|
تبصرو:
ڊاڪٽر (پروفيسر) لوئِس فِلئم
ڊپارٽمينٽ آف ائنٿروپولاجي، ليهمن ڪاليج،
سٽي يونيورسٽي آف نيو يارڪ
ايم. ايڇ. پنهور جو هي سڄر ڪتاب هڪ اهڙو نسخو آهي جنهن کي هر
لائبريريءَ ۾ هجڻ گھرجي، خاص ڪري انهن ماڻهن جي جيڪي سنڌ ۽ ڏکڻ ايشيا
جي تاريخ، پراڻن ماڳن ۽ انساني نسلن کي پروڙڻ وارن علمن سان چاهه رکن
ٿا. پنهور، اپار انگ اکر ويهي سوڌِيا ۽ جوڙيا آهن ۽ بنا ڦير ڦار بلڪل
چٽا ڪري تخليقي انداز ۾ پيش ڪيا اٿس. جيتوڻيڪ نالو ٻڌائي ٿو ته ڪتاب جو
مضمون سومرن جي بادشاهي آهي، پر ڪتاب جو دائرو ڄاڻايل دور کان گھڻو
وسيع آهي ۽ ڪتاب اوترو ئي وڌيڪ موهيندڙ پڻ آهي. نقشن، چارٽن، ٽيبلن ۽
تصويري سمجھاڻين، ۽ مواد جو اهڙو شاندار ڀنڊار پنهور جي هن ڪتاب کان اڳ
ڪٿي هڪ هنڌ نه ٿو ملي.
لڳ ڀڳ سڀئي نقشا علائقي ۽ ان جي تاريخ بابت سندس اٿاهه ذاتي ڄاڻ آڌار
پنهور پاڻ ٺاهيا آهن؛ سنڌ ۽ ڏکڻ ايشيا تي هن جهڙو ادبي ذريعو ٻيو ڪٿي
به موجود ڪونهي. پنهور زوردار انداز ۾ ثابت ڪيو آهي ته هاڻوڪي سنڌي
ثقافت قديم موهن جي دڙي سڀيتا ۽ ٽين هزاري ق-م واري سنڌو سڀيتا مان ڦٽي
نڪتل آهي، جيڪا اڄ تائين هلندي پئي اچي. ڄاڻ جي هن وسيع ڀنڊار ۾ شامل
عنوانن جي هڪ بهترين فهرست ۽ ڏسڻي پڻ ڏنل آهن، جن سان پڙهندڙن کي ڪتاب
۾ شامل نقشا، چارٽ، ٽيبلون ۽ تصويري سمجھاڻيون ڳولڻ ۾ آساني ٿيندي.
پڙهڻ وارو هن کان وڌيڪ مڪمل ۽ شاندار ڪتاب گھُري نه ٿو سگھي.
الاهي بخش سومري پاران سندس پيش لفظ ۾ ڏيکاريل خواهش وانگر سڀني
پڙهندڙن کي ايم. ايڇ. پنهور جي ايندڙ ڪتابن، ”ائن اِلسٽريٽيڊ اٽلس آف
سنڌ“ ۽ ”ائن اِلسٽريٽيڊ هسٽري آف سنڌ“ جو انتظار رهندو. سومرن جي
بادشاهيءَ تي هن ڪتاب توڻي سندس پراڻن ڪمن ۾ ايم. ايڇ. پنهور نه رڳو هڪ
ڪامياب انجنيئر طور، پر پراڻن آثارن، تاريخ ۽ انساني نسل پروڙيندڙ ڏاهي
طور پاڻ مڃايو آهي. ايم. ايڇ. پنهور پنهنجي ملائڪ صفت زال فرزانه جي
نانءِ هي ڪتاب ڏاڍي سهڻي ۽ دل کي ڇهندڙ انداز ۾ ارپي، هڪ شاعر طور پڻ
پاڻ مڃايو آهي.
|