِ راغب يا مجبور نه
ڪيو. اسان سڀني کي پنهنجي تعليم حاصل
ڪرڻ، زندگيءَ جي تعمير ڪرڻ، مقصد حيات
جي تعين ڪرڻ جي مڪمل آزادي هئي.بابا
اگرچه اسان جي فيصلن تي سڌيءَ طرح اثر
انداز نه ٿيندو هو، پر انهن فيصلن تي
عمل ڪرڻ جي سلسلي ۾ هر قسم جي همٿ
افزائي ڪندو هو ۽ خرچ وغيره دل کولي
ڪندو هو. اسان مان ڪنهن به ڪڏهن به
ڪيتري به رقم کانئس گهري، هجڻ جي حالت
۾ بنا هٻڪ ڏيندو هو. ڪڏهن به خرچ جو
سبب نه پڇيائين ۽ نه ئي ڪا ٽيڪا ٽپڻي
ڪندو هو. ڇاٿا پڙهون، ڪيئن ٿا پڙهون،
ڪنهن سان ٿا ملون، ڪير ٿو اچي، انهيءَ
سلسلي ۾ سندس ڪو به دخل يا پڇا نه
هوندي هئي. البت جن ماڻهن جي زندگيءَ
کان متاثر هوندو هو، اڻ سڌيءَ طرح
انهن جو ذڪر ڪري انهيءَ جي زندگيءَ کي
مثالي قرار ڏيندو هو. اهڙيءَ طرح
لاشعوري طور تي اهي شخصيتون، اسان جي
ذهن ۾ آئڊيئل جو روپ اختيار ڪري ويون.
منهنجي سرڪاري نوڪري اختيار ڪرڻ کان
پوءِ اڪثر ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي ۽
ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ جا مثال ڏيندو رهندو
هو. جيئن ذڪر ڪيو اٿم، بابا طرفان
اسان کي ڪنهن به شعل يا ڪم جي منع نه
هوندي هئي. البته هڪ دفعو ڪنهن خاص
موڊ ۾ مون کي نصيحت ڪيائين ته”بابا،
دنيا ۾ جيڪي ويڻيئي سو ڪج، پر تماڪ
کان پاسو ڪج، جو اهڙي غليظ ۽ خراب
عادت ٻي ڪا به نه آهي.“ ۽ سچ پچ آهي
به ائين، جنهن شخص انهيءَ بنيادي
خرابيءَ کان پاسو ڪيو، تنهن جي ٻين
وڌيڪ قبيح ۽ غليظ عادتن جي چڪر ۾ اچڻ
جا امڪان البت گهٽ هوندا آهن.
کيس پنهنجن ۽ پراون جا ڏاڍا ڏنگ لڳا،
پر ڪڏهن ملول نه ٿيو ۽ نه ئي شڪايت
ڪيائين. 1972ع ۾ جڏهن ڪن پيرن ۽ ميرن
جي مهربانيءَ سان مون کي مارشل لا
ريگيوليشن 114 تحت جبري طور تي رٽائر
ڪيو ويو، تڏهن به کيس حڪومت لاءِ ڪا
شڪايت نه ٿي. البته ايترو سو ضرور
چيائين ته ڪهڙا نه نادان آهن، جو هڪ
نوجوان آفيسر کي چونڊي، ٽريننگ ڏئي،
ڪم جو بنائي، پوءِ نوڪريءَ مان ڪڍي
ڇڏيو اٿن، گويا سرڪار جو سمورو خرچ
اجايو يوو! ٻيو جي نوازش سان کيس سخت
اونهاري ۾ سکر جيل ۾ اماڻيو ويو، تڏهن
افسوس ان ڳالهه تي ٿيس ته اڳ ته غيرن
جي حڪومت ۾ گرفتار ٿيو هو، هاڻ پنهنجن
جي ظلم جي شڪايت ڪنهن سان ڪجي!
طويل بيماريءَ جو دور جنهن همٿ ۽ بي
نيازيءَ سان هن شخص گذاريو، سو به هڪ
عجيب قصو آهي. 1975ع کان وفات تائين،
مٿس فالج جا ٽي چار حملا ٿيا. هر دفعي
ڊاڪٽرن سندس صحتياب
(Recover)
ٿيڻ کان نا اميدي ڏيکاري ۽ هر دفعي
بابا سندن خدشن کي پنهنجي بي پايان
خود اعتماديءَ سان ختم ڪري ڇڏيو.
پنهنجي معمولات کي آخري ڏينهن تائين
برقرار رکيائين ۽ زندگيءَ ۾ مڪمل ۽
ڀرپور دلچسپي قائم رکندو آيو. نظر جي
ڪمزوريءَ جي باوجود بي حساب مطالعو
جاري رکڻ، هٿن ۾ نستائي ۽ لرزش جي
باوجود ”انقلاب ايران“ جهڙا ناول لکڻ،
مالي پريشانين جي باوجود ”سنڌ ٽائيمز“
۽ ”ساڻيهه ڊائجسٽ“ کي زنده رکڻ، هر
کاڌو پيتو شوق سان واپرائڻ ۽ ذوق سان
ادبي محفلن ۾ شريڪ ٿيڻ، هر نئين فلم
ضرور ڏسڻ، آئي وي سان ڪچهري ڪرڻ، پريس
ڪلب تي باقاعدي وڃڻ، پريس تي محفلون
مچائڻ، گهر تي ايندڙن سان ڪچهريون
ڪرڻ: مطلب ته جوانن کان وڌيڪ جوان ۽
جيئرن کان وڌيڪ جيئر هوندو هو.
2 فيبروريءَ تي صبح جو طبيعت ناساز
هجڻ جي باوجود اسان کي منع ڪندي،
پنهنجي ڏوهٽي کي چئي رڪشا گهرائي پريس
تي ويو. ٻنپهرن جو موٽي آيو ته سندس
طبيعت بيحد خراب هئي. شام تائين سندس
ڳالهائڻ تقريباَ
ختم ٿي ويو. هوش حواس به ڪي نالي ماتر
هئس. ڊاڪٽر عالماڻي صاحب کي وٺي آيا
سون، جنهن دوائون ڏنيون ۽ مڪمل آرام
جي هدايت ڪيائين. رات خير سان گذري،
صبح جو نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڪنهن
کي ٻڌائڻ کان سواءِ باٿ روم ڏانهن وڃڻ
جي ڪوشش ڪيائين، پر اتي پير ترڪي پيس.
کيس واپس بستري تي آندو ويو، پر اهڙي
بيهوشيءَ جي حالت ۾ به ٻين کي پنهنجي
اوگهڙ ڏيکارڻ کان نٽائيندو رهيو. پوءِ
اشارن ۾ چيائين ته کيس ڪوٽ ۽ ٽوپي
وغيره پارائي وڃي. هٿ ۾ لڪڻ کڻي
پنهنجي ننڍي ڏوهٽي کي رڪشا آڻڻ لاءِ
اشارو ڪيائين، جيئن پريس تي وڃجي.
سندس اهي سڀ حرڪتون غير ارادي هيون،
جو هوش نه هجڻ برابر هئئن. ڪجهه دير
کان پوءِ معمول مطابق ”عبرت“ اخبار
گهرايائون. اها بيهوشيءَ جي عالم ۾ هٿ
۾ پڙهڻ جي نموني سان جهلي، اٿلائي
پٿلائي پوءِ چيائيون ته هاڻي ٻي اخبار
يعني ”جنگ“ ڏيو. مطلب ته بيهوشيءَ جي
عالم ۾ پنهنجي روزاني وارا سمورا ڪم
سر انجام پئي ڏنائون. ڪجهه دير کان
پوءِ سندن ڳالهائڻ صفا ختم ٿي ويو ۽
حالت وڌيڪ بگڙڻ لڳي. 12 بجي ڌاري
پروفيسر عظيم کي گهرايو ويو، جنهن
هڪدم ايمرجنسي وارڊ ۾ داخلا واسطي
چيو. 12 بجي کان 3 بجي تائين حيدر
آباد ۾ ڪنهن به هنڌان ايمبولينس جو
بندوبست ٿي نه سگهيو. آخر ڪمشنر صاحب
جي ذاتي ڪوشش کان پوءِ مسين مسين
ايمبولنس جو بندوبست ٿيو ۽ وڃي اسپتال
پهاسون.
اسپتال ۾ نيم غنودگيءَ جي عالم ۾ کيسي
ڏانهن اشارو ڪيائون، ڏسڻ تي معلوم ٿيو
ته ڪجهه چيڪ پيل هئا. پوءِ وڏي ڪوشش ۽
اشارن سان ٻڌايائين ته انهن پئسن جي
ورهاست ڪئين ٿيندي. سموري ورهاست پريس
۽ ملازمن لاءِ چيائين. مسلسل ٽي ڏينهن
بيهوشيءَ جي عالم کان پوءِ 7 فيبروري
تي تقريباَ
سواءِ هڪ بجي آرام ۽ سڪون سان پنهنجي
رب ڏانهن راهي ٿيو.
مون پنهنجي زندگيءَ ۾ بابا جهڙو توڪلي
ماڻهو نه ڏٺو. ماڻهو سندس مذهبي خيالن
بابت ڇا به ڇو چوندا هجن، پر الله
تعالى جي وجود ۽ سندس رحمت ۾ جيترو
ناقابل شڪست اعتماد ۽ ڀروسو، کي هو،
اوترو ورلي ڪنهن ٻئي کي هوندو. زبان
سان الله الله چوڻ ۽ توڪل رکڻ ٻي
ڳالهه آهي، پر عملي طرح ڪامل توڪل رکڻ
جي سعادت ڪن ڪن کي نصيب ٿئي ٿي. والد
صاحب سڄي عمر غريبن ۽ مظلومن جي فڪر ۾
فنا رهيو. پنهنجن ٻچن۽ خاندان جي ٻين
فردن جو معاملو، هن مڪمل طرح الله
تعالى
ٰ
تي ڇڏيو، ۽ انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي
ته الله تعالى
ٰ
سندس يقين رائگان وڃڻ نه ڏنو. اڄ
الحمدالله سندس سمورو اولاد نهايت خوش
و خرم ۽ باعزت زندگي گذار رهيو آهي ۽
شال ٻين سان به الله اهڙي ڀلائي ڪري.
*** |