شخصيتون آن لائن  

 

ترتيب ۽ تحقيق

تاج جويو

 

 

محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي زندگيءَ ۽ علمي ادبي خدمتن جو خاڪو

 

تعارف :

نالو : محمد عثمان ميمڻ

ولد جو نالو : حبيب الله ميمڻ

جنم جو هنڌ: ڏيپلو، ضلوعو ٿرپارڪر

جنم جو سال : 13جون،1908ع

وفات :  7 فيبروري، 1981ع

 

تعليم :

 ڇهه درجا سنڌي ڏيپلي ۾ پڙهيائين. ڪلاس ۾ اڪثر پهريون يا ٻيو نمبر کڻندو هو.

اردو،فاسي،عربي، گجراتي، هندي ۽ گرمگي ذاتي شوق سان سکيائين.

اديب فاضل، (1957ع ۾) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.

مئٽرڪ (19688ع ۾ )، 60 ورهين جي  ڄمار ۾، سيڪنڊري بورڊ، حيدرآباد مان ڪيائين.

علم جفر، نجوم، رمل ۽ سامدرڪ ( هٿ ڏسڻ جي علم ) جي به ڄاڻ رکندو   هو.

 

خانگي ڌنڌا ۽ ملازمتون :

 ٽندي باگي، بدين، کپري، ميرپورخاص ۽ عمر ڪوٽ جي مختلف زميندارن وٽ يهارو سال منشي / ڪلارڪ ٿي رهيو. ] مرحوم خان صاحب عطامحمد پليءَ وٽ پڻ وڏو عرصو ملازم رهيو.[

ڏيپلائي صاحب جا پرائمريءَ ۾ استاد

ماستر عبدالله

ماستر پونم چند

ماستر رامجي هل

ماستر حاجي ابوطالب

ماستر عبدالرحيم

ماستر پير محمد

ماستر  هيمراج

ماستر موشنڪر

 

پهرين اخبار ( دستي ) : 19-1918ع ۾ ، پرائمريءَ ۾ پڙهڻ دوران،  فرحت آثار، نالي سان هڪ دستي اخبار، هم ڪلاس دوستن واسطي ڪڍيائين.

پهريون مضون : 1924 ع ۾ 16 سالن جي عمر ۾ محمد بن قاسم بابت

کليائين، جيڪو دهليءَ مان نڪرندڙ اردو رسالي  مناديءَ ۾ ڇپيو.

پهريون افسانو : چنڊ سهڻو يا نسان عنوان سان لکيائين ، جيڪو ”ترقي“

رسالي ۾ 1927ع ڌاري ڇپيو.

پهريون ڊرامو : غيرت عرف نورجهان جو پٽ “ ) 1941ع ۾ ( لکيائين.

پهريون ڪتاب : قرآني دعائون“ عنوان سان لکيائين، جيڪو مسلم ادبي

سوسائٽيءَ ڇا پيو ۽ انعام ڏنو.

پهريون افسانن جو مجموعو : گلشن عبرت ، جي نالي سان شايع ٿيو .

پهريون ناول: ” سنگدل شهزادي، 1938 ع ۾ پنهنجي اداري اسلاميه دارالاشاعت، ميرپور خاص، مان ڇپايائين.

پهريون ضبط ٿيل ناول : ” ڏاهري رنگ محل “ ) 1942ع (

 

 

پسنديده اديب ۽ شاعر :                  

جي ايم سيد، محمد ابراهيم جويم، شيخ اياز، حيدربخش جتوئي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ابراهيم منشي، فيص احمد فيض، علامه، ڪڪرشنچندر، سعادت حسن منٽو، خواجه احمد عباس، جوش مليح آبادي، ديوان سنگهه مفتون، گوريخش سنگهه، ميجرآفتاب حسن، پرل ايس بڪ، اوستروسڪي، ۽ مئڪسم گوريڪي.

 

ڪتاب ( جي کان متاثر ٿيو )

(1)جيئن ڏٺو آهه مون : از ـ جي .ايم. سيد

(2) امڙ، (ناول) : از ـ گورڪي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين.

(3) ”جديد معلومانت سائنس : از ـ ميجر آفتاب احمد

(4) “ دارورسن کي آزامائش : روسي ناول،جنهن جو اختصار، سي نيزي پاند جي نالي سان ترجمو ڪيائين.

(5)محمد ابراهيم جو بي جا ترجمو ڪيل ڪتاب  : تعليم ، ايميلي، گليلو، وحشي جيوٽ جا نشان ۽ ٻيا

(6) . بهشت تترين ،: عبدالعليم شر

(7)غبار خاطر، : از : ابوالڪلام آزاد

(8) ” پريت مارگ “ : از : گوربخش سنگهه

(9) ” ناقابل فراموش : از : ديوان سنگهه مفتون

 

پندديده فلمون :

(1)  نيا سنسار

(2)زندگي يا طوفان

(3) مدر انڊيا

(4) بيجو باورا

(5)ويٽ نام

(6) دوگز  زمين

 

ادارا، اخبارون رسالا، ڪتابي سلسلا، جيڪي ڏيپلائي صاحب شروع ڪيا.

 اسلاميه دارالاشاعت ، ميرپور خاص : 1938ع ۾ ، پنجاهه روپين جي موڙيءَ سان شروع ڪيائين.

ماهنامه ” عبرت “ 1941ع  ۾ ڪڍيائين.

ماهوار”عبرت“ جو ڪتابي سلسلو: 1941 ع ۾ شروع ڪيائين.

هفتيوار ” عبرت : 1943ع ۾ ڪڍيائين.

قرآن پريس : 1948ع ۾ شروع ڪيائين.

اداره لطيفي : 1949 ع ۾ شروع ڪيائين.

اداره انسانيت : 1952ع ۾ شروع ڪيائين

روزاني ” عبرت : 1953ع ۾ ڪڍيائين.

ماهوار ” انسان “ : 1957ع ۾ ڪڍيائين.

روزاني” عبرت“ قاضي عابد ۽ قاضي مهمد اڪبر کي وڪرو ڪيائين: اپريل، 1958ع ۾

”رسالو”اسنان“ هفتيوار : مئي 1959ع ۾ ڪڍيائين.

ماهنامه ” ساڻيهه“ ڊائجيسٽ : 1969ع ۾ ڪڍيائين.

روزني سنڌ ٽائيمس : 1969ع ۾ ڪڍيائين.

 

خاص ڳالهيون :

پهريون ڀيرو چشمو پاتائين : 1929ع ۾ ( 21 ورهين جي ڄمار ۾ )

پهريون ادارو قائم ڪيائين : اسلاميه دارالاشاعت، ميرپورخاص،1938ع ۾ 

اسلاميه دارالشاعت ۽ قرآن پريس کي ساڙيو ويو : 1972ع جي لساني فسادن دوران

جماعت اسلاميءَ جي رُڪنيٽ اختيار ڪيائين : 1943ع ۾

 جماعت اسالاميءَ کان علحدگي اخيار : 1948ع ۾

ڏيپلائي صاحب ، جيل ۾ ٽي ڀيرا ويو :

(1)                                              1958 ع ۾ ،

(2)                                              1961 ع۾ ، ۽

(3)                                              1973 ع ۾

 

آخري ڪتاب :

انقلاب ايران

انعام يا فتهه ڪتاب:

(1) قرآني دعائون، ( مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو انعام يا فته)

(2) گلشن عبرت، ( سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ جو انعام يا فته)

(3)امڙ ( ناول): (سنڌي ساهت، جو انعام يا فته)

(4)سانگهڙ (ناول) Lرائٽرز گلڊ جو انعام يا فته)

 

ضبط ٿيل ڪتاب :

(1)  ڏاهري رنگ محل (1942ع )

(2)گلستان حسن (1939ع )

(3) 1857 ع جي آزاديءَ جي جنگ (1957ع )

(4) غازي انورپاشا( 1957 ع)

(5)جپاني گڏي (1957 ع )

(6)امڙ (ناول) (1957ع)

(7) شيخ المشائخ (1975ع)

 

پابندي وڌل اخبارون ۽ رسالا

(1)هفتيوار اخبار” انسان،

(2) روزاني ” سنڌ ٽائيمس،

 

ڏيپلائي صاحب جا مختلف رسالن ۾ ڇپيل اهم مضمون، تبصرا، جائزا

وغيره.

 

ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد

 سنڌي ادب جا قديم اشاعت گهر ، (1) آڪٽوبر 1961ع

سنڌي ادب جا قديم اشاعت گهر، (2)  دسمبر، 1961ع

سنڌي ادب جا قديم اشاعت گهر، (3) اپريل، 1962ع

سنڌي ادب جا قديم اشاعت گهر، (4) جون، 1962 ع

پاڪستان جي تعمير،  آگسٽ، 1967 ع

برک سائنسي کوجنائون ۽ ايجادون، اپريل، 1982 ع

 

سماهي ، مهراڻ

تاريخ ريگستان: رائچند راٺوڙ ( تبصرو) 1/1956 ع

جهان آرا،: عبدالرزاق عبدالسلام ( تبصرو) 1/1956ع

آفتاب ادب ، : حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ( تبصرو )  1/1956 ع

بلو کوکر،: صاحبسنهگهه شاهاڻي ( تبصرو ) 1/1956 ع

خوش خصلت خاتون، : بيگم بادام ناتون (تبصرو) 1/1956 ع

سڌارٿ، : پروفيسر ايسرداس ( تبصرو)1/1956 ع

سنڌ جو سينگا، : عبدالڪريم سنديلو ( تبصرو )  1/1956 ع

عشق نه آهي راند،: (تبصرو )1/1956 ع

ڪامل جو ڪلام، : جهمٽمل ڀاوناڻي(تبصرو) 1/1956 ع

ڪنول ڪلي.،: اداره، انسانيت،حيدرآباد(تبصرو) 1/1956 ع

گل ڦل،: پرمانند ميوارام (تبصرو) 1/1956 ع

گل ڦل،: پرمانند ميوارام ( تبصرو) 2/1956 ع

ڦل چونڊ،: هريرام ماڙيوالا (تبصرو )  2/1956 ع

موجوده سياسي مسئلا: جي.ايم. سيد ( تبصرو)2/1956 ع

اڃارات باقي آ پرڀات پبليڪيشن، بمبئي (تبصرو) 2/1956 ع

چمڪندڙ نزندگي، اداره انسانيت ،حيدرآباد ( تبصرو) 2/1956 ع

راحت ڀري زندگي،: ڊيل ڪارنيگي ( تبصرو) 2/1956 ع

راسيلاس،: نولراءِ شوقيرام آڏواڻي (تبصرو)2/1956 ع

سدائين جوان، دسائين نروڳو،: هندستان ڪتاب گهر (تبصرو)  2/1956 ع

سنڌ جو سفر،: سطف الله گجراتي، مترجم : قادربخش نظامڻي ( تبصرو) 2/1956 ع

سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ،؛ ڀيرومل مهر چند آڏاڻي ( تبصرو) 2/1956 ع

سون ورنيو دليون، لالچندامر ڏنومل ( تبصرو )  2/1956 ع

شاهه جا گمُ ٿيل بيت،: شيخ محمد سومار ( تبصرو)2/1956 ع

شوڀدا: شرت چندر چئٽر جي (تبصرو) 2/1956 ع

تاني،: گوبندمالهي ( تبصرو) 3/1956 ع

اشرف العلوم ،( مثنوي مولانا روم جو سنڌي ترجمو):                       

دين محمد فيروزشاهي (تبصرو) 3/1956 ع

سنڌ  گورنمنٽ ڪاليج آف ڪامرس ۽ ايڪانامڪس جو ڪاليج مخزن. سال 1956-1955 ع: (تبصرو3/1956 ع

مهراڻ جون موجون،: پاڪستان پبليڪيشن، ڪراچي (تبصرو) 3/1956 ع

 شرم ٻوٽي،:  گوبندمالهي، ( تبصرو) 3/1956 ع

گل،: ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي ( تبصرو)3/1956 ع

هدايت الانشاءِ ؛ مولوي هدايت الله مشتاق (تبصرو)3/1956 ع

بهار ادب : رسول بخش خمار ( تبصرو)4/1956 ع

ادبي خط،: محمد عثمان ڏيپلائي (تبصرو)4/1956 ع

پنج تنتر: نارائڻداس بليجا( تبصرو)1ـ2/1956 ع

ايسپ جون اکاڻيو،: (تبصرو)1ـ2/1956 ع

خورشيد، (ڊرامو) : مرزاقليچ بيگ (تبصرو)1ـ2/1956 ع

جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه سنائي، سماهي مهراڻ، سوانح نمبر،  

3-4/1956 ع

آنجهاني ڊاڪٽر ٽلومل ( تبصرو) 3-2/1956 ع

اسلام جا ڏنل بنيادي انساني حق: خطبت الوداع (مضون)

 1980/4-3ع

 

هفتيوار

هفتيوار ” انسان، حيدرآباد، جا ڪي خاص نمبر

 شهيدانسانيت ،( ابراهيم لنڪن ) نمبر3 مئي، 1959ع

جنگ آزدي (1857ع) نمبر     مئي، 1959ع

محرم نمبر      13-20 جولاءِ 1959ع

شهزادو ڪريم آغا نمبر27 آگسٽ، 1959ع

آزادي ۽ ڀٽائي نمبر       17- آگسٽ، 1959ع

قائداعظم نمبر28. ڊسمبر،1959ع

شاهه لطيف نمبر 8ـ آگسٽ،1960ع

عيدميلادالنبي نمبر      5- سيپٽمبر، 1960ع

ٽالسٽاءِ نمبر 12- ڊسمبر، 1960ع

قائداعظم نمبر26-ڊسمبر، 1960ع    

سچل نمبر       27 فيبروري 1961ع

جيل جا مشاهدا

( ڏيپلائي صاحٻ، مختلف وقتن تي ( 1958ع ۾، 1961 ع ۾ ۽ 1973ع ۾) جيل يا ترا ڪئي، ان دوران پاڻ ، جيل جي مشاهدن ، تي مشتمل ڪيترا مضمون ۽ افسانا لکيائون ، جن مان ڪن جو ٽفصيل هن ريت آهي؛

جيل جو تيل ( جيل جا مشاهدا ): هفتيوار انسان ، حيدرآباد، سنڌ 18 مئي، 1959ع

جيل جون ٻيڙيون ( جيل جا مشاهدا): هفتيوار ، انسان ، حيدرآباد سنڌ، 1-جون 1959ع

ڪاڪوس هڙتال ( جيل جا مشاهدا) : هفتيوار انسان ، حيدرآباد، سنڌ، 29جون،1959ع

جيل جو ڊاڪٽر ( جيل جا مساهدا ) هفتيوارا،انسان، حيدرآباد، سنڌ 6 جولاءِ 1959ع

نئون ڳاڻيٽو (جيل جا مشاهدا): هفتيروار، انسان حيدرآباد، سنڌ 13-20 جولاءِ 1959ع

نئون ڳائيٽون (جيل جا مشاهدا) : هفتيوار، انسان، حيدرآباد، سنڌ،27جولاءِ 1959ع

جيل جو جمعو ( جيل جا مشاهدا) : هفتيوار، حيدرآباد، سنڌ، 17- آگسٽ ، 1959ع

اُٺ پوڙهو ٿيو ته به ( جيل جا مشاهدا): هفتيوار. انسان ، حيدرآباد، سنڌ،14 سيپٽمبر ،1959ع

ڳجهه ! (جيل جا مشاهدا)؛ هفتيوار، انسان حيدرآباد، سنڌ 16 نومبر،1959ع

 جيل جي جهڙتي

اسپيلشل امام (افسانو)

 

مهرباني خوني ( افسانو): سماهي مهراڻ.

 

ماهوار/ هفتيوار. انسان جي ڪجهه اهم ايڊيٽوريل

انسان امر آهي ( ايڊيٽوريل): ماهوار انسان،    14 سيپٽمبر.1958ع

نوان جمهوري حق (ايڊيٽوريل ): گهتيوار انسان، 29 جون،1959ع

لوممبا جي شهادت(ايڊيٽوريل): هفتيوار انسان، 20 فيبروري ، 1960ع

مسٽر کهڙي جي آزادگي ( ايڊيٽوريل): هفتيوار. انسان ، 7- مارچ، 1960ع

هڪ هيبناڪ انڪشاف ( ايڊيٽوريل): جناب ذوالفار علي ڀٽي بيان ڏنو هو ته تعليمي ڪميشن، جي سفارشن جي عمل ۾ اچڻ سان سنڌي زبان کي ڪو به نقصان نه رسندو،. ان جي جواب ۾ هي ايڊيٽوريل لکيو ويو . هفتيوار، انسان

سنڌ جون رڙيون( ايڊيٽوريل) : هفتيوار. انسان، 8 آگسٽ، 1960ع

هفتيوار/ روزاني ”عبرت “ جا ڪي اهم ايڊيٽوريل

 علامه وفائيءَ جي گهٻارهٽ ( ايڊيٽوريل ): هفتيوار. عبرت، 24 مئي 1946ع

سنڌ وزارت جي تبديليـ خوش آمديد آغا غلام نبي خان (ايڊيٽوريل): هفتيوار عبرت، 8 فيبروري، 1950ع

عظيم پنجاب جو نذرانو( ايڊيٽوريل): روزاني عبرت، 26 اپريل، 1957ع

 

هفتيوار انسان ۾ ڇپيل ڪجهه اهم مضمون تبصرا، ۽ تنقيدون

وُري آباد مئخانا ٿين ٿا،: هفتيوار انسان3 ئئي،1959ع

سنڌي قوم، بعد، سني ثقافت، ۽ سنڌي زبان،: هفتيوار، انسان22جون ، 1959ع

مهراڻ، جو سالگرهه نمبر ( تبصرو): گفتيوار. انسان ،7 ڊسمبر، 1959ع

نئين  دنياـ سنڌيت نمبر ( تبصرو): هفتيوار، انسان 29ـ فيبروري،1960ع

لوڪ ادب سان حيرتناڪ هاڇو (تنقيد/ تبصرو): هفتيوار.انسان، 13-جون.1960ع

تعليمي ڪميشن جي رپورٽ، پنهنجي ئي اکرن جي آئيني ۾ : هفتيوار انسان  13 جون، 1960ع

شاهه جو سه آتشو ( مضمون): گهتيوار، انسان لطيف نمبر8- آگسٽ، 1960ع

سنڌيـ سنڌي ڊڪشنري (ن.ب. بلوچ ) تبصرو : هفتيوار. انسان، 6 نومبر، 1960ع

ٽالسٽاءِ موجوده دور جو هڪ عظيم ترين انسان (مضمون): هفتيوار انسان ، ٽالسٽاءِ نمبر 12 ڊسمبر، 1960 ع

 لطيفي ديڳ جو ڍڪڻ لاهيندـ حضرت سچل سرمست ( مضمون)؛ هفتيوار انسان، 27 فيبروري، 1960ع

مهراڻ مينڌارا: ظهور انصاري ( تبصرو ..   29 فيبروري 1960ع

اردو يا سنڌيـياـ اردو ۽ سنڌي؟ اتنقدي خط جو جواب ) هفتيوار انسان، 9 مئي، 1960ع

مُهراڻ، جو نئو نمبر (تبصورو): هفتيرار انسان  9 مئي 1960ع

 

ماهوار انسان/ اداره انسانيت ، جا ڇپايل مختلف اديبن جا ڪي اهم ڪتاب

پيغام لطيف: ج.ايم. سيد

نئين سنڌلاءِ جدوجهد (2 ڀاڱا ): جي.ايم. سيد.             1953ع

آمريڪي شاعر ( ڊان ويشٽ): مترجم، احساس بدوي، اداره،انسانيت،

هاريءَ جي سجاڳي (ناول):ازـ ڪرشچندر، مترجم: عبدالغفور انصاري ماهوار،انسان، 28  سيپٽمبر، 1953ع

ڏکڻ مان ٿو سج اُڀري(ناول):ازـ ڪرشنچندر، مترجم: سراج الحق بسمل، ماهوار انسان 8 فيبروري، 1954ع

پار داڻا: ابن حيات پنهور.

شاهه جا گُم ٿيل بيت : ماستر محمد سومار شيخ، اداره انسانيت، آڪٽوبر، 1957ع

روس جا چاليهه سال : قادربخش نظاماڻي، اداره انسانيت،آڪٽوبر، 1957ع

 ماڻهو ۽ ڌرتي: غلام حيدرڄامائي، اداره انسانيت ،

روزه رسڳڪي (ترجمه صيام محمدي) مترجم: مولوي محمد بلوچ

پاره الم (قرآن شريف، سنڌي ترجمي سان بيتن ۾ سمجهآڻيءَ سميت): از ـ مولانا احمد ملاح: اداره تبليغ قرآن، حيدرآباد ، سنڌ

پاره سيقول ( قرآن شريف، سنڌي، سنڌي ترجمي سان بيتن ۾ سمجهاڻيءَ سميت): ازـ مولانا ملاح، اداره تبليغ القرآن، حيدرآباد، سنڌ

پاره عم (سوليءَ سنڌي ترجمي ۽ سمجهاڻيءَ سان) قرآن پريس، حيدرآباد، سنڌ

صحيح بخاري: مترجم ـ مولانا دين محمد وفائي، مرتب محمد عثمان ڏيپلائي، اسلاميه دارالاشاعت، حيدرآباد، سنڌ

 

ڏيپلائي صاحب جي ڪجهه ڪتابن جا اردو ترجما

غاري صلاح الدين: مترجم ـ محمد حفيظ الرحمان حفيظ بهاولپوري، عزيز المطابع بهاولپور

غاري احمد شاهابدالي : مترجم. محمد حفيظ الرحمان حفيظ بهاوکپوري عزيزالمطابع بهاولپور

نور توحيد : مترجم ـ محمد حفيظ الرحمان حفيظ بهاولپوري، عزيز المطابع بهاولپور

عروج اسلام: مترجنمـ محمد حفيظ الرحمان حفيظ بهااولپوري، عزيز المطابع بهاولپور

فتح اسلام: مترجم ـ محمد حفيظ الرحمانحفيظ بهاولپور، عزيز المطابع بهاولپور

سيرته محمدي : مترجم ـ محمد حفيظ الرحمانحفيظ بهاولپوري، عزيز المطابع بهاولپور

اورنگرب عالمگير: مترجم ـ محمد جحفيظ الرحمان هفيظ بهاولپوري، عزيز المطابع بهاولپور

سانگهڙ (ناول) : مترجم : ثريا ڏيپلائي، فکشن هاؤس، لاهور

 

ڏيپلائي صاحب جي ڪتابن جي لسٽ

(الف ) اسلامي تاريخي ناول

روم جي راڻي عرف شڪست حسن

هوشربا نازنين

ڪارا ڪافر

نازنين يورپ (ٻي صليبي جنگ)

دختران اسلام

شاه امان الله

فتح فلسطين

نيل ڪنوار عرف فتح مصر

غازي اسپين عرف عضمت جي قيمت

آخري اميد

ڪاشيءَ جا پاپڙ

ڪنيز اسلام

ٽيپو سلطان

حيدرعلي

ايراني شهزادي

شيرشاه ۽ همايون

نور توحيد

شوڪت اسلام ( ٻه حصا)

عروج اسلام (ٻه حصا)

جلوه اسلام

فتح اسلام

گمراه مسلمان عرف هندو مسلم اتحاد

فتح ايران

سومناٿ جي سندري عرف گجڻيءَ جي دانهن

غازي محمود غزنوي

غازي اورنگزيب

گلستان حسن عرف ڪوه ڪاف جي پري

هوشرباشهزادي

 سنگ دل شهزادي

نازنين سمرنا

حور  بغداد

آفريقا جي شهزادي

شيوا جي شيش محل

 چين جو چنڊ

قسطنطنيه جي شهزادي

جنگ ترڪ وجرمن

فتح المقدس

انقلاب سنڌ عرف فتح پاڪستان

احمد شاه ابدالي

افضل شهيد

مينا بازار

ڏاهڙي رنگ محل

سبڪتگين ۽ جئه پال

فتح ير موڪ

بلبل ايران

 

(ب) ناول ( مختلف موضوع)

هندستان کان پاڪستان ( خواجه احمد عباس جي ” سردار جي : ڪرشنچندر جي پشارو ايڪسپريس. قدرت الله شهاب جي يا خدا، ۽ ٻئي مواد جي آڌار تي لکيل )

ڪُتي جو ....؟

 

(ت) ناول : قومي آزاديءَ بابت

 1857ع جي آزاديءَ جي جنگ

شير ايران

غازي مصطفيٰ ڪمال

جپاني گڏي (پرل ايس.بڪ جي ناولDrogon seed جو ترجمو ۽ اختصار

غازي انورپاشا

ڪنول ڪلي

سانگهڙ

سمرقند جو صوف (چار حصا)

سسي نيزد پانڊ (روسي ناول ترجمو ۽ اختصصار)

ڪوريا جي ڪنوار

مجاهد ڪشمير

انقلاب ايران

ريف جو مجاهد

سوڊان جي سونهن

 

(ث) ناول:

روزنامه “عبرت “ ۾ قسطورار صورت ۾ ڇپيل ، پر ڪتابي صورت ۾ نه اچي سگهيا.

 زلف چين

مصري جاسوس

 

(ج) اڻپورا ناول

مڪليءَ جون محفلون (محمود غزنويءَ جو ملتان تي حملو) روزنامه عبرت ۾ قسطوار ڇپيل

جي ڪاڪ نه هليا ڪاپڙي ( ابن رشد جي حياتيءَ بابت) هفتيوار انسان ۾  قسطور ارڇپيل :

پر رسالي بند ٿيڻ ڪري، وڌيڪ قسطن ڇپڻ جو سلسلو منقطع ٿي ويو.

 

(ج) ناول ( اهم ترجما)

 امڙ : مئڪسم گورڪيءَ جي ناول مدر جو ترجمو (چار حصا)

سسي نيزي پانڊ ( روسي اديب اوسترو وسڪيءَ جي ناول How the steel  was tempered )  جو اختصار ۽ ترجمو )

چوڏهين صديءَ جا چاردوريش

انساني حق ( اقوام متحده جو انساني حقن جو چارٽر )

جپاني گُڏي ( پريل ايس. بڪ جي ناول dragon seed  جو ترجمو ۽ اختصار  ناٽڪ

 غيرت عرف نورجهان جو پُٽ ( 1941ع)

ڪانگريس ناٽڪ ( 1945ع)

ڪانگريسي ڄار (1946ع)

نجومي (1948ع )

 اسلام تي مقدمو ( نعيم صديقيءَ جي ڪتاب تان ورتلـ 1949ع )

سجائي موڙي ( 1951ع )

شاهدي : مهرڻ ، اونهارو ( 1955ع) ۾ ڇپيل

ڏڪار (1956ع )

واڀيڙو : مهرڻـ1 ( 1956 ع۾ ) ۾ ڇپيل

ڪورٽ ناٽڪ (1957ع )

ڊاڪٽر (1957ع)

آزاد چونڊ ( 1959ع)

پئنچاتي پدمڻي( 60-1959ع)

بي وقتي ٻانگ: ڪتاب سک جي وستي، (1991 ۾ ڇپيل

 

افسانا ۽ افسانن جا مجموعا

خيبر جون خوبنيون ( مجموعو)

رنگارنگي دنيا (مجموعو)

درگاه شريف ( اردوءَ ۾ مترجمـ مولانا شوڪت ٿانوي، سنڌي ترجمو ۾.ع. ڏيپلائي

شان مسلم

بغداد جو ڌاڙيل

مجاهدان اسلام (مجموعو)

گلشن عبرت (مجموعو)

اُبتو ڦيرو

اسپيني شهزادو

اسپيشل امام

اقبال جي ڀيڻ

اڪيلو مُنارو

اورنگرزيب جو انصاف

اوليائن جي مار

بابر جو قاتل

بزدل نورجهان

بئي گدرا

پارس

پنج گُڏيون

پوڙهو اُٺ

ڀڳل موٽر

ڀلي ولايت

تپيدار جي رپورٽ (ترجمو)

ٺاڪوءَ جي ڦڪي

ٺٽي جا ڏاڙهون

ٽٽ شاهه

جيل جو تيل جيل جو ڊاڪٽر

جوڙي ( ترجمو)

حضرت خالد جو روضو

پنڊ جو جبل

چنڊ سهجڻو يا انسان

حق جو رعب

دستگير جي يارهين

 ڏاڏا جي سرنگي

ڍڳن جو لشڪر

راضي شاهه جي روڪ

رڊبيبي

سائنس جو پٽ

سڃي جو سر

شاه جي ڏگري

شاهي پروانو

شرڪ ناس ( مجموعو)

علماءِ حق جو شان

غدار دکن

غدار جي عزت

غيرت جو ٽهڪو

قلندر جو هندورو

مرشد جي ڪهاڙي

ڪاڪوس هڙتال

ڪاليءَ جي ڪريپا

ڪاوڙيل مريدياڻي

کدڙيءَ جي گادي عرف مرشد جي ڪِڪي

کنڊ جون ڳوڻيون

پيپتار جو ٻڪر

گڏهه جو پيءُ

ڳُڙ جو سير

لڏيندڙن جون نشانيون

مرشد جو اُٺ

مرشد جو ٻڪر

مرش جون ٽنگون ( مجموعو)

 مرشد جي پڳڙي (ترجمو)

مرشد جي ڌيءَ ( مجموعو)

 مصري عامل

 معصوم مجهاهدو

نانگي شاه جو ڪندو

بڀاڳي مريدياڻي.

بڀاڳي مڱ

نٿ جو حج ( مجموعو)

نرماديءَ جو فرق

نقارن جا قيدي

نيت جو ڦل

وڏيري جي رات

ووٽن جي پيٽي

هلر ( ترجمو)

يزيد جو ڀيڻويو

 آخري سبق ( مجموعو )

 ڍڳن جو لشڪر

راجا هري سنگهه جي درٻار

رت پياڪ رهزن

بهادر مسلمان

دل ۾ لٿل درد

مظلوم مهاجر ( ترجمو)

 ديکو مجهٿ جو ديده عبرت نگاه هو !

بيل جي جهڙتي

ڳُجهه

گابڙو

ڦلڙي

آفيم جو جبل

ڪونڍير

جيل جو جمُعو

شينهن مارشيدي (ترجمو)

مسلمان بادشاه (مجموعو)

وتعزمنتشاءُ

سيد جو اُٺ

مجاهد جي اک

سيد ۽ ڪنڀر

ٽيٽِاڻي ( مجموعو)

شريف ڪمانڊر

بلوچ جي چماٽ

مصطفيٰ جو قيدي

لڳيءَ جي لپاٽ

پُٽ جي قيمت

 

تاريخ

 انسان جي تاريخ

هندستان جي سچي تاريخ

دنيا جي تاريخ

فتوحات اسلام

هندستان جي اسلامي تاريخ ( انتخاب تاريخ ڊاڪٽر تاراچنڊ)

سرفروشان اسلام

بخارا جو ختمو

لال جهنڊو

تاريخ بهادران اسلام

 

تنقيد

 بقول اياز

شيخ المشائخ

 

لطيفيات

شاهه جو رسالو ( مڪمل)

شاهه جو رسالو ( پاڪيٽ سائيز)

ککر ۾“ کڙو

 

نفسيات

چمڪندڙ زندگي ( ترجمو)

راحت ڀري زندگي ( ترجمو)

بهتر زندگي ( ترجمو)

 

لسانيات

 سنڌي اُستاد (رهبر )

اُردو استاد ( رهبر)

 

شخصيات

سيرت محمدي

سيرت الرسول

سيرت حيدر

سيرت الفاروق

سيرت الصديق

سيرت عثمان

ارشاد الخالفاءُ

سيرت الفاطمه

شهيد ِڪربلا

سيرت امام حسين

شاه جيلان

وهابين جو بابو

 

دينيات

قرآن شريف (سنڌي ترجمو)

قرآني دعائون

قرآني خزانو

قرآني انقلاب : ازـ مولانا ابوالاعليٰ مودوديي ( ترجمو)

اسلامي حڪومت : ازـ مولانا ابوالاعليٰ مودودي (ترجمو)

اسلام جو سياسي نظريو: ازـ مولانا ابوالاعليٰ مودودي ( ترجمو)

سلامتيءَ جورستو: از ـ مولانا ابولاعليٰ مودودي ( ترجمو)

صداقت القرآن

مطالب القرآن

ارشاد القرآن

اسلام ۽ ايمان: ازـ مولانا ابوالاعليٰ مودودي ( ترجمو)

ايمان جي ڪسوٽي ( ترجمو)

ايمان مفصل( ترجمو)

ايمان مفصل ( ترجمو)

پنج سورتون

تعليم القرآن

جهاد جي حقيقت ( ترجمو)

حج جي حقيقت (ترجمو)

حقيقت اسلام ( ترجمو)

خطبات اسلام: ازـ مولانا ابوالاعليٰ مودودي ( ترجمو)

روزي جي حقيقت ( ترجمو)

دين جي حقيقت ترجمو)

زڪوات ۽ خيرات ( ترجمو)

سچو ايمان (ترجمو)

عبادتون( ترجمو)

ڪلمو پاڪ ( ترجمو)

ڪلمي پاڪ جي حقيقتا ازـ مولانا ابوالاعليٰ مودودي( ترجمو)

مسلمان ٿيڻ لاءِ علم جي ضرورت (ترجمو)

مسلمان عورت (ترجمو)

نماز جي حقيقت (ترجمو)

يارنهن سورتون ۽ نماز ( سولي سنڌي ترجمي سان )

 

نوٽ: (1) محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ڪتابن جي هيءَ لسٽ سندس فرزند محترم محمد علي ڏيپلائيءَ حاصل معلومات موجب ترتيب ڏئي ڏني آهي . هن ڪتاب ۾ اها لست سن وار ڏيڻ  جو ارادو هو ، پر ڪتابن جا مختلف ڇاپا ملڻ ( ۽ اڪثر پهرين ڇاپن جي اڻهوندا ) سبب ائين ٿي نه سگهيو.

(2) ڏيپلائي صاحب جيئن ته بسيارنويس، ( گهڻو لکندڙ ) ليکڪ هو، اُن ڪري سندس ي ڪتاب / افسانا هن لسٽ ۾ درج نه ٿي سگهيا هوندا ، بهرحال ڪوشش ڪئي وئي آهي ته وڌ ۾ وڌ ۽ تصديق ٿيل معلومات هجي. ( ت.ج )

 

 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >