شخصيتون آن لائن  

 

ثريا سوز ڏيپلائي

 

ڳچ جهڙيون ڳالهيون

سوچيان ٿي ته ڳالهيون ڳچ آهن، ڪٿان شروع ڪريان؟ منهنجي سوچ ۾ هڪ ننڍڙي سانوري ڇوڪري اڀري ٿي، پنهنجي بابا جهڙي سانوري. اها ننڍڙي هئي ته هڪ ڀيرو پنهنجي گهر جو رستو ڀلجي وئي. گهراننڪتي شيءِ وٺڻ، ۽ شيءِ مليس ته گهر جورستو ڀلجي وئي. نئون پاڙو هو، عمر چار سال کن، ويچاري ڇا ڪري، سو اچي سڏڪن ۾ پئي. الائجي ڪيئن هڪ شيدي بادشاه کيس ڏٺو ۽ ماٺ ڪرائي پڇيائينس ته:

 ”ڇو ٿي روئين“؟

ڇوڪريءَ جواب ڏنو:”منهنجو گهر الائجي ڪٿي آهي؟“

پڇيائين:”ڀلا ڌيءَ ڪنهن جي آهين؟“

چوڻ لڳي:”بابا جي“

مرڪي پيو ۽ پڇيائين”تنهنجو بابا ڪندو ڇا آهي؟“

ڳوڙها اگهندي ڇوڪريءَ چيو،آکاڻيون لکندو آهي“

”ٻيو ڇا ڪندو آهي“؟ هن وري پڇيو.

”ٻيو قرآن لکندو آهي“، جواب ڏنائين ته سڏڪڻ لڳي. شيدي بادشاه نه رڳو کيس شيءِ وٺي ڏني ۽ کيس اڳتي وٺي هليو. ٿورو اڳڀرو هليا ته سامهون ڇوڪريءَ جو بابا ايندو ڏٺائو. ڇوڪري ڊوڙي وڃي پيءُ کي چهٽ پئي ۽ پيءُ کيس ڀاڪر ۾ کڻندي چيو:

”نسو،پٽ، هُئينءَ ڪٿي، اسين ته ڳولهي ڳولهي ٿڪا آهيون“.

اهو گهر اتي هو، جتي هن وقت جماعت اسلاميءَ جي آفيس، اسٽيشن روڊ (حيدر آباد) تي آهي. اها ڇوڪري هئي”ثريا نسيم ڏيپلائي“ ۽ سندس بابا هو ”محمد عثمان ڏيپلائي“. ان ڇوڪريءَ کي هاڻي سڀ”ثريا سوز“ سڏين.

ننڍ پڻ ۾ ته بابا ڳولهيو ۽ منزل تي پهچايو، پر اصل سفر ته شروع ئي هاڻ ٿيو اٿم. سپرين ته سانگ ڇڏي وڃي ماڳ ته پهتا. جڳ جي هيڏي ساري ميلي ۾ پاڻ کي بلڪل اڪيلي ٿي سمجهان.

اهو ته شڪر ٿيو، جو مون بابا جي حياتيءَ ۾، سندس پاڙي ۾ گهر وٺي ڇڏيو هو، نه ته ”ڏيپلائي منزل“ ته ”صبح“ ڏيپلائيءَ جي مٺڙن سڏن سان ٿيندو هو، اتي ڪيئن رهي سگهان ها! صبح جي چانهه، اخبار عبرت ۽ ”ڏيپلائي منزل“ لازمي هئا. مٿان وري بابا جا سڏ!

”نسو“، ”امڙ“ يا ”بابا“ ڪري سڏبو. اهي سڏ ٻڌڻ لاءِ هاڻي ساري عمر سڪندي رهنديس. الائي جي ڇو مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته هي ساٿ ۽ جيئن واپس ايندي هئس ته پيار ۽ پاٻوه مان ڪيل سڏ، ٽهڪ!

”نسو بابا، ڏي خبر چار، ڪهڙو حال احوال!“

مرڪندڙ ماڻهو ڏسي چپن تي ڪيئن نه مرڪ اچي. مرڪي چوندي هئس:

”سڀ خير، بابا،“

”هوندو به خير! پر ڪا ڳالهه، ڪا مهاڙ؟“ کلندي پڇندو هو، ۽ پوءِ اهو روز مره جو معمول ٿي ويو. مون محسوس ڪيو ته بابا کي وندر لاءِ ڪچهري گهرجي. شاباس آهي منهنجي وَرَ ۽ ٻارن کي، جيڪي نه فقط مون کي بابا سازن وڌيڪ وقت ڏيندا هئا، پر پاڻ به اچي محفل کي مچائيندا هئا. پوءِ هوندا هئا بابا جا ٽوٽڪا، کل، ٽهڪ ۽ زندگيءَ سان ڀرپور ڳالهيون! سچ پڇو ته بابا تي رشڪ ايندو هئم. دعا گهرندي هئس،”شل منهنجو مزاج بابا وانگر ٿئي! هاڻ ته چوان ٿي شل موت به بابا جهڙو مليم. موت کي به ته لڄ آئي هوندي، اهڙي زندگيءَ ڀريل آجيان تي!

شاديءَ کان پوءِ جڏهن”ڏيپلائي منزل“ يعني اباڻي گهر ۾ ايندي هئس ته دل اهيندي هئي ته بابا سان گهڻيون ڳالهيون ڪريان. ڪڏهن بابا ڪراچي ويل هوندو هو ته بابا جي ڪمري ۾ وڃي ڪتابن، ڪپڙن ۽ وڇاڻي وٽ بيهندي هئس. انهن جي سرهاڻ منهنجي اندر کي اصل سرهو ڪري واسي ڇڏيندي هئي.

پوءِ قسمت سان وٽن ئي رهيس، بيشمار ڳالهيون ۽ ڪچهريون نصيب ٿيم. مٽ مائٽ ۽ عزيز ڪڏهن پڇندا هئا:

”ڏيپلائ3 ٻارن کي ۽ توکي خرچ وغيره ڏئي؟“

آءُ صرف مرڪي پوندي هئس. جيڪو خزانو مون کي بابا کان مليو، اهو ڏسڻ لاءِ ته گهري نظر گهرجي. مٽ مائٽ شايد اهو سوال ان ڪري پڇندا هئا، جو آءُ به بابا وانگر صرف ”دل جي خوشيءَ“ جي خزاني جي مالڪ آهيان.

پوءِ حيرت جهڙي ڳالهه، بابا کي جڏهن به ڪو وڏو نوٽ کليو ڪرائڻو هوندو هو ته هميشه مون کي چوندو هو، ۽ آءُ ماٺ ميٺ ۾ ڪنهن ٻار کي چئي سرف دٻو يا چانهه جو پڙو گهرائي، نوٽ مٽرائي، کين ريزگاري ڏيندي هئس، ۽ چوندي هئس:

”بابا، باقي رهيا توهان جا مون ڏي ڏهه روپيه“ ۽ پوءِ ڏيئي ڇڏيندي هئيمانس.

شايد بابا کي اهو احساس ٿي ويو هو ته انهن ڳالهين کي مان پنهنجي لاءِ اعزاز ٿي سمجهان، سو منهنجي خوشيءَ خاطر هميشه وهاڻو ۽ ڪرسي منهنجي هنڊائيندو هو.

مزو تڏهن آيم، جڏهن بابا کي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ رفان هڪ ڪتاب ”عظيم سائنسي کوجنائون“ لکڻ لاءِ مليو ۽ بابا مون کي چيو ته:

”نسو بابا، هي ڪتاب تون لک ۽ ظفر حسن کي هاڪار جو خط به لکي ڇڏي.“

”پر بابا، مليو توهان کي آهي، آءُ ڪيئن لکان؟“

”ڪيئن وري ڪيئن؟ ڪتاب لکڻ ۾ آهي ڇا؟“

حوصلي افزائي ڪيائين ۽ پوءِ پيءُ جي زير نگراني مون اهو ڪتاب لکيو، جيڪو سندن حياتيءَ ۾ شايع پڻ ٿيو. ساڳيءَ طرح ”مهراڻ“ جي ”سيرت النبي“ نمبر لاءِ انهن مضمون گهريو. بابا جي چوڻ تي مون کي لکي موڪلي ڏنو، ۽ حيرت جهڙي ڳالهه ته ٻنهي مان ڪنهن به ڌر کي اهو شڪ نه پيو ته هي مواد ڏيپلائيءَ نه، پر مون لکيو آهي. ان ڳالهه تي بابا ڏاڍو کليو.

ڳالهيون ڳچ آهن، جيڪر گاڏا ڀرجن. ان عمر ۾ اچي سڀ ڪو پنهنجي خوش مزاجي برقرار رکي نٿو سگهي. بابا جڏهن دوائون کائيندو هو، تڏهن منهنجي ننڍي پٽ”عدنان“ کي، جيڪو ان وقت اڍائي سالن جو ئي چڪو هو، سڏ ڪندو هو ۽ چوندو هو:

”عدنان، عاليشان، ٻيلي هلي آءُ پاڻ دوائون ڳڻيون“م پوءِ عدنان کي ڏيکاري مختلف قسمن جا ٽيبلٽ ڪڍندي چوندو هو:

”هڪ سائو، هڪ اڇو، هڪ ڳاڙهو ۽ هڪ پيلو، ڪيترا ٿيا؟

ائين کلندي کلندي دوائون کائيندو هو.

ڪوشش ڪري اسين ڀاءُ، ڀيڻ (آءُ ۽ ڊاڪٽر حبيب الرحمان) بابي کي روز تيل هڻندا ۽ زور وغيره ڏيندا هئاسون، پر ڪيڏي به تڪليف هوندي هئس ته دانهن اصل نه ڪندو هو، چوندو هو:

”حبن، ڏسو، واندڪائي هجي ته ٻه ٽي زور ڏيو، نه ته ٺهيو.“

يا چوندو هو” تڪليف نه ٿئي ته هي فلاڻو ڪم ڪري ڏيو.“ اسين وري ائين، جو سمجهون ته بابا جنهن کي ڪو ڪم چيو، ان جا ڀاڳ، سڀ ڪو ڪوشان ڪم ڪرڻ لاءِ!

”ادب ۽ ڏيپلائي“ لازم ملزموم آهن، پر بامقصد شاعري به بابا کي پسند هئي. اياز جي شاعري ڏاڍي وڻندي هئس. ابراهيم منشيءَ به کيس بيحد متاثر ڪيو، پر ننڍ پڻ ۾ مون بابا کي جهونگاريندي صرف ٻه ڪلام ٻڌا هڪ ”سڪندي سال ٿيا.“

ٻيو ”طوفان ۽ ڏيئي جي ڪهاڻي“. ان جي هڪ مصرع آهي:

لڙتي لڙتي وه نه ٿڪا، ڦر ڀي بجهه نه ڪسا،

اسي ڪي جوت ۾ ٿا بل ري سچائي ڪا،

چاهي ٿا وه ڪمزور، پر ڦرڀي نهين دور،

اسني بيڙا اٺايا تاري ڀلائي ڪا،

گهڙي آئي اسڪي ڀي امتحان ڪي،

يه ڪهاني هي ديئي ڪي اور طوفان ڪي.

۽ ڏيپلائي پڻ ان ڏيئي وانگر جوت ڏيندو رهيو ۽ امر ٿيو. ڏيئي مان ڏيئا ٻرندا رهندا. انهيءَ کي ڪو به طوفان وسائي نه سگهندو، ڇو ته اهي ڏيئا آهن. سچائي جا!

***

 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >