|
تبصرو:
ارباب ڇڄڙو مورائي
ماٺ جي موسم
”ماٺ جي موسم“ ڪنهن دوست پڇيو ته ماٺ جي موسم به ٿيندي آهي ڇا؟!
چيم ها، رڳو ايترو ئي نه پر ماٺ جو روزو به ٿيندو آهي، مهاتما گانڌي
جي، سال ۾ ڪجهه ڏينهن ماٺ جو روزو رکندو هو، ان کان سواءِ جڏهن ڪنهن دل
واري کان ڪو وڏو دوکو ملندو آهي. تڏهن به ماٺ جي موسم لهي ايندي آهي.
جڏهن ڏينهن جا ٻه ٿيندا آهن. تڏهن به ماحول ۾ ماٺ جي موسم ٿي ويندي
آهي. اهو مشاهدو ڪرڻو هجيوَ ته ٻهراڙينءَ ڏانهن نڪري وڃو، پر انهن سڀني
کان وڌيڪ ماٺ جي موسم تڏهن ايندي آهي، جڏهن ڪنهن دل واري جو موت ٿيندو
آهي. اِها ڳالهه اُهي ماڻهو سمجهي سگهن ٿا، جن سان اهڙي وارتا ٿيل
هوندي آهي.
وطن کان پري رهڻ وارن جي من ۾ به ماٺ موسم لهي ايندي آهي،
جن موسمن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي. انهن ماڻهن جي ماٺ جي موسم تڏهن ٽٽي
پوندي آهي، جڏهن ”ماٺ جي موسم“ کي آيل بند ٽٽي پوندا آهن ۽ اکيون ساوڻ
جي مينهن وانگر وسي پونديون آهن.
جڏهن اهڙو ماڻهو، شاعر يا ڪهاڻيڪار هجي ته پوءِ ان ماٺ جي موسم ۾ سندس
قلم ڳالهائڻ لڳندو آهي ۽ سهڻا سهڻا گيت ۽ غزل سرجي پوندا آهن. جي
ڪهاڻيڪار اُهي ته پوءِ وڏيون ملهائتيون ڪهاڻيون جنم وٺنديون آهن جن جي
عمر ڊگهي هوندي آهي جنهن جو مثال خليل جبران جون ڪهاڻيون آهن. يا شاهه
لطيف رحه جو لافاني ڪلام آهي، جيڪو ڪڏهن پراڻو ناهي ٿيڻو....
اسان جو امداد پڻ اهڙي عذاب مان گذريو آهي، جنهن جي خبر ان جي دوستن کي
آهي. امداد ماٺ جي موسم ۾ شاعري ڪري ماٺ جي طوفان کي قلم ۾ قيد ڪيو
آهي.
هر ماڻهو ماضيءَ سان پيار ڪندو آهي، حال سان شڪايت هوندي اٿس ۽ مستقبل
کان ڊنل هوندو آهي. امداد موري جي ادبي گڏجاڻين ۾ اڪثر غزل تي گهڻو
ڳالهائيندو هو. ڄڻ پراڻن غزل جي شاعرن جا نالا ياد ڪري ڇڏيا هئائين.
گهڻو تڻو ڊگهو ليڪچر ڏئي ويندو هو. ۽ اهو به هو وري ساڳيو ئي ليڪچر
مهيني ٻئي مهيني پيو ڏيندو هو. شايد اهو هن جو جنون جي حد تائين
شاعريءَ سان عشق هو ۽ سائين بيدل مسرور چواڻي ”جيڪو گهڻو ڳالهائيندو
اهو غلطيون به گهڻيون ڪندو ۽ انهن ئي غلطين منجهان ئي سندس اصلاح پڻ
ٿيندي“ ائين اسان جو امداد به اڳتي وڌندو ويو ۽ اڄ هن جي شاعريءَ جو
سهڻو ڪتاب اسان جي هٿن ۾ آهي.
اسان جي موري جو هڪ دوست آهي عظيم سنڌي
چون ٿا ته هو گذريل پنجاهه سالن کان شاعري ڪندو اچي. پر سندس اڄ تائين
ڪو به ڪتاب شايع ناهي ٿيو. هن ويچاري کي ڪتاب ڇپائڻ جو شوق ان حد تائين
آهي جو ماڻهن کي چوندو آهي منهنجو ڪتاب شايع ٿي رهيو آهي چوڻ جو مطلب
ته اُهي ماڻهو وڏا خوشنصيب آهن جن جي ڪاوش جلدي بازار ۾ اچيو وڃي، ڪي
ته سڄي عمر اهو شوق سانڍيو قبر منجهه هليا ٿا وڃن.
اسان جو امداد وڏو خوشنصيب آهي. ان لاءِ نه رڳو امداد کي وڌايون هجن
بلڪه سندس مهربان ڪتاب ڇپائيندڙن يعني نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ ڪراچي
وارن کي به هجن، جن اهڙو سهڻو ڪتاب بازار ۾ آندو آهي.
امداد جي ارپنا به ڏاڍي سٺي آهي، ان جو سٽاءَ به سونهن ڀريو آهي. لکي
ٿو ارپنا امان صاحب خاتون ۽ بابا ڊاڪٽر سليمان سولنگيءَ جي ڳوٺ جي
نالي، اهڙي ارپنا گهٽ ۾ گهٽ مون ناهي پڙهي.
ان کان سواءِ پبلشر جو نوٽ
به تمام بهترين آهي. انعام عباسي صاحب حمزا توف جو مثال ڏيندي ان جي
لکڻي ماڻ ٽڪرو کنيو آهي جيڪا پڻ ساراهه جوڳي آهي. لکي ٿو:
”۽ ان ڪري ئي مان پنهنجي آڏو اُهي هڙٽپڙ ڪٺا ڪري ٿو وٺان، هڪ ڪتاب جي
پورڻتا لاءِ جي ضروري هوندا آهن. جيئن سوناري وٽ، سون، چاندي، ڇيڻيون،
برما، هٿوڙيون ۽ سانچا.... مون وٽ به منهنجي ”مائيتي ٻولي“، ”زندگيءَ
جو تت“، ماڻهن جا منهن مهانڊا. عڪس ۽ اولڙا پنهنجي گيتن جو رڌم، تاريخ،
انصاف ۽ محبت جي سوجهي ”ساڻيهه“ جا سهڻا ڏيک، ابي جون ساروڻيون ۽ سنڌي
قوم جي ماضي ۽ مستقبل..... اُهي سڀ شيون ته منهنجي هٿ هيٺ آهن پر هتي
سوال اُهو ٿو اُٿي ته ڇا منهنجا هٿ ايڏا هنرمند به آهن ؟ ۽ ڇا ان ڪارج
جي مڪملتا جي لاءِ رڳو اها صلاحيت ۽ هنرمندي ئي ڪافي آهي جنهنجو مان
مالڪ آهيان ؟؟.
جن ماڻهن وٽ ديس ٻولي ۽ قوم جو احساس ناهي اُهي ڪڏهن به سٺا هنرمند ٿي
نٿا سگه، جن ماڻهن وٽ پنهنجي قوم ۽ ان جي ڏکن سورن جو اونَو ناهي اهر
ڪيئن ٿا سٺي فنڪاري ڪري سگهن. رسول حمزا توف اُهي ڳالهيون ڪيون آهن. جن
لاءِ هت چيو ويندو آهي ته اها نعري بازي شاعري آهي وغيره پر ڪڏهن ڪنهن
انهن نعرن تي غور ڪيو آهي، جيڪي ديس جا نعرا ننڊ ۾ ستل قوم کي سجاڳ
ڪندا آهن مئل روحن ۾ نئون روح ڦوڪيندا آهن ۽ هت انهن شين کي نعري جو
نالو ڏئي پري اڇلايو ويندو آهي.
شاعري ان شيءِ کي چيو ويندو آهي جيڪا
غلام قوم ۾ آزاديءَ جو جذبو پيدا ڪري. شاعري اها آهي جنهن ۾ امڙ جي
ٻوليءَ جي خوشبوءِ هجي. شاعري اها آهي جنهن ۾ محبوب جي سڪ هجي، شاعري
اها آهي جنهن ۾ ڀلاري ڀٽائيءَ جي بيتن جي خوشبوءِ هجي، شاعري اها آهي
جنهن ۾ جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جهڙي جرئت هجي، شاعري اها آهي
جنهن ۾ جي ايم سيد جو فڪر هجي.... ٻي صورت ۾ اها شاعري رسول حمزا توف
جي سٽن تي پوري ڪانه لهندي.
ماهين هيسباڻيءَ جا ٻه اکر به بهتر آهن، پر امداد موري جي پچار ڏاڍي
سهڻي ڪئي آهي. موري جي انهن دوستن کي به ياد ڪيو آهي جن ادبي خدمت ته
ڏاڍي ڪئي آهي، پر اُهي ڪنهن کي ياد به نه آهن. جڏهن ته سندس ڪردار
ساراهه جوڳا آهن، جيئن حاجي سڪندر ڪورائي محبتي ملاح جهڙا دوست، امداد
انهن کي ياد ڪري موري جي انهن دوستن جي تاريخ ٺاهي ڇڏي آهي، امداد تي
تاجل بيوس، چندر ڪيسواڻي، ساجد سومرو، امتياز دانش، باري منگي، ممتاز
مهر، بشير سيتائي، سنڌ رويو جي چيف ايڊيٽر عرفان عباسي ۽ نويد صاحب جن
به سٺا تبصرا ڪيا آهن.
سڀ ڳالهيون ڀليون پر امداد جيڪو امڙ جي وڇوڙي جو ذڪر ڪيو آهي. ان ذڪر
کي پڙهيو اکيون ڀرجي آيون، واقعي هن جهان ۾ رڳو امڙ ئي هڪ عزيز رشتو
آهي، جيڪو بي لوث آهي دنيا ۾ اهڙو ٻيو ڪو به رشتو ناهي. امداد واقعي حق
ادا ڪيو آهي. امداد هي اکر اهڙا لکي ڇڏيا آهن جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته،
امداد نثر به تمام سٺو لکي سگهي ٿو. شاعر لاءِ مشاهدو ضروري هوندو آهي
۽، امداد پاڻ هڪ ڳوٺاڻو آهي جنهن کي ٻوليءَ جي چڱي موچاري ڄاڻ به آهي
اسان وٽ کوڙ وڏا نالا اهڙا به موجود آهن جن کي اها خبر ناهي ته ڪارڙو
تتر ڪيئن ٻوليندو آهي. هت انهن جا نالا لکي ادبي دشمني ڪونه پرائبي
|