شخصيتون آن لائن  

 

 

شيخ اياز

محمد عثمان ڏيپلائي، منهنجو مُحسنُ

نه ڄاڻان ته ڏيپلائيءَ جو نالو ٻڌي،مون کي چو. اين. لائي جو نالو ڇو ياد ايندو آهي! شايد انهيءَ ڪري جو ٻنهي نالن جو پويون اڌ ساڳيون آهي، يا انهيءَ ڪري جو ڏيپلائيءَ جي منز مزاح ۾ چيني ططنزو مزاح جي خوشبوءِ آهي، جاٽينءَ کا ڇهين صدي قبل از مسيح تائين جهوني آه،  ۽ جنهن جو اظهار ڪهاڻين ۽ تمثيلن ذريعي ٿيل آهي.

ڪنفيوشس، يونان ۾ سقراط جي جنم کان ڏهاڪوسال اڳ سن 551 قبل از مسيح ۾ ڄائو هو ۽ اُن ۾ به ساڳيو مزاح ٿو ملي، جو يوناني ـ رومي روايت ( Greeco- Roman Tradition) ۾ پوءِ پيدا ٿيو. ڪنفيوشن اُن جو حصو آهي، جنهن ۾ ڏيپلائي صحب جي چهري  تي لڙيل مڇون ڏسي، ڪنفيوشس کان اڳ ۽ هن کان پوءِ واري چيني طنز ۽ مزاح جي ياد ڏياريدنو آهي، جنهن ۾ اديب ، لطيفا ٻڌائي، انهن سان پنهنجي رووڌيءَ ڌر کي ڦهه ڪري ڪيرائيدنا هئا.۽  انهن ۾ پنهنجا متا چڱيءَ طرح سمجهائي سگهندا هئا يا جن سان هو پنهنجي  بيان کان ٻارهر، ۽ باطني سڇ به ڇُهي سگهندا هئا.

سٺ واري ڏهاڪي ۾ ، جڏهن سنڌي روزاني اخبار” مهراڻ“ جي ايڊيٽر سردار علي شاهه، منهنجي ۽ مون سن گڏ سنڌ جي ترقي پسند ادب جي خلاف، اسلام  ۽ ديني حميت ۽ غير ت جي نالي ۾ ڪات ڪهاڙا کنيا هئا ، روزاداريو لکندو هو ۽ ڪالم لکارئيندو ۽  پنهنجي اخبار ۾ شايع ڪندو هو: تڏهن حيدرآباد ۾ منهنجي ملاقات ڏيپلائي صاحب سان، جوبي صاحب جي معرفت  ٿي هئي. ان پهرينءَ ملاقات ۾ ئي مون کي، هن مارن رفاقت جو احساس ٿيو هو ۽ هن سان عقيدت ۽محبت ٿي وئي هئي. پوءِ حيدرآباد ۾ هن سان اڪثر هر انهيءَ ادبي نشست ۾ ملاقات ٿيندي هئي، جنهن جي صدارت لاءِ مون کي گهرايو ويندو هو. ان دور ۾ ڪنهن دوعت تي يا رٽز يا فاران هوٽل ۾ منهنجي رهائش وت ملاقات ٿي ويندي هئي ۽ هن جي صحبت جو فيض حاصل ٿيندو هو.

جوبي صاحب ، ڏيپلائي صاحب تي هڪ مضون “ محمد عثمان ڏيپلائي اسان جو بزرگ سساٿي، لکيو آهي:

”ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ ته ڪو کانئن سکي. ٻئي جي ڳالهه ٻڌندي ٻڌندي، کين اهڙي ڪا نئين، تز ۽ تکي ڳالهه ياد اچي وئي ته بس ڪجهه کنگهڪار، ڪجهه نڙيءَ جي صفائي ۽ ڪجهه ٽهڪ ٻڌبو ۽ ڏيپلائي صاحب جي اصل سون جهڙي صاف ۽ املهه ڪا ڳالهه، ڪو ٽوٽڪو ۽ ڪو نئون نقل نظيرر شروع ٿي ويندو....رڳو تنهن ڏينهن آءُ ۽ ڏيپلائي اڪيلا ويٺاهئاسين ته ڪنهن ريت ڪو گدڙ جو نقل ڇڙي پيو. پوءِ ته ڏيپلائي صاحب گدڙ جا ايترا نقل ۽ توٽڪا ٻڌايا، جو دل ۾ آيم ته ڪنهن تازه دم نئين ٽهيءَ جي ليکڪ کي چوان ته هڪڙي ڪنهن وڏي ڪتاب جي ثرتيب هٿ ۾ کڻي، جيڪا سني سماج جي لوڪ ڏاهپ، جيڪا ائين گدر کي لوڪ ڪردار بڻائي بيان ڪئي وئي آهي، اها ان ۾ جمع ٿئي ۽ هميشه لاءِ محفوظ ڪئي وڃي.“

ڏيپلائي صاحب جي مزاح ۾ جيڪو سنجيدگيءَ جو پهلو هو، سو نهايت اهم ۽ قابل غور آهي. هڪ چيني لطيفوآهي” لو “ (برهاڻي چين جي شندانگ ضلعي ) جي سرزمين تي هڪ ماڻهو شهر جي دروازي مانلنگهي رهيو هو. ان وقت هن کي هڪ سنهي ڪاٺِ هٿ ۾ هئي، جي اها هٿ ۾ اڀي ٿي کنيائين ته ايتري لنبيهئي، جو دروازي مان نه ٿي لنگهي سگهي،جي اها سنئين ٿي کنيائين ته دروازي جي سوڙهائيءَ سبب اها اتن وڃي نه ٿي سگهي. هن کي  ڪو طريقو نظر نه ٿي آيو. ڪنهن بزرگ کيس چيو ته ” مان ڪو ايڏو وڏو ڏهو ته نه آهيان، پر مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيئي ڳالهيون ڏٺيون آهن. ڇا تون پنهنجي لٺ کي ٻه اڌڙ ڪري انهيءَ دروازي مان لنگهي نه ٿو سگهين؟ اهوماڻهو انهيءَ صلاح تي لڪو ۽ پنهنجي ڪاٺيءَ کي وچ مان ٻه ٽڪر ڪيائين.

ان ريت ڏيپلائي صاحب به جڏهن ڪنهن وڏير، پير، مير، مُلي، مشائخ کي ڪاٺي ڪندو هو ته هن جي لٺ ٻه ٽڪر هوندا هئا. طنز ومزاح مان هو هڪ ٽڪر جوڪم وٺندو هو ته سنجيدگيءَ مان ٻئي  ٽڪرجو.” اکين جو عيوص، هن جي اهڙي خوبصورت ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ طرف ڏنيئن (سوئر ) مرشد تي طنز آهي ۽ ٻئي طرف مريدن ـ سانوري ڪمال جي ڪردار، اهڙي ڪمال، اهڙي همدردي4 سان چٽيا اٿائين، جو نه رڳو دل ڀرجي اچي ٿي ۽ هن سماج جي سفاڪيءَ لاءِ نفرت ازخود ڀڙڪي اُٿي ٿي ۽ ان جي مظلوم عوام لاءِ همدرديءَ جو جذبو جاڳي پوي ٿو، پر ڏيپلائيءَ جي فن ۽ شخصيت لاءِ دل ۾ احترام جو جذبو به اڀريواچي. 

فاصلي جي ڪري هن سان منهنجيون ايتريون ملاقاتون ته ڪونه ٿيون هيون، پر هڪ وقعو نهايت وضاحت سان ياد اچي ٿو. اونهاري جي مندهئي  ۽ شام جووڳڙو.وڃڻ واروهئس ته ڏيپلائي صاحٻ مون وٽ سکر اچي نڪتو حال احوال کان پوءِ هن مون کي ٻڌايو ته هن هڪ ڪتاب ” بقول اياز سايع ڪرايو هو، جنهنجون ڪجهه ڪاپيون هو مون لاءِ کڻي آيو هو. اهو چئي هن ڪتاب جي هڪ ڪاپي مون کي ڏڌني. مون پڙهي ڏٺو ته مهاڳ کان اڳ منهنجو سارو غزل” هي سين نه ڏيندي ، چئن ، ڏنل هو ۽ ان کانپوءِ مهاڳ جوعنوان هو: سبب هن جهيڙي جو ...؟ مون مهاڳ ڏيپلائي صاحب جي موجودگيءَ ۾  پڙهيو، جنهن ۾ مهنجي حمايت ۾ ٻئي مواد سان گڏ هيٺيون لطيفو به هو:

” ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾ ڪٿي ڪو هڪڙو شخص هو، جو اهڙا ته عجيب غريب شعبد ڏيکاريندو هو، جو ترت ئي جاهل عوام کي پڪ ٿي وئي ته هن جي هٿ ۾ جن آهن ۽ انهيءَ ڪري کيس سڏيندائي هئا: فلاڻو خان جنائي. هن لاءِ مشهور هو ته جنن جي وسيلي هر ڪو ڪم ڪري سگهي ٿو ۽ هوا، باهه ۽ پاڻ هن جي وس ۾ آهن وغيره وغيره.      

هڪ ڀيري اتي ڪٿي ڪوميلوٿي رهيو هو ۽ سڀ خلق اوڏانهن وڃي رهي هئي. ميلو هڪڙي شاهي ميدان تي ٿيڻو هو ۽ ٻين رستن کان سواءِ هڪ پيراڱو پڻ هو، جو ان ميدان ڏانهنوڃي رهيو هو. ان پيرا ڱي جي پاسي کان هڪ درويش فقيراڻن ڪپڙن ۾ وٺو هو ۽ سندس بڊڙي اڳيان پيئي هئي، جا پيراڱي مٿان اچي وئي هئي. جيڪو به ماڻهو اتان ٿي لنگهيو، تنهن کي وک ٻه پاسو ڪري لنگهڻو ٿي پيو ، ڇو ته ميدان کليل هو ، ڪا رڪاوٽ ڪانه هئي ۽ ائين ٿيندي بڊڙي جي ڀرسانپيراڱي جو وڪڙ به ظاهر ٿيندو پئي ويو.

ڪنهن مهل فلاڻو خان جنائي به وڏي طمطراق سان پري کان ايندو  ڏسڻ ۾ آيو. مڇون وڏيون، پيٽ نتڪتل ، گبت ٿلهو،وڏي آڪڙ سان ٻانهون لوڏيندو پير اڱي تان هلندو پئي آيو. درويش کي هڪل ڪندي چيائين ” اڙي هٽآءِ بڊري!“  درويش ڏاڍي نرم آواز سان چيو، ” بابا! ميدان گهڻو پيو آهي، جيئن ٻيا پيا لنگهن، تيئن تون بهلنگهي وڃ! پر درويش کي ڪهڙي خبر ته جنائي خان، جنائي خان هو! ٻين وانگر هر گز هر گز نه ٿي لنگهي سگهيو! سو جنائي خان هڪدم دهمان ڪيو، ” اڙي هٽاءِ بدڙي هٽاءِ نه ته... “

” نه ته ڇا ...؟ درويش اکيون مٿي کنڻي سنجيدگيءَ سان پڇيو ” نه ته ... ؟ نه ته هڻانس ٿو ٿڏو، ڊيڪندي ويندي “ جنائي خان تيس مارخان بڻجي شهپرنکي هٿ هڻي، وڏي غرور سان چيو.

” توکان جي هٽي سگهي ته هٽائينسِ! “ درويش سندس ٽنگ ۾ نظر کپائيندي چيو.

جنائي خان تيئن آڪڙ ۾ اچي ويو، پر جنائي خان جي ٽنگ زمين ۾ ائين وٺجي وئي، ڄڻ ڪنهن ميخون هڻي ڇڏيون هجنسِ. هاڻي ٿُڏو هڻي سو ڪيئن هڻي. بس جنائيءَ کي بنهه چڙا اچي وئي ، سو کيسي مانڪجهه مڻين جا داڻي  ڪڍي مٿس اڇلايائين. پوءِ ته ماڻهنڏٺو ته هڪ زبردست واچوڙو اُٿيو آهي، جو وڌندو درويش ۽ سندس بدڙي ڏانهن ڪاهيندو پيو اچي. پر جڏهن واچوڙو وڌي بڊڙيءَ تائين پهتو ته ڳالهه ئي ٻي. بڊڙيءَ جي چوڌاري ٻه چار چڪر ڪاٽي ائين هليو ويو. ،ڄڻ هوئي ڪو نه ۽ هيڏانه بڊڙي ساڳي هنڌ رهي!  

خلق جو ٻُڌو ته جنائي خان جو هڪ درويش سان مقابلو ٿي رهيوآهي، سو ميلو ٻيلو اتي ئي رهيو، هشام ماڻهن جا اچي سندن چوڌاري گڏ ٿيا. هاڻي جنائي خان جي وات ۾ گجي اچي وئي. هن وري به کيسي مان ڪا شيءِ ڪڍي پڙهي اڇلائي ته باهه جا زبردست شعلا پيدا ٿيا. ماڻهوڊپکان هٽي ويا. باهه وڌندي وئي، پر بڊڙيءَ جي ويجهو اچي وسامي وئي! وات مان ڦڻنگون ڪڍنديجنائي خان زور سان ڪو اسم پڙهيو ۽ وري به ڪاشيءِ  اڇلايائين... ماهن ڏٺو ته پاڻي ءَ جي اٿل آهي، جيڪا گجگوڙون ڪندي اچي رهي آهي ۽ فقير ۽ بڊڙي ته ڇا سموري خلق کي لوڙهي ويندي. پر هيءَ آفت جهڙي اٿل به فقير ۽ بڊڙيءَ وٽان موجون هڻندي، ٻن شاخن ۾ ٿي اڳتي وڌي وئي  ۽ غائب ٿي وئي. ڪافي دير تائين برابر جنائي خان ائين  گوڙ ڪندو، گجي وهائيدنو، ڪرشماڪندو رهيو ، پر بڊڙيءَ تي ذروبه اٿر ڪو نه ٿيو. هاڻ فقير جلال ۾ اچي اکيون مٿي کنيون ۽ جنائي خان جي اکين ۾ اکيون ملائي چيائين

” حيرت آهي اهڙو ماڻهو، اڃا تائين چريو نه ٿو ٿئي!

 ” هن جو ايترو چوڻ ۽ جنائي خاان جون اکيون ٿڙڻ : شهپر هيٺ ٿي ويا، بُت لرزي ويو، هٿ بي اختيار گربيان تائين پهتا.. ڏسو ته ڪپراپيو ڦاڙي، وار پيو پٽي! مطلب ته جنائي خان سچ پچ چريو ٿي پيو.

مون مٿيون لطيفو ساري جو سارو ان ڪري ڏنو آهي، ڇو ته لطيفي ۽ ان سان گڏ مهاڳ واري حصري مان واضح آهي ته ڏيپلائي  صاحب جي ظرافت، نه امير حمزه جي داستان واري طفلانه ظرافت آهي ۽ نه ئي اردوءَ جي مزاحيه غزل وانگر واهيات آهي، پر اُن ۾ شخ سعديءَ واري بذله سنجي ۽ لطافت آهي.باقي سارو مهاڳ پڙهندڙ پاڻ پڙيهي ڏسندو ته  هن کي محسوس ٿيندو ته ڏيپلائيءَ ۾ نه رڳو لطافت آهي، پر پاڪيزگي، گمه داني ، همه رنگي پڻ آهي، سردار علي شاهه سنڌ جو سوونيرو لاهو، ۽ هن کي ۽ هن جي حلقي کي اهڙو جواب جهڙو ڏيپلائي صاحب ” بقول اياز جي مهاڳ ۾ ڏنو آهي،  اهڙو مثر جواب ان دور ۾ فقط رسول بخش پليجي انڌا اونڌا ويڄ، ۽ مولانا گراميءَ مشرقي شاري جا اقدار، ۾ ڏنو هو. جيتوڻيڪ مطنز ۽ مزاح ۾ ڏيپلائي صاحب پنهنجو مثال پان هو .، سوونيرولاهڪ Dominicaon راهب هو، جو 1452ع ۾ ڄآئو ۽ 1498ع ۾ مري ويو.هو فلارينس ۾ فني آزاديءَ جي خلاف وعظ ڪندو هو ۽ نه رڳو مغربي نشاط ثانيه واري ساي فڪر جي اُڀار جو وڏومخالف هو، هو مخالفن خخلاف ديني عدالتون(inquisitions) قائم ڪرائي، انهن کي جيئرو جلائيندو هو. هو مشهور مصور ليونارڊو ڊاونسيءَ جو به دشمن هو. نيٺ هن پوپ اليگزبنڊرڇهين کي ڏاڍو ڪاوڙايو ۽ جيئرو جلايو ويو.

جنرل ضياءَ جي دور ۾ مون کي ڏيپلائي صاحب جي پيش گوئي پوري ٿيندي نظر آئيهئي. حيدرآباد سردار علي شاهه، جنرل ضياءَ  کي منهنجي خلاف وڏي دانهن ڏني ۽ ٽي ويءَ تي هو بهو جنائي خان وانگر ڳالهائي رهيو هو. مون ان وقت ربانيءَ کي چيو هو ته ” هن جو بلڊ پريشر ايترو ته وڌي ويوآهي. جو مون کي هن ج انت ويجهو نظر اچي رهيو آهي.“ ان تي ربانيءَ چيو: ”ڪيئن چئجي، اڃا ته هودندنائي رهيوآهي.“ ڪجهه وقت کان پوءِ سردار علي شاهه گذاري ويوهو.

ون يونٽ واري  دور ۾ مان سکر ۾ رهندوهئس ۽ ڏيپلائي صاحب سان ملاقات گهڻو ڪري، تڏهنٿيندي هئي، جڏهن وئڪيشن ۾“ مان حيدرآباد ويندو هئس يا سن ۾ ڪٿي جلسي جي صدارت ڪندو هئس. هڪ ڀيري مان حيدرآباد فاران هوٽل ۾ ترسيل هئس ته رئيس ڪريم بخش خان نظاماڻي، ٻيڙين تي ماتلي هلڻ لاءِ دعوت ڏني،جو سندس ڳوٺ هو. رئيس پنهنجي دور جو ياد گار هو ۽ هن جي تصنيف . ڪيئي ڪتاب ڪافي دلچسپيءَ سان پڙهي وئي ( ان وقت منهنجن ڪن دوستن رئيس کي منهنجي خلاف بدظن ڪيو هو، ڇو ته هو مون کي وائيس چانسلر جي عهدي تي برداشت نه ڪري سگهندا هئا.)

رئيس پاڻ به چڱو ڳائيدنو هو ۽ هو ڳائڻ وقت دف نهايت پياري انداز ۾ هلائيندو هو.هڪ ٻيڙيءَ ۾ ته رئيس جا همنوا، طبلچي، نوڪر، چاڪر هئا ۽ ٻيءَ  ۾ رئيس، مان ڏيپلائي، جويو، رباني رشيد ڀٽي ۽ ڪجهه دوست  هئاسين. ڏيپلائي صاحب منهنجي قريب ويٺو هو ۽ مون سان گفتگو ڪري رهيو هو. ٿوري وت کان پوءِ سج ڦليليءَ ۾ ٻڏڻ لڳو ۽ پاڻيءَ تي شفق جا رنگ لهرائڻ لڳا. رئيس مون کي جام ڀري ڏنو ۽ ڏيپلائيءَ مون کي منهنجو غزل” هي سئن نه ڏيندي چئن “ تحت اللفظ پڙهي ٻڌايو  ۽ چيو ته ” اياز جڏهن کان تو اهو غزل پهريون ڀيرو، جشن روح رهاڻ ۾ ، بيسنت هال ۾ پڙهيو هو، تڏهن کان ان جون سٽون منهنجي اندر ۾ گونجنديون رهنديون آهن. تنهنجو انهيءَ غزل جي باري ۾ رايو ڇا آهي؟ مون گلاس مان ڍڪ ڀري چيو ” مان ماپ کي ترجيح ٿو ڏيان.“     

اتي ڏيپلائي صاحب چيو، ” ڪهڙي مانپ ؟ ايتري ۾  ئي وٺجي ويو آهين ڇا ”“

مون جواب ڏنو، ” ڏيپلائي صاحب ! مان وٺجي نه ويوآهيان. تنهنجي سوال جوجواب ڏئي رهيوآهيان. هڪ لطيفو آهي.” هڪ ماڻهو کي جُتي خريد ڪرڻي هئي، سو پنهنجي پيرن کي ڌاڳي سان ماپي ڏاٺائين. جڏهن بازار ۾ جُتين جي دڪان تي ويو، تڏهن هن کي اوچتو خيال آيو ته اهو ماپ وارو ڌاڳو ته هو گهر وسري آيوهو. هن کي اُن وقت دڪاندار جا ڏيکاريل جُتين جا پادر هٿ ۾ ئي هئا ته چيائين ته ” مان پنهنجي ماپ گهر وساري آيو آهيان“ پوءِ پادر ڦٽي ڪري، انهيءَ ماپ جي ڌاڳي کڻي اچڻ لاءِ تڙتڪڙ م گهر موٽي ويو. جڏهن گهرن ٿي بازار موٽيو ته دڪان بند ٿي چڪا هئا. دڪاندار، جيڪو دڪان کي قلف يئي وڃي رهيو هو، تنهن هن کي ڏسي چيو” تو پيرن ۾ جتي پائي ڇو نه ڏٺي ته پوري آهي يا نه ؟ ماپ جي ڌاڳي لاءِ گهر موتٽي ڇو وئين ؟“ ماڻهوءَ وراڻيو ته ” موٽي ان لاءِ ويس جو مون کي پاڻ کان وڌيڪ ماپ تي اعتبار هو!“

ڏيپلائي مرڪيو، ۽ مون کي ڳچيءَ م۾ ٻانهن کڻي وڌائين ” ڏاهري رنگ محل “ جي مصنف جو راجا ڏاهر، تي نظم لکڻ واري شاعر جي ڳچيءَ ۾ اهو هار مون کي دسدائين ياد رهندو!

ٿوريءَ دير ۾ مون کي چيائين ته ” لطيفا ته مون کي ايترا ايندا آهن، جو مان تو کي ٻڌايان ته ساري رات گذري وڃي، ته به نه کٽن.تون ائين ٿو سمجهين ڇا ته مون کي شاعريءَ جي پرک نه آهي؟ مون کي ڪوئي شعر ٻڌاءِ!“ مون هن کي صراحي ڏيئي چيو :

 بريز اي پير ميخانه مئي تلخم به پيمانه
 که من در وضع مستانه بي شيرينِ سخن دارم

”اي ميخاني جا بزرگ پيماني ۾ تلخ شراب وجهه، ڇو ته مون وٽ مستاني وضع ۾ ڪيئي شيرين سخنن آهن،“

ان وقت سج ڦليليءَ ۾ صفا ٻُڏي ويو هو ۽ اسان سڀئي ” رباعيات خيام“ تي ڪنهن نڪتل تصوير وانگر لڳي رهيا هئاسون.

ڪجهه وقت کان پوءِ ٻيڙي ماتليءَ پهتي. رئيس جو راڳ شروع ٿيو. ڪتين ڪر موڙيا، پر اڃا رئيس نظاماڻي دف تي ڳائيندورهيو ۽ هن جا ساٿي کيس سُر  وٺائيندا رهيا. پنهنجي عادت موجب رئيس جڏهن ڏيپلائي صاحب جي ڀرسان دف زور سان وڄائي، گهنگهرن جي گهڻ گهڻڪئي ته ڏيپلائي صاحب ڇرڪ ڀريو ۽ مون کي نڇر مٿان بندوق جي ٺڪاءَ تي آڙيون اُڏامندي نظر آيون.

جنهن وقت ڏيپلائي صاحٻ جو فرزند محمد علي مون وٽ آيو ۽ مون کي چيائين ته مان هن کي ڏيپلائيءَ تي ڪجهه لکي ڏيان ته منهنجي لائبريريءَ ۾ ڏيپلائي صاحب جا فقط ٻه ڪتاب هئا. هڪ ،بقول اياز ، ۽ ٻيو هن جو طويل ناول ، سانگهڙ، سندس لکيل ڏيڍ سئو کن ڪتابن مان سندس خاندان وٽ به چاليهارو کن ڪتاب مس سهئا، وٽن بقول اياز جي ڪاپي به ڪانه هئي، جا مون محمد عليءَکي خوشيءَ سان ڏني ۽ هن کي همٿايو ته هو سارو ذخيرو ڪٺو ڪري ڇپائين. جي الحال هن مون کي ٻه ڪتاب ڏيپلائي  صاحب جا ۽ ٻه ڪتاب هن تي لکيل ڏنا، جنجون هن وٽ هڪ کان وڌيڪ ڪاپيون هيون. انهن  ۾ ڏيپلائي صاحٻ جا ناٽڪ به هئا ۽ اهڙا مضمون به هئا، جن مان مون ڪجههٽڪرا مٿي ڏنا آهن. ناٽڪ پڙهي مان انهيءَ نتيجي تي پهتس ته ڏيپلائي صاحب تي پنهنجي دور جي اردو ادب جو ڪافي اثر هو، ۽ هن جا ڪجهه ڊراما، آغا حشر جي ڊرامن وانگر ٿا لڳن. جيتوڻيڪ انهن۾ به هن جي پنهنجي انفراديت آهي ۽ هن  جا موضوع الڳ آهن. هن جا سڀ ڪتاب هجن ته اندازو لڳائي سگهجي ته  هن تي ابوالڪلام آزاد ۽ الهالا ، م محمد علي جوهر ۽ همدرد مولانا ظفر  علي خان۽ زميندار ، اڪبر الهه آبادي ، شبلي نعماني عبدلامجيد سالڪ، چراغ حسن حسرت وغيره جو ڪيترو اثر آهي. بهر صورت سنڌ جو ماحول۽ ان جا مسئلا هن جي تحرير ۾ اوليت رکن ٿا. ڏيپلائي پاڪستان کان اڳ ۽ پاڪستان کان پوءِ  مسلم سنڌي ادب جو بئرومئٽر آهي. جويو ۽ مان ته ٻي مٽيءَ مان ٺهيا هئاسين

هن وقت منهنجي ميز تي هڪ ڪتاب ،ڏيپلائي: سنڌ جو ڪهنن مشق صحافي، پيو آهي.ڪچي جلد تي ڏيپلائي صاحب جي تصوير آهي ۽ ان جي هيٺان منهنجو شعر آهي

آ ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه مڻيا، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا،

جــــي ســـرو جڳ جــــرڪائي ويـــا، پر پنــــهنجو پــــاڻ ڀُلائي ويا.

اهو ڪتاب نور محمد عباسيءَ ترتيب ڏنو آهي۽ ان جي پيشڪش به هن ئي ڪئي آهي. مان هن سان متفق آهيان ته منهنجو مٿيون شعر ڏيپلائي صاحب جي شخصيت جي عڪاسيڪري ٿو.ڏيپلائي، جو مهنجو محسن هو ۽مون کي ان وقت ڪم آيو ، جنهن وقت ڪيئي، جنائي خان، سنڌ ۾ مون سان وڙهي رهيا هئا، ۽ پنهنجي هر ٽوڻي ڦيڻي سان مون کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا:

جن پاسو ورتو ڪوڙ ڪنان، سي مڙس نه ويندا مور منان،

جن واڪي واڪي وس ڪيا، ڪجي سارو سچ ٻڌائي ويا.

***

 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >