|
لڇمڻ ڪومل سوانح لکي سنڌ واسين کي تحفو ڏنو آهي: شمشير
الحيدري
ڪراچي ( سنڌي ڪتاب.نيٽ ): سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ۽
دانشور جناب شمشير الحيدري چيو آهي ته لڇمڻ ڪومل پنهنجي
سوانح لکي سنڌ واسين کي هڪ خوبصورت تحفو ڏنو آهي، هن وڌيڪ
چيو ته وڏين عمرين ۾ ماڻهو اڪثر ڪري ڪوڙ ڳلاهائيندا آهن پر
لڇمڻ ڪومل ائين نه ڪيو آهي هن سچ لکيو آهي. شمشير الحيدري
وڌيڪ چيو هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هند ۽ سنڌ جا سنڌي
اديب گڏجي ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي لاءِ ڪم ڪن.
|