تاريخ نويسن جو چوڻ آهي ته دمشق کان پوءِ ملتان ئي هڪ زنده شهر آهي جيڪو صدين کان وٺي قائم آهي

( ڪتاب : سدائين سفر ۾ / ليکڪ : محمد يوسف )

ملتان هند لاءِ به مقدس شهر رهيو آهي، تاريخن ۾ آهي ته ” هوليءَ جي ڏڻ جي شروعات به هتان ئي ٿي آهي ۽ سورج ديوتا جي پوڄا جنهن هنڌ کان ٿي اهو به ملتان جي ويجهو آهي، ملتان ۾ ئي سومناٿ مندر کانپوءِ هندن جو ٻيو وڏو مندر“ پرهلاد“ هو، جنهن جا کنڊر اڄ به حضرت بهاءُالدين زڪريا جي جي مزار جي ڀرسان ئي آهن. ان مندر مان محمد بن قاسم جي لشڪر کي ٻه سو ٽيهه مڻ سون ملي هو. اهو رڳو ” پرهلاد“ جي مندر مان هٿ آيو، تنهن کان سواءِ ملتان شهر جي لٽ مار مان جيڪي موتي، جواهر ۽ مال ملڪيت ملين اهو ڌار آهي.

( ڪتاب : سدائين سفر ۾ / ليکڪ : محمد يوسف )

                     
                   
                   
 

  اوهان به پنهنجي پسنديده ڪتاب جي مطالعي دوران انڊر لائن ڪيل ڪنهن مضمون  مان اقتباس موڪلي سگهو ٿا.

 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 
 

 
   

 

 

 

< مٿي وڃون >--< پهريون صفحو>--< سائٽ ميپ >