|
سانگهڙ ۾ شيخ اياز ڪانفرنس جو انعقاد
سانگهڙ ( سنڌي ڪتان . نيٽ ) : سنڌي ادبي سنگت
سانگهڙ پاران سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي فن ۽
فڪر متعلق هڪ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو
آهي، ڪانفرنس ۾ سنڌ جا عالم، اديب ۽ محقق شيخ اياز
جي فن ۽ فڪر متعلق پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا، ان
موقعي تي ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، ادل سومرو، جامي
چانڊيو ۽ اڪبر لغاري خاص طور تي مقالا پڙهندا ۽
پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا.
سنڌي ادبي سنگت سانگهڙ طرفان ساڃاه وندن کي شرڪت
جي دعوت ڏني وئي آهي.
پروگرام جو انعقاد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ، سانگهڙ ۾
ڪيو ويندو جيڪو 10 مارچ صبح جو 11 وڳين منعقد
ٿيندو.
|