ڪتاب چنڊ چوانءِ سچ

تي، تبصرو

ڪتاب جو مضمون : سير سفر

ڪتاب جو ليکڪ : الطاف شيخ

تبصره نگار : واحد پارس هيسباڻي

 

  چنڊ چوانءِ سچ  واحد پارس هيسباڻي سائين الطاف شيخ جي ڪتابن جا عنوان ڏاڍا منفرد هوندا آهن. سندس ڪافي ڪتابن جا نالا شاهه سائين جي شعرن مان کنيل آهن، جيئن ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ ”وايون وڻجارن جون“، ”جتي جر وهي ٿو جال“ ۽ جيئن سندس تازو آيل ڪتاب ”چنڊ چوان سچ“. انداز بيان نرالو ۽ ٻولي سادي هجڻ جي ڪري سندس سفر ناما ٻارن توڙي ٻڍن ۾ هڪ جيترا مقبول آهن. سندس ڪتابن کي رڳو يونيورسٽيون پنهنجي نصاب ۾ شامل ڪرڻ ضروري نه ٿيون سمجهن پر ڪتابن جو ذوق رکندڙ عام ماڻهو به پنهنجي ذاتي لائبرري ۾ سندس ڪتاب رکڻ لازمي سمجهي ٿو.

 تقريبن پوري دنيا گهمي آيل هي شخص غضب جو ليکڪ ته آهي ئي پر هي غضب جو ماڻهو به آهي. پهريون ڀيرو ملاقات ڪندڙ ماڻهو کي به اهو قطعي محسوس نه ٿيندو ته هي سندس پهرين ملاقات آهي پر کيس ائين لڳندو ڄڻ هن شخص سان سندس سالن جي واقفيت ۽ ويجهڙائي آهي. پنهنجي محبت ۽ شفقت واري رويي جي ڪري هي شخص هر دل کي متاثر ڪري ٿو. مون پنهنجي زندگي ۾ وڏا ليکڪ، وڏا ماڻهو گهٽ ڏٺا آهن پر الطاف شيخ وڏي ليکڪ هجڻ سان گڏ وڏو ماڻهو به آهي. وٽس ڏات جي دولت سان گڏ خلوص جي دولت به آهي ۽ هن اهي ٻئي دولتون ورهائڻ ۾ ڪڏهن به ڪنجوسي جو مظاهرو نه ڪيو آهي. ”چنڊ چوان سچ“ جو انتساب هن ڊاڪٽر نظام الدين ڏنور جي نالي ڪيو آهي، جنهن سندس ڏوهٽي جي ڄنگهه جي فريڪچر جو آپريشن ڪري ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي هئي. احسان فراموشي جي هن دور ۾ جيڪڏهن هڪڙو وڏو ليکڪ ڪنهن جي ننڍڙي چڱائي (جيڪو جيتوڻيڪ هن جو پروفيشن به آهي) ياد ڪري ٿو ۽ ان جي نالي پنهنجو ڪتاب ڪري ٿو ته اها وڏي ڳالهه آهي. الطاف شيخ ۾ مون اهي خوبيون وڏي پئماني تي ڏٺيون آهن. هن هر ڪنهن جي چڱائي کي لفظن جي مالها ۾ پوئيو آهي.

 چنڊ چوانءِ سچ ۾ الطاف شيخ حيدرآباد کان وٺي ملائيشيا جون دلچسپ يادگيريون ۽ منظر بيان ڪيا آهن، جيڪي پڙهڻ کانپوءِ نه رڳو چين تي مرڪ تري اچي ٿي ۽ دل باغ بهار ٿي وڃي ٿي پر دماغ جي ڪمپيوٽر ۾ نئين ڄاڻ جا فولڊر به سيو ٿين ٿا. هن ڪتاب ۾ چنڊ بابت به کوڙ ساريون خبرون چارون آهن، جن ۾ چنڊ ڪيئن نظر اچي ٿو. چنڊ بابت مذهبي مونجهارا، چنڊ بابت سائنسي حقيقتون، قمري ۽ شمسي ڪئلينڊر، چنڊ بابت ڏند ڪٿائون، چنڊ جي شڪل صورت وغيره وغيره. هن اها معلومات اهڙي ته جامع انداز ۾ ڏني آهي جو هن جي شمسي ماهر هجڻ جو گمان ٿيڻ لڳي ٿو. سدائين زمينن تي موجود شهرن ۽ شين بابت معلومات ڏيندڙ الطاف شيخ هاڻي جڏهن چنڊ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته اهو چئي سگهون ٿا ته باقي دنيا سان گڏ هي به چنڊ تي پهچي ويو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سمورا مضمون روزاني عبرت ۾ شايع ٿيل آهن. الطاف شيخ جو عبرت سان تعلق ايترو پراڻو آهي جيتري هن اخبار جي ڄمار آهي. سندس اهو مسلسل نڀاءُ کيرون لهڻي.

جهازن جي سخت مصروفيت واري نوڪري ڪرڻ جي باوجود هن شخص ٽائيم ڪڍي سنڌي ادب جي جهولي ۾ جيڪي سؤ جي لڳ ڀڳ ڪتاب وڌا آهن اهو سندس وڏو ڪم آهي. چوندا آهن ته وقت گذرڻ سان گڏ تخليقڪار جي تخليق ۾ ميچوئرٽي ايندي ويندي آهي ۽ اُها وڌيڪ پاور فُل ٿيندي ويندي آهي، پر الطاف شيخ اُهو ليکڪ آهي، جنهن جي 40 سال اڳ لکيل لکڻي ۾ به اُهو ساڳيو ئي رس ۽ چس موجود آهي ۽ اُها پڙهندي اُهو ساڳيو ئي مزو اچي ٿو جيڪو سندس نئين لکڻي پڙهڻ ۾ اچي ٿو. مون الطاف شيخ جون 40 سال اڳ عبرت ۾ لکيل لکڻيون پڙهيون آهن، (جيڪي هن ئي صفحي ۾ پڙهندڙن جي دلچسپي کي سامهون رکندي يادگار لکڻين طور شايع به ڪيون پيون وڃن) اُهي لکڻيون وقت گذرڻ سان گڏ پراڻيون نه ٿيون آهن. ڪنهن ليکڪ جي 40 سال اڳ لکيل لکڻي جيڪڏهن اڄ به ساڳئي معيار سان پڙهندڙن جي دلچسپي جو مرڪز بڻيل هُجي ته ان کان وڌيڪ ڪنهن ليکڪ جي ڪاميابي جو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو. هن ڪتاب ۾ الطاف شيخ حيدرآباد واري چڪر جو تفصيل اهڙي ته دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيو آهي جو پڙهڻ سان مزو اچي وڃي ٿو. هن جتي مزاحيه جملن سان پڙهندڙن کي مرڪڻ جو ماحول فراهم ڪيو آهي اُتي هن ڪالهه ۽ اڄ جي حيدرآباد جي تصوير به پيش ڪئي آهي.

هو ٻڌائي ٿو ته سندس ننڍپڻ ۾ حيدرآباد جي صورت ڪهڙي هئي ۽ هاڻي ڪيئن آهي. هو ڪراچي هوٽل جي ٿورو اڳيان ساڄي پاسي تي موجود راحت سئنيما کان وٺي ٿڌي سڙڪ تائين جي ان عروج کي ساري ٿو، جيڪو هاڻي ڄڻ ته ماضي جو داستان بڻجي رهجي ويو آهي. هو ٻڌائي ٿو ته اڳي حيدرآباد جا رستا ڪيترا نه صاف ۽ ويڪرا هئا ۽ هاڻي اهي ڪيئن نه ٽٽي تباهه ٿي ويا آهن ۽ قبضاگير مافيا انهن کي سوڙهو بڻائي سندن سونهن تباهه ڪري ڇڏي آهي. هن رستن تي موجود گند جي ڍيرن، کليل گٽرن ۽ انهن ڀرسان کليل ڪمند جي رس ۽ پڪوڙن جي دڪانن جو به ذڪر ڪيو آهي. هو شهباز بلڊنگ ڀرسان ريڙهي تي ميوو کپائيندڙ کان وٺي حيدر چوڪ تي برياني کپائيندڙ تائين جو پنهنجي لکڻين ۾ منظر پيش ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ موجود سندس لکڻين جا عنوان به ڏاڍا زبردست آهن، جيڪي پڙهندڙ جو وڌيڪ ڌيان ڇڪرائين ٿا.

جيئن يار رڪشا وارو دل ۾ ڪندو، پوليس کي شڪ آهي ته مون ڀڄائي آهي، چمچاگيري جي موسم، ڄمڻ کان اڳ ناني مهانڊو، بالڪني ۾ اچي وار سُڪائي، فقط اڍائي ڪلاڪن جو دورو، چانڊوڪي راتين ۾ ڊپريشن وڌيو وڃي، چنڊ تي رهڻ جي موڪل ڏئي ڇڏي، چٻري وانگر چنڊ سان چاهت رکڻ، گلا اسان جو خاص شغل وغيره وغيره.... مان هتي ڪتاب جي منڍ ۾ ڊاڪٽر امجد علي ڪيريو جي الطاف شيخ بابت لکيل ليک مان پيراگراف ڏيڻ چاهيندس ”گهڻا ئي سنڌي ليکڪ ۽ شاعر جن جو بئنڪ گرائونڊ غربت جي لڪير کان گهڻو هيٺ رهيو آهي، پوءِ خدا جي قدرت هنن کي مٿي آڻي ٿي پر هنن کي اهو ننڍپڻ جو احساس هر وقت ڏنگ هڻندو رهندو آهي. رفليڪس ايڪشن ۾ سائيڪي طور، هر ڳالهه ۾ پنهنجي سچائي جو اظهار ڪندا رهندا يا پنهنجن هيرو کان چوائيندا رهندا يا ائنٽي ڪلائيميڪس تي پهچي سڄو وقت ڊپريشن کي لڪائڻ لاءِ نان تڪن، شرابن ڪبابن، اوچين واچن، قيمتي پرفيومن ۽ ڪارن جو ذڪر ڪندا رهن ٿا. نتيجي ۾ پڙهندڙ جي دل ۾ محبت وڃائي ويهن ٿا.

 الطاف شيخ ۾ خدا تعاليٰ اهڙي ڪابه سپيريارٽي يا سٽيٽس ڪامپليڪس ڪونه رکيو آهي. هو غريباڻي هوٽل ۾ رهي، گاڏن تان نان وغيره کائي، مڙي ئي هانءَ جهل ڪري، اسان کي به سيکاري ٿو ته ٿورن پئسن ۾ گهڻو ڪيئن گهمي سگهجي ٿو. چاهي ها ته ملائيشيا ۾ رهي پوي ها. پاسپورٽ ڪو مسئلو نه هو. پر هن محب وطن ماڻهوءَ کي وطن جي خوشبوءِ هتي ڇڪي آئي، ڇو ته محبتون هتي، راحتون هتي، باغ بهار هتي، گل ۽ بلبل هتي، ساغر مينا هتي، ساقي پئمانا هتي.“ الطاف شيخ جي لکڻي جي اها وڏي خصوصيت آهي ته هو جيئن ڏسي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو ائين ئي لکي ٿو. هو ڪٿي به وڌاءُ جو مظاهرو نٿو ڪري اهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻي هر ماڻهوءَ کي سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي.

الطاف شيخ جون لکڻيون سندس ذاتي ثناخواني کان پري نظر اچن ٿيون، هو جتي وڃي ٿو اُتان جي ماحول، حالتن، جاين، طور طريقن ۽ تاريخ جو جائزو وٺي ٿو. سندس سفرناما پڙهندڙن کي تاريخ بابت پڻ وڏي معلومات فراهم ڪن ٿا. سندس هي ڪتاب پڻ پڙهڻ وٽان آهي، جنهن ۾ الطاف شيخ بلڪل ئي نئين انداز ۾ نظر اچي ٿو. خاص ڪري چنڊ بابت سندس ڳالهيون پڙهڻ وٽان آهن. روشني پبليڪيشن طرفان ڇپرايل هي ڪتاب پڙهندڙن لاءِ ڪنهن تحفي کان گهٽ ڪونهي

. wahidparas@yahoo.com

 

شيخ اياز جي فن ۽ فڪر متعلق لکڻين جو مجموعو” ويا جي هنگلور“ آن لائن طلب ڪندا:

 تفصيل  

 

صوفي شاه عنايت جي زندگيءَ، فلسفي ۽ جدودجهد متعلق جامع ڪتاب،صوفي شاه عنايت شهيد

: تفصيل  

 

سائين انور پيرزادو متعلق معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ  سنڌي ڪتاب.نيٽ تي ڊزائن ڪيل ڊيٽا بيس وزٽ ڪندا

 

:تفصيل

 

ڪتابن تي تبصره هوم

 

 
 

 
 

|

د  دوست کي اي ميل ڪريو

|

پهريون صفحو

|

مٿي هلو

|

 ويب سائيٽ ٺهرائڻ لاءِ رابطوڪندا

 ويب ماسٽرز: چانڊڪا سوفٽ

حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

 

 

 

 

 
 

Copy Right @ Sindh Corporation